تازيون خبرون

Daily Archives: January 14, 2016

صفورا سانحي جو ڪيس فوجي عدالت ۾ هلائڻ لاءِ واقعي ۾ ملوث 8 ڏوهاري فوج حوالي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) صورا سانحي جو ڪيس فوجي عدالت ۾ هلائڻ لاءِ واقعي ۾ ملوث 8 ڏوهارين کي فوجي اختيارين جي حوالي ڪيو ويو آهي،جڏهن ته انهن جا ڪيس به ملٽري ڪوٽ ۾ موڪليا ويا آهن.ذريعن مطابق سنڌ حڪومت پاران صفورا سانحي جو ڪيس فوجي عدالت موڪلڻ جي فيصلي کانپوءِ واقعي ۾ ملوث 8 ڏوهارين کي فوج حوالي ڪيو ويو آهي،جنهن کانپوءِ کين سينٽرل جيل ڪراچي کان ملير ڪينٽ آندو ويو آهي.ذريعن مطابق ڏوهري سعد عزيز،عابد حسين،قمر سلطان، اظهر عشرت،عبدالرحمان،حسين عمر،سلطان قمر ۽ نعيم ساجد کي فوج جي حوالي ڪيو ويو آهي.

 

پٺان ڪوٽ حملي پاڪستان ۽ ڀارت جي طئي ٿيل ڳالهين واري شيڊول کي متاثر ناهي ڪيو: احسن اقبال

اسلام آباد (اين اين آءِ) وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پٺان ڪوٽ حملي پاڪستان ۽ ڀارت جي طئي ٿيل ڳالهين جي شيڊول کي متاثر ناهي ڪيو پاڪ چين اقتصادي راهداري رٿا ۾ ڪنهن قسم جي ڪائي تبديلي نه پئي ڪئي وڇي اقتصادي راهداري ۾ اولهندي روٽ جي نه هئڻ جي حوالي سان غلط نقشا پيش ڪيا ويا جن ۾ ڪائي حقيقت نه آهي گوادر جي ماهيگيرن کي متبادل جڳهه ۽ روزگار ۾ جدت ڏيڻ ۾ مدد فراهم ڪئي ويندي مستقبل ۾ ايران سان به گئس پائيپ لائين جو منصوبو عمل ۾ ايندو هڪ انٽرويو ۾ احسن اقبال چيو ته نه ته پاڪ چين اقتصادي راهداري جو روٽ تبديل ڪيو پيو وڃي ۽ نه ئي چين 46 ارب ڊالر پاڪستان حڪومت جي کيسي ۾ وجهي ڇڏيا آهن هڪ سوال جي جواب ۾ وفاقي وزير چيوت ه 12 نومبر 2015 تي اقتصادي راهداري جي حوالي سان سمورن صوبن جي وڏن وزيرن کي خط لکيو ۽ سمورن صوبن کي ان اعليٰ سطحي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني جنهن ۾ سمورن صوبن جي نمائندن شرڪت به ڪئي ۽ پنهنجي موقف پيش ڪيو هاڻي ڪي پي ڪي جي وڏي وزير جو چوڻ آهي ته مون کي ان بابت ڪا خبر ئي نه آهي سمجهه کان ٻاهر آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪ چين اقتصادي راهداري جي 46 ارب ڊالر ۾ ايل اين جي جو ڪوئي منصوبو شامل نه آهي صنعتي زونز لڳائڻ جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ احسن اقبال چيو ته صنعتي زونز لاءِ اسان کي بجلي جي ضرورت آهي جيڪا اڃا اسان وٽ نه آهي انهيءَ ڪري پاڪ چين اقتصادي راهداري جي 46 ارب ڊالر مان 35 ارب ڊالر کان وڌيڪ بجلي جي منصوبن تي خرچ ڪيا پيا وڃن ته جيئن موجوده صنعتي زونز سان گڏوگڏ نوان لڳايا ويندڙ صنعتي زونز کي به بجلي فراهم ڪري سگهجي.

 

ايم ڪيو ايم ملڪ ۾ 20 صوبا ٺاهڻ جو ٺهراءَ قومي اسيمبلي ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو

اسلام آباد (اين اين آءِ) ايم ڪيو ايم ملڪ ۾ 20 صوبا ٺاهڻ جو ٺهراءُ قومي اسيمبلي ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي تفصيل مطابق هي ٺهراءُ ايم ڪيو ايم اڳواڻن ريحان هاشمي ساجد احمد ۽ محبوب عالم جمع ڪرايو جنهن تي شيخ صلاح الدين ۽ فوزيه حميد پڻ صحيحون ڪيون آهن ٺهراءُ ۾ چيو ويو آهي ته نون صوبن جي نالن ۽ حدن جو تعين ريفرنڊم ذريعي ڪيو وڃي.

 

عمران فاروق قتل، قتل لاءِ برطانيا جي شهريت ۽ رهائش جي لالچ ڏني ويئي: محسن علي سيد

اسلام آباد (اين اين آءِ) ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ ڊاڪٽر عمران فاروق کي قتل ڪندڙ جوابدار لڱ ڪانڊاريندڙ انڪشاف ڪري رهيا آهن جوابدار محسن علي سيد پنهنجي اقبالي بيان ۾ اعتراف ڪيو ته قتل لاءِ کيس برطانيا جي شهريت ۽ رهائش جي لالچ ڏني ويئي هئي مرڊر مشن لاءِ 6 مهينن تائين لنڊن ۾ ٻن مشهور ريسٽورنٽس تي ويٽر طور نوڪري به ڪئي ميڊيا اطلاعن مطابق ڊاڪٽر عمران فاروق قتل ڪيس ۾ گرفتار مک جوابدار محسن علي سيد اقبالي بيان ۾ انڪشاف ڪندي ٻڌايو ته ڊاڪٽر عمران فاروق کي قتل ڪرڻ لاءِ هو فيبروري 2010 ۾ برطانيا پهتو لنڊن ۾ ڊاڪٽر عمران فاروق جي رهائشگاهه کان 25 کان 30 گز جي فاصلي تي هڪ ڪمرو ڪرائي تي ورتو جتان عمران خان جي گهر اچڻ وڃڻ جي شيڊول بابت سموري ڄاڻ گڏ ڪئي محسن علي بيان ۾ وڌيڪ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته مرڊر مشن مڪمل ٿيڻ تائين لنڊن جي سيڪ مقامي ڪاليج ۾ داخلا ورتي جڏهن ته ٻه مشهور فوڊ چين ۾ پارٽ ٽائيم ويٽر طور نوڪري ڪئي جوابدار محسن جي بيان مطابق برطانيا جي شهريت ۽ مستقل رهائش جي لالچ ۾ ڊاڪٽر عمران فاروق کي قتل ڪرڻ تي راضي ٿيس ڇو ته خالد شميم ان کي مستقبل جا خواب ڏيکاريا هئا جاچ ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي بيان ۾ لڱ ڪانڊاريندڙ انڪشاف ڪيس جي تعاون ۾ معاون ثابت ٿيندا جوابدار محسن علي اقبالي بيان ۾ ڇيو ته لنڊن ۾ عمران فاروق جو گهر خالد شميم ڏيکاريو هو عمران فاروق کي ڪاشف ڇرين ۽ سرن سان وار ڪري قتل ڪيو قتل کان پوءِ اسان سريلنڪا پهچي وياسين جوابدار ٻڌايو ته عمران فاروق کي قتل ڪرڻ لاءِ ڇرين جو هڪ دٻو خريد ڪيو جنهن کي عمران فاروق جي گهر ٻاهران لان ۾ مٽي کوٽي لڪائي ڇڏيو ڪاشف ڇرين ۽ سرن جا وار ڪري عمران فاروق کي قتل ڪيو جوابدار محسن علي پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته قتل کان پوءِ اسان سريلنڪا جي شهر ڪولمبو پهچي وياسين سريلنڪا ۾ پئسا ختم ٿي ويا ۽ خالد شميم اچي وڌيڪ رقم ڏني سريلنڪا مان ڪجهه عرصي کان پوءِ ڪراچي پهتاسين بعد ۾ پنج سال افغانستان ۾ رهياسين غير قانوي طور تي پاڪستان ۾ داخل ٿي رهيو هيس ته بارڊر تي پڪڙجي پيس.

 

دبنگ خان کي“بجرنگي ڀائي جان” جو معاوضو نه مليو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار سلمان خان جي فلم “بجرنگي ڀائي جان” باڪس آفيس تي شاندار بزنس ڪيو،پر فلم ۾ پنهنجي اداڪاري سان ساهه وجهڻ واري سلو ميان کي اڃا تائين معاوضو نه مليو.ميڊيا رپورٽ مطابق بالي ووڊ اداڪار دبنگ خان جيڪو باڪس آفيس تي پنهنجي اداڪاري سان فلمن جي بزنس ۾ رڪارد واڌ آڻيندو آهي ان کي“بجرنگي ڀائي جان”جومعاوضو 6 ميهنا گذري وڃڻ کانپوءِ به ناهي ملي سگهيو.ياد رهي ته فلم“بجرنگي ڀائي جان”ڀارت سوڌو دنيا سڄي ۾ 600 ڪروڙ کان وڌيڪ شاندار بزنس ڪيو  هو.

 

“وزير” ۾ اميتابچن جي اداڪاري تي اڀيشيڪ کي فخر

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ناليواري اداڪر اميتابچن جي تازو ئي رليز ٿيندڙ فلم نه رڳو شوقينن جي دل موهي پر سندس اداڪار پٽ اڀيشيڪ کي به اميتا بچن جي اداڪاري تي فخر محسوس ٿي رهيو آهي.ميڊيا رپورٽن مطابق اڀيشيڪ بچن پنهنجي پيءُ اميتابچن جي فلم جي واکاڻ ڪندي چيو ته اميتا بچن هر فلم سان گڏ پنهنجي اداڪاري ۾ نواڻ ۽ نکار آڻيندو پيو وڃي،جنهن تي مونکي گهڻو فخر محسوس ٿي رهيو آهي.

 

پي ايس ايل لاءِ ڪنهن ٽيم ۾ نه چونڊجڻ تي مايوسي ٿي: ياسر عرفات

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر ياسر عرفات چيو آهي ته پهرين پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) لاءِ ڪنهن ٽيم لاءِ نه چونڊجڻ تي تمام گهڻي مايوسي ٿي ڇو جو آئون ڏهه سالن کان مختلف ٽي ٽوئنٽي ليگزکيڏي رهيو آهيان. قومي ون ڊي جي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڊومسٽڪ ڪرڪيٽ جي ليول کي ري اسٽرڪچر ڪرڻ جي ضرورت آهي، بگ بيش ٽي ٽوئنٽي ليگ م پاڪستاني رانديگرن جي عدم شرڪت تي حيرت ٿي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته مون کي مجموعي طور تي ٽي ٽوئنتي ميچز ۾ وڌيڪ وڪيٽون وٺڻ جو اعزاز حاصل آهي، بنا شڪ ان فارميٽ ۾ منهنجو تجربو ٻين رانديگرن کان وڌيڪ آهي. پي ايس ايل لاءِ 90 کان وڌيڪ رانديگرن جي چونڊ ڪئي وئي پر مون کي ڪنهن به خريد نه ڪيو جيڪو مون لاءِ تڪليفده لمحو آهي. پي ايس ايل جي ڪاميابي لاءِ دعاڳو آهيان ڇو جو ان سان ملڪ جو وڏو فائدو ٿيندو.