تازيون خبرون

Daily Archives: January 5, 2016

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڏنل نظريي تي هلندي ملڪ کي مضبوط ڪنداسين: بلاول ڀٽو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عظيم جمهوري اڳواڻ،پاڪستان پيپلزپارٽي جي باني ۽ پهرين چونڊيل جمهوري وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ سندس فلسفي ۽ ويزن کي اڳتي وڌايو وڃي.شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 88 هين سالگره جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري وڌيڪ چيو ته اوڀر پاڪستان جي ڌار ٿيڻ کانپوءِ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ملڪ جي ٽڪرن کي ڳنڍيو ۽ ان کي پهريون يڪراءِ آئين ڏنو جنهن هن ملڪ جي فيڊريشن جي سمورن يونٽن کي هڪ هم آهنگي ذريعي هڪٻئي سان مضبوطي سان جوڙيو۽ گڏوگڏ پهريون ڀيرو هن ملڪ جي شهرين کي برابري جي ليول تي بنيادي حق ڏنا، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ملڪ جي مضبوط دفاع ۽ معاشي ترقي جي لاءِ ڏور رس منصوبا شروع ڪيا،ملڪ جي ائٽمي پروگرام کان وٺي هيوي ميڪنيڪل ڪامپليڪس ٽيڪسيلا، پورٽ قاسم۽ پاڪستان اسٽيل ملز ترقي يافته، خوشحال ۽ پُرامن پاڪستان لاءَ سندس ويزن آهن،جيڪي تاريخ ۾ شاندار باب طوررهندا، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو نه رڳو پنهنجي زندگيءَ ملڪ جي پيرين اگھاڙن ماڻهن ۽ پيڙهيل عوام جي غضب ڪيل حقن جي حاصلات واري ويزن ۽ مشن تحت گذاري پر ان لاءِ پنهنجي جان به قربان ڪي،هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي باني کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو بهتر طريقو اهو آهي ته شهيد بينظير ڀٽو جيان سندس مشن ۽ ويزن جي پيروي ڪجي، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽوجنهن مشن جي لاءِ شهادتون ماڻيون،ان مشن جي پورائي لاءِ مون سندن ڇڏيل جدوجهد جي واڳَ پاڻ هٿ ۾ کڻي ڇڏي آهي.

 

ڊاڪٽر عاصم ذهني مريض ٿي ويو آهي،خودڪشي ڪري سگهي ٿو:نفسياتي ماهر ڊاڪٽر هارون

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) نيب هٿان گرفتار ڪيل ڊاڪٽر عاصم خودڪشي ڪري سگهي ٿو، اهڙو انڪشاف هن جو طبيعت چڪاس ڪندڙ ماهر نفسيات ڊاڪٽر هارون احمد ڪيو آهي، ميڊيا رپورٽ مطابق نيب جي عملدارن جي هدايت تي ڊاڪٽر عاصم جي طبي چڪاس ڪرائي وئي، ڊاڪٽر هارون پنهنجي رپورٽ نيب جي عملدارن کي موڪلي ڇڏي آهي، جنهن ۾ هن لکيو آهي ته ڊاڪٽر عاصم ذهني مريض ٿي چڪو آهي ۽ هو ڪهڙي به وقت خودڪشي ڪري سگهي ٿو، اهڙي رپورٽ کانپوءِ امڪان آهي ته ڊاڪٽر عاصم کي اسپتال منتقل ڪيو وڃي، ڊاڪٽر عاصم کي نيب پاران اڱاري تي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

 

ٽڪراءُ جو رستو ڇڏي ڪراچي آپريشن کي آخري انجام تائين پهچايو وڃي: جماعت اسلامي

لاهور (اين اين آءِ) جماعت اسلامي پاڪستان جي مرڪزي مجلس شوريٰ جو اجلاس امير جماعت اسلامي پاڪستان سينيٽر سراج الحق جي صدارت هيٺ منصوره ۾ 3 ڏينهن جاري رهيو اجلاس ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال تي مفصل بحث کان پوءِ هڪ ٺهراءَ منظور ڪيو ويو جنهن ۾ چيو ويو ته جماعت اسلامي پاڪستان جي مرڪزي مجلس شوريٰ جو هي اجلاس ڪراچي آپريشن جي حوالي سان وفاق پاڪستان ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌندي اختلاف نه پر اختيارن جي جنگ تي تشويش ناڪ ۽ جمهوري ادارن لاءِ خطرناڪ قرار ڏي هو اها حقيقت آهي ته نيشنل ايڪشن پلان تحت ڪراچي ۾ آپريشن جي ڪري ڪراچي شهرين سک جو ساهه کنيو آهي ۽ ڊگهي عرصي کان جاري دهشتگردي ٽارگيٽ ڪلنگ ڀتاخوري ٻوري ۾ بند لاش نوگوايرياز ۽ چائنا ڪٽنگ جهڙا ڏوهه گهٽجي ويا آهن پر هاڻي ڪرپشن ۽ دهشتگردن جي پٺڀرائي جي الزام ۾ گرفتار ڪجهه بااثر ماڻهن کي قانوني چنڀي مان بچائڻ ۽ پنهنجا پنهنجا سياسي مفادن جي تحفظ لاءِ سنڌ هڪومت ۽ ڪجهه سياسي عنصر رينجرز جي اختيارن کي محدود ڪرڻ ۽ آپريشن کي ناڪام ڪرڻ جي سازش ڪري رهيا آهن ۽ سڌي طرح ملڪ کي غير جمهوري قدمن ڌانهن ڌڪي رهيا آهن جماعت اسلامي پاڪستان اقتدار ۾ ويٺل پارٽين ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان گهر ڪري ٿي ته اهي ٽڪرا جو رستو ڇڏي ڪراچي آپريشن کي آخري انجام تائين پهچائين.

 

ڪمند جي آبادگارن جو 11 جنوري تي وزيراعليٰ هائوس آڏو ڌرڻو هڻڻ ۽ گهراءُ ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ حڪومت پاران ڪمند جي مقرر اگهن تي عملدرآمد نه ڪرڻ تي آبادگار تنظيمن 11 جنوري تي وزيراعليٰ هائوس ڪراچي آڏو ڌڻو هڻڻ ۽ گهرائو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي اندروني سنڌ جي علائقن ۾ آبادگارن احتجاجي مظاهري ۾ شرڪت لاءِ ڀرپور تياريون شروع ڪيون آهن تفصيل مطابق شگر مالڪ آبادگارن کان سرڪاري اگهه 172 رپيا في مڻ بدران 150 رپيا في مڻ جي حساب سان ڪمند وٺي رهيا اهن جنهن جي ڪري ابادگارن کي سخت معاشي نقصان ٿي رهيو آهي آبادگارن تنظيم پاران ڪيل احتجاج جي باوجود سنڌ حڪومت شوگر ملز اونر کي سرڪاري اگهن مطابق ڪمند جي خريداري جو پابند نه پئي بڻائي ۽ شوگر ملز اونرز پنهنجي من مستي ڪري رهيا آهن.