تازيون خبرون

Daily Archives: November 28, 2015

ورون ڌون ۽ ڪريتي سانن سلمان خان جي شو بگ باس ۾ دل والي جي مشهوري ڪندا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي وڊ اداڪار ورون ڌون ۽ ڪريتي سانن اداڪار شاهه رخ خان کان پهرين سلمان خان جي شو بگ باس ۾ پنهنجي فلم دل والي جي پروموش ڪندا، ميڊيا سان ڳالهائيندي ورون ڌون چيو ته مان ۽ ڪريتي سنن شاه رخ ۽ ڪاجل کان پهرين سلمان خان جي مشهور ريئلٽي شو ۾ فلم دل والي جي پروموش ڪنداسين. هن چيو ته فلم دل والي يقيني طور شوقينن لاءِ هڪ وڏو تحفو ثابت ٿيندي.

 

مارشل آرٽ جي بادشاهه بروس لي جي 75 هين سالگره ملهائي وئي

هانگ ڪانگ (شوبز نيوز) مارشل آرٽ جي دنيا جي بي تاج بادشاه بروس لي جي چاهيندڙن سندس 75 هين سالگره ملهائي، 27 نومبر 1940 تي پيدا ٿيندڙ بروس لي دنيا کي هانگ ڪانگ جي  آرٽ فلمن کان متعارف ڪرايو ۽ موت جي 41 سالن کانپوءِ به سندس نالو شهرت جي بلندين تي آهي. بروس لي کان پهرين ڪنگ فو فلمون رڳو مارشل آرٽ جي چاهيندڙن تائين محدود هيون ،انٽري ڊريگن ۽ فسٽ آف فيوري جهڙيون فلمون ڏيندڙ اداڪار بروس لي جو موت دماغ جي سوڄ سبب 20 جولائي 1971 تي رڳو 32 سال جي عمر ۾ ٿيو هو.

 

 ڀارت ٽين ٽيسٽ ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا کي 124 رنسن تان مات ڏئي ڇڏي

ناگپور (اسپورٽس نيوز) ڀارت ٽين ٽيسٽ ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا کي 124 رنسن تان مات ڏئي ڇڏي.ڀارت ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم کي ميچ کٽڻ لاءِ 310 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو هو،جنهن جي جواب ۾ پروٽينز185 رنسن تي آئوٽ ٿي ويا،هاشم آملا ۽ فاف ڊوپليسي39، 39، رنسن جي اننگز سان ٽاپ اسڪور رهيا.ڀارت پاران پهرين اننگ ۾ 215 رنسون ۽ ٻي اننگ ۾ 173 رنسون ٺاهيون هيون،ڏکڻ آفريڪا پهرين اننگ  رڳو 79 رنسون ٺاهي سگهي هئي، جڏهن ته ٻي اننگ ۾ 185 رنسون ٺاهيون،روي چندر اشون کي شاندار بالنگ ڪرڻ تي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو.

 

سانگهڙ: آئيڊيل ڪرڪيٽ ڪلب نيو فرينڊ گجري جي ٽيم کي 44 رنسن کان هارائي فائنل پهنجي نالي ڪري ورتو

سانگهڙ(اسپورٽس نيوز) آئيڊيل ڪرڪيٽ ڪلب نيو فرينڊ گجري جي ٽيم کي 44 رنسن کان هارائي فائنل پهنجي نالي ڪري ورتو ، خبر موجب؛ معذورن جي تنظيم دعا آرگنائيزيشن جي سهڪار سان يوٿ ڪرڪيٽ ڪلب راوتياڻي طرفان ڪرايل ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ سانگهڙ جي 16 ٽيمن حصو ورتو فائنل ميچ ۾ آئيڊيل ڪرڪيٽ ڪلب ٽاس کٺي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرره 6 اوورن ۾ چار کلاڙين جي نقصان تي 94 رنسون ٺاهيون جنهن ۾ ياسر ناقابل اننگز کيڌيندي 13 بالن تي 46 رنسون ٺاهيون جواب ۾ نيو فرينڊ گجري جي ٽيم مقرره 6 اوورن ۾ صرف 50 رنسون ٺاهي سگهي احسن مورگن 21 رنسون سگهيو آئيڊيل طرفان ياسر ۽ ڪاشف ٻن ، ٻن کلاڙين کي آئوٽ ڪيو ٽورنامينٽ جي فائينل جو مين آف دي ميڇ ياسر جڏهن مين آف دي سيريز جو انعام راشد گوري کي ڏنو ويو ٽورناميڻت ۾ شرڪت ڪندڙ ايم پي.اي سعيد خان نظاماڻي، ايڊوڪيٽ رضا محمد خاصخيلي،سماجي رهنما غلام نبي نظاماڻي شرڪت ڪئي ۽ کٺيندڙ ٽيم راندگرين کي انعام ڏنا

 

مڪاني چونڊن جو ٽيون مرحلو- فوج جي مقرري جي درخواست

ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن دوران 3 ضلعا مڪمل طور حساس قرار، سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن دوران فوج مقرر ڪرڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي باضابطا درخواست ڏئي ڇڏي.اليڪشن ڪميشن مڪاني چونڊن جَي ٽئين مرحلي دوران فوج مقرر ڪرڻ واري تجويزن تي ويچارڻ لاءِ 28 نومبر تي اجلاس طلب ڪري ورتو آهي. سنڌ سرڪار پاران اليڪشن ڪميشن کي لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي ۾ 5 ڊسمبر تي ٿيندڙ مڪاني چونڊن لاءِ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ جي سلسلي ۾ سيڪيورٽي پلان تيار ڪيو ويو آهي، جنهن هيٺ پولنگ دوران 7400 سيڪيورٽي اهلڪار ڊيوٽيون ڪندا،تنهن ڪري شهر ۾ پاڪ فوج جون 10 ڪمپنيون مقرر ڪيون وڃن.هوڏانهن اليڪشن ڪميشن، سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جَي ٽئين مرحلي دوران فوج مقرر ڪرڻ واري تجويزن تي ويچارڻ لاءِ 28 نومبر تي اجلاس طلب ڪري ورتو آهي، اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ لاءِ هر مثبت قدم کنيا ويندا.اليڪشن ڪميشن 5 ڊسمبر تي ٿيندڙ مڪاني چونڊن ۾ فوج جي مقرري وارين تجويزن تي ويچارڻ لاءِ 28 نومبر تي اجلاس طلب ڪيو آهي. سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن بابر يعقوب جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ، چيف سيڪريٽري، گهرو سيڪريٽري ۽ اليڪشن ڪميشن جا عملدار شرڪت ڪندا. اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته ڊي آر او پاران مڪاني چونڊن جي ٽئين مرحلي ۾ فوج مقرر ڪرڻ واري تجويزن تي ويچاريو ويندو.سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن بابر يعقوب چيو آهي ته ڪراچي ۾ بلدياتي اليڪشن دوران امن امان برقرار رکڻ صوبائي حڪومت جي ذميواري آهي، چونڊ ضابطن جي ڀـڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. اليڪشن ڪميشن ڪراچي ۾ 5 ڊسمبر تي ٿيندڙ مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ اسڪيم جاري ڪري ڇڏي، جنهن موجب 70 لک 65 هزار 284 ووٽر پنهنجي راءِ جو حق استعمال ڪندا. اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل پولنگ اسڪيم موجب 70 لک 65 هزار 284 ووٽرز پنهنجا مڪاني نمائندا چونڊيندا. رجسٽرڊ ووٽرن مان 40 لک 65 هزار 284 مرد ۽ 30 لک 17 هزار 35 عورتون شامل آهن. ڪراچي جي ضلعي اوڀر، اولهه، سينٽرل، ڏکڻ، ملير ۽ ڪورنگي ۾ مجموعي طور 4 هزار 152 پولنگ اسٽيشنز قائم ڪيون ويو آهن جن مان 505 مردن، 471 ۽ 3 هزار 162 پولنگ اسٽيشنز گڏيل هونديون. پولنگ اسٽيشنز تي 4 هزار 152 پرزائيڊنگ آفيسر، 23 هزار 549 اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر، 14 هزار 849 پولنگ آفيسر ۽ 536 پٽيوالا مقرر ٿيندا. ڪراچي اولهه، سينٽرل ۽ ڏکڻ ضلعا مڪمل حساس قرار ڏيندي شهر جون 1800 پولنگون حساس قرار ڏنيون ويون آهن. جن ۾ ڪورنگي، ملير ۽ اوڀر ضلعي جون پولنگون به موجود آهن.