تازيون خبرون

Daily Archives: October 12, 2015

فلم ”جذبا“ جو رليز جي پهرين ڏينهن 4.23 ڪروڙ رپين جو بزنس

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ فلم ”جذبا“ رليز جي پهرين ڏينهن 4.23 ڪروڙ رپيا ڪمائي ورتا. ڀارتي سڌ سماءَ وارن ذريعن موجب فلم جذبا جمعي تي رليز ٿي. واپاري تجزيو ڪندڙ نارٿ آدريش سماجي رابطن اوري ويب سائيٽ تي ٽوئٽ ڪيو ته فلم رليز جي پهرين ڏينهن 4.23 ڪروڙ رپين جو بزنس ڪيو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته فلم ايندڙ ڏينهن ۾ وڌيڪ سٺو بزنس ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندي. هدايتڪار سنجي گپتا جي ڄاڻايل فلم ۾ ايشوريا راءِ ۽ عرفان خان مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.

 

نئين فلم روايتي رومانوي فلم نه هوندي: گوري شندي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ هدايتڪاره گوري شندي چيو آهي ته سندس نئين فلم جنهن ۾ شاهه رخ خان ۽ عاليا ڀٽ مرڪزي ڪردار ادا ڪندا. روايتي رومانوي فلم نه هوندي. ڀارتي سڌ سماءَ وارن ذريعن موجب 41 سالن جي گوريشندي فلم ”انگلش ونگلش“ ذريعي هدايتڪار جي شعبي ۾ قدم رکيو ۽ اهو سندس ٻيو پراجيڪٽ آهي جنهن کي ڪرن جوهر پروڊيوس ڪندو. ان جو نالو اڃان ناهي رکيو ويو. گوري شندي ان فلم ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪندڙ اداڪارن جي ڪردار کي راز ۾ رکڻ چاهي ٿي پر هن چيو ته اها فلم روايتي رومانوي نه هوندي. هن چيو ته هو خوش قسمت آهي جو شاهه رخ خان ۽ نوجوان اداڪاره عاليا ڀٽ کي ڪاسٽ ڪرڻ جو موقعو مليو آهي.

 

ڏکڻ آفريڪا ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم کي پهرين ون ڊي ميچ ۾ شڪست ڏئي ڇڏي

ڪانپور (اسپورٽس نيوز) ڏکڻ آفريڪا جي ٽيم ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم کي پهرين ون ڊي ميچ ۾ سنسني خيز مقابلي بعد شڪست ڏئي ڇڏي. روهت شرما جون 150 رنسون به ڀارت کي شڪست کان نه بچائي سگهيون. ڏکڻ آفريڪا جي ڪرڪيٽ ٽيم ڪپتان اي بي ڊي ويليئرز جي شاندار بيٽنگ عيوض ڀارتي ٽيم کي 5 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ 0-1 تان برتري حاصل ڪري ورتي . ڀارتي ٽيم ڏکڻ آفريڪا جي 304 رنسن جي ڏنل هدف پٺيان لڳندي 50 اوورن ۾ 298 رنسن تي هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا. ڪانپور جي سرزمين تي آچر ڏينهن کيڏيل پهرين ون ڊي ميچ ۾ پروٽيز جي ڪپتان ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو جيڪو درست ثابت ٿيو . ڊي وليئرز جارحاڻي بيٽنگ ڪندي 73 بالن تي 6 ڇڪن ۽ 5 ڇوڪن جي مدد سان 104 رنسن جي شاندار اننگ کيڏي. سڄي ٽيم مقرر 50 اوورز ۾ 303 رنسون ٺاهيون. فاف ڊوپليسي 62، هاشم آمله 37 رنسن سان نمايا رهيو. ڀارت طرفان اميت مشرا ۽ اميش ياديو 2 – 2 وڪيٽون ورتيون. جواب ۾ ڀارتي ٽيم به شاندار راند جو مظاهرو ڪيو ۽ روهت شرما 133 بالن تي 150 رنسن جي اننگ کيڏي پر سندس ايڏي وڏي اننگ به سندس ٽيم کي شڪست کان نه بچائي سگهي.ڀارت طرفان راهني 60، ڪپتان ڌوني 31 ۽ ڌون 29 رنسن جي اننگ کيڏي. ڏکڻ آفريڪا طرفان ڪگيسو ۽ عمران طاهر 2-2 وڪيٽون ورتيون اي بي ڊي وليئرز کي ميچ جو هيرو قرار ڏنو ويو

 

پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾پهرين ڪرڪيٽ ٽيسٽ (سڀاڻي) شروع ٿيندي

ابوظهبي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ٽيسٽ (سڀاڻي) اڱاري کان شيخ زيد اسٽيڊيم ابوظهبي ۾ پاڪستاني وقت موجب ڏينهن جو يارهينوڳي شروع ٿيندي. پاڪستاني ٽيم مصباح الحق جي اڳواڻي ۾ ميدان م لهندي. جڏهن ته انگلش ٽيم جي ڪپتاني جا فرض ايلسٽر ڪڪ انجام ڏيندو. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 1954ع کان 2012ع تائين کيڏيل 74 ٽيسٽ ميچن مان انگلينڊ 22 ۽ پاڪستان 16 ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي جڏهن ته 36 ٽيسٽ نتيجي جوڳيون نه رهيون. پاڪستاني ٽيم 2012ع ۾ انگلش ٽيم کي سيريز ۾ ڪلين سويپ ڪيو هو ۽ ٻنهي ٽيمن ٽن سالن کان پوءِ ٻيهر متحده عرب امارات جي زمين تي آمهون سامهون ٿينديون.