تازيون خبرون

Daily Archives: January 12, 2016

اميتاڀ بچن مون سان گڏ فلمن ۾ ڪم ڪرڻ نه پئي چاهيو: شتروگن سنها

ممبئي (شوبز نيوز)بالي ووڊ جي جهوني اداڪار شتروگهن سنها انڪشاف ڪيو آهي ته اميتاڀ بچن ساڻس گڏ فلمن ۾ ڪم ڪرڻ نه پئي چاهيو، شتروگهن سنها  پنهنجي آتم ڪٿا ۾ اميتاڀ بچن جي حوالي سان دلچسپ واقعا بيان ڪيا آهن، سندس چوڻ آهي ته منهنجي فلمن کي ملندڙ سٺي موٽ سبب اميتاڀ بچن مون سان ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو،هن اميتاڀ بچن جي ڪاوڙ جي حوالي سان لکيو آهي ته هڪ فلم جي شوٽنگ دوران اميتاڀ هدايتڪار رام کوسلا سان ڏاڍي خراب نموني سان ڳالهايو، جنهن تي راج جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا هئا.

 

بابا ۽ اميتاڀ بچن مخالف اداڪار هجڻ سان گڏ سٺا دوست به آهن: سوناڪشي سنها

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا سوناڪشي سنها چيو آهي ته منهنجو پيءُ شتروگن سنها ۽ اميتاڀ بچن مخالف اداڪار هجڻ سان گڏ سٺا دوست به آهن ۽ ان ڪري ٻنهي لاءِ ڪو مسئلو ناهي، هڪ انٽرويو ۾ سوناڪشي چيو ته مونکي پنهنجي پيءُ جي ٻالڪپڻ جون يادگيريون پڙهي ڏاڍو مزو آيو، ڇو ته هاڻ مان پنهنجي پيءُ کي وڌيڪ بهترين طريقي سان سمجهي سگهنديس، سندس چوڻ هو ته بابا مونکي فلمن ۾ ڪم جي حوالي سان سدائين همٿايو آهي، اهو ئي ڪارڻ آهي جو مونکي ڪڏهن به ڪو ڪردار چونڊڻ ۾ مسئلو ناهي ٿيو، سوناڪشي سنها چيو ته کيس پنهنجي پيءُ تي فخر آهي.

 

بوم بوم آفريدي ٽي 20 ورلڊ ڪپ کانپوءِ ڪرڪيٽ کان موڪلاڻي جو اعلان ڪري ڇڏيو

آڪلينڊ (اسپورٽس نيوز) قومي ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ تيم جي ڪپتان شاهد آفريدي چيو آهي ته ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کانپوءِ ڪرڪيٽ کان موڪلائي سدائين لاءِ رٽائر ٿي ويندس، آڪلينڊ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شاهد آفريدي چيو ته نيوزيليند خلاف سيريز ۾ سٺا نتيجا ڏيڻ جي ڪوشش ڪنداسين، ٻئي ٽيمون بهترين صلاحيت رکندڙ رانديگرن تي ٻڌل آهن، جيڪا ٽيم موقعي مان فائدو کڻندي،ڪاميابي ان جي ئي ٿيندي. محمد عامر بابت سوال جي جواب ۾ شاهد آفريدي چيو ته محمد عامر ۾ بهتري اچي رهي آهي ۽ ڪرڪيٽ ۾ سندس واپسي سٺو سنئوڻ آهي.

 

ڀارت کي روهت شرما جي سنچري ڪم  نه آئي،آسٽريليا پهرين ون ڊي ۾ 5 وڪيٽن تان ڪامياب

پرٿ (اسپورٽس نيوز)آسٽريليا ڪرڪيٽ ٽيم ڀارت پاران مليل جبل جيڏو اسڪور رڳو 5 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري پهرين ون ڊي ميچ ۾ کيس مات ڏئي ڇڏي.رپورٽ مطابق پرٿ جي گرائونڊ تي کيڏي ويندڙ ميچ ۾ مهمان ٽيم مقرر 50 اوورن ۾ روهت شرما جي 171 رنسن جي مدد سان 3 وڪيٽن جي نقصان تي 309 رنسون ٺاهيون،جنهن جي جواب ۾ آسٽريليا 5 وڪيٽن جي نقصان تي آخري اوور ۾ ٽارگيٽ پورو ڪري ورتو. ٽارگيٽ پورو ڪرڻ جي ڊوڙ ۾ آسٽريليا ڪرڪيٽ ٽيم جي شروعات  خراب رهي ۽ اوپنر جوڙي 21 رنسن جي گڏيل اسڪور تي پويلين موٽي وئي.ايرون فنچ 8 ۽ ڊيوڊ وارنر 5 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا،جنهن کانپوءِ ڪپتان اسٽيون سمٿ ۽ جارج بيلي ٽئين وڪيٽ تي 242 رنسن جي ڀائيواري جوڙي ۽ ڀارت کان کٽيل ميچ کسي ورتي.ميزبان ٽيم آسٽريليا جو گڏيل اسڪور جڏهن 263 تي پهتو ته جارج بيلي 112 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو،جنهن کانپوءِ ميڪسويل 6 رنسون ٺاهي روي چندرن ايشون جو شڪار ٿي ويو،پرڪپتان ڄميو رهيو ۽ 135 بالن تي 149 رنسون ٺاهي آخري اوور  ۾ آئوٽ ٿي ويو.جڏهن ته شان مارش 12 ۽ جيمس فالڪنز بنا ڪنهن رنس جي آئوٽ ٿي ويو،ڀارت پاران بريندرا سرن 3 ۽ روي چندرن ايشون 2 وڪيٽون وٺي سگهيو.ان کان پهريان مهمان ڀارتي ٽيم جي ڪپتان ٽاس کٽي بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ آسٽرليا جي بالنگ اٽيڪ کي تباهه ڪندي مقرر 50 اورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 309 رنسون ٺاهيون،اوپنر بيٽسمين  روهت شرما 171 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو،جنهن ۾ هُن 7 ڇڪا ۽ 13 چوڪا هنيا،جڏهن ته شيڪر ڌون 9،ويرات ڪوهلي 91 ۽ ڪپتان مهيندرا سنگهه ڌوني 18 رنسون ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿيا.آسٽريليا پاران جيمس فالڪنز 2 ۽ جوش هيزلي ووڊ هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو.ياد رهي ته آسٽريليا ۽ ڀارت وچ ۾ 5 ميچن تي ٻڌل سيريزجي پهرين ميچ ميزبان ٽي م کٽي مهمان ٽيم مٿان ٻُڙيءَ جي ڀيٽ ۾ هڪ جي برتري حاصل ڪئي.

 

اقتصادي راهداري منصوبو

چيني سيڙپڪارن جي هڪ گروپ سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته پن بجلي جو شعبو حڪومت جي ترجيح آهي، پاڪستان سولر، ٿرمل ۽ هائيڊرو توانائي منصوبن سميت توانائي جي مختلف ذريعن مان سيڙپڪاري وسيلي پنهنجي توانائي بحران کي حل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي ۽ حڪومت خيبرپختونخوا ۾ داسو ڊيم جي تعمير لاءِ عالمي مالياتي ادارن کان اربين ڊالر حاصل ڪيا آهن. وزيراعظم چيو ته پن بجلي جي شعبي ۾ چائنا ٿري گارجيز انٽرنيشنل طرفان اڳتي سيڙپڪاري سان حڪومت کي توانائي جي کوٽ تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي. پاڪ چين اقتصادي لنگهه هڪ وڏو موقعو آهي جنهن سان ملڪ خاص طور تي ٻن گهٽ ترقي يافته صوبن بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ سماجي ۽ اقتصادي ترقي ايندي. ملاقات ۾ ٻڌايو ويو ته اقتصادي لنگهه تحت ترجيحي توانائي منصوبن ۾ پورٽ قاسم اليڪٽرڪ ڪمپني، ڪوئلي سان هلندڙ پلانٽ (1320 ميگاواٽ)، ساهيوال ۾ ڪوئلي سان هلندڙ بجلي گهر (1320 ميگاواٽ)، اينگرو ٿر ڪوئلي سان هلندڙ پاور پلانٽ (1320 ميگاواٽ)، ٿر ڪول فيلڊ ٿري جي بلاڪ ٽو ۾ سرفيس مائن، گوادر ڪول پاور پراجيڪٽ (300 ميگاواٽ)، حبڪو ڪول پاور پلانٽ (660 ميگاواٽ)، رحيم يار خان ڪول پاور پراجيڪٽ (1320 ميگاواٽ)، ايس ايس آر ايل ٿرڪول بلاڪ ۽ سي پي آءِ ايڇ مائن مائوٿ پاور پلانٽ، ٿر جي ڪوئلي سان هلندڙ پاور پلانٽ ٿر بلاڪ ون (1320 ميگاواٽ)، قائداعظم سولر پارڪ بهاولپور (1000 ميگاواٽ)، دائود ونڊ فارم ڀنڀور سنڌ (50 ميگاواٽ)، يو اي پي (100 ميگاواٽ)، ونڊ فارم جهمپير سچل (50 ميگاواٽ)، ونڊ فارم جهمپير سنڌ سونڪ (50 ميگاواٽ)، نوري آباد ٺٽو سنڌ شامل آهن. وزيراعظم چيو ته گوادر کي عالمي فري پورٽ طور ترقي ڏني پئي وڃي ۽ حڪومت ان جي ترقي لاءِ ڪيترن ئي منصوبن تي عمل ڪري رهي آهي. ايسٽ بي ايڪسپريس وي II، گوادر پورٽ اٿارٽي، بندرگاهه بابت صنعتن جي لاءِ فري زون ۽ اي پي زيڊ جي لاءِ بنيادي ڍانچي سميت گهڻ رخي ٽرمينل، تازي پاڻي جي فراهمي جي سهولت ۽ اسپتال، ٽيڪنيڪل ۽ ووڪيشنل ادارا، ايوي ايشن پراجيڪٽ (نيو گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ)، گڏاڻي حبڪو ۽ گوادر پاور پلانٽ (2940 ميگاواٽ) سميت توانائي منصوبا، گوادر ۾ پاڪ چين اقتصادي لنگهه جو فري زون، گوادر ۾ سمارٽ سٽي جي ترقي گوادر جي ترقياتي منصوبن جو حصو آهن. ملاقات ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه تحت هڪ گڏيل ورڪنگ گروپ جوڙيو پيو وڃي جنهن تحت گڏيل ورڪنگ گروپ ۽ ماهرن جي ڇنڊڇاڻ جي لاءِ صنعتي/ معاشي ڪوآپريشن زون جي حوالي سان فني لحاظ کان مضبوط ۽ مالياتي طور تي موزون سفارشن جي لاءِ سمورن صوبن سان مشاورت ڪئي پئي وڃي. گڏجاڻي ۾ ٻڌايو ويو ته خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ سيڙپڪاري بورڊ اقتصادي زونز جي تعمير لاءِ تجويز ڪيل هنڌن تي ابتدائي ڪم جي نشاندهي ڪري ڇڏي آهي. خيبرپختونخواهه ۾ اڪنامڪ زونز جي تعمير لاءِ نشاندهي ڪيل هنڌن ۾ مانسهره، نوشهره، حطار، غازي، ڊي آءِ خان، ڪوهاٽ، ڪرڪ، بنون جڏهن ته بلوچستان ۾ تربت، خضدار، دشت، بوستان، قلعه سيف الله ۽ زوب شامل آهن. وزيراعظم صوبائي حڪومتن ۽ سياسي قيادت سان مشاورت کانپوءِ خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ اقتصادي زونز جي تعمير لاءِ طئي ٿيل هنڌن جو اعلان ڪندو.

 

لاڙڪاڻي ضلعي جي آثار قديمه جي تاريخ ۽ موهن جو دڙو

تاريخ جي ورقن ۽ آثار قديمه جي تحقيقي رپورٽن جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته تاريخ کان اڳ واري زماني ۾ لاڙڪاڻي وارو علائقو سنڌو ماٿر جي پروقار ۽ عظيم تهذيب ۽ تمدن جو هنڌ هو. علم الارضيات جي ماهر ۽ تاريخ نويس لکن ٿا ته هزارين ورهيه اڳ، تاريخ واري زماني کان به اڳ  ڪي اهڙا سڻاوا هنڌ ايشيا ۽ آفريڪا ۾ ٻه ٽي هئا، جتي تهذيب ۽ سڀيتا جي سلا اول اڀريا، جي پوءِ وڌي وڻ ٿيا. هڪڙو مصر ملڪ ۾، ”نيل نديءَ جي ماٿري“ ٻيو ميسوپوٽيميا ڏي ”فرات ۽ دجله ندين جي ماٿري“ ٽيون چين ولايت ۾ ”هونگ هو ۽ يانگ ٽسيڪانگ“ واري ماٿر ۽ چوٿون سنڌ ۽ پنجيب ۾ سنڌو نديءَ واري ماٿر.“ شروع شروع ۾ مٿي ذڪر ڪيل ندين جي ڪناري پاڻيءَ جي سهنج سبب گروهن جي شڪل ۾ گهمندڙ ڦرندڙ ماڻهن پنهنجون بستيون قائم ڪيون، جن اڳتي هلي تمدن ۽ تهذيب جي صورت اختيار ڪئي. مذڪوره تهذيبن جي اڀرڻ کان اڳ، گهڻو اڳ ڌرتيءَ جي ڦرندڙ گولي تي برفاني دور (Ice Age) جو جڏهن خاتمو ٿيو تڏهن زمين پاڻي سان ڍڪجي وئي ڪنهن زمان کان پوءِ وري زمين جو پاڻي کان آجي ٿيڻ وارو دور”Tertiary age“ جو آغاز ٿيو. عام طور تي هي تصور موجود آهي ته نيلگون آسمان جي هيٺان ڌرتيءَ تي چار ڀاڳوند قومون هيون. سنڌي (هيني لوڪ)، مصري، سميري ۽ چيني. انهن قومن کي قدرتي طور پاڻيءَ جي سهنج ڪري عاليشان ۽ پروقار تهذيبن جي حيثيت ۾ ڌرتيءَ تي اڀرڻ ۽ اسرڻ جو موقعو مليو. سنڌونديءَ جي جرڪندڙ، ڪڙڪاٽ ڪندڙ ۽ اجهل پاڻي سنڌ واري ايراضي جي زمين جي خشڪ حصن کي ريجڻ شروع ڪري ڏنو، نتيجي ۾ نيڻ ٺاريندڙ ساوا گاهه ڦٽي پيا ۽ اهڙي ريت اپائڻهار جي قدرت سان هيءَ ڌرتي سون ورني ٿي پئي.
سنڌ جي اترين ٽڪريءَ تي خصوصاً ضلعي لاڙڪاڻي واري ايراضي ۽ تاريخ جي دور کان اڳ هڪ عاليشان تهذيب ڪر ڪڍيو. انهيءَ تهذيب ۽ تمدن کي هن وقت ”واديءِ سنڌ جي تهذيب“ يا سنڌو ماٿري جي آڳاٽي سڀيتا سڏيو وڃي ٿو.

موئن جو دڙو:

موئن جو دڙو ضلعي لاڙڪاڻي جي تعلقي ڏوڪري جي ريلوي اسٽيشن کان تقريباً يارهن ٻارهن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي اوڀر ۾ واقع آهي. ”سنڌوسونيئر“ جو ليکڪ گنگارام سمراٽ لکي ٿو: ”ڀارت جو پرانتو (Archaelogy) کاتي جي شري رکلداس بينرجي 1918ع کان 1922ع تائين ڏکڻ پنجيب، بيڪانير، بهاولپور ۽ سنڌ ۾ اليگزينڊر جي يادگارن جي تلاش ڪري رهيو هو. هن سنڌ جي کير ساگر (کيرٿر جبل) کان سنڌو ندي تائين جيڪب آباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي ضلعن ۾ اٽڪل 27 وڏن ڦٽل کنڊرن جي کوٽائي ڪئي، پر اهي سڀ ئي ٻڌ يادگار نڪتا. ايئن اتفاق سان ”موئن جو دڙو“ هٿان هڪ ٻڌ اسٽوپا تي اچي پهتو“ جنهن جي کوٽائي ڪندي کيس اتان پٿر جي ڪپ هٿ آيا، جي اڍائي ٽي هزار ورهيه عيسوي سن کان اڳ جي هئا. بس اتان کان وٺي هن سنڌو سنسڪرتيءَ جو چنڊ اڀريو.“ سنڌ جيڪا اتهاسڪ گرنٿن ۾ نظر انداز ڪئي ويندي هئي، سا هنن بيجين مٽيءَ جي دڙن مان ٻرندڙ جبل جي لاوي جيان ڌرتي ڏاري ٻاهر نڪري آئي ۽ سنڌ گهٽ ۾ گهٽ ”سنڌ“ نالي سان چمڪي اٿي.   (2) دنيا جي تهذيبن ۾ موئن جي دڙي مٿان چڙهيل رئي ۽ مٽيءَ جي تهن هيٺان جنهن سنڌو تهذيب جو ظهور ٿيو، تنهن (Pre-Historic) جي تهذيبن واري نظريي ۾ وڏو ڦيرو آندو. اتهاس، ليکڪن طرفان اڳ ۾ اهو سمجهيو ويندو هو ته آريه لوڪ ڀارت ۾ چار سؤ هزار ورهيه اڳ آيا هئا يعني لوهه يگ ۾ آيا هئا ۽ هتي جي جهنگلي، ڪارن ۽ اڻ سڌريل لوڪن کي جيتي ٿانيڪا ٿي ويٺا. آرين کان اڳ هتي ڪا به سڀيتا ڪانه هئي، جنهن جو ذڪر ڪري سگهجي.   ان رايي (Theory) کي هاڻي رد ڪرڻو پوندو. موهن جي دڙي جي کوج ثابت ٿي ڪري ته آرين جي اچڻ کان اڳ (آريا آيا ڪونه پر موهن جي دڙي وارا خود آريا هئا.) سنڌ ۾ تمام اتم درجي جي نهايت انتي ڪيل سڀيتا موجود هئي، جيڪا ان وقت جي ايلام، ميسوپوٽيميا، بئبيلونيا ۽ ايجپٽ جي آرين کان به گهڻو انت هئي“ (3)   سنڌو ماٿر جي هن عاليشان تهذيب جي برآمد ٿيڻ کان پوءِ ان جي اوج کان ويندي انت تائين مختلف علمن جي ماهرن جي وڏي ٽيڪا ٽپڻي ٿيل آهي ۽ انهيءَ موضوع تي غير سائنسي ۽ غير منطقي مفروضن جي ڀرمار لڳي پئي آهي. ڏيهي عالمن مان خاص طور هندن، جن جو ايمان ويدن ۽ رگ ويدن تي رهيو آهي، تن ”سنڌو“ جي تهذيب کي هندستان جي گڏيل تهذيب يعني سنسڪرتي اظهار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ان جي مقابلي ۾ پرڏيهي عالمن ۽ ماهرن قديم تهذيبن جو تقابلي جيئزو وٺي، جيڪي ڪجهه خيال ظاهر ڪيو آهي، تنهن ۾ هنن ٿورو احتياط کان ڪم ورتو آهي. انهن مان ڪيترن سائنسي ۽ ٽيڪنالاجي طريقن تحت بنا ڪنهن جذباتي لڳاءَ جي خيال ظاهر ڪيا آهن. اهڙن عالمن موئن جي دڙي مان هر هڪ لڌل وٿ کي ”عمل حقريات“ ذريعي باريڪ بينيءَ سان پرکيو ۽ پسيو آهي، تنهن کان سواءِ ڀون وگيان جي اصولن موجب، تاريخ جي اڳ ۽ پٺ جي دورن جي ڀيٽ ڪري سنڌ سڀيتا جي قدامت، ان جي سماجي حالتن ۽ جيگرافيائي ڦيرن گهيرن تي روشني وڌي آهي.

موئن جي دڙي مان آڳاٽي سنڌوماٿر جي تهذيب جي دريافت: ”واديءِ سنڌ جي آثارن جي اشارا ان جي کوٽائيءَ کان گهڻو اڳ دستياب هئا. پهريون ڀيرو اهي پنجيب واري علائقي ۾ سن 1852ع ۾، تنهن بعد 1853ع ۾. انهن مان ڪن مهرن جون تصويرون 1875ع ۾ شايع ڪيون ويون“ (4) تنهن بعد واديءِ سنڌ جي تهذيب جي آثار ۽ اشارا وڌيڪ دريافت ٿيڻ لڳا. انهن اشارن مان ڪي اشارا ان وقت دستياب ٿيا، جڏهن ڪراچيءَ کان لاهور تائين نارٿ ويسٽرن ريلوي (N.W.R) لائن وڇائڻ جي شروعات 1850ع ۾ ٿي. چيو وڃي ٿو ته اهڙن اشارن جي معلومات هڪ انگريز آفيسر جي ياداشت مان اوچتو هٿ آئي، جيڪو ريلوي لائن وڇائڻ کان اڳ ريلوي آفيسرن ۽ ملازمن لاءِ جيين ۽ ڪوارٽرن جي تعمير جي ڪم تي مامور ٿيل هو. سندس نالو جين برونٽن (Johan Burunton) هو. هن اهڙي ياداشت پنهنجي ڀاءُ وليم برونٽن کي خط ذريعي موڪلي هئي. ياداشت ۾ ڄاڻايل هو ته کيس هتي جي ڪنهن آڳاٽي تهذيب جي آثارن سان گڏ کوٽائي ڪندي ڪي نوادرات به دستياب ٿيا آهن. 1921ع ۾ راءِ بهادر ديارام شاني جي اڳواڻي هيٺ جديد سائنسي طريقن کان ڪم وٺي واديءِ سنڌ جي آثارن جي کوٽائي جو ڪم شروع ڪيو ويو، جيڪو ڪاميابيءَ سان همڪنار ٿيندو ويو.

1922ع ۾ ”ٻڌ مڙهي“ اسٽوپا (Stopa) جي کوٽائي ٿي. هن اسٽوپا، يعني ٻڌ مڙهيءَ جو تعلق پهرين صدي قبل مسيح سان هو، مگر جيئن اسٽوپا جي کوٽائي هيٺ گهري ٿيندي وئي ته کوٽائي ڪندڙ ٽيم کي آڳاٽي تهذيب جي آثار واضح طور نظر اچڻ لڳا. هنن آثارن جي دستيابي جون رپورٽون هندستان ۾ مقيم آثار قديمه جي ڊائريڪٽر جنرل سرجين مارشل کي پيش ڪيون ويون. جنهن پنهنجي نگرانيءَ ۾ 1922ع ۾ موئن جي دڙي جي کوٽائي جو منصوبو تيار ڪيو. موئن جي دڙي جي کوٽائي جو ڪم جين مارشل جي نگرانيءَ ۾ 1927ع تائين جيري رهيو. بعد ۾ انهيءَ ڪم ۾ ڊاڪٽر ميڪي (Dr.E.J.H.Mackay) کي شامل ڪيو ويو، جنهن 1930ع تائين کوٽائي جي ڪم کي جيري رکيو جنهن ۾ چانهوءَ جي دڙي جي کوٽائي به ڪئي. بعد ۾ دريافت ڪندڙن ۾ مارٽيمر وهيلر (Martimer Wheeler) ۽ جيرج ڊيلز (Dalese) پڻ باقي آثارن جي کوٽائي تي مامور ٿيا. مٿي ذڪر ڪيل ماهرن سان گڏ مسٽر سي جي گاڊ، محمد ادريس صديقي ۽ برٽش ميوزيم جو هڪ ماهر مسٽر سڊني سمٿ به دڙي جي کوجنا واري ڪم ۾ شريڪ ٿيا هئا. انهن عالمن جي کوجنا وارين رپورٽن، سنڌو ماٿر جي آڳاٽي شانائتي تهذيب کي سڄي دنيا آڏو پيش ڪيو. هن تهذيب جي اسرڻ واري زماني، تهذيب جي انحطاط ۽ خاتمي واري زماني ۽ دستياب ٿيل رسم الخط، بين الاقوامي طور تي قديم تهذيبن سان دلچسپي رکندڙ ماڻهن ۽ عالمن کي محو حيرت ڪيو.

سنڌو ماٿر جي تهذيب موئن جو دڙو ڪيئن ٿي: موئن جي دڙي جي باري ۾ ٻولين ۽ ادب جي عالمن کان وڌيڪ غور طلب ۽ قابل قبول حقائق علماءَ آثار قديمه جي آهن.”قديم آثار، زير زمين ڪيئن ٿين ٿا ۽ انهن کي نئين سر کوٽي ڪڍڻ جي ضرورت ڪهڙي سبب ڪري پيش اچي ٿي. جييون ۽ ڳوٺن جي ڳوٺ زمين ۾ ڪيئن دفن ٿي وڃن ٿا.“ درحقيقت اهي دفن نٿا ٿين، پر زمين ۽ مٽيءَ جي سطح بلند ٿي انهن کي ڍڪي ڇڏي ٿي. اهڙي قسم جو عمل روزانو اسان جي چوڌاري ٿئي ٿو. اهو عمل ايترو ته عام آهي جو، ان جي باري ۾ ڪڏهن سوچڻ جي ضرورت محسوس نٿي ٿئي. لاهور، ٺٽو، اچ، سيوهڻ ۽ ملتان جون موجوده بستيون پنهنجي قديم بستين جي آثارن تي اڏيل آهن. هتي آڳاٽين عمارتن جي دفن ٿيل آثار سولائي سان ڏسي سگهجن ٿا.“(5)”پراڻي زماني ۾ جڏهن ڪا جيءِ ڪرندي هئي تڏهن ان جي نئين اڏاوت گهڻو تڻو ان جي پراڻن بنيادن کي هموار ڪري، ان جي مٿان مٽيءَ جي ڍير تي ڪئي ويندي هئي. اهڙي قسم جو عمل لاڳيتو جيري رهندو هو. ايتري تائين جو ڪڏهن ڪڏهن ته جيتريون ڀتيون زمين جي مٿان هونديون هيون، اوتريون زمين اندر ڀرجي وينديون هيون. مشرق قريب ۾ جتي عام طور تي ڪچين سرن سان اوساري ڪئي ويندي آهي ۽ انهن کي وري ڪافي ٿلهو ڪيو ويندو آهي، اتي اهڙي قسم جو عمل تڪڙو ٿيندو آهي. جڏهن اهڙيون ڀتيون ڪري پونديون آهن، تڏهن انهن جو ڀنجو گهڻو گڏ ٿيندو آهي. ڇاڪاڻ ته ان ڀنجوءَ کي ڍوئڻ هڪ وڏو مسئلو ٿي پوندو آهي، تنهنڪري ڀنجوءَ کي ساڳي هنڌ وڇائي سنوت ڪري مٿس ساڳين بنيادن تي نئين تعمير ڪئي ويندي آهي. اهڙي ريت زمين جي سطح ويندي آهي مٿي بلند ٿيندي ۽ پراڻا ڳوٺ ويندا آهن مٿي چڙهندا. ان ڏس ۾ جيڪي بستيون برباد ٿي وينديون آهن، يا ماڻهو انهن کي ڇڏي ڪنهن ٻئي سڻائي هنڌ لڏي ويندا آهن، تڏهن زماني گذرڻ کان پوءِ انهن جون ڀتيون ڊهي پونديون آهن، ڇتيون ڪري مٽيءَ جي ڍير ٿي پونديون آهن. جن کي وري اڏائيندڙ تکيون هوائون، مٽي ۽ واريءَ جي ذرن سان هموار ڪري ڇڏينديون آهن. مينهن وري ان مٽيءَ کي آلو ڪري ڇڏيندو آهي. خشڪ ٿيڻ کان پوءِ اها مٽي ڄمي سخت ٿي پوندي آهي، جڏهن هزارن سالن جي عرصي کان پوءِ دڙن جي کوٽائي ڪري پراڻيون بستيون کوٽي نروار ڪيون وينديون آهن، تڏهن ائين پيو لڳندو آهي ته ڄڻ زمين هيٺان شهر کوٽي ٻاهر ڪڍيو ويو آهي. مختلف سببن کان شهر آباد ۽ برباد ٿيندا رهندا آهن، وري برباد ٿيل شهرن جي مٿان ويندا آهن، نوان شهر اڏبا، اهڙي ريت ڪيترا ڀيرا برباد ٿيڻ ۽ وري وري اڏجڻ ڪري انهن جي مختلف تهه ٺهندا رهندا آهن اهڙن تهن جي وڏي اهميت آهي ڇاڪاڻ ته اهي مختلف زمانن گذرڻ بعد ٺهن ٿا. هر هڪ تهه ڪنهن خاص جُڳ جي نمائندگي ڪري ٿو (6) ۽ انهن تهن مان لڌل وٿن جي جيچ ۽ کوجنا ڪري تاريخي نتيجي ڪڍڻ ۾ ڀون وگيان ۽ آثار قديمه جي ماهر تمام گهڻو مددگار ثابت ٿين ٿا.
”ضلعي لاڙڪاڻي جي سرزمين تي قائم موهن جي دڙي جي آثارن ۽ آڳاٽن سنڌي پڻي لوڪن جي شانائتي تهذيب بڻجڻ کان اڳ اٽڪل چئن کان پنجن هزارن سالن جو هڪ وڏو عرصو، جيڪو تاريخ جي دورن کان اڳ اٽڪل ستن جڳن تي مشتمل آهي، گذاريو هو.“ (7) تنهنڪري زمانن جي وهڪري ۾ وهي هلندڙ هن سنڌو ماٿر جي تهذيب جي انت جي ڪيئي اسباب بحث هيٺ آيل آهن. جهڙوڪ:
ٻوڏون: سماجي طور تي زوال پذير ٿيڻ ۽ تعميري ڀڃ ڊاهه وغيره ئي علم الارضيات ۽ علم الآثار قديمه جي ماهرن جي خيالن موجب اهي مڙئي گڏيل سبب آهن، يا ٿي سگهن ٿا.
سنڌوءَ ڪناري آباد ڪلچر جي تباهي تي ايڇ ٽي لئمبرڪ جيڪو تحقيقي مقالو لکيو آهي، تنهن ۾ هن تاريخ واري زماني کان اڳ ۾ آيل قهري ٻوڏن جو ذڪر ڪيو آهي ۽ انهن کي پڻ موئن جي دڙي جي تهذيب ۽ تمدن جي تباهي جو اهم سبب ڄاڻايو آهي، هن جي خيالن موجب ڪيترا ڀيرا لاڳيتو آيل قهري ٻوڏن سبب اهو ”شاهه شهر“ (موئن جو دڙو) پاڻي جي وچ ۾ گهيريل اپٻيٽ ٿي ويو هو. ڄڻڪه اهو شهر ڪنهن ڍنڍ جي وچ ۾ اچي ويو هجي. اهڙي زماني ۾ هتان جي پڻي لوڪ جن جي هٿن ۾ تمدن جي خوشحالي هئي، هتان لڏي ويا هوندا“ (8) تنهن کان پوءِ شهر جي زندگي جو اهو پهريون ڌنڌلو دؤر اهڙي وقت تي نئين سر آباد ڪاري جي صورت ۾ شروع ٿيو. جڏهن اهو ڪافي گهڻي عرصي لاءِ ان کان اڳ مڪمل طور يا جزوي طور تي خالي ڪيو ويو هوندو. سو به سنڌو لوڪن جي طرفان. ”قهري ٻوڏن کان علاه لئمبرڪ ڪن حملي ڪندڙ وحشي لوڪن جو به ذڪر ڪري ٿو. ”سنڌو ڪناري آباد ڪلچر وارا جڏهن انحطاطي، پر جهد البقا واري دور مان لنگهي رهيا هوندا تڏهن حملي ڪندڙ وحشي لوڪن انهن امن پسند ۽ ڏتڙيل ماڻهن تي آخري زبرو حملو ڪيو هوندو، جنهن جي نتيجي ۾ هنن جو قتل عام پڻ ڪيو ويو هوندو. اهڙي حملي جي نتيجي ۾ انساني هڏن جي پڃرن جي ڍڳ جن تي ڌڪن ۽ گهائن جي نشان صاف ظاهر اچن ٿا. موهن جي دڙي جي مختلف حصن ۾ هڪ ئي هنڌ تي ڪٺا ملن ٿا ۽ انهن مان اڪثر شهر جي بلڪل آبادي وارين سطحن مان دستياب ٿيا آهن. اهي شهري انتهائي پوئين دؤر تي مشتمل حملن ۾ ماريل هوندا.“ (10) ان يگ ۾ جنهن جو اندازو تقريباً 2300 قبل مسيح آهي، موئن جي دڙي ۾ رهندڙ شهرين جي آدمشماري 35000 ماڻهن کان مٿي ڪانه هوندي. (11)
قتل عام کان پوءِ ويران ۽ ڀڙڀانگ دڙي ۾ واري ۽ مٽي چڙهڻ جو عمل شروع ٿي چڪو هو. اهو ساڳيو عمل جنهن سنڌ جي تاريخ جي مختلف دؤرن ۾ عمارتن ۽ شهرن جي ڦٽل نشانين تي ساڳئي قسم جي خاڪي ۽ ميٽوڙي رنگ جي مٽي جي چادر چاڙهي ڇڏي هئي. ڪنهن خيالي ڍنڍ جي مٽيءَ ۾ ڍڪجي ۽ جڪڙجي وڃڻ جو عمل نه بلڪه ڌوڙين ۽ مٽيءَ جي آندين جي ڪلهي تي سوار ٿي ايندڙ دز ۽ دڙن مٿان پوندڙ برسات سبب مٽيءَ جو ڄمڻ ۽ پڪي ٿي وڃڻ جو عمل جيري رهيو. اهڙين حالتن جي منهن ڪڍڻ کان پوءِ  ”انهيءَ بدنصيب فاقه ڪش شهر کي ان کان پوءِ وجود ۾ رهڻ جو ڪو به سبب ڪونه هو گهر ۽ جييون ڀڄي ڀري ويون. هوائون پوءِ خشڪ ۽ ويران ميدانن مان لنگهندي پاڻ سان واري مٽي جي گهاٽا ڪڪر کڻي اينديون هيون، جن کي اهي ڊٺل جيين جي باقي بيٺل ڀتين، ۾ سٿينديون ۽ گڏ ڪنديون رهيون ۽ جيڪو ڪنهن زماني ۾ هڪ عظيم شهر هو سو نيٺ ويران برپٽ بنجي ويو.“ (12) موئن جي دڙي جي زوال کان پوءِ هڪ اهڙو اونداهو دؤر گذريو آهي جنهن بابت ڪا معلومات ڪانهي..

mohenjo-daro_priesterkönig-wiki_1429086181

رچرڊ اولسن جي آرمي چيف سان ملاقات، دهشتگردي خلاف ويڙهه ۾ پاڪستان جي ساراهه

راولپنڊي (م.ڊ) آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان پاڪستان ۽ افغانستان لاءِ مقرر آمريڪا جي خاص نمائندي رچرڊ اولسن جي ملاقات،گڏيل دلچسپ وارن معاملن ۽ افغانستان جي صورتحال تي گڏيل خيالن جو اظهار ڪيو ويو.آئي ايس پي آر مطابق جنرل هيڊ ڪواٽر ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان پاڪستان ۽ افغانستان لاءِ مقرر آمريڪا جي خاص نمائندي رچرڊ اولسن ملاقات ڪئي آهِي

،جنهن ۾  خطي جي سيڪيورٽي ۽ خاص ڪري افغانستان جي صورتحال تي گڏيل خيالن جو اظهار ڪيو ويو.ترجمان مطابق آمريڪا جي خاص نمائندي دهشتگردن خلاف ويڙهه ۾ پاڪستان جي ڪردار جي واکاڻ ڪئي.

 

سنڌ سرڪار پاران ٿر ۾ هنگامي قدم کڻڻ جو فيصلو، ڪڻڪ مفت ورهائي وڃي: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار ضلعي ٿرپارڪر ۾ ٻارن جي صحت واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي هنگامي فيصلا ڪيا آهن جن ۾ سمورن غريب گهراڻن ۾ ڪڻڪ جي ورهاست ۽ ريگستاني علائقن ۾ رهندڙ ماروئڙن، بيمار ٻارڙن ۽ سندن مائرن کي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ موبائل ميڊيڪل ٽيمون موڪلڻ شامل آهي. اهو فيصلو وزير اعليٰ هائوس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي صدارت هيٺ منعقد اعليٰ سطحي اجلاس ۾ گذريل رات ڪيو ويو. اجلاس ۾ ايم اين اي فريال ٽالپر خصوصي طور شرڪت ڪئي. اجلاس انهيءَ کان سواءِ صوبائي وزير نثار کهوڙو، سيد مراد علي شاهه، سيد ناصر حسين شاهه، ڄام مهتاب ڏهر، سهيل انور سيال، علي مردان شاهه، ايم اين اي نواب يوسف ٽالپر، ڊي جي پي ڊي ايم اي سيد سلمان شاهه ۽ ٻيا شامل هئا. ڊي جي پي ڊي ايم اي سيد سلمان شاهه ۽ وڏي وزير جي رليف ۽ بحالي واري صلاحڪار علي حسن هنگورجو وڏي وزير جي هدايت تي ٿر جو دورو ڪيو هو، انهن اجلاس کي بريفنگ ڏني. سيد سلمان شاهه چيو ته مٺي سول اسپتال جي او پي ڊي جي مجموعي شرح بابت مٺي اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر اقبال ڀرڳڙي ٻڌايو ته روزانو تقريبن نو سئو مريض ايندا آهن جن مان ٻارن جو انگ 150 هوندو آهي، جڏهن ته 25 نوان ڄاول ٻار نرسري ۾ داخل ڪيا ويندا آهن. هن چيو ته پهرين جنوري کان ڏهه جنوري تائين 17 ٻار نوان ڄاول ٻار فوت ٿيا آهن، جن مان وڌيڪ وقت کان اڳ ڄم ڪارڻ ۽ ڪجهه پنهنجي گهرن ۾ زچگي ۽ گهرن ۾ صحت جون مطلوبه معيار جي سهولتون نه هئڻ سبب انفيڪشن ڪري ٿيا. ٿر جو دورو ڪندڙ سيد ناصر حسين شاهه چيو ته سندس مشاهدي مطابق ٿر جي علائقي ۾ رهندڙ ماڻهو غربت واري زندگي گذاري رهيا آهن. ان چيو ته ٿر ۾ ڪنهن به قسم جي خشڪ سالي نه آهي ۽ جيتري قدر ڪڻڪ جي ورهاست آهي ان سان غريب ماڻهن کي فائدو رسندو. وڏي وزير پاليسي فيصلو ڪندي خوراڪ واري کاتي کي هدايت ڪئي ته اهي ٿر جي ماڻهن ۾ مفت ڪڻڪ ورهائن. هن صحت کاتي کي به ٿر جي ڏورانهن ۽ پسماندن علائقن ۾ ڏهه موبائل ميڊيڪل ٽيمون اماڻڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته ڄاڻايل ٽيمون تمام ضروري طبي اوزار، انڪيوبيٽرز، آڪسيجن، دوائون ۽ مائرن جي صحت لاءِ ٻيو ضروري سامان هئڻ گهرجي ته جيئن انهن کي صحت جون بهتر سهولتون ڏئي سگهجن. ٻئي طرف سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه 19 سرڪاري يونيورسٽين جي مالي مسئلن کي نظر ۾ رکندي 1.9 بلين رپين جي گرانٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ته جيئن سموريون يونيورسٽيون پنهنجي جاري ترقياتي منصوبن کي مڪمل ڪري سگهن. سنڌ جي وڏي وزير يونيورسٽيز ۽ بورڊ جي سيڪريٽري اقبال درانيءَ سرڪاري يونيورسٽين جي وائيس چانسلرن سان گڏ 10 آڪٽوبر 2015ع تي ترقياتي منصوبن تي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ لاءِ گڏجاڻي ڪئي هئي جنهن ۾ وائس چانسلرن سيڪريٽريءَ کي آگاهي ڏني هئي ته اهي ترقياتي منصوبن جي تڪميل ۾ مالي ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ انهن سنڌ سرڪار کي درخواست ڪئي ته ترقياتي منصوبن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ اضافي گرانٽ ڏني وڃي. وڏي وزير جي سيڪريٽريءَ ان حوالي سان 19 يونيورسٽين لاءِ 1.9 بلين رپين (في يونيورسٽي 100 ملين رپيا) وڏي وزير کي پيش ڪئي هئي، جنهن جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه اڄ منظوري ڏئي ڇڏي آهي. جن يونيورسٽين کي اضافي سئو ملين رپين جي گرانٽ ملي آهي انهن ۾ پيپلز يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنس فار وومين شهيد بينظيرآباد، لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل هيلٿ اينڊ سائنسز ڄامشورو، جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي ڪراچي، ڪراچي آف يونيورسٽي، شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي شهيد بينظيرآباد، سنڌ ايگريڪلچر يونيورسٽي ٽنڊو ڄام، ڊائو يونيورسٽي آف انجنيئرنگ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي نوبشاهه، شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي آف ويٽنري اينڊ اينيمل سائنس سڪرنڊ، سنڌ مدرسه الاسلام يونيورسٽي ڪراچي، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور، يونيورسٽي آف سنڌ ڄام شورو، مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو، شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي لياري، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو يونيورسٽي آف لا ڪراچي، انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن (آءِ بي اي) سکر ۽ انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن (آءِ بي اي) ڪراچي شامل آهن. وڏي وزير 1.9 بلين رپين جي گرانٽ 19 تعليمي ادارن کي ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

 

وزيراعظم 45 آفيسرز کي گريڊ 21 هين کان 22 هين گريڊ ۾ ترقي جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) وزير اعظم نواز شريف ڊي ايم جي، پوليس، ڪسٽم، انفارميشن سميت ٻين کاتن جي 45 آفيسرن کي گريڊ 21 مان 22هين گريڊ ۾ ترقي ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اسلام آباد ۾ وزير اعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ پروموشن بورڊ جو اجلاس ٿيو، جنهن  ۾ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.پروموشن بورڊ، جي اجلاس ۾ آفيسرز جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو، جڏهن ته 45 آفيسرن کي گريڊ 21 هين کان 22 هين گريڊ ۾ ترقي جي منظوري ڏني. ترقيون ماڻيندڙن ۾ ڊي ايم جي، پوليس، ڪسٽم، انفارميشن ۽ پوسٽل سروس سميت ٻين کاتن جا آفيسر شامل آهن.

 

بند ڪمري ۾ هٿ چُمڻ وارا خوشامدي آهن: پرويز رشيد

اسلام آباد (بيورو) سڌ سماءِ واري وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته بيلٽ باڪس جي فيصلي کي تسليم ڪرڻ گهرجي، پ پ کي آزاد ڪشمير ۾ 5 سال حڪومت ڪرڻ جو موقعو ڏنو، هاڻي وقت اچي ويو ان جو حساب ورتو وڃي. اسلام آباد ۾ ورڪر ڪنوينشن کي خطاب ڪندي وفاقي وزير پرويز رشيد چيو ته بند ڪمري ۾ هٿ چُمڻ وارا خوشد آمد ڪندڙ هوندا آهن. وفاقي وزير چيو ته هنن پيپلز پارٽي کي آزاد ڪمشير ۾ 5 سال حڪومت ڪرڻ جو موقعو ڏنو، نواز ليگ آزاد ڪمشير ۾ ڪڏهن به سياسي مداخلت ناهي ڪئي. هن چيو ته نواز ليگ جي منشور ۾ آزاد ڪشمير جي ترقي شامل آهي، نوازشريف آزد ڪشمير سان محبت ڪري ٿو، آزاد ڪشمير جو عوام وري نواز شريفسان محبت ڪري ٿو.