تازيون خبرون

Daily Archives: January 7, 2016

سنڌ اندر پ پ ۾ ڪو به فارورڊ بلاڪ نه ٺهي رهيو آهي، مخالف اتحاد ٺهندا رهندا آهن، ڪو فرق نه پوندو: نثار کهڙو

ڪراچي (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير نثار احمد کهڙو چيو آهي ته  سنڌ ۾ پيپلز پارٽيءَ جو ڪو به فارورڊ بلاڪ نه ٺهي رهيو آهي، پيپلز پارٽيءَ ۾ فارورڊ بلاڪ ڪنهن جي خواب ۾ ته ٿي سگهي ٿو پر ان جو حقيقت سان ڪو به تعلق ناهي. پيپلز پارٽي مخالف اتحاد پهريان به ٺهندا رهيا آهن ۽ شروع کان انهن اتحادن کي ناڪامي ملندي رهي آهي ۽ هاڻي ته هڪ هڪ يو سي جي سيٽ کٽندڙ  پاڻ ۾ گڏ ويهي اتحاد ٺاهي رهيا آهن، ان سان پيپلز پارٽيءَ تي ڪو به فرق نه ٿو پوي. اهڙن پي پي مخالف اتحادن جو پهريان به مقابلو ڪيو آهي ۽ هاڻي به مقابلو ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن اربع ڏينهن سنڌ اسيمبليءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هڪ سوال جي جواب ۾ نثار احمد کهڙو چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي آپريشن جي خلاف ناهي نه ئي سنڌ جا وفاق سان دهشتگردي، ٽارگيٽ ڪلنگ، ڀتي خوري ۽ اغوا براءِ تاوان جي خلاف ڪاروائي تان ڪي اختلاف آهن. هن چيو ته پيپلز پارٽي ۽ ٻين سڀني جماعتن جي اتفاق سان انهن انهن نقطن تي ڪارروائيءَ لاءِ اتفاق ٿيو هو، ان لاءِ پيپلز پارٽي آپريشن جي خلاف ناهي. هن چيو ته باقي صوبائي حڪومت جي اڳواٽ اجازت کانسواءِ ڪنهن کي به 90 ڏينهن حراست ۾ رکڻ وارن رينجرز جي اختيارن تي اعتراض آهي. هن چيو ته ان حوالي سان چوڌري نثار ڪراچي ايندو ۽ رينجرز جي مشروط اختيارن بابت ڳالهه ٻولهه ٿيندي ۽ رينجرز جي مشروط اختيارن بابت جلد ڪو نه ڪو فيصلو ٿي ويندو.

 

اسٽيٽ بينڪ دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيندڙ 129 کاتا ضبط ڪري ڇڏيا

ڪراچي (اين اين آءِ) اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان دهشتگردن جي فنڊنگ لاءِ استعمال ٿيندڙ 129 اڪائونٽس منجهمند ڪري ڇڏيا آهن ذريعن موجب انهن 129 بئنڪ اڪائونٽس ۾ هڪ ارب 35 لک رپين جي رقم موجود آهي اڪائونٽس ۾ موجود رقم دهشتگردن جي آهي اسٽيٽ بئنڪ عملدارن موجب جيئن ئي ڪنهن اڪائونٽ بابت اطلاع ملي ٿو ان کي ڪارروائي ڪندي منجهمند ڪيو وڃي ٿو دهشتگردي روڪٿام قدمن تهت 8 اڪائونٽس کي منجهمند ڪيو ويو آهي اقوام متحده سيڪيورٽِ ڪائونسل جي تحت 121 اڪائونٽس کي منجهمند ڪيو ويو 121 اڪائونٽس ۾ هڪ ارب رپيا موجود هئا.

 

پاڪستان بنگلاديش جي سياسي ڪائونسلر موشومي رحمان کي ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان ۾ مقرر سياسي ڪائونسلر موشومي رحمان کي ملڪ ڇڏڻ جو حڪم،موشومي رحمان کي اڻوڻندڙ شخصيت قرار ڏيندي 72 ڪلاڪن اندر پاڪستان ڇڏڻ جو حڪم ڏنو ويو.تفصيل مطابق پاڪستان جي حڪومت ملڪ دُشمن سرگرمين ۾ ملوث بنگلاديش جي سياسي ڪائونسلر موشومي رحمان نالي عورت کي اڻوڻندڙ عورت قرار ڏيندي 72 ڪلاڪن ۾ ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.موشومي رحمان پاڪستان ۾ بنگلاديشي سفارتخاني جي هيڊ چانسلر به آهي،ذريعن مطابق پاڪستان جي پرڏيهي وزارت گذريل ڏينهن بنگلاديش جي هاءِ ڪمشنر  کي گهرائي کيس موشومي رحمان کي ملڪ مان  نيڪالي ڏيڻ بابت ڄاڻ ڏني.يادرهي ته گذريل سال 23 ڊسمبر تي بنگلاديش ۾ مقرر پاڪستاني سفارتڪار فارينه ارشد کي اڻوڻندڙ عورت قرار ڏئي ملڪ مان نيڪالي ڏئي پاڪستان موڪلي ڇڏيو هو.

 

اداڪاره مشي خان تي دوکيبازي ۽فراڊ جي ڪيس ۾ فرد جرم لاڳو

راولپنڊي(اي پي پي) علائقي مئجسٽريٽ ڪاشف جاويد اداڪاره مشي خان خلاف دوکيبازي ۽ فراڊ جي ڪيس ۾ ملزمه جي موجودگي ۾ فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو آهي، ڏوهه باسڻ کان انڪار تي عدالت استغاثه کان شهاديون طلب ڪري ورتيون. نيو ٽائون ٿاڻي ۾ ڊاڪٽر افشان طرفان اداڪاره مشي خان خلاف داخل ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته مشي خان اسان جي ڪلينڪ جي مشهوري لاءِ لکين رپيا ورتا ۽ بعد ۾ مشهور به نه ڪئي ۽ جڏهن پنهنجي رقم واپس ڪرڻ لاءِ چيو ته اسان جي رقم به واپس نه پئي ڪري ۽ سنگين نتيجن جون ڌمڪيون به ڏئي رهي آهي. نيو ٽائون ٿاڻي جي جاچ آفيسر طرفان عدالت ۾ پيش ڪيل چالان جي روشني ۾ اربع تي علائقي مئجسٽريٽ ڪاشف جاويد اداڪاره مشي خان تي فرم جرم لاڳو ڪري ڇڏيو، مشي خان ڏوهه باسڻ کان مڪمل انڪار ڪري ڇڏيو جنهن تي عدالت استغاثه کي حڪم ڏنو ته هو 7 مارچ تي مشي خان جي ڪيس ۾ شاهديون رڪارڊ ڪرائي. ٻڌڻي کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي مشي خان جو چوڻ هو ته سندس خلاف ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي، مون کي عدالتن مان مڪمل انصاف جي اميد آهي ۽ عدالت ۾ پنهنجي بي گناهي ثابت ڪنديس.