تازيون خبرون

Daily Archives: November 5, 2015

ايندڙ نسلن ۾ دهشتگردي جو سرطان پکڙجڻ نه ڏنو ويندو: نواز شريف

اسلام آباد (بيورو) وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته دهشتگردي ۽ انتهاپسندي خلاف فيصلائتي جنگ جاري آهي، ايندڙ نسلن ۾ دهشتگرديجو سرطان پکڙجڻ نه ڏنو ويندو. اسلام آباد ۾ سيڙپڪاري ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزير اعظم نواز شريف چيو ته دهشتگردي ۽ انتهاپسندي پاڪستان جو سڀ کان وڏو مسئلو آهي، توانائي بحران جي حل لاءِ مثبت قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته ڪانفرنس جو مقصد سيڙپڪاري بابت ڄاڻ فراهم ڪرڻ آهي، جڏهن ته حڪومت گذريل اڍائي سالن دوران اهم مقصد حاصل ڪري ورتا آهن. سندس چوڻ هو ته حڪومت عوام جي سهڪار سان دهشتگردي ۽ انتها پسندي خلاف فيصلائتي جنگ جوٽي، جنهن ۾ گهڻيي ڀاڱي تائين ڪاميابيون ملي رهيون آهن. نواز شريف چيو ته آپريشن ضرب عضب آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جاري رکيو ويندو، امن جي بحالي لاءِ پاڪ فوج جون ڪارروايون ساراهه جوڳيون آهن. وزير اعظم توانائي بحران بابت ڳالهائيندي چيو ته حڪومت ملڪ مان توانائي بحران جي خاتمي لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي، جڏهن ته ايل اين جي تي هلندڙ 3 وڏا بجلي گهر ٺاهيا پيا وڃن، جن سان بجلي بحران گهٽجي ويندو. نواز شريف وڌيڪ چيو ته حڪومت عوام سان ڪيل واعده پاڙڻ لاءِ پرعزم آهي، الله جي فضل سان ڪيترائي ڏکيا فيصلا به ڪيا آهن، بجلي بحران تي جلد ضابطا اچي ويندو.

 

لاهور ۾ فيڪٽري جي ڇت ڪري پئي، 12 مزدور دٻجي فوت، 150 کان وڌيڪ زخمي

لاهور(بيورو) سندر انڊسٽريل اسٽيٽ ۾ فيڪٽري جي ڇت ڪرڻ سبب  12 مزدور دٻجي فوت.جڏهن ته 150 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا آهن، فيڪٽر جي ڪريل ملبي مان ٻاهر ڪڍڻ جي ڪوشش جاري،وڏي نقصان جو خدشو.لاهور جي اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي،ميڊيا رپورٽ مطابق فيڪٽري جي ملبي ۾ ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ وڏي مشينري نه هجڻ سبب  مٽي جي ڍير ۾ ڦاٿل ماڻهو زور سان رڙيون ڪري مدد لاءِ آواز ڏئي رهيا آهن.پلاسٽ جا ٿيلها ٺاهڻ واري فيڪٽري جي ٽئين منزل جي ڇت تي ڪم هلندڙ هو،جنهن دوران ڇت اوچتو ڪري پئي ۽ عمارت جون چارئي منزلون زمين تي پٽ ٿي ويون.ڊي سي لاهور پاران اسپتال ايمرجنسي لاڳو ڪري انتظاميا کي الرٽ رهڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.شريف ميڊيڪل ڪامپليڪس، جناح اسپتال ۽ جنرل اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي.

 

جنرل راحيل شريف جي سعودي فرمان روا شاهه سلمان بن عبدالعزيز سان ملاقات، دفاع ۽ سيڪيورٽي معاملن تي ڳالهيون

راولپنڊي (اين اين آءِ) پاڪستان ۽ سعودي عرب دهشتگردي جي خاتمي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو عزم ورجائيندي انتهاپنسدي خلاف ميڪانيزم کي نئين توانائي سان فعال ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي، سلمان بن عبدالعزيز واضح ڪيو تهپاڪستان جي بقا کي ڪنهن به قسم جو خطرو سعودي کي قبول نه هوندو، جڏهن ته آرمي چيف جنرل راحيل شريف حرمين شريفين ۽ سعودي جي سلامتي جو دفاع ۽ تحفظ جو عزم ورجايو آهي، آءِ ايس پي آر مطابق جنرل راحيل شريف سعودي عرب جي دوري دوران اربع تي سعودي باشاهه سلمان بن عبدالعزيز، سعودي ولي عهد ۽ بچاءَ واري وزير سان ملاقات ڪئي، جنرل راحيل شريف جي سعودي قيادت سان ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جا معاملا، ٻطرفي دفاعي ۽ سيڪيورٽي تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ويجهن لاڳاپن جي گڏيل عظيم تاريخ آهي ۽ ٻنهي ملڪ جي عوام ۾ ڀائپي جو هڪ خاص جذبو موجود آهي جيڪو جٽادار پارٽنرشپ ۾ تبديل ٿي رهيو آهي، اڳواڻن چيو ته علائقائي استحڪام ۾ ٻنهي ملڪن جو ڪردار اهم آهي ۽ مسلمانن جي حوالي سان ٻنهي ملڪن کي ڳري ذميواري لاڳو ٿئي ٿي. واضح رهي ته آرمي چيف اڱاري تي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي سعودي عرب پهتو هو.

 

 

زلزلي متاثرن لاءِ  صوبائي حڪومت کي ڏيڍ ارب رپيا جاري ڪري ڇڏيا آهن: پرويز رشيد

اسلام آباد(بيورو) وفاقي وزير پرويز رشيد چيو آهي ته زلزلي متاثرن لاءِ خيبر پختونخواهه جي صوبائي حڪومت 3ارب رپين جو مطالبو ڪيو هو، جنهن تي ڏيڍ ارب جاري ڪري ڇڏيا آهن.سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ”ن“ليگ ۽ پي ٽي آئي پن هنجا ويڇا وساري ڏکئي وقت ۾ هڪ ٿي وئي آهي،ميڊيا رپورٽ مطابق پرويز رشيد چيو آهي ته،فوج ۽ حڪومت امدادي ڪاررواين ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، شروعاتي انداز مطابق امدادي ڪم 4 کان 5 ڏينهن ۾ پورو ٿيڻو هو، پرويز رشيد وڌيڪ چيو ته پاڪ فوج ضرب عض آپريشن سبب زلزلي متاثر علائقن ۾ اڳ ۾ ئي موجود هئي .

 

چونڊن جي ٻئي مرحلي لاءِ هٿيار بند فوج جا نوجوان تيار رهندا، ريپڊ ريسپانس فورس پڻ موجود هوندي: نٿار احمد کهڙو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اطلاعات ۽ تعليم جي سينيئر صوبائي وزير نثار احمد کهڙو چيو آهي ته 19 نومبر تي صوبي جي 15 ضلعن ۾ ٿيندڙ مڪاني ادارن جي چونڊن جي موقعي تي هٿيار بند فوج کي تيار رهڻ لاءِ درخواست ڪئي ويندي، ان کانسواءِ ريپڊ ريسپانس فورس ۽ رينجرز جا اهلڪار به موجود هوندا ته جيئن اهي چونڊون مڪمل طور پر امن نموني ٿي سگھن. اها ڳالھ اڄ هن هتي وزير اعليٰ هائوس ۾ وڏي وزير سيد قائم علي شاھ جي صدارت هيٺ امن مان جو جائزو وٺڻ لاءِ ٿيل گڏجاڻي ۾ ڪيل فيصلن بابت صحافين کي بريفنگ ڏيندي چئي. هن چيو ته اهڙو فيصلو سياسي جماعتن پاران ٿيندڙ مطالبن کي آڏو رکي ڪيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي پوليس ايندڙ سومر ڏينهن چيف اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات ڪري کيس چونڊن جي موقعي تي هٿيار بند فوج جي نوجوانن جي تيار رهڻ جي درخواست ڪندا. صوبائي وزير چيو ته 15 ضلعن ۾ 2820 پولنگ اسٽيشنن کي تمام گھڻوحساس ۽ 5571 پولنگ اسٽيشنن کي حساس قرار ڏنو يو آهي هن چيو ته ريپڊ ريسپانس فورس پنجن کان ستن منٽن اندر ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي جي صورت ۾ ان هنڌ تي پهچي حالتن تي ڪنٽرول ڪندي. نثار احمد کهڙو چيو ته حڪومت ٽن ميمبرن تي ٻڌل هڪ ڪاميٽي جوڙي آهي جيڪا انهن 15 ضلعن ۾ سڪيورٽي جي ضرورتن بابت رپورٽ تيار ڪري حڪومت کي پيش ڪندي. هن چيو ته حڪومت هٿيار کڻي هلڻ ۽ ان جي نمائش تي مڪمل پابندي مڙهي آهي ۽ ان قانون تي سختي سان عمل ڪرايو ويندو. هن انهن عناصرن کي تنقيد جو نشانو بڻايو جيڪي هر وقت حڪومت خلاف مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ دير ڪرڻ جا الزام لڳائيندا هئا. هن چيو ته وقت ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته موجوده عوامي حڪومت مڪاني ادارن جون چونڊون ڪرائي اختيار هيٺئين سطح تي چونڊيل نمائندن جي حوالي ڪرڻ ۾ پوري طرح مخلص آهي. هن چيو ته موجوده حڪومت  مڪاني ادارن جي چونڊن دوران ووٽرس کي مڪمل طور تحفظ فراهم ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي ۽ ان ۾ ڪنهن قسم جي ڪوتاهي نه ڪئي ويندي. هن چيو ته چونڊن جو پهريون مرحلو خيرپور واقعي کان سواءِ پر امن هو ۽ خيرپور واري وقعي تي اسان سڀني کي سخت افسوس آهي

 

ايل او سي تي ڀارتي اڳرائي، 2010 کان 2015 تائين 87 پاڪستاني شهيد ٿيا: رپورٽ

اسلام آباد (اين اين آءِ) سينيٽ کي ٻڌايو ويو آهي ته پهرين جنوري 2010 کان 22 آڪٽوبر 2015 تائين ايل او سي ۽ ورڪنگ بائونڊري تي ڀارت پاران جنگبندي جي خلاف ورزي جي نتيجي ۾ 87 شهري شهيد 407 زخمي ٿيا، ڊرگريگيوليٽري اٿارٽي ۾ نومبر جي آخر تائين مقررين جو عمل مڪمل ڪيو ويندو بيروني ملڪ 61 پاڪستاني مشنز ۾ پاسپورٽ جاري ڪرڻ جي سهولت موجود آهي گوادر لاءِ سموري سيڙپ چين مان اچي رهي آهي جڏهن ته چيئرمين سينيٽ سينيٽر رضا رباني ميمبرن کي هدايت ڪئي ته اهي موڪل گهرڻ وقت مصروفيت جي وضاحت ڪن اربع تي سوالن جي وقفي دوران سينيٽر طلحه محمود جي سوال جي جواب ۾ پرڏيهي معاملن واري وزارت پاران جواب ڏيندي ان ٻڌايو ته بيروني ملڪ مشنز ۾ مشين ريڊ ايبل پاسپورٽ جاري ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن فنڊز جي کوٽ جي ڪري هن معاملي ۾ دير ٿي رهي آهي هن ٻڌايو ته گذريل پنجن سالن دوران 61 پاڪستاني مشنز مان بيروني ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي پاسپورٽس جاري ڪيو ويو انهن ۾ رياض مان سڀ کان وڌيڪ 6 لک 81 هزار 499 ابوظهبي مان 3 لک 52 هزار 193 پاسپورٽس جاري ڪيا ويا دوحه مان 93822 ڪويت مان هڪ لک 30068 مسقط مان هڪ لک 3257 پاسپورٽس جاري ڪيا ويا سينيٽر طلحه محمود جي هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته بيروني ملڪ پاڪستاني سفارتخانن ۽ مشنز ۾ ويزا ڪائونسلر جي نالي ڪوئي عهدو نه آهي ويزا جي معاملن کي اڪلائڻ لاءِ مختلف آفيسرن جي مقرري معمول مطابق ڪئي وڃي ٿي ڪنهن خاص آفيسر جي پوسٽنگ ناهي ڪئي ويئي وسيلن جي اڻهوند جي ڪري ويزا ڪائونسلر نالي جو عهدو موجود نه آهي ايندڙ بجيٽ ۾ ان اڻهوند کي پورو ڪيو ويندو مملڪتي وزير سائره افضل تارڙ ٻڌايو ته اٿارٽي تحت بين الاقوامي معيار جون ليبارٽيون ٺاهيون وينديون جڏهن ته ڪوالٽي ڪنٽرول جو سيڪشن به ٺاهيو ويندو هن ٻڌايو ته خالي آسامهون ڀرڻ لاءِ مقررين جو عمل جاري اهي جيڪو نومبر تائين مقرر ڪيو ويندو هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته نيشنل ٽي بي ڪنٽرول پروگرام لاءِ 128 ملين ڊالر گلوبل فنڊ جي ذريعي مليا آهن صوبائي ٽي بي ڪنٽرول سينٽرل ذريعي دوائون فراهم ڪيون وڃن ٿيون ۽ ٻن مهينن جو بيڪ اپ رکيو وڇي هن ٻڌايو ته 90 سيڪڙو پروگرام گلوبل فنڊ سان هلي رهيو آهي سينيٽر نزهت صادق جي سوال جي لکت واري جواب ۾ هن ٻڌايو ته حڪومت ملڪ جي مختلف حصن ۾ ماحوليات ۽ موسميات ۾ تبديلين جي ڪري بيماري جي وڌندڙ واقعن جو نوٽيس ورتو آهي ان سلسلي ۾ قدم کنيا پيا وڃن هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته سرڪاري اسپتالن ۾ صوبائي ۽ وفاقي حڪومت انجيڪشن لاءِ مناسب انگ ۾ سرنجهون فراهم ڪيون وڃن ٿيون استعمال ٿيل سرنجهن کي ضايع ڪيو وڇي ٿو ته جيئن ٻيهر استعمال نه ٿي سگهن پارليماني معاملن جي مملڪتي وزير شيخ آفتاب احمد ٻڌايو ته پاڪستان پوسٽ ملڪ ۾ شهري ۽ ٻهراڙي علائقن ۾ 12 هزار کان وڌيڪ پوسٽ آفيسن جو هڪ وسيع نظام قائم ڪيو آهي ان ۾ 83 جي پي اوز شامل آهن اداري پنهنجي بجيٽ مان ڪيترن ئي مالي خدمتن کي ڪمپيوٽرائزڊ ڪري ڇڏيو آهي بيروني ملڪ پوسٽ ۽ ايڪسپريس پوسٽ آرٽيڪلز لاءِ آن لائين سسٽم جي سهولت به مهيا آهي سمورين پوسٽ آفيسن کي ڪمپيوٽرائزڊ ڪرڻ لاءِ هيٺين سطح تائين هارڊ ويئر ۽ سافت ويئر کي جوڙڻ جي ضرورت آهي ان ڪم کي مرحليوار ڪيو پيو وڃي. سينيٽ جي اجلاس دوران مختلف سينيٽرز جي موڪل جي درخواستن جي منظوري ڏيندي چيئرمين سينيٽ ميان رضا رباني ميمبرن کي هدايت ڪئي ته اهي موڪل جي درخواست ۾ فقط ذاتي مصروفيت بدران مصروفيت جي وضاحت ڪن سوالن جي وقفي دوران سينيٽر جاويد عباسي جي سوال جي جواب ۾ مملڪتي وزير سائره افضل تارڙ ٻڌايو ته اسلام آباد ۾ نيشنل لا يونيورسٽي قائم ڪرڻ جي ڪائي تجويز غور هيٺ نه آهي هن ٻڌايو ته ان جو منصوبو 2006 ۾ جوڙيو ويو هو ۽ ان تي لاڳت جو ڪاٿو 415 ملين رپيا هو ان تحت 33 اسڪالرز کي بيروني ملڪ اماڻيو ويو هو جيڪي پنهنجي تعليم مڪمل ڪري واپس اچي ويا. چيئرمين چيو ته هي معاملو ڪڏهن به پارليامينٽ ۾ نه آيو آهي انهيءَ ڪري جنهن بيوروڪريٽ جواب ۾ هي لکيو ته پارليمينٽ ان جو چارٽر جاري ناهي ڪيو ان کان جواب ورتو وڇي ڇو ته هي پارليمان کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش آهي سائره افضل تارڙ هڪ ميمبر جي تجويز کي ان معاملي کي ڪميٽي کي اماڻڻ جي مخالفت نه ڪئي هن چيو ته بي شڪ هي معاملو ڪميٽي کي اماڻيو وڇي ته جيئن خبر پوي ته ان تي ڪارروائي ڇو ناهي ٿي سگهي ان تي چيئرمين معاملو سينيٽ جي ايجوڪيشن ڪميٽي کي اماڻيندي هڪ مهيني ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي. هڪ ٻئي سوال جي لکت واري جواب ۾ مواصلات وزارت پاران ٻڌايو ويو ته اين ايڇ اي فاٽا تائين پنهنجو ڪم وڌائي ڇڏيو آهي ۽ پشاور طورخم 8 ارب رپين جي رٿا مڪمل ڪئي ويئي آهي سينيٽ کي ٻڌايو ويو ته پهرين جنوري 2010 کان 22 آڪٽوبر 2015 تائين ايل او سي ۽ ورڪنگ بائونڊري تي ڀارت پاران جنگبندي جي خلاف ورزي جي نتيجي ۾ 87 شهري شهيد ۽ 407 زخمي ٿيا سينيٽر ثمينه عابد جي سوال جي لکت واري جواب ۾ ٻڌايو ويو ته آزاد ڪشمير حڪومت شهيد ۽ زخمين کي زر ازالو فراهم ڪري ٿي شهيدن جي ڪٽنبن ۾ هرهڪ کي 3 لک رپيا، مستقل اپاهج ٿيندڙ کي 2 لک رپيا ۽ ٻين زخمين کي هڪ لک رپيا اد اڪيا وڃن ٿا.

 

مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو: حساس هنڌن تي فوج مقرر ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد/ڪراچي (نمائندن وٽان) اليڪشن ڪميشن، سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي لاءِ حساس هنڌن تي فوج مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، چيف اليڪشن ڪمشنر چيو آهي ته جتي به حالتون خراب ٿيڻ جو امڪان هجي اتي فوج مقرر ڪئي وڃي، پهرئين مرحلي ۾ بي ضابطگيون ٿيون، ٻئي مرحلي ۾ ڪابه ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. اسلام آباد ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا جي صدارت هيٺ اليڪشن ڪميشن جو مڪاني چونڊن جي ٻي مرحلي ۾ فوج جي مقرري جي حوالي تجويزن تي ويچارڻ لاءِ اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر سردار رضا پهرين مرحلي ۾ ڪابه بي ضابطگين تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. سانگهڙ جيڊي آر او درخواست ڪندي تجويز ڏني ته درازا سانحي جا اثر سانگهڙ تي به پئجي سگهن ٿا، مڪاني چونڊن دوران سڄي ضلعي ۾ فوج مقرر ڪئي وڃي. چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته پهرين مرحلي ۾ بيلٽ پيپرز ۾ غلطين سبب پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو، ٻئي مرحلي ۾ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي. هن چيو ته ٻئي مرحلي ۾ حساس هنڌن تي فوج مقرر ڪئي ويندي، جڏهن ته بي ضابطگيون ڪنهن به ريت برداشت نه ڪيون وينديون. واضح رهي ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي لاءِ پولنگ19 نومبر تي ٿيندي. ٻئي طرف اليڪشن ڪميشن، سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊن جَي ٻئي مرحلي لاءِ بيلٽ پيپرز جي ڇپائي وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته ٻنهي صوبن لاءِ چار ڪروڙ کان وڌيڪ بيلٽ پيپرز ڇپرايا ويندا. اليڪشن ڪميشن جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊن جي ٻي مرحلي لاءِ بيلٽ پيپرز جي ڇپرائي وارو ڪم شروع ڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن موجب، ٻنهي صوبن لاءِ ٻي مرحلي لاءِ چار ڪروڙ کان وڌيڪ بيلٽ پيپرز ڇپرايا ويندا، جڏهن ته بيلٽ پيپرز جي ڇپرائي وارو عمل شروع ٿي ويو آهي.  اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته پنجاب لاءِ اڍائي ڪروڙ ۽ سنڌ لاءِ لڳ ڀڳ 2 ڪروڙ بيلٽ پيپرز ڇپرايا پيا وڃن. واضح رهي ته سنڌ ۽ پنجاب مڪاني چونڊن جي ٻي مرحلي لاءِ پولنگ 19 نومبر تي ٿيندي، جنهن جا انتظام مڪمل ڪيا پيا وڃن. هوڏانهن سنڌ ۾ مڪاني ادارن جي 19 نومبر تي ٿيندڙ ٻئي مرحلي ۾ حيدرآباد، ميرپورخاص ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزنز جي 15 ضلعن جي 486 ڪائونسلز تي چونڊ ٿيندي، جن لاءِ 15 هزار 208 اميدوار ميدان ۾ لٿل آهن، جڏهن ته11 سئو 34 اميدوار اڳ ئي بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪا آهن. حيدرآباد ڊويزن جي 495 ڪائونسلز ۾ 440 چيئرمين، 440 وائيس چيئرمين، 176 جنرل ڪائونسلرز، 334 ضلعي ڪائونسل ميمبرز، 269 ٽائون ڪميٽين جي ميمبرز ۽ 208 ميونسپل ڪميٽي جي ميمبرز جي سڌيءَ ريت چونڊ ٿيندي. حيدرآباد ڊويزن ۾ اڻ سڌيءَ ريت 880 عورت، 440 پورهيت، 440 نوجوان ۽ 440 اقليتي ميمبرز جي چونڊ ڪئي ويندي، جڏهن ته 495 ڪائونسلز ۾ 3 هزار 461 ميمبرز جي سڌيءَ ريت ۽ 22 سئو ميمبرز جي اڻ سڌي ريت چونڊ ٿيندي. شهيد بينظير آباد ڊويزن جي ٽن ضلعن جي 216 ڪائونسلز ۾ 15 سئو 72 ميمبرن جي سڌيءَ ريت ۽ 960  ميمبرز جي اڻ سڌي ريت چونڊ ٿيندي. ميرپورخاص ڊويزن جي 175 ڪائونسلز ۾ 12 سئو 82 ميمبرز جي سڌيءَ ريت ۽ 875 ميمبرن جي اڻ سڌيءَ ريت چونڊ ٿيندي. مڪاني چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ 15 ضلعن ۾ 78 لک 91 هزار 110 ووٽرز پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪري سگهندا، جن ۾ 42 لک 61 هزار 254 مرد ۽ 36 لک، 29 هزار، 851 عورت ووٽرز شامل آهن.اليڪشن ڪميشن طرفان ڄاڻايل ضلعن ۾ 7 هزار 192 پولنگ اسٽيشنز ۽ 20 هزار 832 پولنگ بوٿ قائم ڪيا ويندا، جتي 67 هزار 498 پولنگ عملو مقرر ڪيو ويندو.

 

عمران خان ميڊيا سان ڏند چڪ بدران ڪجهه ڏينهن لاءِ پرڏيهه هليو وڃي: خورشيد شاهه

اسلام آباد(بيورو) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه عمران خان کي صلاح ڏيندي چيو ته ميڊيا سان الجهڻ بدران ڪجهه ڏينهن لاءِ پرڏيهه هليو وڃي.ذريعن مطابق مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته عمران خان ۽ ريحام خان جي ڌار ڌار زندگين لاءِ دعا ٿا ڪيون، سياستدان عوام جي ملڪيت هوندو آهي، انهن جو ڪو به عمل ذاتي ناهي هوندو ۽ سياستدان جو نجي معاملو به نجي ناهي هوندو،سندس چوڻ هو ته منهنجي عمران خان کي صلاح آهي ته  ميڊيا سان الجهڻ بدران پرڏيهه هليو وڃي. ٻئي پاسي مڪاني چونڊن جي حوالي سان خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي جي نتيجن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته تحريڪ انصاف جي مات ٿيڻ شروع ٿي چڪي آهي، جڏهن ته مسلم ليگ ن جي مشهوري به گهٽ ٿي آهي. مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي جا نتيجا باقي ٻن مرحلن تي اثرانداز ٿيندا. هن چيو ته پارٽي جي اڳواڻن جي گڏجاڻي ۾ هن بلاول ڀٽو زرداري کي صلاح ڏني هئي ته هو ننڍين چونڊن جي ذريعي هاڻوڪي پارليامينٽ ۾ اچي ۽ پنهنجو ڪردار نڀائي پر هن هاڻوڪي پارليامينٽ جو حصو  نه بڻجڻ جو فيصلو ڪيو آهي. خورشيد شاهه چيو ته ملڪ ۾ گورننس جا مسئلا سڀني ادارن ۾ آهن، فوج هجي يا سول ادارا، بهتري جي ضرورت هر هنڌ آهي، نيب کي پنهنجي قانون تي عمل ڪرڻو پوندو پر هو پهرين جاچ ڪري پوءِ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي گرفتار به ڪري.

 

ايان علي کي پوڙهي مداح ٻيهر هار پارايو، تصوير به ٺهرائي، ايان کي ڌي ڀيڻ نه پر دوست سمجهان ٿو: پوڙهو مداح

راولپنڊي (اين اين آءِ) ڪرنسي اسملنگ ڪيس ۾ ايان علي کي جهوني مداح هڪ دفعو ٻيهر هار پارايو تصوير به ٺهرائي اربع تي ڪرنسي اسملگ ڪيس ۾ ايان علي کي هڪ پوڙهي مداح هڪ دفعو ٻيهر هار پارايو ۽ تصويرون ٺهرائيو ان موقعي هن پوڙهي مداح ٻڌايو ته منهنجي دل چوي ٿي ته ايان علي بي ڏوهه بي قصور آهي هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مان ايان کي ڀيڻ ڌي نه پر دوست سمجهان ٿو اوهان ايان علي سان جيڪو به رشتو سمجهو پر منهنجي دعا ايان علي سان گڏ آهي.

 

ٽريفڪ پوليس جي 88 سيڪڙو اهلڪارن وٽ به ڊرائيورنگ لائسنس نه هئڻ جو انڪشاف

ڪراچي (اين اين آءِ) ڪراچي ۾ ڊرائيونگ لائسنس نه هئڻ تي شهرين کي گرفتار ڪرڻ جي خوف ۾ مبتلا ڪندڙ ٽريفڪ پوليس جي 88 سيڪڙو اهلڪارن وٽ ڊرائيورنگ لائسنس نه آهن ۽ جن 12 سيڪڙو آفيسرن وٽ ڊرائيونگ لائسنس آهن اهي به سرڪاري گاڏي جاري ڪرڻ لاءِ مجبورن ٺهرايا ويا آهن ڪراچي جي ريد زون ۾ ڪيل هڪ سروي دوران ٽريفڪ پوليس جي 40 اهلڪارن جا انٽرويوز ڪيا ويا جن مان صرف 5 ٽريفڪ پوليس آفيسرن وٽ ڊرائيورنگ لائسنس نڪتا جڏهن ته ٻيا اهلڪار ڊرائيورنگ لائسنس نه رکڻ جا دلچسپ بهانا ڪندا رهيا هڪ پوليس آفيسر چيو ته مون وٽ لائسنس آهي پر جڏهن ان کي ڏيکارڻ لاءِ چيو ويو ته لائسنس نه ڏيکاري سگهيو هڪ بئي پوليس اهلڪار چيو ته ان وٽ 1988 کان ڊرائيورنگ لائسنس ٺهيل آهي پر جڏهن ان کي لائسنس ڏيکارڻ لاءِ چيو ويو ته پرس چيڪ ڪندو رهيو. پر لائسنس نه ڏيکاري سگهيو لائسنس ڏيکلارڻ جي نالي تي هڪ پوليس آفيسر جو پرس ڏيکاريندي هٿ ڏڪي رهيا هئا ڪيترائي پوليس اهلڪار سڄو ڏينهن موٽر سائيڪل تي گهمبندي نظر اچن ٿا پر جڏهن انهن کان لائسنس بابت پڇا ڪئي ويئي ته 60 سيڪڙو اهلڪارن چيو ته انهن وٽ موٽر سائيڪل ئي نه آهي.