تازيون خبرون

Monthly Archives: December 2015

آصف علي زرداري 27 ڊسمبر تي پاڪستان ايندو: پيپلزپارٽي اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان پيپلزپارٽي اعلان ڪيوآهي ته اڳوڻو صدر آصف علي زرداري کي ڏيهه واپسي تي نه ڪير روڪي سگهيو آهي ۽ نه ڪير روڪيندو، هو 27 ڊسمبر تي پاڪستان واپس اچي رهيو آهي، پيپلزپارٽي جي اڳواڻ قمر زمان قائره هڪ نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي چيو ته 27 ڊسمبر تي شهيد بينظير ڀٽو جي ورسي آهي، ان موقعي تي آصف علي زرداري ڏيهه اچي رهيو آهي، هو نئون ديرو ۾ ورسي جي مرڪزي تقريب ۾ شرڪت ڪندو، آصف علي زرداري ڏيهه ورڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن.

 

چوڌري نثار وفاقي سرڪار لاءِ مسئلا پيدا ڪري رهيو آهي: خورشيد شاهه

اسلام آباد (بيورو) پيپلز پارٽي رينجرز اختيارن وارن معاملي تي چوڌري نثار جي رويَي خلاف قومي اسيمبلي ۾ احتجاج جو فيصلو ڪيو آهي، اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو آهي ته چوڌري نثار وفاقي حڪومت لاءِ 2014ع جي ڌرڻن جهڙي صورتحال پيدا ڪرڻ چاهي ٿو، سنڌ حڪومت رينجرز جي اختيارن واري معاملي تي سنجيده آهي. اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد شاهه سنڌ جي وڏي وزير قائم علي شاهه سان فون تي رابطو ڪري صوبي ۾ رينجرز اختيارن واري معاملي تي تفقصيلي بريفنگ ورتي. سيد خورشيد شاهه وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي جي ڌمڪين واري بيان تي سخت احتجاج ڪندي چيو آهي ته قومي اسيمبليءَ ۾ احتجاج ڪيو ويندو. هن چيو ته چوڌري نثار سنڌ حڪومت کي 18هين ترميم جي ڌمڪي ڏني آهي، هـُو وفاقي حڪومت لاءِ 2014ع جي ڌرڻن جهڙي صورتحال پيدا ڪرڻ چاهي ٿو. اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو ته سنڌ حڪومت رينجرز کي اختيار ڏيڻ جي معاملي ۾ سنجيده آهي پر چوڌري نثار جي غلط رويَي سبب مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن.

 

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس، رينجرز اختيارن وارو ٺهراءُ پيش نه ٿيڻ خلاف مخالف پارٽين جو سخت احتجاج، هنگامو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ رينجرز جي خاص اختيارن وارو ٺهراءُ پيش نه ٿيڻ خلاف پ پ مخالف پارٽين ايوان ۾ سخت احتجاج ڪري ڇتي نعريبازي ڪئي،اپوزيشن جي احتجاج سبب اسپيڪر آغا سراج دراني بيوسيءَ جو اظهار ڪرڻ بعد اجلاس سڀاڻي صبح 10 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ پ پ مخالف ٽن پارٽين مسلم ليگ فنڪشنل، نواز ليگ ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي ميمبرن گڏيل طور تي رينجرز کي خاص اختيار ڏيڻ لاءِ اعتراز واري نڪتي ڳالهائڻ لاءِ اٿي بيهي سخت احتجاج ڪري وقت گهريو. اسپيڪر مخالف ڌر جي ميمبرز کي ڳالهائڻ کان روڪي ڇڏيو. آغا سراج دراني جي اهڙي رولنگ تي مخالف ڌر جي پارٽين جا ميمبر سراپا احتجاج بڻجي اسپيڪر جي روسٽرم آڏو پهچي ويا جتي سخت احتجاج ڪيو ويو. اسپيڪر بار بار ميمبر کي پنهنجي سيٽن تي ويهڻ لاءِ چوندو ۽ سمجهائيندو رهيو پر ڪنهن به ميمبرز ساڻس هڪ به نه ٻڌي ۽ پنهنجو احتجاج جاري رکيو. گوڙ دوران سينئر صوبائي وزير نثار احمد کهڙي پاليسي بيان ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پر اسميبلي مڇي مارڪيٽ بڻجڻ سبب ڳالهائي نه سگهيو. اسپيڪر مخالف ڌر جي سخت احتجاج دوران متحده ايم پي اي خالد احمد کي ڳالهائڻ لاءِ فلور ڏنو ته مخالف ڌر ميمبرز ڇتي نعريبازي شروع ڪري ڇڏي. ايوان دهشتگردن جو يار آ غدار غدار آ، ڪرپشن جو يار غدار غدار آ ۽ شيم شيم توڙي گو گو جي نعرن سان گونجي اٿيو. اسپيڪر ٻيهر رولنگ ڏيندي چيو ته احتجاج ڪندڙ ميمبرز جو مٿس اعتماد ناهي ته ڀلي بي اعتمادي جي رٿ آڻين پر ڪارروائي ايجنڊا موجب هلائي ويندي. سينئر صوبائي وزير نثار احمد کي ٻيهر مداخلت ڪرڻي پئي، هو جذباتي ٿي ويو ۽ چيائين ته مخالف ڌر وارا ڪارروائي هلائڻ نه ٿا ڏين اجلاس ملتوي ڪيو وڃي. مخالف ڌر جي سخت احتجاج حڪومت جون متيون مجهائي ڇڏيون ۽ نيٺ اسپيڪر هل هنگامي واري صورتحال دوران اجلاس جي ڪارروائي اڱاري صبح 10 وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، جنهن کان پوءِ پي ٽي آءِ ميمبر خرم شير زمان ايجنڊا جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون.

 

لياري کي پوليس ۽ عوام جي مدد سان سنڀالينداسين: ڊي جي رينجرزسنڌ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڊي جي رينجرز سنڌ بلال اڪبر چيو آهي ته لياري جي جوانن پاڪستان جي جهنڊي جو مان مٿاهون ڪيو آهي،لياري جي حالتن کي عوام ۽ پوليس جي مدد سان سنڀالينداسين. ڪراچي جي علائقي لياري ۾ عامر خان باڪسنگ چيمپيئن شپ منعقد ڪئي وئي، ان موقعي تي ڊي جي رينجرز خطاب ڪندي چيو ته ڪراچي آپريشن ۾ سنڌ پوليس جو اهم ڪردار رهيو آهي ۽ پوليس جي ساٿ ڏيڻ سبب لياري جي حالتون ٺيڪ ٿيون آهن، هن چيو ته لياري جي سڃاڻپ هتان جا رانديگر آهن، انهن نوجوانن پاڪستان جي جهنڊي جو مان مٿاهون ڪيو آهي.

 

ڪرپشن لڪائڻ لاءِ رينجرز جي اختيارن ۾ واڌ نه پئي ڪئي وڃي: عمران خان

شانگلا  (مانيٽرنگ ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ڪراچي ۾ رينجرز جي اختيارن ۾ واڌ جي حمايت ڪندي چيو آهي ته ڪرپشن لڪائڻ لاءِ رينجرز جي اختيارن ۾ واڌ نه ڪئي پئي وڃي، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪراچي ۾ جيڪڏهن پوليس ٺيڪ هجي ها ته رينجرز کي اچڻو نه پوي ها، ڪرپشن لڪائڻ لاءِ اختيارن ۾ واڌ نه ڪئي پئي وڃي، ڪراچي جي پوليس تباهه ٿي وئي آهي، رينجرز کانسواءِ امن بحال نه ٿيندو، هن چيو ته تبديلي بلدياتي نظام تحت اچي سگهي ٿي، تحريڪ انصاف سبب ن ليگ ۽ پ پ تي دٻاءُ وڌيو، هن چيو ته حڪمران ٻڌائين ته انهن جا اثاثا ڪيترا آهن، عوام جي محنت جو پيسو چوري ٿي ٻاهر وڃي رهيو آهي، نواز شريف ۽ پرويز مشرف جو ڀاءُ ڪنهن ٻئي جو ڀاءُ نٿو ٿي سگهي، هن چيو ته ڪي پي ڪي ۾ هڪ تعليمي نصاب آڻي رهيا آهيون ته جئين غريبن جا ٻارڙا اڳتي وڌي سگهن.

 

نومبر تائين سنڌ ۾ 106، پنجاب ۾ 64 جوابدارڦاهي چڙهيا: رپورٽ

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ ۾ گذريل 5 سالن دوران ٻين ٽن صوبن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ دهشتگردن کي ڦاهيون جون سزائون ڏنيون ويون، صوبي ۾ هاڻ به ڪيترائي جوابدار موت جي سزا جي انتظار ۾ ويٺا آهن، گهرو وزارت پاران جاري ڪيل انگ اکرن ۾ سنڌ ۾ گذريل مهيني تائين 106، پنجاب ۾ 64 جوابدارن کي ڦاهي ڏني وئي، بلوچستان، ڪي پي ۽ اسلام آباد ۾ هڪ هڪ دهشتگرد کي ڦاهي ڏني وئي، پاڪستان جي انتظام هيٺ ڪشمير فاٽا، گلگت بلتستان ۾ ان عرصي دوران ڪنهن دهشتگرد کي ڦاهي نه ڏني وئي، اهڙي طرح سنڌ ۾ موت جي سزا جي قيدين جو انگ ٻين صوبن ۽ علائقن جي ڀيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي، سنڌ ۾ هن وقت 98، پنجاب ۾ 81، ڪي پي ڪي ۾ 25، بلوچستان ۽ اسلام آباد ۾ هڪ هڪ قيدي ڦاهي جي سزا تي عملدرآمد جي انتظار ۾ آهي، فاٽا، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪو به اهڙي قيدي نه آهي جنهن کي ڦاهي جي سزا ڏني وئي هجي، واضح رهي ته پ پ جي دور ۾ اڻ ڄاتل مدي تائين سزا تي عمل روڪيو ويو هو.

 

زرداري ليگ رينجرز جي اختيارن ۽ آپريشن ۾ رڪاوٽ وڌي ته دمادم مست قلندر ٿيندو:ذوالفقار مرزا

بدين (ڊ.ر) زرداري ليگ جيڪڏهن رينجرز جا اختيار وڌائڻ ۽ آپريشن ۾ رڪاوٽ وڌي ته دمادم مست قلندر ٿيندو،اهڙن خيالن جو اظهار اڳوڻي گھَرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا بدين جي ميمڻ جماعت جي صدر گلزار ميمڻ پاران ڪرايل جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو،هن چيو ته جيڪڏهن رينجرز کي اختيار نه ڏنا ويا ته 19 ڊسمبر کان ڪراچي،نواب شاھ،سکر،لاڙڪاڻي ۽ ٻين شهرن۾ ڌرڻا هنيا ويندا،هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن زرداري ليگ رينجرز جي اختيارن ۾ رڪاوٽ وجھي ته وفاقي حڪومت سمورا وسيلا ڪتب آڻي، اسان ۽ سنڌ جو عوام مڪمل حمايت ڪندو،هن چيو ته بدين جي عوام جھڙي طرح رزداري ٽولي کي عبرتناڪ شڪست ڏني آهي، اهڙي طرح 17 ڊسمبر تي بدين جو عوام هميشه لاءِ زرداري ٽولي کي بدين مان تڙي ڪڍندو،هاڻ سنڌ جو عوام چورن ۽ ڦورن کي ڪڏهن به برداشت نه ڪندو،زرداري سنڌ جي عوام جي حقن تي ته ڌاڙو هنيو پر شهيد ڀٽو ۽ شهيدبينظير ڀٽوجي جان نثار ڪارڪنن کي اَٽو،لٽو۽ اجھو ته نه ڏنو پر انهن  جي نوڪرين جا به پيسا ورتا، انهن جي پلاٽن تي قبضا ڪيا ويا. لينڊ مافيا سان ملي ڪري اربين رپيا هڙپ ڪيا،غريب هارين کان انهن جو روزگار کسي انهن جي زمينن تي انور مجيد قبضا ڪيا،هاڻ وقت اچي ويوآهي ته چور ۽ ڦورو حڪمرانن مان جان آجي ڪرائڻي پوندي ۽ انهن کي عبرتناڪ نشانو بڻائينداسين،هاڻ انهن جو لنڊن ۽ ۽ دبئي تائين پيڇو ڪندس،ان موقعي تي گلزارميمڻ،تنويرآرائين،عيسى ملاح ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

 

وديا بالن، امتياب بچن سان فلم ڪرڻ لاءِ بي چين

ممبئي (اسپورٽس نيوز) بالي ووڊ اداڪاره وديا بالن ميگا اسٽار امتاب بچن سان فلم ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ بي چين آهي، جڏهن ته فلم ۾ هو پوليس آفيسر جي شڪل ۾ نظر ايندي، وديا بالن 2005 ۾ رليز ٿيندڙ فلم پرينڪيا سان شروعات ڪئي جنهن کانپوءِ سخت محنت سبب فلم انڊسٽري ۾ نالو ڪمايو، فلمي ڪيريئر ۾ مشهور اداڪارن سان جوهر ڏيکاريا جنهن ۾ اميتاب بچن، نصير الدين شاهه ۽ ٻيا شامل آهن، جڏهن ته هڪ ڀيرو ٻيهر هوءَ امتاب بچن سان فلم سوجوئي گوش جي فلم ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ بي چين آهي.

 

اميد آهي ته سلمان کي باجي رائو مستاني ۾ ڪم پسند ايندو: رنوير سنگهه

ممبئي (اسپورٽس نيوز) بالي ووڊ فلم جاجي رائو مستاني ۾ رنوير سنگهه ميراٺي ويڙهاڪ پيشوا باجي رائو جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي جنهن لاءِ فلم جي هدايتڪار جو پهريان انتخاب سلمان خان هو، سنجي ليلان ڀنسالي جي فلم باجي رائو مستاني جنهن کي هو 12 سالن کان ٺاهڻ جو خواهشمند هو ان جو مرڪزي ڪردار پهريان سلمان خان کي آفر ڪيو ويو هو جيڪوهو نه ڪري سگهيو ۽ رول رنوير کي مليو، رنوير کان پڇا ڪئي ته وئي ته ڇا هن ان ڪردار لاءِ سلمان خان کان ٽپس ورتا، هن چيو ته مان ان سان گهڻي وقت کان نه ملي سگهيو آهيان، آخري ڀيرو مان ان جي بجرنگي ڀائيجان جي رليز وقت مليو هيس، ان جي رئلٽي شو بگ باس ۾ فلم جي پروموشن لاءِ ويو هيس.

 

ڊونيڊن ٽيسٽ ۾ نيوزي لينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي سريلنڪا کي 122 رنسن تان مات

ڊونيڊن (اسپورٽس نيوز) ڊونيڊن ٽيسٽ ۾ نيوزي لينڊ ڪرڪيٽ ٽيم سريلنڪا کي 122 رنسن تان مات ڏئي ڇڏي،ميچ جي آخري ڏينهن تي سريلنڪا کي ميچ کٽڻ لاءِ  وڌيڪ 296 رنسون جڏهن ته نيو زي لينڊ کي 7 وڪيٽن جي ضرورت هئي،نيو زي لينڊ بالر نيل وينگز جي شاندار بالنگ نيوزي لينڊ کي ميچ ۾ ڪاميابي ڏياري،ميچ جي چوٿين ڏينهن تي سريلنڪا کي مهمان ٽيم 405 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو هو،پر پوري ٽيم 282 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي.ٻي اننگ ۾ سريلنڪا پاران دنيش چندي مل بهترين راند کيڏي 58 رنسون جوڙيون.