تازيون خبرون

Daily Archives: January 21, 2016

جيئڻ مرڻ پاڪستان سان گڏ آهي، ڀارت وڃڻ جو ڪو به ارادو ناهي: وينا ملڪ

ممبئي (شوبز نيوز) ناليواري اداڪاره وينا ملڪ چيو آهي ته سندس ڀارت وڃي ڪم ڪرڻ جو ڪو ارادو ناهي، سندس جيئڻ ۽ مرڻ پاڪستان سان گڏ آهي، ٽن سالن کان پوءِ ملڪ واپسي کان پوءِ پنهنجي هڪ تازي انٽرويو ۾ وينا ملڪ چيو ته هو پنهنجي ايڪٽنگ ڪيريئر کي ٻيهر شروع ڪرڻ جي خواهش رکي ٿي پر هن ڀيري هو ان جي شروعات ڊرامي سان ڪرڻ چاهيندي. هن ٻڌايو ته هن وٽ ان لاءِ آفرز آهن. ذريعن مطابق وينا ملڪ هن ڀيري پنهنجي فلم پروڊڪٽ ڪمپني ٺاهڻ جي ارادي سان پاڪستان آئي آهي، پر هوءَ ان بابت ڪا ڳالهه سامهون نه آڻيندي. وينا ملڪ هڪ ٽي وي پروگرام جي ميزباني پڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. وينا ٻڌايو ته هو پشاور سانحي جي شهيدن جي اعزاز ۾ هڪ نئون گانو پڻ تيار ڪرڻ جي سوچ رکي ٿي

 

پوجا بيدي جي بيان سان تمام گهڻو مايوس ٿيو آهيان: ڪبير بيدي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار ڪبير بيدي چيو آهي ته هو پنهنجي ڌيءَ پوجا بيدي جو نئين زال جي خلاف ڏنل بيان تي تمام گهڻو مايوس ٿيو آهي. ڀارتي سڌ سماءَ جي ذريعن مطابق ڪبير بيدي ڪجهه ڏينهن اڳ پروين دسنج سان شادي ڪئي هئي جنهن تي سندس ڌيءَ زال خلاف تبصرو ڪيو هو. ڪبير بيدي ٽوئٽر تي چيو آهي ته شادي کان پوءِ سندس ڌيءَ پاران هن جي زال خلاف تبصري تي تمام گهڻو مايوسي ٿي آهي. ان جي خراب رويي کي معاف نه ڪندس.

 

آسٽريليا چوٿين ون ڊي ۾ به ڀارت کي مات ڏئي ڇڏي

ڪينبرا (اسپورٽس نيوز) آسٽريليا پاران چوٿين ون ڊي ميچ ۾ ڀارت کي 25 رنسن تان مات ڏئي  5 ميچن جي سيريز 0.4 سان برتري ماڻي ورتي، ايرون فنچ 170 رنسن جي بهترين اننگ کيڏي پنهنجي ٽيم کي کٽرائڻ ۾ اهم ڪردار نڀايو.ڀارت کي سيريز ۾ وائيٽ واش کان بچڻ لاءِ 5 ميچ ۾ کٽڻ لازمي آهي،تفصيل مطابق آسٽريليا ۽ ڀارت جي وچ ۾ کيڏي ويندڙ چوٿين ون ڊي ميچ ۾ آسٽريليا ٽاس کٽي پهرين بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ ڏنل 50 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 348 رنسون ٺاهيون، ايرون فنچ  بهترين راند ڪندي ٻن ڇڪن ۽ 9 چوڪن جي مدد سان 107 رنسون ٺاهيون،ڀارت پاران ايشانت شرما 77 رنسن عيوض 4 وڪيٽون ماڻيون،جڏهن ته هميش يادو 67 رنسون ڏئي ٽن رانديگرن کي  آئوٽ ڪيو،ڀارتي ٽيم 49.2 اوورن ۾ 323 رنسون  ٺاهي آئوٽ ٿي وئي.ڀارتي اوپنر ن 65 رنسن جي سٺي شروعات ڪئي پر روهيت شرما 65 جي اسڪور تي 41 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.جنهن کانپوءِ شيکر ڌون  ۽ ويرات ڪولهي ٻئي وڪيٽ سان گڏ 212 رنسون ٺاهي ميچ کي تجسس سان ڀري ڇڏيو.شيکر ڌون ٻن ڇڪن ۽ 14  چوڪن جي مدد سان 126 رنسون،جڏهن ته ويرات ڪولهي هڪ ڇڪو ۽ 11 چونڪن جي مدد سان 106 رنسن جي اننگ کيڏي.ڪپتان مهندرا سنگهه  ڌوني  بنا اسڪور ٺاهڻ جي آئوٽ ٿي ويو،جڏهن ته گرگيت سنگهه  5،اجنڪيار 2  ۽ رشي ڌون 9 رنسون ٺاهيون.

 

سوئٽزرلينڊ: راجر فيڊرر جي گرينڊسلم ۾ 299 ڪاميابيون پوريون ڪيون

ميلبرن (اسپورٽس نيوز) سوئٽزرلينڊ  جي راجر فيڊرر گرينڊ سلم پاران آسٽريليا اوپن جي ٽئين رائونڊ ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي ڇڏي ۽ گڏوگڏ گرين سلم ۾ 299 ڪاميابيون ماڻي ورتيون.ويمنز ايونٽ ۾ ماريا شراپووا ڪامياب ٿي،ميلبرن ۾ هلندڙ آسٽريلين اوپن جي ٻئي رائونڊ ۾ راجر فيڊرر يوڪرين جي ڊول گو پولو کي اسٽريٽ سيٽس ۾ هارائي ڇڏيو،اها هن جي  گرينڊ سلم ايونٽ ۾ 299 هين ڪاميابي هئي.ٽينس جي تاريخ ۾  راجر فيڊرر پهريون رانديگر آهي،جنهن گرينڊ سلم ۾ 300 ميچن ۾ ڪاميابيون ماڻي  وڏو ڪارنامو ڪري ڏيکاريو آهي.