تازيون خبرون

Daily Archives: January 15, 2016

قومي اسيمبلي ۾ ايل اين جي جا اگهه نه ٻڌائڻ تي پي ٽي آءِ ۽ ن ليگ ميمبرن ۾ منهن ماري، ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ ايل اين جي جا اگهه نه ٻڌائڻ تي پي ٽي آءِ ۽ ن ليگ ميمبرن ۾ منهن ماري احتجاج سبب ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو. قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ پي ٽي آءِ ميمبرن ايل اين جي جا اگهه معلوم ڪيا جيڪي نه ٻڌائڻ تان گوڙ ٿي ويو. شاهد خاقان عباسي ڳالهائيندي چيو ته ايل اين جي معاهدي جي اي سي سي منظوري ڏني آهي. هن چيو ته اپوزيشن قومي اشو تي سياست ڪري رهي آهي. شاهد خاقان عباسي چيو ته عمران خان جي لڳايل الزامن کي هو رد ڪن ٿا. پي ٽي آءِ ميمبرن سان مخاطب ٿيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته اوهان جو ليڊر عوام آڏو ڪوڙ ڳالهائندو رهيو آهي. هن چيو ته هن 10 مهينا ڪوڙ ٻڌو، هاڻ سچ ٻڌو وڃي، جيڪڏهن عمران خان ڪوڙ ڳالهائڻ تي معافي ورتي ته هو به وٺندو. اسپيڪر اياز صادق چيو ته ڪو به هڪ ٻئي کي ڪوڙو نه چوي،ڪوڙي وارا لفظ ڪارروائي مان خارچ ڪيا وڃن. شيخ رشيد ڳالهائيندي چيو ته دهشتگردي جو سڀ کان وڌيڪ خطرو قومي اسيمبلي کي آهي. هن چيو ته اسيمبلي جي سڪيورٽي رينجرز حوالي ڪئي وڃي. شيخ رشيد جو چوڻ هو ته بيروزگاري ملڪ ۾ داعش لاءِ وڏو ماحول پيدا ڪري رهي آهي. هن چيو ته راولپنڊي ۾ به داعش جي ڀتي واريون پرچيون ملي رهيون آهن. شيخ رشيد جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ داعش جي موجودگي بابت انڪار ڪندڙ جلد سڀ ڪجهه ڏسي وٺندا. اسپيڪر اجلاس سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.

 

آرمي چيف جو هيوي انڊسٽري ٽيڪسلا جو دورو،عالمي معيار جي بچاءَ وارين شين جي تياري تي انڊسٽري جي خدمتن جي ساراهه

راولپنڊي (م.ڊ) پاڪ فوج جي عام رابطن واري شعبي آئي ايس پي آر مطابق آرمي چيف جنرل راحيل شريف هيوي انڊسٽري ٽيڪسلا جو دورو ڪيو،جتي آرمي چيف کي بچاءَ ۽ ڪمرشل گهرجن لاءِ تيار ڪيل پيداوار تي تفصيلي وضاحت ڏني وئي. آئي ايس پي آر مطابق چئيرمين هيوي انڊسٽري ٽيڪسلا آرمي چيف جي آجيان ڪئي ۽ سيڪيورٽي گاڏين سوڌو پروٽيڪٽرز بابت وضاحت ڏني.آرمي چيف کي الخالد ٽينڪ،اي پي سيز جي تياري بابت به وضاحت ڏني وئي.جنرل راحيل شريف ضرب عضب سوڌو فيلڊ فارميشن جي مدد تي ايڇ آئي ٽي جي واکاڻ ڪئي ۽ بچاءَ وارين گهرجن لاءِ عالمي معاير مطابق سامان جي تياري تي انڊسٽري جي خدمتن جي واکاڻ ڪئي.

مولانا مسعود اظهر جي گرفتاري هاڪاري وک آهي: ڀارت

نئين دهلي (م.ڊ) ڀارتي پرڏيهي وزارت جي ترجمان وڪاس سوراپ چيو آهي ته پاڪستان ۾ مولانا مسعود اظهر جي گرفتاري هاڪاري وک آهي،پاڪستان ۽ ڀارت گڏيل طور تي پرڏيهي وزيرن جي ملاقات روڪڻ تي هڪ راءِ آهيون.ميڊيا کي وضاحت ڏيندي ڀارتي ترجمان چيو ته مسعود اظهر جي گرفتاري جي باقائدا ڄاڻ ناهي ملي،جيش محمد جي خلاف پاڪستان ۾ ڪارروائي ساراهه جوڳي آهي ۽ پاڪستان پاران مولانا مسعود اظهر جي گرفتاري جي حوالي سان جاري بيان جي آجيان ڪيون ٿا.اسان پٺاڻ ڪوٽ حملي جي حوالي سان پاڪستان کي ثبوت ڏئي ڇڏيا آهن ۽ اميد ڪيون ٿا ته پاڪستان سڀني ٽولن خلاف ڪارروائي ڪندو. هن چيو ته پاڪستان پٺاڻ ڪوٽ حملي جي جاچ جي حوالي سان ٽيم موڪلڻ جي ڳالهه ڪئي آهي،جيڪڏهن پاڪستاني ٽيم ڀارت ايندي ته آجيان ڪنداسين.پٺاڻ ڪوٽ حملي جي جاچ ۾ پاڪستان سان پورو سهڪار ڪنداسين.پاڪ ڀارت ڳالهين جي حوالي سان سندس چوڻ هو ته نوازشريف پاڙيوارن سان سٺا ۽ دوستاڻا لاڳاپا رکڻ چاهي ٿو،پاڪ ڀارت ڳالهيون ري شيڊيول ٿي چڪيون آهن ۽ ٻئي ملڪ گڏيل طور تي پرڏيهي سيڪريٽرين وارين ڳالهين رڪجڻ تي هڪ راءِ آهيون.

 

پاڪ ڀارت پرڏيهي سيڪريٽرين سطح ڳالهين جي حتمي تاريخ مقرر ڪرڻ لاءِ هڪ ٻئي سان رابطي ۾ آهيون: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد(اي پي پي) پاڪستان ۽ ڀارت پرڏيهي سيڪريٽرين جي سطح تي ڳالهين جي حتمي تاريخ مقرر ڪرڻ لاءِ هڪ ٻئي سان رابطي ۾ آهن. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان قاضي خليل الله خميس ڏينهن هتي هفتيوار پريس بريفنگ ڏيندي چئي. هن ان ڳالهه جي ضرورت تي زور ڀريوته اسلام آباد ۽ نئين دهلي کي خطي مان دهشتگردي جي پاڙ پٽڻ لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻ گهرجن، هڪ سوال جو جواب ڏيندي ترجمان چيو ته پاڪستان چين سان 46 ارب ڊالر جي اقتصادي راهداري منصوبي تي عمل در آمد لاءِ رابطي ۾ آهي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ان منصوبي تي ڪيتريون ئي ڳالهيون ٿي چڪيون آهن. هن چيو ته افغان حڪومت کي جلال آباد ۾ ٿيل حملي جي جاچ ڪرڻ ۽ ان جي نتيجن بابت پاڪستان کي آگاهه ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي. سعودي عرب ايران چڪتاڻ بابت ترجمان چيو ته پاڪستان جا ٻنهي ملڪن سان ڀائپي وارا سٺا ناتا آهن ۽ پاڪستان اميد ڪري ٿو ته ٻئي ملڪ پنهنجن معاملن کي پر امن نموني حل ڪندا. هن انڊونيشيا جي گادي واري شهر جڪارته ۾ ٿيل دهشتگرد حملي جي سخت مذمت ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان هر قسم جي دهشتگردي جي هميشه مذمت ڪندو رهيو آهي.

 

ملڪ جي ٻنهي سياسي پارٽين جمهوريت جي نالي تي ڳٺ جوڙ ۽ سمجهوتو ڪيو: عمران خان

اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد ۾ تحريڪ انصاف جي چونڊيل مقاني نمائيدن سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته پنجاب ۽ سنڌ جي چونڊن ۾ پوليس جو استعمال ڪيو ويندو آهي، مسلم ليگ(ن) ميٽرو ٺاهي سمجهيو ته مڪاني چونڊن ۾ کٽي ويندا سين،پر ايئن نه ٿيو،جمهوري نظام ۾ مخالف ڌُر جو ڪردار گهڻو اهم هوندو آهي،ملڪ جي ٻنهي سياسي پارٽين جمهوريت جي نالي تي ڳٺ جوڙ ۽ سمجهوتو ڪيو،ٻنهي پارٽين پنهنجيون واريون رکيون، 2013ع جي عام چونڊن واري ڌانڌلي به ان جو حصو هئي،جيڪڏهن اسان نه هجون ها ته ملڪ ۾ دوستاڻي مخالف ڌُر ئي نه هجي ها.عوام ڌرڻي کي مخالفت سمجهيو ۽ پيپلز پارٽي پريشان ٿي وئي.اسان جي ئي چوڻ تي پيٽرول جا اگهه گهٽ ڪيا ويا،جيڪڏهن اسان ڌرڻي ۾ مطالبو نه ڪيون ها ته حڪومت عالمي منڊي ۾ ڪچي تيلن جي اگهه جو فائدو عوام تائين نه پهچائي ها، عمران خان جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي اقتدار ۾آئي هئي ته هر پاڪستاني 35 هزارب جو قرضي هو،انهن جي حڪومت ختم ٿيڻ تائين هر پاڪستاني 85 هزار جو قرضي هوندو.مسلم ليگ(ن) جي اڍائي سالن ۾ به قرض وڌي 1 لک 12 هزار تائين پهتا آهيون.(ن) ليگ جي اڍائي سالن حڪومت ۾پاڪستان جو ڪُل قرض 5 هزار ارب رپين کان 9 هزار ارب رپيا وڌي ويو آهي،عوام تي سيڙپڪاري ڪرڻ سان ئي قومون جڙنديون آهن،اسانجي اُپت گهٽجي رهي آهي، ملڪ ۾ اڍائي ڪروڙ ٻار اسڪول نه ٿا وڃن، اسپاتلن ۾ دوائون ناهن،پر اورينج لائين رٿائون جوڙيون پيون وڃن،جنهن لاءِ به 170 ارب رپيا قرض ورتو پيو وڃي.هن اورينج لائين جي رستي ۾ ايندڙ آبادين کي پيئڻ لاءِ صاف پاڻي نه هوندو، ميٽرو بس رٿا سان 3 ارب رپين جو ساليانو نقصان ٿيندو،قوم غريب ٿي رهي آهي، پر شريف ڀائرن جي ملڪيت الهائي ڪٿان کان ڪٿي پهتي آهي.

 

لاهور ۾ رهائشي عمارت کي باهه، ٻارڙن سميت 6 ڄڻا سڙي فوت

لاهور (بيورو) لوهاري گيٽ وٽ چار ماڙ عمارت کي گئس ليڪ ٿيڻ سبب باهه لڳي وئي. اطلاع تي رسيڪيو انتظاميا ڪيترن ئي ڪلاڪن کان پوءِ باهه تي ڪنٽرول ڪري ورتو. سڙيل عمارت مان 70 سالن جي گلشن بيبي، چئن سالن جي محمد علي، شاهد، عائشه ۽ شاهد علي جا لاش ڪڍيا ويا جڏهن ته 4 ڄڻن کي بچايو ويو. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته فائربرگيڊ جي پنج گاڏين باهه تي ڪنٽرول ڪري ورتو. رهواسين موجب، باهه گئس لڪيج ٿيڻ سبب لڳي هئي.

 

سانگهڙ: فوڊ آفيس تي اينٽي ڪرپشن جو ڇاپو، عملو فرار، سمورو رڪارڊ ضبط، جاچ شروع

سانگهڙ (ڊ.ر) سانگهڙ ڊپٽي ڊارئڪٽر اينٽي ڪرپشن مير نادر علي ابڙو جو ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر سانگهڙ جي آفيس تي ڇاپو ، سال 2014.15 جي ڪڻڪ خريداري جو سمورو ريڪارڊ ضبط ڪروڙين روپين ڪرپشن جي جانچ سرڪل آفيسر شروع ڪري ڇڏي  ، تفصيل موجب؛ خوراک کاتي سانگهڙ ۾ ٿيندڙ ڪروڙين روپين جي ڪرپشن جي ميڊيا تي خبرون شايع ٿيڻ کانپوءِ حڪومت سنڌ جي اينٽي ڪرپشن کاتي نوٺيس وٺندي اڄ ڊپٽي ڊارئڪٽر اينٽي ڪرپشن شهيد بينظير آباد مير نادر ابڙو ۽ سرڪل آفيسر محمد رئيس خانزادي جي قيادت ۾ اينٽي ڪرپشن پوليس جي ٽيم سان گڏ ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر سانگهڙ جي آفيس تي ڇاپو هنيو ڇاپي کانپوءِ ڊي.ايف.سي. رفيق شاهاڻي اينٽي ڪرپشن جي ٽيم جو ٻڌي  پنهنجي آفيس ڇڏي فرار ٿي ويو ڊپٽي ڊارئڪٽر اينٽي ڪرپشن شهيد بينظير آباد مير نادر علي ابڙي ڇاپي دوران ڊي.ايف.سي. آفيس صحافين کي ٻڌايو ته ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولر  رفيق شاهاڻي ڪڻڪ خريداري سال 2014.15 ۾ ٻارهن لک 65 هزار 550 ڪڻڪ جي خريداري جي ٻوريون جيڪي مقامي زميندارن کان سرڪاري اگهه تي خريد ڪرڻيون هيون پر ڊي.ايف.سي اها سڄي ڪڻڪ واپارين کان خريد ڪئي جنهن کان پوءِ بارداڻي ۽ ڪڻڪ خريداري ۾ ڊي.ايف.سي ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ڪئي آهي جڏهن ته واپارين کان خريد ڪيل ٻارهن لک ڪڻڪ جو ٻورين ۾ وڏي پئماني تي خريداري بارداڻي ۽ ٽرانسپوريٽشن ۾ وڏي پئماني تي گهوٻيون ڪيون آهن  هن چيو ته هڪ پاسي هن زميندارن جو حق ماريو آهي ٻئي پاسي هن ڪرپٽ آفيسر ڪرپشن سان سمورا ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن جڏهن ته هن مهل به ڊي.ايف.سي جي ريڪارڊ ۾ 24 لک 3 هزار ٻوريون شارٽ آهن جنهن جي قيمت لکين روپين ۾ آهي ڊپٽي ڊارئڪٽر ٻڌايو ته خوراڪ کاتي سانگهڙ جي ڪرپشن جو خبرون پرنٽ ميڊيا ۾ اچڻ کانپوءِ نوٺيس وٺندي اسان اڄوڪي اها ڪاروائي ڪئي آهي ۽ خوراڪ کاتي جو سال 2014.15 ڪڻڪ خريداري جو سمورو ريڪارڊ ضبط ڪري تحويل ۾ وٺي سرڪل آفيسر اينٽي ڪرپشن جي حوالي ڪيو آهي جنهن وڌيڪ جانچ شروع ڪري ڇڏي آهي .

 

فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جو ارادو ناهي،پنهنجي پروڊڪشن هيٺ ڊراما ٺاهينديس:وينا ملڪ

لاهور (شوبز نيوز) پاڪستاني ماڊل اداڪارا وينا ملڪ جو چوڻ آهي ته پنهنجي ذاتي پروڊڪشن هيٺ ڊراما سيريل ٺاهڻ جو ارادو آهي،جڏهن ته فلمن ۾ ٻيهر ڪم ڪرڻ جو ڪو به ارادو ناهي.هڪ انٽرويو ۾ سندس چوڻ هو ته پاڪستان منهنجو مُلڪ آهي، مان پنهنجي ملڪ ۾ سُٺا ٽي وي ڊراما پروڊيوس ڪرڻ آئي آهيان ۽ پنهنجي ذاتي پروڊڪشن هيٺ ڊراما ڪرڻ جو ارادو ڪري چڪي آهيان،انهن ۾ جنهن ڊرامي ۾ ڪو سُٺو ڪردار سمجهه ۾ آيو ته ان ۾ ڪم به ضرور ڪنديس.پر فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جو پري پري تائين ڪو به ارادو ناهي.

 

سلمان خان کي ڀاءُ چوندڙ اڪيلي اداڪارا آهيان:جوهي چاولا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا جوهي چاولا جو چوڻ آهي ته بالي ووڊ جي مان واحد ادڪارا آهيان جيڪا سلمان خان کي پنهنجو ڀاءُ چئي سگهان ٿي.پنهنجي ايندڙ فلم“چاڪ اينڊ ڊسٽر”جي مشهوري مهم دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي بالي ووڊ ادڪارا جو چوڻ هو ته سلمان خان مونکي ماءُ جو ڪردار نڀائڻ لاءِ چيو ۽ اهو انهيءَ لاءِ چيو ڇو ته بالي وو ڊ جي مان واحد اداڪارا آهيان جنهن ڪڏهن به بالي ووڊ ۾ کيس گڏجي سينيما تي محبت وارو سين ناهي ڪيو ۽ سلمان خان کي مان ئي ڀاءُ چئي سگهان ٿي.

 

ڪرس گيل بگ بيش ليگ ۾ وري ٻيو مسئلو پيدا ڪري ڇڏيو

سڊني (اسپورٽس نيوز) ويسٽ انڊيز جي آل رائونڊر ڪرس گيل بگ بيش ليگ ۾ هڪ عورت رپروٽر سان بد اخلاقي ڪرڻ کانپوءِ کيس معافي ته ورتي،پر ساڳئي سدني گرائونڊ ۾ پاڻ لاءِ وري ٻيو مسئلو پيدا ڪري ڇڏيو.بگ بيش ليگ ۾ ميلبورين ريني گيڊز پاران سڊني ٿينڊرز خلاف ميچ ۾ ڪرس گيل ساٿي اوپنر بيٽسمين کي ان وقت رنس وٺڻ کان روڪيو،جڏهن کيس بهترين موقعو هو.هڪ ٽي وي کي انترويو ڏيندي رڪي پوئنٽنگ جو چوڻ هو ته اهڙي اڻوڻندڙ ۽ لالچي راند ڪڏهن به ناهي ڏٺي، ڪجهه ماڻهن کي زندگيءِ ۾ اهوئي ملندو آهي،جنهن جا هو هقدار هوندا آهن ۽ ڪرس گيل تي اڄ ڪلهه جيڪا تنقيد ٿي رهي آهي هو انهيءَ جي لائق آهي.