تازيون خبرون

Daily Archives: October 20, 2015

فلمن ۾ واپس اچڻ جو ارادو ناهي، ٻارڙا پهرين ترجيح آهن: ڪرشما ڪپور

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره ڪرشما ڪپور جو چوڻ آهي ته سندس ٻارڙا پهرين ترجيح آهن جڏهن ته فلمن ۾ واپس اچڻ جو ڪو به ارادو ناهي. سندس چو ڻ آهي ته هن فلم نگري ۾ واپس اچڻ جو اڃا تائين ڪو به ارادو نه ڪيو آهي سندس ٻارڙا اڃا ننڍا آهن ۽ اهي سندس پهرين ترجيح ۾ شامل آهن. جڏهن بهتر لڳندو ته فلمن ۾ ضرور واپس اچي ڪم ڪنديس. ڪرشما ڪپور چيو ته هن فلم انڊسٽري ۾ تبديل ٿيندڙ رجحان کي ڀرسان سان ڏٺو آهي کيس انهن فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جا به ڪيترائي موقعا مليا آهن جيڪي بلڪل عورتن تي ٻڌل ڪردار هوندا آهن. جهڙو اڄ ڪلهه اداڪارائون ڪري رهيون آهن.

 

منهنجي سڀ کان خراب فلم چڪ دي انڊيا هئي: شاهه رخ

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ مطابق ان جي هن وقت تائين سڀ کان خراب فلم چڪ دي انڊيا هئي. شاهه رخ خان اهڙو انڪشاف ايدن برگ يونيورسٽي ۾ هڪ تقرير ۾ ڪيو. هن جو چوڻ هو ته هن فلم جي پويان ڪافي وڏا وڏا نالا هئي ۽ نين ڇوڪرين سان گڏ فلم ٺاهڻ جو خيال عجيب هيو جڏهن ته فلم جي پهرئين اسڪرين دوران کيس پروڊيوسر ۽ هدايتڪار کي اندازو ٿيو ته جيئن هي فلم فلاپ ثابت ٿيندي شاهه رخ مطابق سمورين ڇوڪرين فلم جي اسڪرين دوران خوشي وچان ڪافي شور ڪيو جنهن جو سبب انهن جوفلم ۾ پاڻ کي اسڪرين تي پهريون ڀيرو ڏسڻ هيو. شاهه رخ جو وڌيڪ چوڻ هو ته فلم فلاپ ٿيڻ جي خوف سبب انڊيا مان روانو ٿي ويس ۽ پنهنجو فون به بند ڪري ڇڏيو هو.

 

پاڪستاني اسپنر بلال آصف جو بالنگ ايڪشن ڪامياب، انگلينڊ خلاف ٻي ٽيسٽ لاءِ دبئي روانو

دبئي (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني اسپنر بلال آصف جو ڀارتي شهر چنائي ۾ بالن ايڪشن ڪامياب ٿي ويو، جنهن کانپوءِ انگلينڊ خلاف ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ اڪيشن ۾ نظر ايندو بورڊ پاران تصديق،پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ مطابق بلال آصف کي 17 هين رانديگر جي حيثيت ۾ شامل ڪيو ويو آهي ۽ هو دبئي ۾ ٽيم کي جوائن ڪندو.بلال آصف جي  گڏيل عرب امارت جي ويزا به اڄ شام تائين جاري ڪئي ويندي،بلال آصف چنائي کان پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سان لاڳيتو رابطي ۾ آهي جٿان هو سڌو دبئي ٽيسٽ ٽيم کي جوائن ڪندو.

 

ڌوني ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ دنيا جو 18هون بيٽسمين بڻجي ويو

راجڪوٽ(اسپورٽس نيوز) ڀارتي ٽيم جو ڪپتان ۽ نالي وارو وڪيٽ ڪيپر ۽ بيٽسمين مهندرا سنگهه ڌوني ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ شيو نارائڻ چندرپال جو سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهڻ جو رڪارڊ ٽوڙيندي ون ڊي ميچ ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ دنيا جو 18هون بيٽسمين بڻجي ويو آهي. هن اهو اعزاز پروٽيز خلاف سيريز جي ٽئين ون ڊي ۾ حاصل ڪيو. ميچ کان اڳ اهو اعزاز حاصل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ 36 رنسون گهربل هيون. واضح رهي ته ون ڊي ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ وڌيڪ رنسون ٺاهڻ جو عالمي رڪارڊ سچن ٽنڊولڪر وٽ آهي، هن 18426 رنسون ٺاهيون آهن.