تازيون خبرون

Daily Archives: November 13, 2015

سچن بلاسٽرز کي ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ به مات، وارن واريئرز سيريز کٽي ورتي

هيوسٽن (اسپورٽس نيوز) آل اسٽارز ڪرڪيٽ جي ٻئي ميچ ۾ به وارن واريئرز سچن بلاسٽرز کي مات ڏئي سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي، آمريڪي شهر هيوسٽن جي منٽ ميڊ پارڪ ۾ ٻي ٽي

ٽوئنٽي ميچ ۾ وارن واريئرز پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 262 رنسون ٺاهيون، جنهن جي جواب ۾ سچن بلاسٽرز جي ٽيم مقرر اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي رڳو 205 رنسون ٺاهي سگهي، اهڙي ريت وارن واريئرز ٻي ميچ 57 رنسن تان کٽي ورتي، وارن واريئرز طرفان ڪمار سنگارا 70 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو، جڏهن ته جيڪ ڪيلس 45، رڪي پونٽنگ 41، ميٿيو هيڊن 32، ووگن 30، اينڊريو سائمنڊس 19 ۽ جونٽي روڊز 18 رنسون ٺاهيون،سچن بلاسٽرز طرفان لانس ڪلوزنر 2، گلين ميڪ گرا، سيهواگ ۽ سوان هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. اهڙي ريت سچن بلاسٽرز طرفان شان پولاڪ 55، سچن ٽنڊلڪر 33، گريم سوان 22، لانس ڪلوزنر 21، برائن لارا 19، وريندر سيهواگ 16، مرليڌرن 8 ۽ جئه وردني 5 رنسون ٺاهيون، وارن واريئرز طرفان اينڊريو سائمنڊس 4، ثقلين مشتاق 2، جيڪ ڪيلس ۽ اجيت اگرڪر هڪ هڪ وڪيٽ ورتي.

 

عمر اڪمل ناچ پارٽي تي ٽي ٽوئنٽي ٽيم کان ٻاهر

لاهور (اسپورٽس نيوز) ٽيم جي بهترين بيٽسمين عمر اڪمل کي نائيٽ پارٽي ۾ شامل ٿيڻ سبب انگلينڊ جي خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز کان ٻاهر ڪيو ويو. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چوڻ آهي ته عمراڪمل غيراخلاقي سرگرمين ۾ ڏٺو ويو آهي ۽ هن ڪرڪيٽ بورڊ ۽ ملڪ جي ساک کي سخت نقصان پهچايو آهي، جنهن جي ڪري کيس انگلينڊ جي خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز مان ڪڍيو ويو آهي، جڏهن ته ان حوالي سان کيس شوڪاز نوٽيس به موڪليو ويو آهي. ذريعن مطابق حيدرآباد پوليس ڪجهه ڏينهن اڳ سائيٽ جي علائقي ۾ ڪارروائي ڪندي هڪ گهر تي ڇاپو هنيو ۽ اڪمل سوڌو 3 رانديگرن کي گرفتار ڪيو هو، جتي ناچ جي تقريب هلي رهي هئي، پوليس عمراڪمل سوڌو 3 رانديگرن سان اهو ئي رويو رکيو، جيڪو روايتي طور تي ڪنهن ڏوهاري سان رکيو ويندو آهي ۽ 2 ڪلاڪن تائين کيس ٿاڻي ۾ ويهاريو، پر لاهور جي هڪ اهم شخصيت ۽ ڪراچي پوليس جي درخوست کانپوءِ کيس آزاد ڪيو ويو.

 

لسانياتي پاليسي ۾ سنڌي ٻولي ڪٿي بيٺل آهي؟: شوڪت لوهار

ٻولي قومن جو اوڇڻ ٿئي ٿي. ٻولي آهي ته هي سڀ لقاءُ موجود آهن، ٻولي ناهي ته ڪجهه به نه آهي. اوهان جو نالو اوهان جي شناخت، اوهان جي جيون جي سڄي ڪٿا جو ڪارڻ ئي ٻولي آهي. جيڪڏهن ٻولي نه هجي ها ته هي  اسان جي چوڌاري جيڪو ڪجهه آهي، اهو صرف مادو ئي هجي ها. ٻولين جي بچاءَ ۽ ٻولين جي مرتبي جا ڪئين ڪارڻ آهن. ائين ڪونهي ته ڪنهن هڪڙي مفروضي  تحت هن پرولي کي سلي سگهجي.

جهرڻن جو گڙگاٽ ڪندڙ پاڻي، هوائن جو سر سر ڪندڙ آواز يا پکين جون لاتيون سڀ ٻولي ئي آهن. ٻولي جي ڪا هڪ وصف ڪونهي، جنهن تحت ان کي هڪ جاءِ تي محدود ڪري سگهجي، بلڪه ان جون ڪئين وصفون آهن. بهرحال ڪنهن معصوم ٻار ۾ ڪنهن به شيءِ جو تصور ٺهڻ نه صرف انهيءَ مادي شيءِ بلڪه ٻولي جو ٺهڻ پڻ ڪارڻ آهي. دنيا ۾ ڇهه کان ست هزار جي لڳ ڀڳ ٻوليون موجود آهن، جن مان سڀ کان گهڻي ڳالهائجندڙ ٻولي چيني آهي. اهو انهيءَ ڪري ناهي  ته ڪو چيني ٻولي  دنيا ۾ عام ۽ رابطي جو ڪارڻ آهي پر ڇاڪاڻ ته چيني قوم تعداد ۾ دنيا ۾ سڀ کان گهڻي آهي، ان ڪري انگن اکرن ۾ ٻولي جي معاملي ۾ ان جو نمبر پهريون اچي ٿو.

دنيا ۾ ٻولين جي ڦهلاءُ  جو سبب صرف ۽ صرف طاقت جي ڪارڻ ٿيو آهي. انهيءَ کانسواءِ به گهڻا ئي سبب آهي پر حقيقت ۾ جيڪي اهم ڪارڻ آهن، انهن ۾ سڀ کان اهم ٻين ملڪن کي طاقت جي زور تي جهڪائڻ ۽ پنهنجو ڪلچر مڙهڻ سان ئي اهو سڀ ڪجهه ممڪن ٿي سگهيو آهي.

دنيا ۾ ٽن ٻولين کي قاتل ٻوليون سڏبو آهي، انهن ۾ فرانسيسي، هسپانوي ۽ انگريزي شامل آهن.  خاص طور تي دنيا جي سڄي آبادي انگلستان، جرمني، اٽلي ۽ فرانس جون بيٺڪتون  رهيون آهن. بيٺڪيت يا ڪالوني ان کي چئبو آهي جيئن ڪنهن به آزاد  ۽ خودمختيار ملڪ مٿان قبضو ڪري ان جي وسيلن کي هٿ ڪري ان مٿان گهڻ پاساوان الزام هڻي ان تي پنهنجي ثقافت مڙهي وڃي. جيئن انگريزن ڏکڻ آفريڪا سميت اتر آمريڪا، ڪيريين رياستن سميت ننڍي کنڊ تي قبضو ڪيو. ابتدائي دور ۾ انهن جي ٻولي پاليسي اِها هئي ته انگلستان مان جيڪو به گورو آفيسر ايندو هو، ان کي هتان جي مقامي ٻولي سکڻي لازمي قرار ڏنل هو پر پوءِ جڏهن هو آهستي آهستي پنهنجي قبضي هيٺ آيل بيٺڪيت کي سمجهي ويا، تڏهن پنهنجي ٻولي مڙهڻ شروع ڪيائون ۽ انهيءَ ذريعي تمام گهڻو اڻ ميو ناڻو ڪمايائون ۽ انهيءَ کان علاوه شاهوڪار ڪٽنبن جي ٻارن لاءِ انگريزي پڙهڻ جا اسڪول کوليائون. انهيءَ سان جيڪو نئون نسل جڙيو، انهيءَ جي سوچ جو جهڪاءُ انگريزن طرف هو، توڙي جو نسلي طرح اهي مقامي ماڻهو هئا.

ايڏي وڏي سازش ڪو رات پيٽ ۾ ممڪن ڪونه ٿي سگهي. انهيءَ خاص ڪم لاءِ ننڍي کنڊ  لاءِ لارڊ ميڪالي کي انگلستان مان تعليمي ماهر طور گهرايو ويو، جنهن جو جهڪاءُ اينگليڪن وڌيڪ هو بنسبت انهن انگريز آفيسرن جي، جيڪي مقامي ثقافت کي پڻ سٺو سمجهندا هئا. لارڊ ميڪالي جي پيش ڪيل تعليمي پاليسي يا ان طرفان پيش ڪيل منٽس ۾ اهو بيان ڪيو ويو ته ”جيئن ته هندستان هڪ گهڻ ٻوليائي علائقو آهي ۽ اتان جا ماڻهو گهڻا جذباتي آهن، تنهن ڪري مان توڙي جو سنسڪرت ۽ عربي ٻوليون پنهنجي مطالعي هيٺ آنديون آهن، جيڪي پنهنجي ڳر ۾ ادب سان ٽمٽار آهن، پر انهن کي ڪنهن به طرف سان عالمي سطح يا لک پڙهه لاءِ استعمال نٿو ڪري سگهجي. ٻيو ته هتان جي ماڻهن جهيڙاڪ ۽ هر وقت آزادي لاءِ وڙهندڙ ماڻهن جي فطرت تي قابو پائڻ لاءِ انهن جي ذهنن ۾ لهڻ ضروري آهي. اهو ان ڪري جو پنهنجي رنگ ۽ رت ۾ ماڻهو ڀل هندستاني ڇو نه هجي پر عادت ۽ خيال ۾ هو انگلستاني هجي، ان ڪري مان انگريزن  خلاف نفرت کي ختم  ڪري سگهجي ٿو.“

ميڪالي جي تعليمي پاليسي جو اهڙو اثر  ٿيو جو  ڏسندي ڏسندي هندوستاني وايولينٽ Violent قوم انگريزي طرف جهڪاءُ جي ڪري پنهنجي  سوچ ۽ عادت ۾ انگريزي ٿي ويئي. انهيءَ  سڀ ڪجهه دوران آزادي  جي هيروئن خاص طور جهانسي جي راڻي، ڀڳت سنگهه  ۽ منگل پانڊي جون آزادي لاءِ ڪيل بغاوتون تمام گهڻيون سحر انگيز آهن.

پاڪستان ٺهڻ کان اڳ سنڌي ٻولي کي تمام  گهڻي اهميت حاصل هئي پر اسان جي بدقسمتي چئجي يا ٻيو ڪجهه؟ جو هڙ هندو اديب هندستان لڏي وڃڻ سبب ۽ اتان پناهگيرن جا لشڪر سنڌ پهچڻ سان سنڌي ٻولي جيڪا اڳ ۾ ئي گهڻن خطرن هيٺ هئي، ان کي آبادي جي تبديلي سبب تمام گهڻو ڌڪ رسيو ۽ خاص طور تي شهري علائقن ۾ اردو ڳالهائيندڙ آباد ٿيڻ ڪري سنڌي ٻولي آهستي آهستي غائب ٿيڻ لڳي.

ٻولي جو بچاءُ خاص طور تي  رياستي ٻوليائي پاليسي سبب هوندو آهي. انهيءَ کان علاوه ٻولي جي واڌ ويجهه لاءِ جيڪي ادارا قائم ڪيل هوندا آهن، انهن طرفان خاص قسم جا پروگرام ۽ پراجيڪٽ شروع ڪري ٻولي کي وڌائي سگهجي ٿو.

جيستائين علائقائي ٻولين جو قومي ٻولي جي درجي ملڻ جو تعلق آهي، ان لاءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته جيڪڏهن ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏجي ٿو ته ان جي واڌ ويجهه  لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري سگهجي ٿو. ٻيو ته جيستائين ڪا به ٻولي مارڪيٽ ۽ معيشت جي ٻولي نٿي ٿئي، اها ٻولي وڌي ويجهي نٿي سگهي.

صرف شاعري جا ڪتاب ڇپي ۽ ٻه چار نثر  جا مضمون لکڻ سان ٻولي جو بچاءُ ڪونه ٿيندو آهي. جيستائين ٻولي کي هوڪن، نعرن، بازار ۾ ٻولي ڏيڻ ۽ ريلوي اسٽيشن، هوائي جهازن تي اعلانن  لاءِ استعمال نه ڪيو وڃي.

اسان سان بدقسمتي اها آهي جو  ڏاها، مها ڏاها ۽ مها اديب جهڙا پنج مڻا لقب هڪ ٻئي کي آڇي پنهنجي ذميواري کان آجا ٿي ويهي رهون ٿا. اڄڪلهه ٽيڪنيڀاس جو دور آهي ۽ اڄوڪي دور ۾ ٻولي جو زنده رهڻ يعني موبائل ۽ انٽرنيٽ ۾ ٻولي جو موجود هجڻ ضروري آهي پر انهيءَ طرف ڪنهن جو ڌيان ئي ڪونه ٿو وڃي. ڪاغذي لسانياتي مها ڏاها ٿيڻ صرف ۽ صرف نرگيست ۾ وٺجڻ ۽ سرڪار  طرفان ڪجهه مراعتون ملڻ کان وڌيڪ ڪجهه به نه  آهي.

سنڌي ٻولي جي بچاءَ لاءِ خانگي اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي جو پڙهائڻ پڻ لازمي آهي، پر انهيءَ کان به وڌيڪ جيڪا ڳالهه اهم آهي سا آهي سنڌي ميڊيا ۾ سنڌي ٻولي جو واهپو. اسان ڏٺو آهي ته روزانو سون جي تعداد ۾ سنڌي اخبارون ڇپجن ٿيون پر انهن ۾ بگاڙ ڏينهان ڏينهن وڌي رهيو آهي. سنڌي ٻولي ۾ جيڪي ڪيبل چينل آهن، انهن تي جيڪا جُٺ سنڌي ٻوليءَ سان ٿي رهي آهي، اُها نه ئي ٻولي اختياري کي نظر  ٿي اچي ۽ نه ئي لسانياتي ماهرن جي نظر جي گهٽي مان گذري ٿي.

انهن ٽي وي چينلن تي ڪو به پروگرام ڏسو، ان ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ اردو ڳالهائي وڃي ٿي پر ان طرف ڪوبه ڌيان ڪونه آهي.

جيڪڏهن ڪنهن به پروگرام ۾ پنج سئو ماڻهو ويٺا آهن، ان ۾ هڪ يا ٻه ماڻهو ٻي ٻولي ٿا ڳالهائين ته پروگرام جو ميزبان جهٽ ۾ پنهنجي ٻولي جي قرباني ڏيئي انهيءَ جي ٻولي ۾ لهي وڃي ٿو.

سنڌي ميڊيا جي حوالي سان اها ڳالهه پڻ نظر ۾ رکڻ گهرجي ته لاڙ،  سري، وچولي ۽ اتر جي لهجن جو اثر پڻ وڏو  اثرانداز ٿئي ٿو پر انهيءَ جو هرگز  اهو مطلب ڪونه آهي ته اوهين ٻولي قربان ڪري ڇڏيو. جيڪڏهن اوهان کي سڄو پروگرام غير سنڌي زبان ۾ ئي ڪرڻو آهي ته ان لاءِ الڳ چينل کولي ڇڏيو پر جيئن ته ٽي وي مالڪ خود انهيءَ ڳالهه ۾ سرها آهن ته ڀل ٻولي بگڙي ته بگڙي، پر کين اشتهار ملن، پوءِ جيئن هر سرمائيدار چاهي ٿو، ائين ئي سنڌي ٻولي سان ٿي رهيو آهي.

سرڪاري سطح تي پڻ جيڪڏهن ترجمي لاءِ ٽرانسليشن بيورو جوڙيا وڃن ته اهي ٻولي جي بچاءَ ۽ ڦهلاءَ لاءِ تمام وڏي وٿ ثابت ٿي سگهن ٿا. انهيءَ کان علاوه سنڌي ٻولي اڃا تائين ڪرنسي ٻولي ڪونه ٿي آهي، جيئن انگريزي يا اردو آهي. سنڌي چينلن تي معياري ڊرامن ۽ تفريحي پروگرامن جي کوٽ دراصل انهيءَ ڳالهه  ڏانهن اشارو ڪري ٿي ته جيستائين اوهان ڊرامي لکڻ واري کي سٺو اجورو  ڪونه ڏيندا، ڪردارن کي نڀائيندڙ اداڪارن ۽ ڪلاڪارن کي معاوضو ڪونه ڏيندا يا مناسب معاوضو ڪونه ڏيندا، تيستائين ”معيار“ هڪ سوال ئي رهندو. ٻولي پاليسي ۾ سنڌي ٻولي جي بچاءَ ۽ ڦهلاءُ لاءِ سڄي قوم ۽ حڪومتي ادارن کي اهم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

 

ڌرتي تي معصوم گلابن جو قتل!: محمد فاروق ٻرڙو: شڪارپور

ڪجھ ڏينھن بعد اڳ وري جڏھن خيالن جي سگھ نه رھي ته وري اھو قلم ڪنيو، لکڻ لاءِ ھزارين سوال اٿايا ته ڪنھن تي لکجي ڇاتي لکجي، ھزارين ٽاپڪ ھزارين سوال، ھزارين ڳالھيون اچي ھن خالي پني تي پنھنجا عڪس ته کڻي اچي بيٺيون آھن،سوچڻ تي مجبور ٿيس ته شايد ھاڻي ڪم لکڻ لاءِ گھڻو اڳتي وڌي ويو آھي وري به پاڻ کي حوصلا افضائي ڏئي جيڪب آباد واقعي تي لکڻ جي لاءِ مجبور ٿيس، جيڪب آباد ۾ وحشي دردن 4 سالن جي معصوم ٻار کي اغوا ڪرڻ بعد تشدد ڪري گھٽا ڏئي بي دردي سان قتل ڪري ڇڏيو، ان حوالي سان 10 نومبر تي اخبار ۾درناڪ خبر شايع ٿيل ھئي ته جيڪب آباد وحشي درن چئين سالن جي معصوم گلابن جھڙي ٻار جان زيب پٽ گلشير راھوجي کي صدر ٿاڻي جي حد شھبازپور پاڙي مان اغوا ڪري صدر ٿاڻي جي حد ڊسٽرڪٽ جيل ڀرسان ويران پيل ويگن اڏي تي تشدد ڪري گھٽا ڏئي قتل ڪرڻ بعد لاش ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا، رات جو دير سان صدر پوليس گشت ڪندي معصوم ٻارڙي جو لاش ڏسي سول اسپتال کڻائي آندو، جتي ڊاڪٽرن پاران پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد معصوم ٻارڙي کي تشدد ڪرڻ بعد گھٽا ڏئي قتل ڪرڻ جي تصديق ڪئي وئي ھئي، قتل ٿي ويل معصوم ٻار جان زيب جي پيءُ گلشير سميت سڄو خاندان معصوم پٽ جي قتل واري واقعي تي صدمي ۾ ورتل آھي، اھڙي واقعي کان ٻه ڏينھن اڳ به سول لائين ٿاڻي جي حد فيملي لائين ۾ نامعلوم وحشي درن عبدالصمد کوسي جي ساڍا چار سالن جي معصوم نياڻي امفروا کي اغوا ڪري تشدد بعد گھٽا ڏئي ڦٽو ڪري ۽ ڪنن مان سونيون واليون لاھي فرار ٿي ويا ھئا، 2 ڏينھن ۾ معصوم ٻارڙن جا ٻه واقعا ٿيڻ ۽ پوليس پاران ڪو به جوابدار گرفتار نه ٿيڻ پوليس جي نااھلي جو ثبوت آھي.

ھر ڏينھن اخبارن ۾ ڪنھن نه ڪنھن علائقي مان ھاءُ ڏاريندڙ انتھائي افسوس ناڪ خبرون پڙھڻ جي لاءِ ملن ٿيون جن وحشي درندا وحشيت جي انتھا ڪندي انسانيت جون سمورون ھڏيون اورانگي جي انسانيت جو قدم شرما جھڪائي ڇڏين ٿا، ڪڏھن ڪنھن معصوم نياڻي کي اغوا ڪري زيادتي جو نشانو بڻايو وڃي ٿو ته ڪڏھن ڪنھن کي زيادتي بعد بي دردي سان قتل ڪيو وڃي ٿو، ڪٿي وري معصوم ٻارڙن کي به اغوا ڪري ظلم جو نشانو بڻائي قتل ڪري لاش گم يا راھ ۾ ڦٽا ڪيا ويندا آھن، اھڙا واقعا اسان جي سماج ۾ ٿيڻ باشعور ماڻھن لاءِ ضرور ڳڻتي جو سبب بڻبا ھندا ته آخر ھي سماج ڪھڙي راھ تي اچي ويو آھي، ڇا اھو آھي اسان جو سماج، جنھن کي اسان مذھب سماج جي نالي سان سڏيون ٿا، مذھب سماج ۾ ته اھڙا درناڪ واقعا ڪڏھن به نه ٿا ٿي سگھن، اسان جي سماج ۾ اھڙا درندا موجود آھن، جيڪي معصوم گلابن جھڙن ٻارڙن جو قتل ڪن پيا، ڪو به سماج ان وقت تائين امن ڀريو سماج نه ٿو سگھي،جيسيتائين ان سماج انتظامي فرض ايمانداري سان نه نڀايا ويندا، اسان وٽ به وڏو علمعو اھو آھي جو جن کي عوام جي ٽيڪس مان لکن ۾ پگھارون، مراعتن ۽ ٻيون گھربل سھولتون فراھم ڪيون وڃن ٿيون پر افسوس آھي جو اھي قانون جا رکوالا عوام جا محافظ ماڻھن جي جان، مال، عزت آبرو جو تحفظ ڪرڻ جي لاءِ تيار ناھن، خاص طور ھن قسم جي واقعين تي ڪو به قدم کڻڻ لاءِ تيار ناھن ھوندا، جڏھن معاملو ميڊيا تي ھوندو آھي ته پوءِ پاڻ کي بجائڻ لاءِ ٿوري چرپر ڪندي ھڪ ٻه عيوض ۾ گرفتاريون ظاھر ڪري معاملي کي اڳتي ھلي رشوت عيوض لاءِ مٽي ڪري ڇڏين ٿا اڪثر ڪري متاثر ماڻھن جون ميڊيا تي اھي شڪايتون ھونديون آھن پوليس ڪنھن به واقعو جو پھريان ته ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناھي ھوندي پر جڏھن معاملو ٿورو ڳنڀير ھوندو آھي ته پوءِ مجبوري ۾ متاثر ڌر کي اھا صلاح ڏني ويندي آھي ڪورٽ جا چڪر ڪاٽڻ وڏو مسئلو آھي، ڪيس داخل ٿيڻ سان وڌيڪ دشمنيو ۽ مسئلا جم وٺندا، ان ڪري بھتر اھو آھي ته جوابدار ڌر سان راڄوڻي ٺاھ ڪري ڇڏيو، جيڪڏھن اھڙا محافظ ھوندا ته پوءِ ظاھر آھي ته معصومن جي قتل جا واقعا به ٿيندا رھندا، جيڪب آباد ۾ لڳاتار ٻه افسوس ناڪ واقعا پيش اچي چڪا آھن پر پوليس خاموش آھي جيڪڏھن پوليس ائين اگھور ننڊ ۾ ستل ھوندي ته پوءِ آخر عوام جي جان ۽ مال جو تحظ ڪير ڪندو؟

اسان سمجھون ٿا ته پوليس جيڪو ڪوتائين سبب ڏوھارين کي ڊر ڏيڻ جي نتيجي ۾ اھي اھڙا انسانيت کي لڏائيندڙ واقعا پيش اچن ٿا،ان ڪري حڪومت کي ٻنھي معصومن جي واقعين جو سختي سان نوٽيس وٺڻ گھرجي واقعي ۾ ملوث وحشين کي قانون جي گرفت ۾ آڻي کين سخت سزائون ڏنيون وڃن ته جيئن معصوم سان ٿيندڙ ظلم ۽ بربريت روڪي سگھي.

 

 

ڀارتي حڪومت سان گڏ فوجي سربراهه به پاڪستان فوبيا جو شڪار

ڀارتي اخبار انڊين ايڪسپريس موجب ته ڀارتي هوائي فوج جي سربراهه ايئر چيف مارشل اروپ راها چيو آهي ته پاڪستان، چين ۽ باغي گروپن هندستاني هوائي فوج لاءِ وڏو خطرو آهن. اروپ راها ننڍي کنڊ ۾ چين جي وڌندڙ اثر رسوخ کي ڀارت لاءِ وڏي سيڪيورٽِي للڪار قرار ڏنو آهي. نئين دهلي ۾ 12 هين سبروتو مڪرجي سيمينار کي خطاب ڪندي ڀارتي هوائي فوج جي سربراهه چيو ته ننڍي کنڊ ۾ چين جو وڌندڙ اثر رسوخ ڀارت جي پرڏيهي ۽ بچاءَ وارين پاليسين تي اثر وجهي رهيو آهي. هن چيو ته چين، پاڪستان سوڌو سڀني پاڙِسري ملڪن سان پنهنجي اقتصادي ۽ فوجي لاڳاپن کي هٿي ڏئي رهيو آهي، تبت جي خودمختيار علائقن ۾ چين طرفان تيزي سان ٿيندڙ انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ، ڊائوچنگ ياڊنگ ۾ دنيا جي سڀ کان وڏي هوائي اڏي جي اڏاوت، پاڪستان سان گوادر پورٽ جي تعمير ۽ اقتصادي لنگهه رٿا، سريلنڪا، نيپال، ڀوٽان ۽ ميانمر سان وڌندڙ فوجي لاڳاپا ڀارت لاءِ ڳڻتي جو ڪارڻ آهن. پاڪستان بابت ڳالهائيندي اروپ راها چيو ته پاڪ فوج پاران هٿياربند تنظيمن جي مدد ۽ هندستاني والار هيٺ آيل ڄمون ۽ ڪشمير جي اندروني معاملن ۾ پاڪستان جي مداخلت ٻنهي ملڪن ۾ ڇڪتاڻ جو ڪارڻ آهي. پاڪستان پنهنجي اندروني صورتحال خراب ٿيڻ کانپوءِ به چين ۽ آمريڪا سان متوازي لاڳاپا قائم رکيا آهن، جڏهن ته چين، آمريڪا ۽ اتر ڪوريا جو پاڪستان سان جوهري هٿيارن ۽ جنگي جهازن جي حوالي سان سهڪار به ڀارت لاءِ ڳڻتي جو سبب آهي. ڀارتي ايئرچيف چيو ته هندستان جي اندروني سلامتي لاءِ نڪسل باغي سڀ کان وڏو خطرو آهن ۽ جيڪڏهن نڪسل علحدگي پسندن کي سختي سان منهن نه ڏنو ويو ته اهو خطرو وڌيڪ سنگين شڪل اختيار ڪري ويندو.