تازيون خبرون

Daily Archives: November 25, 2015

رتيڪ روشن هدايتڪار ڪبير خان جي فلم ۾ ايڪشن هيرو جي روپ ۾ نظر ايندو

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جو ايڪشن هيرو ريتڪ روشن فلم،بجرنگي ڀائي جان جي ڊائريڪٽر ڪبير خان جي فلم ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندو.بالي ووڊ جي مشور فلم بجرنگي ڀائي جان جي ڪاميابي سان گڏوگڏ هدايتڪار ڪبير خان جي به مشهوري وڌي وئي آهي، جڏهن ته فلم جي ڪاميابي ڪبير خان لاءِ ڀارتي فلم نگري جي ناليوارن اداڪارن  سان گڏ ڪم ڪرڻ جا در به کولي ڇڏيا آهن،جنهن کانپوءِ هاڻي سندس فلم ۾ ريتڪ روشن به نظر ايندو.ميڊيا رپورٽن مطابق ريتڪ روشن ڊائريڪٽر ڪبير خان جي فلم ۾ ايڪشن هيرو جي حيثيت ۾ نظر ايندو، جنهن جي لاءِ هن ٺاهه به ڪري ڇڏيو آهي.

 

ٽيسٽ ڪرڪيٽ کي هاڻي 4 ڏينهن تائين محدود ڪيو وڃي:مارڪ ٽيلر

سڊني (اسپورٽس نيوز)آسٽريليا ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان مارڪ ٽيلر ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ٽيسٽ ميچ کي ڏينهن ۽ رات واري حيثيت ملڻ کانپوءِ ٽيسٽ ميچ کي 4 ڏينهن تائين محدود رکڻ جي سفارس به ڪري ڇڏي.برطانيا جي مشهور اخبار ٽيلي گراف کي انٽرويو ڏيندي مارڪ ٽيلر چيو ته آسٽريليا ۽ نيو زي لينڊ وچ ۾ هلندڙ هفتي ٿيندڙ ڊي اينڊ نائيٽ ٽيسٽ ميچ شروع ٿي رهي آهي،جيڪا تاريخ جي پهرين ٽيسٽ ميچ هوندي ۽ مان چاهيان ٿو ته ٽيسٽ ڪرڪيٽ کي هاڻي 4 ڏينهن تائين محدود ڪيو وڃي.ٽيلر جو چوڻ هو ته ڏسونءَ ته ٽيسٽ ڪرڪيٽ هاڻي ڪهڙي پاسي پئي وڃي،ايندڙ نئون نسل ۽ ڪرڪيٽ شوئقين هن ميچ کي ڪيترو پسند ٿا ڪن،هن چيو ته ٽيسٽ ميچ مان خوش ٿيندڙ ماڻهو 5 ڏينهن تائين راند نه ٿا ڏسي سگهن ۽ اڄ ڪلهه ماڻهن وٽ ايترو ٽائيم به ناهي، ان ڪري آئون چاهيان ٿو ته ٽيسٽ ميچ کي هاڻي 5 ڏينهن بدران 4 ڏينهن تائين محدود ڪيو وڃي.جيڪڏهن ميچ 4 ڏينهن تائين ٿي وئي ته ميچ جي آخري ڏينهن تي تماشائين جو وڏو انگ اسٽيڊيم ۾ اچي ويندو ۽ ميچ حد کان وڌيڪ مزو ڪندي،سندس وڌيڪ چوڻ هو ته مون اهڙي ڳالهه ڪرڪيٽ جي عالمي اداري وٽ به رکي آهي ۽ انهن به سنجيدگيءَ سان منهنجي هن تجويز تي  گور ويچار ڪيو آهي،مارڪ ٽيلر جو چوڻ هو ته ٽي ٽوئنٽي ۽ ون ڊي ميچون ماڻهن ۾ ان لاءِ مشهور آهن جو اسڪول ٽائيم دوران ئي ماڻهو انهن ميچن کي ڏسي سگهي ٿو ۽ ٽيسٽ ميچ اسڪول ٽائيم کان ٻاهر آهي، ان لاءِ ٽيسٽ ڪرڪيٽ کي هٿي ڏيارڻ لاءِ ان جو ٽائيم مٽايو وڃي ۽ ان کي 4 ڏينهن تائين محدود ڪيو وڃي، جڏهن ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آسٽريليا ۽ نيو زي لينڊ وچ ۾ ڊي اينڊ نائيٽ ٽيسٽ ميچ 27 نومبر کان کيڏي پئي وڃي جنهن ۾ گلابي ڪلر جو بال استعمال ڪيو ويندو،ياد رهي ته آسٽريليا ڪرڪيٽ ٽي جو بيٽسمين ۽ اڳوڻو ڪپتان هن وقت آسٽريليا ڪرڪيٽ بورڊ جو اهم ميمبر آهي.

 

سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ ايندڙ مهيني پاڪ – ڀارت سيريز جي ميزباني لاءِ تيار

ڪولمبو (اسپورٽس نيوز) سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ ايندڙ مهيني پاڪ – ڀارت سيريز جي ميزباني لاءِ گرين سگنل ڏئي ڇڏيو، سريلنڪن ڪرڪٽ بورڊ انٽرم جي چيئرمين پاڪ – ڀارت سيريز لاءِ پاڪستاني اختيارين جيرابطي جي تصديق ڪندي چيو ته پاڪستان سيريز لاءِ سريلنڪا سان رابطو ڪيو آهي، هن چيو ته جيڪڏهن ڌرين ۾ معاملا طئه ٿي وڃن ٿا ته اسان سيريز جي ميزباني ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، هن ٻڌايو ته پاڪ – ڀارت سيريز لاءِ ڪولمبو جو پريم واسا ۽ پاليڪيلي جو اسٽيڊيم موجود آهن. واضح رهي ته ڊسمبر ۾ رٿيل پاڪ – ڀارت سيريز پاڪستان ۾ ٿيڻي هئي پر ڀارت جي انڪار کانپوءِ انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين جائلز ڪلارڪ جي ٽياڪڙي ۾ ٻنهي ڌرين سريلنڪا ۾ سيريز ڪرائڻ تي راضپو ڏيکاريو، هوڏانهن ڀارت لالچ جي حد ڪندي سيريز مان ٿيندڙ ڪمائي جو حصو گهري ورتو آهي، جڏهن ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو موقف آهي ته جڏهن سيريز پاڪستان جي آهي ته پوءِ ڀارت کي حصو ڇو ڏنو وڃي؟

 

بنگلاديش ۾ دانشورن ۽ عورتن جي قاتلن کي ڦاسيون: ڊاڪٽر ايوب شيخ

بنگلاديش ۾ ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري رات انهن ٻن ڄڻن صلاح الدين قادر چوڌري ۽ علي احسن محمد مجاهد کي راڄڌاني واري شهر ڍاڪا جي سينٽرل جيل ۾ ٽياس تي ٽنگيو ويو. انهن ٻنهي ڄڻن تي 1971ع ۾ بنگلاديش جي دانشورن، شاگردن ۽ عوامي ليگ جي سياسي ڪارڪنن کي ڳولي ڳولي ذبح ڪرڻ ۽ انسان سوز ڏوهاري حرڪتون ڪرڻ جا الزام هيا، جيڪي سرڪار جي قائم ڪيل ” جنگي ڏوهن خلاف ٽريبونل“ ۾ پيش ڪيا ويا ۽ انهن تي ثابت ٿيا. 2010ع ۾ اهو ”جنگي ڏوهن جو خصوصي ٽريبيونل“ ٺاهي ان ۾ الزام يافته ماڻهن تي ڪيس هلائڻ جي شروعات ڪئي وئي. صدر عبدالحميد ٻنهي جي رحم جي درخواست رد ڪري ڇڏي هئي.

ڦاهي چڙهيلن تي الزام:

اهي ٻيئي ڄڻا مخالف پارٽين جا بااثر سياسي اڳواڻ هيا. صلاح الدين قادري نيشنلسٽ پارٽي جو سينئر ترين اڳواڻ هيو. ڇهه ڀيرا اسيمبلي ميبر چونڊيو ويو هو، ٻه سال اڳ جنگي ڏوهن جي خصوصي ٽربيونل ان تي قتل عام ، مذهب ۽ سياسي بنيادن جي آڙ ۾ ماڻهن کي ايذاءَ پهچائڻ جي 23 الزامن مان نو الزامن ۾ ڏوهي ٺهرايو ويو هو. جڏهن ته، علي احسن مجاهد بنگلاديش ۾ جماعت اسلامي جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل هيو. انهن ٻنهي کي ڦاسي جي سزا کان پوءِ رحم جي اپيل رد ٿيندي ئي ڦاهي ڏني ويئي آهي. کيس جولاءِ 2013ع ۾ ڦاسي جي سزا ٻڌائي ويئي هئي. ان تي آزادي جي حمايت ڪندڙ بنگالي اڳواڻن ۽ دانشورن جي قتل جو الزام هيو ۽ ٽريبيونل کيس اغوا ۽ قتل جي پنجن الزامن ثابت ٿيڻ تي کيس سزا ٻڌائي هئي.

1971ع ۾ بنگلاديش ٺهڻ کان اڳ، ”الشمس“ ۽ ”البدر“ جي نالي سان ٻن تنظيمن پاڪستان دوستي جي نالي ۾ بنگالين جو قتلام شروع ڪرايو هو، جنهن ۾ 90 هزار نوجوان ڪنواريون عورتون اميد سان ڪيون ويون ۽ 30 لک انسان قتل ڪيا ويا. جماعت اسلامي انهن ٻنهي تنظيمن جي مالڪي جي دعوا ڪئي هئي.

سپريم ڪورٽ بنگلاديش ۾ نظرثاني اپيل تي فيصلو:

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس سريندر ڪُمار سنها هڪ ملزم صلاح الدين جي ڪيس جو فيصلو لکيو ۽ جسٽس حسن فعيز صديقي احسن مجاهد تي فيصلو لکيو، جڏهن ته ٻه جج جسٽس نظمون آرا سلطانه ۽ جسٽس سيد محمود حسين انهن فيصلن تي سهمتي نوٽ لکيو. سپريم ڪورٽ ٻنهي ملزمن جي داخل ڪيل نظرثاني اپيلن کي رد ڪدي چيو آهي ته ٽريبيونل جيڪو فيصلو ڏنو آهي ان ۾ ڪابه اهڙي غلطي ڪانهي، جنهن کي بنياد بڻائي کين معاف ڪري سگهجي يا فيصلو بدلائجي.

صلاح الدين قادر جي نظرثاني پٽيشن تي فيصلو:

سپريم ڪورٽ ۾ نظرثاني اپيل داخل ڪندي صلاح الدين قادر چيو هو ته 1971ع ۾ ٿيل ڏوهن وقت هو ملڪ ۾ موجود ئي ڪونه هيو، جنهن ڪري، ان تي اهو ڪيس ثابت نه ٿو ٿئي.

ڪورٽ ان تي فيصلو ڏيندي چيو ته، سندس پاران موجود نه هجڻ وارو سرٽيفڪيٽ نه رڳو ڪوڙو آهي، هن  سرٽيفڪيٽ جي نقل ڪاپي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪابه سرگرمي نه ڏيکاري ۽ جيڪو سرٽيفڪيٽ 2010ع ۾ پيش ڪيو ان جي تصديق پڻ پيش ڪري نه سگهيو. هو 16 نومبر 2015ع  ڪيس جي پڄاڻي وقت تائين اهو سرٽيفڪيٽ پيش ڪري نه سگهيو. ٻيو ته ان تي پاڪستان ۾ موجود بنگلاديش جي هاءِ ڪمشنر پاران ڪابه تصديق نه آئي آهي. ڪورٽ چيو آهي ته ملزم نه رڳو موجود هيو، پر انهن ظالماڻين ڪاررواين تي هن کي ڪوبه جهُٻو نه آيو، ڪابه ندامت نه هئي، ڪابه رحم ريکا ڪانه هئي.

علي احسن مجاهد جي نظرثاني اپيل تي فيصلو:

سپريم ڪورٽ لکيو آهي ته ملزم علي احسن جيڪي غيرانساني ۽ ظالماڻا ڏوهه ڪيا آهن، اهي ته انگريزن جي 1919ع ۾ جليانوالا باغ جي ڏوهن ۽ هٽلر جيگئس چئمبرن ۾ ماڻهو مارڻ وارن نازي ڏوهن کان گهٽ ناهن. البدر فوج جي جهنڊي هيٺ هن جنهن نموني دانشورن جا قتل ڪيا آهن اهو غلامن جهڙو سلوڪ هيو.

ڪورٽ سوال پڇندي لکيو آهي ته: ” ڇا اسلام ان ڳالهه جي اجازت ڏئي ٿو ته بي هٿيار ماڻهن کي قتل ڪيو وڃي؟“ هنن لکيو آهي ته 43 ورهين کان انصاف لاءِ ٻاڪاريندڙ انهن يتيم ٻارن، بيواهن جي سڏڪن ۽ لڙڪن تي ڪير غور ڪندو؟ علي اهسن انسانذات خلاف سنگين ڏوهه ڪيا آهن. اهي ڏوهه هڪ نئين ٺهندڙ ملڪ خلاف ڏوهه هيا.

پاڪستان سرڪار جو موقف:

پاڪستان جي پرڏيهي وزارت تازين ڦاهين تي سخت ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته بنگلاديش سرڪار ان سلسلي ۾ ماضيءَ کي وساري ۽ پاڪستان سرڪار سان 9 اپريل 1974ع تي ٿيل ان معاهدي تي عمل ڪري، جنهن هيٺ ”ماضيءَ کي وسارڻو هيو“ هنن لکت ۾ پنهنجي شڪايت ۾ چيو آهي ته کين ڦاسين جي انهن واقعن تي سخت رنج آهي.

تحريڪ انصاف جو رد عمل:

پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ ميان محمود الرشيد 1971ع جي جنگي ڏوهن جي آڙ ۾ بنگلاديش ۾ ڦاسين خلاف هڪ ٺهراءُ اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. ان ٺهراءَ ۾ چيو ويو آهي ته ”بنگلاديش ۾ پاڪستان جي حامين کي ڦاسين جي سزا افسوسناڪ آهي، اهي ڦاسيون ڀارت جي چوڻ تي ڏنيون پيو وڃن. پاڪستان سرڪاربنگلاديشي سرڪار جي سفاڪ عمل روڪائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري “ هن ڦاهي کاڌل ٻنهي ڄڻن جي پونئرن سان پڻ همدردي جو اظهار ڪيو آهي.

بنگلاديشي سرڪار جو ردعمل:

سومر ڏينهن بنگلاديش ڪابنيا جي صدارت ڪندي وزيراعظم حسينا واجد چيو آهي ته ” پاڪستان سرڪار اسان جي اندروني مامرن ۾ اڳي به مداخلت ڪئي هئي ۽ هاڻي به انهن مداخلت ڪئي آهي، هن پرڏيهي وزارت کي چيو ته پاڪستان جي ان عمل تي سخت ردعمل ظاهر ڪيو وڃي“

بنگلاديش جي پرڏيهي مامرن جي مملڪتي وزير شهريار عالم ٻن عظيم ڏوهارين تي پاڪستان سرڪار جي ردعمل تي چيو آهي ته ان سان ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن تي ڪوبه اثر نه پوندو. ڪنهن به هڪ واقعي سان ملڪن وچ ۾ لاڳاپن جي هيٺ مٿي ٿيڻ وارو خيال اجايو آهي.

بنگلاديشي سرڪار ڪالهه ٻنپهرن جو پاڪستاني هاءِ ڪمشنر شجاع عالم کي سڏائي پنهنجو ردعمل پيش ڪيو. ان کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي شهريار چيو ته دنيا ۾ ڪيئي ملڪ پاڻ ۾ جنگ جي حالت ۾ هجڻ جي باوجود پنهنجا لاڳاپا قائم ڪندا آهن، اسان جا به لاڳاپا قائم رهندا. هن چيو ته پاڪستان سرڪار پنهنجي سفارتي حدن کان اڳيان وڌي اهي تبصرا ڪيا آهن. هن چيو ته اسان پاڪستان سميت دنيا جي ڪنهن به ملڪ پاران جنگي ڏوهن تي آيل ردعمل کي قبول نه ٿا ڪري سگهئون.

ماضي وسارڻ وارو معاهدو ڇا آهي؟

بنگلاديشي ميڊيا پاڪستان سرڪار جي سخت ردعمل تي ٽيڪاٽپڻي ڪئي آهي، پر انهن 9 اپريل 1974ع جي ان معاهدي جو ذڪر پڻ ڪيو آهي، بنگالي ميڊيا موجب، پاڪستان سرڪار اصل سچائي کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو آهي. ان معاهدي هيٺ 9 اپريل 1974ع تي پاڪستان، ڀارت ۽ بنگلاديش وچ ۾ معاهدو ٿيو هيو جنهن ۾ پاڪستان بنگلاديش ۾ ڦاٿل 195 سجنگي قيدين جي آزادي جي گهر ڪئي هئي، جيڪي بنگلاديش ۾ موجود هيا. جڏهن ته ان ۾ جنگي ڏوهن کي وسارڻ يا ظلم ڪندڙن کي وسارڻ جي باري ۾ ڪابه ڳالهه ڪيل نه هئي.

سنڌي قومپرستن جو ردعمل:

سنڌ جي ڪنهن به قومپرست پارٽي، تنظيم، ان جي ڪنهن به ڌڙي ۽ ڪنهن به فرد بنگلاديش ۾ جنگي ڏوهن ۾ ملوث يا ڦاهي کاڌل ٻنهي ڄڻن جي باري ۾ ڪوبه موقف يا بيان نه ڏنو آهي. ماضي ۾ سموريون قومپرست ڌريون ”الشمس“ ۽ ”البدر“ جي ڪارندن هٿان لکين بنگالين جي قتلام تي هروقت احتجاج ڪنديون رهيون آهن.

 

 

پوليس کاتو ۽ عوام هڪ چڪي جا ٻه پُڙ: عبدالله شيخ …ڊي آءِ جي سي آئي اي ڪراچي

بدقسمتي سان اسان جي ملڪ خاص ڪري سنڌ صوبي ۾ پوليس ۽ عوام وچ ۾ ويڇا ايترا وڌيل آهن جو ان کي ورهائڻ ۾ ٻنهي ڌرين جي اڻٿڪ جدوجهد گهربل آهي. اهو ئي سبب آهي جو آئون اڄ ڪلهه پنهنجي وقت جو هڪ وڏو حصو پوليس سڌاري تي غور ڪندي گذاريان ٿو. ان سڌاري جي بنيادي خدوخال ۾ ٽيڪس ڏيندڙن جو وڌيڪ پئسو خرچ ڪرڻ کانسواءِ کاتي جي ڪارڪردگي ۾ بهتري آڻڻ لاءِ اپاءُ شامل آهن. موجود پوليس سسٽم جو باريڪ بيني سان جائزو وٺڻ کان پوءِ آئون ان نتيجي تي پهتو آهيان ته اعليٰ آفيسرن کي فوري طور ڪوبه ريليف نه به پر هيٺين سطح جي اهلڪارن جي انداز ڪار ۽ سهولتن تي لازمي نظرثاني ڪرڻي پوندي.

ٿورو سوچيو ته جڏهن هڪ پوليس اهلڪار ناڪافي خوراڪ ۽ آلوده ماحول ۾ 12 ڪلاڪ گرمي هجي يا سردي، آنڌي اچي يا طوفان پنهنجي ڊيوٽي پوري ڪرڻ تي مجبور هوندو ته ان پاران اعليٰ ڪارڪردگي جي اميد محض اميد ئي ٿي سگهي ٿي. ان کي حقيقي معنيٰ ۾ عملي جامعو پهرائڻ مشڪل آهي. ترقي يافته ملڪن جيان پوليس کي هڪ مثالي ادارو بڻائڻ لاءِ اسان کي بطور قوم گڏيل فيصلن جي ضرورت آهي. موجوده سسٽم ۾ پوليس جي اعليٰ قيادت کي پنهنجي فورس جي هيٺين طبقي جي اهلڪارن سان سڌوسنئون رابطو نٿو ٿي سگهي، جنهن سبب هيٺين طبقي جا اهلڪار پنهنجي هدف ۽ ذميوارين جو درست ادراڪ نه هجڻ سبب اڪثر وقت پريشاني جي ڪيفيت ۾ مبتلا ٿي وڃن ٿا. هيٺين طبقي جي انهن اهلڪارن جو ڇو ته عوام سان وڌيڪ واسطو پوي ٿو جيڪي ان پريشاني جي ڪيفيت ۽ پنهنجن مسئلن جي ڪري عوام سان خراب رويي سان پيش اچن ٿا. اعليٰ ترين سطح تي عقل ۽ دانش جي جن اپائن کي حتمي شڪل ڏني وڃي ٿي اهو هيٺين طبقي تائين نه پهچڻ جي ڪري نه صرف هو سڪيورٽي بلڪ خود پنهنجي حفاظت لاءِ ضروري اپائن کان به غفلت جو مظاهرو ڪري وڃن ٿا.

پوليس جي هيٺين اهلڪارن کي پيش ايندڙ چئلينجن کي ڏسندي اميد آهي ته سينيئر ڪمانڊ هاڻ اهلڪارن جي گڏيل ڀلائي مثال طور ميڊيڪل، تعليم ۽ رهائشي سهولتن جي فراهمي جو جائزو وٺي اهم اپائن جو اعلان ڪندا. موٽر وي پوليس جي ڪارڪردگي اسان جي سامهون آهي. مون سنڌ پوليس جي جوانن ۾ وڏو ٽئلينٽ ڏٺو آهي. جيڪڏهن مقامي پوليس کي به پيش ايندڙ چئليجن سان منهن ڏيڻ لاءِ سخت ٽريننگ ۽ ذهني سڪون جي فراهمي لاءِ ضروري سهولتون فراهم ڪيون وڃن ته ڪوبه سبب نه آهي ته هو مثالي پرفارمنس جو مظاهرو نه ڪري سگهن. عوامي سطح تي شعور جي بيداري به ان مقصد جي حصول ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. اسان کي ان حقيقت کي سمجهڻو پوندو ته پوليس اهلڪارن جو تعلق به اسان جي ئي معاشري سان آهي، جنهن ۾ اسان رهون ٿا، جهڙي ريٽ هر شهري کي ڪنهن شخص جي هٿان ٿيندڙ ڏوهه جو الزام نٿو ڏئي سگهجي اهڙي طرح ڪنهن پوليس اهلڪار جي غلطي تي سموري فورس کي ذميوار نٿو بڻائي سگهجي.

روين جي تبديلي خواهه اهو شهري هجي يا اهلڪار، ادارن جي ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ لاءِ ضروري آهي. آئون ان حقيقت کان چڱي ريت آگاهه آهيان ته شهرين جي اڪثريت ڪنهن ايمرجنسي يا شڪايتن جي صورت ۾ ٿاڻي ۾ رپورٽ داخل ڪرائڻ لاءِ وڃڻ کان ڊڄن ٿا. اهڙن ماڻهن جي به کوٽ نه آهي جيڪي لٽجڻ کان پوءِ به ٿاڻي تي وڃڻ جي نالي کان توبهه ڪن ٿا. جيڪڏهن توهان منهنجي ڳالهه جو يقين ڪريو ٿا ته هر ٿاڻي ۾ اهڙي صورتحال ناهي، تازو عشره جي دوران پوليس کاتي ۾ گهڻيون تبديليون اچي چڪيون آهن. ان جو مطلب اهو هرگز ناهي ته کاتو هر طرح جي حرڪتن کان پاڪ ٿي ويو آهي. پوليس کاتو منهنجي خاندان جيان آهي. آئون پنهنجي خاندان ۾ برٽش دور جي قديم وقتن کان هلندڙ خامين کان آگاهه آهيان. اهو ئي سبب آهي ته آئون پوليس کاتي ۾ سڌاري جو عزم رکان ٿو. مون پنهنجي ان عزم کي عملي جامعو پهرائڻ لاءِ پنهنجي جيترن ساٿين ۽ سينيئر سان ڳالهه ڪئي انهن به ان سوچ جو اظهار ڪيو.

نه صرف آئون بلڪ پوليس آفيسرن جي اڪثريت ان حقيقت تي يقين رکي ٿو ته ڪوبه جوابدار ان وقت تائين بي گناهه هوندو آهي جيستائين ان خلاف ڏوهه ۾ ملوث هجڻ جو ڪو ناقابل ترديد ثبوت نه ملي وڃي ۽ قانون جي عدالت ان ثبوت کي تسليم نه ڪري وٺي. ان حقيقت تي يقين رکڻ سبب مون پنهنجن سمورن ماتحتن تي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته آئون ڪنهن بي گناهه تي تشدد برداشت نه ڪندس. منهنجي انهن لفظن جو اهو مطلب نه ورتو وڃي ته آئون ڏوهه ۾ ملوث شخص تي تشدد جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. اصل ۾ اهو چوڻ چاهيان ٿو ته ڪنهن به الزام تحت ٿاڻي آندل شخص عدالت کان سزا ٿيڻ تائين بي گناهه آهي ان لاءِ جوابدار تي تشدد بجاءِ ان جي خلاف ثبوت حاصل ڪرڻ تي زور ڏنو وڃي.

جديد دنيا ۾ چهره شناسي، باڊي لينگويج، هينڊ رائٽنگ ايڪسپرٽس، فرانزڪ سائنس، ڊي اين اي ۽ ٻي ڪيميائي ٽيسٽ ذريعي جوابدار کان ڏوهه تائين جو سفر ڪافي شفاف ٿي ويو آهي. بلاشبه سنڌ پوليس کي هڪ ٻن کان علاوه فرانزڪ جي وڌيڪ سهولت حاصل نه آهن ۽ ان جي فراهمي ۾ وقت لڳندو. هڪ ڊي اين اي ليبارٽري ڄامشورو ۾ زير تڪميل آهي. اسان کي ان کان تمام گهڻيون اميدون آهن.

پوليس کاتو جوائن ڪرڻ ۽ ان کان اڳ به منهنجو پرڏيهه جي ڪافي شهرن ۾ وڃڻ جو اتفاق ٿيو آهي. پوليس سروس جوائن ڪرڻ کان پوءِ پرڏيهه جي دورن ۾ منهنجو ڌيان جو مرڪز مقامي پوليس ۽ ڪميونٽي وچ ۾ تعلقات هوندا آهن. اڄ دنيا ۾ مالياتي سرگرمين جو مرڪز تصور ڪيو ويندڙ سنگاپور هڪ زماني ۾ ڪرپشن ۽ ڏوهه جو ڳڙهه تصور ڪيو ويندو هو. اهو ئي حال ٿائي دارالحڪومت بئنڪاڪ جو هو. اصلاحن جي نتيجي ۾ جنوبي ايشيا جي انهن شهرن جو ماحول تبديل ٿي چڪو آهي. خود دنيا جي ترقي يافته ترين ملڪن خاص ڪري آمريڪا جي رياستن ٽيڪساس، ڪولوراڊو ۽ نيويارڪ به ڏوهه جا مرڪزا سمجهيا ويندا هئا. ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته ڪجهه آمريڪي رياستن ۾ ڏوهه جي شرح اڄ به اسان جي ملڪ جي اوسط شرح کان وڌيڪ آهي. جڏهن ته پوليس ۽ ڪميونٽي وچ ۾ مثالي تعلقات جي نتيجي ۾ نه ته عام شهري کي پريشاني کي منهن ڏيڻو پوي ٿو ۽ نه ئي پوليس کي جوابدار تائين پهچڻ ۽ ان کان ڏوهه باسرائڻ لاءِ تشدد جو سهارو وٺڻو پوي ٿو. اهائي مثالي صورتحال پاڪستان ۾ به ممڪن آهي. پوليس سڌاري لاءِ منهنجون ڪوششون پرڏيهي ملڪن جي مثالي مقامي ماحول کي ڏسي ڪري شروع ٿيون آهن.

پنهنجي موجوده ماحول کي تبديل ڪرڻ، نوجوانن ۾ ڏوهه کان نفرت پيدا ڪرڻ، ٻارن کي گهٽ عمر کان ڏوهه کان بچائڻ ۽ پري رکڻ لاءِ اسان کي پنهنجي نصابي ڪتابن ۾ به ترميمون ڪرڻيون پونديون. پوليس آفيسرن کي به انساني نفسيات جي باريڪ ۽ اهم پهلوئن جي تعليم ڏيڻي پوندي. هڪ قابل پوليس آفيسر هڪ عادي جوابدار کان انساني نفسيات ۽ فرانزڪ جي شهادتن کي نظر ۾ رکندي جنهن آساني سان ڏوهه باسرائي سگهجي ٿو اهو تشدد ذريعي ممڪن نٿو ٿئي. اهو خدشو به هوندو آهي ته شڪ ۾ ڪٿي بي گناهه ته تشدد جو نشانو ناهي بڻجي رهيو.

 

 

گم ٿي ماڻهو بلوچستان جو اصل مسئلو….!

گذريل ڏينهن ڪوئيٽا ۾ بلوچستان هاءِ ڪورٽ بار جي ڏنل آجياڻي کي خطاب دوران چيف جسٽس آف پاڪستان انور ظهير جمالي چيو آهي ته بلوچستان جي مسئلن کان غافل ناهيون. گم ٿيل ماڻهن جو معاملو اهم آهي. 68 سالن کان نظام عدليا ۾ موجود خامين کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ عدليا جو نظام گهڻو مستحڪم ۽ مضبوط ٿي رهيو آهي. عدليا کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ خود اختياب تي عمل ڪرڻو پوندو. چيف جسٽس انور ظهير جمالي چيو ته الله پاڪستان کي هر قسم جي وسيلن سان نوازيو آهي. اهڙي قيادت ناهي ملي جيڪا ملڪ جي ماڻهن کي قوم بڻائي اڳتي وٺي وڃي. ارباب اختيارين کي بدعنواني جي خاتمي لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. هن چيو ته هر ماڻهو حقن جي ڳالهه ڪري ٿو. هن وڌيڪ چيو ته ٻين تي تنقيد  ڪندڙ پاڻ تي به نظر وجهن ٻين تي تنقيد ڪرڻ اسان جو قومي ڪلچر بڻجي ويو آهي، سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جو چوڻ هو ته ڪوشش آهي ته گم ٿيل ماڻهن جي مسئلي جو حل جلد ڪڍون، گم ٿيلن جو معاملو اهم آهي، بلوچستان جي مسئلن کان غافل ناهيون، هن چيو ته بلوچستان سميت ٻين صوبن جي معاملن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، سنڌ ۾ 9 ججن جي مقرري ڪئي بلوچستان  مان موڪليل نالن تي ٻيهر غور ڪيو ويندو ، هن چيو ته نظام ۾ اهڙيون خاميون ناهن جن کي ختم نه ڪري سگهجي، چيف جسٽس انور ظهير جمالي جي مان ۾ ڏنل آجياڻي ۾ سپريم ڪورٽ، هاءِ ڪورٽ جي ججن ۽ وڪيلن شرڪت ڪئي.