تازيون خبرون

Daily Archives: October 8, 2015

اداڪاره ڪنگنا رناوت ”رنگون“ لاءِ گهوڙي سوار سکڻ شروع ڪري ڇڏي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره ڪنگنا رناوت گهوڙي سواري سکڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا رپورٽ موجب ڪنگنا رناوت فلمساز وشال بردواج جي نئين فلم ”رنگون“ ۾ پنهنجي ڪردار ۾ حقيقي رنگ ڀرڻ لاءِ سخت محنت شروع ڪري ڇڏي آهي. اداڪاره گهوڙي سواري جي تربيت پڻ حاصل ڪري رهي آهي جنهن لاءِ هو صبح سوير ئي جاڳي ويندي آهي. واضح رهي ته فلم ”ڪٽي بٽي“ ۾ اداڪاره ڪنگنا رناوت ۽ عمران خان مرڪزي ڪردار ادا ڪيو هو. پر باڪس آفيس تي فلم بزنس ڪرڻ ۾ ناڪام رهي.

 

رنبير ڪپور جي سامهون اداڪاري ڪرڻ مشڪل ٿي ويندو آهي: ڪترينا ڪيف

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره ڪترينا ڪيف چيو آهي ته رنبير ڪپور جي سامهون اداڪاري ڪرڻ آسان ناهي. هڪ پريس بريفنگ ۾ رنبير سان گڏ ڪم ڪرڻ بابت سوال تي ڪترينا چيو ته ڪو به شخص جيڪو توهان جي ويجهو هجي ان جي سامهون اداڪاري ڪرڻ مشڪل اهي. هن جو چوڻ هو ته منهنجو خيال آهي ته ذاتي طور تي لا تعلق اداڪارن جي سامهون اداڪاري ڪرڻ آسان آهي. اداڪاره چيو ته جيڪڏهن توهان کي سٺي طرح سان سڃانيندو هجي ته ان سامهون اداڪاري ڪرڻ ٿورو عجب محسوس ٿيندو آهي. هدايتڪار انوراگ باسو سان ڪم ڪرڻ جي تجربي بابت ڪترينا ڪيف چيو ته هو خوش قسمت آهي ته کيس انوراگ سان ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو.

 

ٽنڊولڪر-وارن نمائشي ٽي-20 ڪرڪيٽ سيريز ايندڙ مهيني امريڪا ۾ کيڏي ويندي

نيو يارڪ(اسپورٽس نيوز) ليجنڊ ڪرڪيٽرز سچن ٽنڊولڪر ۽ شين وارن وچ ۾ نمائشي ٽي-20 ڪرڪيٽ سيريز ايندڙ مهيني امريڪا ۾ کيڏي ويندي. ڪرڪيٽ آل اسٽارز سيريز 2015ع جي نالي سان کيڏجندڙ سيريز ۾ ٽيسٽ کيڏندڙ ملڪن مان وسيم اڪرم ۽ برائن لارا سميت ڪيترائي ريٽائر ڪرڪيٽرزبه ايڪشن ۾ نظر ايندا. سچن ٽنڊولڪر پنهنجي ٽيم بلاسٽر ۽ شين وارن واريئرز جي قيادت ڪندا. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ نمائشي ٽي-20 سيريز جي پهرين ميچ 7 نومبر تي نيو يارڪ، ٻئين ميچ 11 نومبر تي هوسٽن جڏهن ته ٽئين ۽ آخري ميچ 14 نومبر تي لاس اينجلس ۾ کيڏي ويندي. سيريز ۾ حصو وٺندڙ رانديگرن ۾ وسيم اڪرم،شعيب اختر، ثقلين مشتاق، معين خان، سنگا ڪارا، مرلي ڌرن، جي ورڌني، لارا، ڪورٽني واش، ڪرٽلي ايمبروز، گريم سوان، مائيڪل وان، ڇيڪ ڪيلس، شان پولاڪ، لارنس ڪلوزنر، جونٽي رهوڊز، ايلن ڊونلڊ، وار، پونٽنگ، ميٿيو هيڊن، ميگراٿ، بريڊ هيڊن، ٽنڊولڪر، گنگولي، لڪشمن ۽ اجيت اگارڪر شامل آهن.

 

عورتن کي قومي هينڊ بال ٽيم سيف گيمز ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندو: ڪوچ نصير احمد

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) قومي وومين هينڊ بال ٽيم جي ڪوچ نصير احمد چيو آهي ته قومي هينڊ بال ٽيم سيف گيمز ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي قومي ٽيم پهريون ڀيرو سيف گيمز ۾ شرڪت ڪري رهي آهي. سيف گيمز 10 کان 20 جنوري تائين ڀارت ۾ کيڏي ويندي. اي پي پي سان ڳالهائليندي هن چيو ته قومي ٽيم جي عورت رانديگرياڻين جي سکيا ڪيمپ پاڪستان اسپورٽس ڪمپليڪس اسلام آباد ۾ جاري آهي جنهن ۾ 15 رانديگرياڻيون شرڪت ڪري رهيون آهن. قومي ٽيم سيف گيمز ۾ پهريون ڀيرو شرڪت ڪري رهي آهي. ڀارت ۽ بنگلاديش مضبوط ٽيمون ثابت ٿي سگهن ٿيون.