تازيون خبرون

Daily Archives: October 6, 2015

فلم ”پريم رتن ڌن پايو” سلمان خان جي هيل تائين جي سڀ کان بهترين فلم آهي: انوپم کير

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ليجنڊ اداڪار انوپم کير چيو آهي ته فلم ”پريم رتن ڌن پايو” سلمان خان جي هيل تائين جي سڀ کان بهترين فلم آهي. انوپم کير پنهنجي تازي ڳالهه ٻولهه ۾ چيو ته هن فلم ”پريم رتن ڌن پايو” جي خاص اسڪريننگ جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. سندس خيال ۾ اها فلم سلمان خان جي هيل تائين جي ڪيريئر جي بهترين فلم آهي. هو هدايتڪار سورج برجتيا جي ان ڪاوش جي واکاڻ ڪري ٿو. ان کان سورج برجتيا هٽ فلمن ”هم آپ ڪي هين ڪون”، ”هم ساٿ ساٿ هين” ۽ ٻين جي هدايتڪاري ڏئي چڪو آهي. فلم جي ٻي ڪاسٽ ۾ نيل نتن سوراها سڪر ۽ ارمان ڪوهلي به شآمل آهن، فلم 12 نومبر تي سينيمائن ۾ رليز ٿيندي.

 

فلم اينڊ ٽيليويزن انسٽيٽيوٽ آف انڊيا جي چيئرمين جي عهدي لاءِ قابليت معيار هئڻ گهرجي: شبانه اعظمي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ليجنڊ اداڪاره شبانه اعظمي چيو آهي ته فلم اينڊ ٽيليويزن انسٽيٽيوٽ آف انڊيا جي چيئرمين جي عهدي لاءِ قابليت معيار هجڻ گهرجي. پنهنجي هڪ تازي انٽرويو ۾ اداڪاره گجدر چوهان جي ايف ٽي آءِ آءِ جي چيئرمين جي تڪراري مقرري جي حوالي سان چيو ته ڀارتيه جنتا پارٽي مخصوص عهدن تي پنهنجا ماڻهو مقرر ڪرڻ چاهي ٿي. هن چيو ته ايئن نه ٿيڻ گهرجي، ۽ ثقافتي ادارن ۾ مقرري جو معيار قابليت هئڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته شهرين جي فراخدليءَ ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي جيڪا ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي.

 

ششيڪا لاسري ورڌني نيوزيلينڊ جي دوري ۾ سريلنڪن وومين جي اڳواڻي ڪندي

ڪولمبو (اسپورٽس نيوز) ششيڪا لاسري وڌني هلندڙ سال شيڊول نيوزيلينڊ جي دوري تي سريلنڪن وومين ٽيم جي اڳواڻي ڪندي. سريلنڪن وومين ٽيم دوري دوران ميزبان ٽيم خلاف پنج ون ڊي ۽ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کيڏندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي شروعات 3 نومبر تي پهرين ون ڊي ميچ سان ٿيندي. اعلان ڪيل سريلنڪن ٽيم جي ڪپتان ششيڪا لاسري ورڌني هوندي. جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ چماري، اتاپتو پراساديني، ديلاني، اسهاني، اينوڪا، ايما، سوگنديڪا، مادوري، نيپوني، اوديشيڪا، اسهادي، اسانٿي، سريپالي، حسيني پريرا، روز پريرا، انوشڪا، نيلاڪشي، ڪوشانٿي ۽ چماري تي ٻڌل آهي.

 

پاڪستان جي ڪاميابي يقيني هئي اگر زمبابوين رانديگرن گرائونڊ نه ڇڏين ها ته: رميز راجا

هراري (اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي اڳوڻي ڪپتان رميز راجا چيو آهي ته زمبابوي خلاف فيصلي جوڳي ون ڊي ميچ ۾ بيٽسمينن کي ذميواري جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. ٻي ون ڊي ۾ زمبابوين رانديگر ڪپتان تي دٻاءُ وڌو ۽ گهٽ روشني جو بهانو بڻائي ميدان ڇڏي ويا. پنهنجي هڪ بيان ۾ رميز راجا چيو ته زمبابوي خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ پهريان وانگر پاڪستان جي بيٽنگ فلاپ رهي جيڪا افسوس جوڳي ڳالهه آهي. هن چيو ته سٺي ٽيمن خلاف اهڙي طرح جي بيٽنگ سان کٽڻ آسان نه هوندو آهي. هن چيو ته پاڪستاني بيٽسمينن کي ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي ۽ غلطين مان سبق سکڻ گهرجي.

 

تو بن جاني! هيءُ جهان…جت نانيءَ-ويڙهو ات پيار نه، پر جهيڙو: ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ

جتي اتحاد ۽ اتفاق ڪونهي، اتي سماج ۾ فقط سکڻا نالا ۽ نعرا ئي هوندا. ٻڌيءَ ۽ ٻانهن ٻيليءَ ٿيڻ سان دک درد ونڊجي وڃن ٿا ۽ سک سوايا ٿي پون ٿا. پر اها ٻڌي ڪهڙي ۽ ٻانهن ٻيلائپ ڪهڙي؟ لطيف سائين به صلاح ڏني آهي ته سورن واريون گڏ ٿين ۽ سور پچار ڪن ته ان سان دکندا دور ٿيندا. ان ڪري تنظيم سازي ڪرڻ، جماعتون جوڙڻ ۽ ائسوسيئيشنس قائم ڪرڻ مان ”ٻه ته ٻارنهن“ مصداق طاقت ملي ويندي. سنڌ ۾ ماشاءَ الله زندگيءَ جي هر شعبي ۾ هزارين تنظيمون سرگرم عمل آهن؛

سياسي تنظيمون، سماجي تنظيمون، ادبي تنظيمون ته ايتريون آهن، جيئن آسمان ۾ تارا، روز بروز انهن ۾ اضافو ٿيندو رهي ٿو.

هاڻي سوچڻو انهيءَ ڳالهه تي آهي روز بروز جماعتن ۾ واڌارو ۽ تنظيم سازيءَ جو اهو  عمل ترقي ۽ واڌاري جو سبب به آهي  يا نه؟ ان کي ڪهڙو نالو ڏجي؟ يا ائين سمجهجي ته اڳين جماعتن ٻوٽو نه ٻاريو، جنهن لاءِ ضروري ٿي پيو ته ڪا نئين جوت جلائجي؟

سچ اهو آهي ته جڏهن تنظيمون ۽ جماعتون ذاتي، خانداني ۽ گروهي جاگيرون بڻجي وڃن ٿيون ۽ ”اجتماعي مفادن“ بدران ذاتي، خانداني ۽ گروهي مفادن حاصل ڪرڻ لاءِ ڳنڍ ٻڌي بيهن ٿيون ته پوءِ انهن ۾ اندروني خلفشار پيدا ٿئي ٿو. ڇو ته ٻئي کي سوچڻ، لوچڻ ۽ حاصل ڪرڻ جو ونڊ نه ٿو ملي. دروازا اهڙيءَ ريت بند ڪيا وڃن ٿا جو تازي هوا جو جهوٽو به اندر نه ٿو وڃي سگهي.

اهڙيءَ صورتحال ۾ پنجن پارٽين مان پندرهن ٿي پون ٿيون، ۽ انهن ۾ ٽٽڻ ۽ نئين پارٽين جي ڦٽڻ جون حالتون پيدا ٿين ٿيون. سنڌ ۾ ڪيترين ادبي، سماجي ۽ سياسي پارٽين جي صورتحال اها آهي. هڪ دفعو جيڪو شخص يا گروهه ڪنهن پارٽيءَ تي قابض ٿي ويو ته ان جا هٿ پٽائڻ ڪشمير جو مسئلو بڻجي پئي ٿو. ڪنهن به سماجي قاعدي قانون ۾ اهو شرط ڪونهي ته ڪو ماڻهو ڪيترا دفعا يا ڪيترا سال ڪنهن پارٽيءَ، ڪنهن تنظيم يا جماعت جو هادي ۽ رهبر ٿيندو. ان ڪري اسان جي تنظيمن مان ڪو مئي مارائي به هٿ پٽڻ لاءِ تيار ڪونهي.

ماڻهو ڪاوڙ ۾ دين خلاف به ڳالهائي وڃن ٿا، پر هنن پارٽين، تنظيمن ۽ جماعتن جي قابض اڳواڻن خلاف ڳالهائڻ ڪفر کان به مٿي جو گناهه سمجهيو وڃي ٿو. ان ڪري جيڪو ڪرسيءَ تي ويٺو آهي، ان کي هر ڪو پيو سلام ڪندو. جيڪو سندس وات مان اکر نڪرندو، ان کي ئي اکيون ٻوٽي قبول ڪيو ويندو.

سنڌ ۾ جيستائين سياسي، سماجي ۽ ادبي تنظيمن ۽ جماعتن مٿان قابض اڳواڻ ٻاهر نه ٿا نڪرن، ان وقت تائين اهي قومي، عوامي ۽ اجتماعي تنظيمون نه، پر ”نانيءَ- ويڙها“ بڻيل رهنديون. اهڙيءَ صورتحال ۾ انهن ۾ ”اچو ته سورن واريون، ڪيون سور پچار“ واري ڳالهه نه هوندي. پر سندرا ٻڌي بچاءَ-بند پيا ٻڌبا ته ڪو ڀل ۾ بند دروازا کولي اندر نه ڪاهي اچي ۽ مزن خواهه مفادن ۾ ڀاڱي ڀائيوار بڻجي وڃي.

اهڙي ماحول ۾ اهڙين تنظيمن ۽ جماعتن وڏيرڪي چال هلندي پنهنجي ڪمدارن ۽ واٺن جو اهڙو ته هراول دستو تيار ڪري رکيو آهي، جو مجال ڪنهن جي جو ڪنهن اڳواڻ خلاف گٿا لفظ ڳالهائي يا پارٽي پروگرام تي تنقيد ڪري. مجال جو ڪو ڪنهن سماجي تنظيم کان اهو پڇي ته اوهان هن وقت تائين ڪهڙو ٻوٽو ٻاريو آهي؟ مجال جو ڪنهن ادبي تنظيم کان پڇي ته اوهان ڪهڙو ذهني ۽ فڪري انقلاب آندو آهي؟اسان سياست کان وٺي مذهب تائين، الائي ڪهڙي ڪهڙي، واضح ۽ مبهم آزاديءَ جي ڳالهه ڪيون ٿا، پر هنن نانيءَ- ويڙهن جي غلاميءَ کان معاشري کي پاڪ ۽ صاف ڇو نه ٿا ڪريون؟اسان قومي ۽ اجتماعي مفادن وارين تنظيمن ۽ جماعتن کي خانداني، ذاتي يا گروهي هڪ هٽيءَ وارين تنظيمن ۽ جماعتن جي روپ ۾ قبول ڇو ٿا ڪريون؟ پوءِ اسان کي ڪهڙو ٿو حق پهچي ته قوم ۽ عوام جي خدمت ۽ محبت جي دعويٰ ڪيون. اسان ته پنهنجي ذاتي گروهي ۽ خانداني مفادن جي غلاميءَ ۾ اهڙو جڪڙجي ويا آهيون جو اجتماعي روشن مستقبل نظر ئي ڪو نه ٿو اچي. اسان قومي اتحاد جي نالي ۾ نانيءَ ويڙها ٺاهڻ ۾ پورا آهيون ۽ جتي ناني ويڙهو هوندو اتي جهيڙو ئي جهيڙو هوندو. اچو ته انهن نانيءَ ويڙهن مان جان ڇڏايون ته جيئن اجتماعي مفاد ۽ قومي غرض لاءِ سوچي ۽ لوچي سگهون.

 

معاشري لاءِ مشعل بڻيل، آسو ٻائي ۽ روشن واڌواڻي:نسيم بخاري

معاشري لاءِ مشعل بڻيل معذور ماڻهن جي مانائتين مڃتائن جي ڊگهي تاريخ آهي. جيڪا ٻڌائي ٿي ته معذوري محتاجي ناهي هوندي. محتاجي جو تعلق حقيقت ۾ ماڻهوءَ جي پنهنجي نااهلي سان هجي ٿو. اُها نااهلي، جيڪا ڪنهن ٻئي جي پاران فرد تي جبري طور لاڳو ڪيل نه هوندي آهي پر ماڻهو ان کي خود پاڻ تي مسلط ڪندو آهي.

جڳ جهان تي نظر ڊوڙائبي ته سست ۽ ڪاهل ماڻهن جو تعداد وڏي انگ ۾ ڏسڻ ۾ ايندو، جن وقت سان گڏ وک وک ۾ نه ملائي ۽ وقت هنن کي دنيا لاءِ عبرت جو مثال بڻائي ڇڏيو. اسان جي آس پاس اهڙا سوين ۽ هزارين ماڻهو رهن ٿا، جيڪي پنهنجي ڪمزورين ۽ غلطين کي قسمت جي کاتي ۾ ڳڻن ۽ ليکين ٿا پر پنهنجي حصي جي غفلت جو احتساب نه ٿا ڪن. اهڙي معاشري ۾ جيڪي ماڻهو جسماني يا ذهني طور تي ڪمزور هجن ٿا، تن لاءِ زندگيءَ جون ذلتون ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ئي آڌرڀاءُ ڪن ٿيون. اها تڪليف، اها پيڙا ۽ اهو تجربو انتهائي تلخ هوندو آهي، جنهن کي صرف اُهي ئي محسوس ڪري سگهندا آهن، جن سان وقت ۽ ماحول اهڙين ڪيفيتن جي ڏيٺ ويٺ ڪرائي هوندي آهي. اُهي ماڻهو معاشري جي ڌڪار کي جيڪڏهن منفي انداز سان قبوليندا آهن ته مايوسي سندن مقدر بڻبي آهي ۽ مايوسي موت جي علامت هوندي آهي پر جيڪڏهن اهڙين حالتن کي هو پاڻ لاءِ للڪار سمجهي بدترين حالتن ۾ بهترين ڪردار ادا ڪندا آهن ته دنيا انهن کي مڃتائن جا نت نوان معراج بخشيندي آهي.

اڄ صبح جو اخبارون پڙهندي منهنجي نگاهه مان ٻه اهڙيون خبرون گذريون آهن، جن تي قلم کڻڻ جي ضرورت جو احساس ٿيو. دل کي ته ڇڪ آئي، روح ڪا رڙ ڪئي، منهنجي اندر جي انسان ۽ دماغ ڏاڍو ڌوڏيو ۽ لوڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ هٿ ۾ قلم پڪڙي، ڪاغذ تي هي سٽون لکي رهيو آهيان.

اڳ ۾ مختصر طور تي مٿي ڄاڻايل خبرن جا وچور ڏيان ٿو. هڪڙي خبر اها آهي ته گهوٽڪي جي ڳوٺ جروار سان تعلق رکندڙ نوجوان روشن وڌواڻي سي ايس ايس جي امتحان ۾ ڪاميابي ماڻي هينئر فارين افيئرس واري شعبي ۾ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طور اسلام آباد ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي. روشن واڌواڻي، پنهنجي ٻنهي ڄنگهن کان معذور آهي. توهان تصور ڪري سگهو ٿا ته گهمڻ جي سگهه کان محروم ماڻهو ڪهڙين ڪهڙين تڪليفن کي منهن ڏيندو هوندو! ائين نه آهي ته روشن واڌواڻي اهڙي محروميءَ جو ڪو پهريون شڪار ماڻهو آهي. سنڌ جي هر ڳوٺ ۽ شهر ۾ اسان کي اهڙا انيڪ سماج جا خاص ماڻهو ڏسڻ ۾ اچن ٿا، جن جي حالت انتهائي رحم ۽ افسوس جوڳي هوندي آهي. اهي ماڻهو اهڙين حالتن جي ڌٻڻ طرف پنهنجو پاڻ کي ڌڪي ڇڏيندا آهن ته جيئن سندن گذر سفر جا وسيلا پيدا ٿين، انهن ماڻهن جو کائڻ پيئڻ ۽ جيئڻ جي حد تائين ته سندن خيال مطابق چڱو خاصو اهتمام ٿي ويندو آهي پر زندگيءَ جي ڊوڙ ۾ اهي انسان گهڻ رخن حوالن سان پٺتي رهجي ويندا آهن. ڇو ته اُهي حالتن سان مقابلو ڪرڻ وارو عزم وساري ڇڏيندا آهن. انهن جي اندر ۾ جدوجهد جي ڪا اُمنگ نه ٻرندي آهي. ان ڪري اهي زندگيءَ جي ذليل گهٽين ۾ وِک وِک تي وِههُ جا وَٽا پيئندا آهن.

روشن واڌواڻي، اهڙن سڀني انسانن لاءِ هڪ روشن مثال آهي، جيڪو پنهنجي زندگيءَ کي بدلائڻ جا اتساهيندڙ جواز پيش ڪري ٿو. روشن واڌواڻي بابت شايد اسان کي به سڌسماءُ نه ملي ها، جيڪڏهن سڪرنڊ جو نامور سماج سڌارڪ ۽ تعليمي ماهر عبدالحميد آرائين  پاران روشن جي مان ۾ آجياڻو نه ڏنو وڃي ها. اهو آجياڻو هڪ اتساهيندڙ عمل هو ۽ جيڪڏهن عبدالحميد آرائين جيان معاشري جا ٻيا ماڻهو به اهڙين مڃتائن جا سلسلا متعارف ڪرائڻ لڳن ته گهڻن ئي حوالن سان اسان جو سماج خوشگوار خبرون ٻڌي سگهي ٿو. اها تقريب هڪڙي فرد جي مڃتا لاءِ رٿيل پروگرام وارو ڏيک نه ڏئي رهي هئي پر حقيقت ۾ اُها مثبت سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هڪ متحرڪ سرگرمي جو سج اڀاري رهي هئي. هن تقريب ۾ روشن واڌواڻي اهو ٻڌايو ته هو پنجن سالن جو هو ته کيس پوليو ٿي پيو. پوليو هن جون ڄنگهون کسيون ۽ پنجن سالن جي عمر کان هو پيرين پنڌ گهمڻ جي صلاحيت کان محروم آهي پر ان محروميءَ کي هن مايوسي جو شڪار ٿيڻ نه ڏنو. هن محنت ڪئي ۽ پنهنجي مقدر کي خود پاڻ ٺاهڻ ۽ بدلائڻ جو ارادو ڪيو. هن جي اهڙي جذبي کي جڳ جس جي نگاهه سان ڏٺو يا نه سو هڪ الڳ سوال ۽ بحث آهي پر قدرت هن جو قدر ضرور ڪيو ۽ قدرت جي اهڙي قدر شناسي ماڻهن جي لاءِ به اُهو نياپو ڏئي ٿي ته اهي به محنتي پرخلوص ۽ سماج جي سڌاري توڙي واڌاري لاءِ سوچيندڙ لوچيندڙ ماڻهو جو لحاظ ڪن.

هن تقريب کي سڪرنڊ ميڊيا سينٽر جي صدر قربان عمراڻي ۽ سينئر صحافي عاجز جمالي پڻ خطاب ڪيو، جنهن ۾ ڳالهائيندي روشن واڌواڻي جو اهو پڻ چوڻ هو ته محنت نه ڪرڻ جي ڪري ۽ پڙهائي طرف ڌيان نه ڏيڻ سبب سي ايس ايس جي نوڪرين لاءِ جيڪا سنڌ جي ڪوٽا رکيل آهي، تن مان کوڙ ساريون جايون خالي رهجي وڃن ٿيون. ان ڪري نوجوان محنت ڪن، ڇو ته محنت ئي ماڻهوءَ جي عظمت جا عروج عطا ڪندي آهي.

روشن واڌواڻي پنهنجي مستقبل سڌارڻ جي حوالي سان جيڪي مشڪلون ڏٺيون، تن بابت ته پاڻ بحث نه ٿا ڪيون پر انهن آزمائشن جي ردعمل ۾ هو اڄ جنهن سطح ۽ سيٽ تي ويٺل آهي، اهو نقطو ضرور غور طلب آهي. روشن واڌواڻي فقط پنهنجي خاندان، مٽن مائٽن ۽ سنگت ساٿ لاءِ فخر جو سبب نه بڻيو آهي پر حقيقت هي آهي ته گڏيل قومن پاران جسماني طرح ڪمزور ماڻهن لاءِ طئه ڪيل تعارف (Special persons) لاءِ اعزاز جو اهڃاڻ بڻيو آهي، ڪنهن به حوالي سان محرومي جي شڪار ماڻهن لاءِ روشن فخر ۽ ناز جي علامت آهي. هتي هڪڙو نقطو اهو به ڌيان طلب آهي ته روشن جي زندگي جو مقصد ڇا رڳو پنهنجي حياتي کي سکيو ستابو بڻائڻ واري ايجنڊا تائين محدود آهي يا هو معاشري ۾ خاص ماڻهن جي همٿ افزائي جي حوالي سان به ڪو ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو!؟ ڇو ته جيڪڏهن هو فقط پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان لاءِ زنده رهي ٿو ته اهو فائدو محدود آهي پر جيڪڏهن هو پاڻ ۽ پنهنجي خاندان سان گڏوگڏ ٻين معذور ماڻهن جي همٿ ۽ حوصلو وڌائڻ جا جواز پيدا ڪري ٿو ته اهو عمل روشن واڌواڻي کي هڪ تاريخ ساز انسان بڻائي ڇڏيندو!

بلڪل ائين جيئن اڄڪلهه ڪنري جي واسو ٻائيءَ جا چرچا ٻڌجن ٿا، جنهن کي تازو ملالا يوسفزئي پاڻ تي ٺهيل ۽ 271 ٻولين ۾ ترجمو ٿيل فلم جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت لاءِ نيويارڪ گهرايو هو. جيڪا جڏهن آمريڪا وڃي رهي هئي ته ڪراچي ايئرپورٽ تي سنڌ جي تعليمي تباهي جا نوحا ڳائي رهي هئي ۽ بند پيل اسڪولن کي کولڻ جا مطالبا ڪري رهي هئي. جيڪا آمريڪا کان موٽڻ بعد به اهو ساڳيو ئي مطالبو ورجائي رهي آهي.

آسو ٻائي جي مانَ ۾ به سندس پنهنجي برادري پاران آجياڻي واري هڪ تقريب ٿي آهي. ڊگهڙي ۾ ٿيل ان تقريب ۾ واسو ٻائي کي اجرڪن جا تحفا پيش ڪيا ويا آهن. ڊگهڙي جي ڳوٺ سروڻ ڪولهي ۾ ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي آسو ٻائي چيو آهي ته مون کي نوڪري نه کپي پر سنڌ جا بند پيل اسڪولن کولڻ جي خواهش رکان ٿي. مون اهو مطالبو پاڻ وٽ ايندڙ ويندڙ وزيرن ۽ مشيرن آڏو رکيو آهي پر ان حوالي سان گهربل موٽ ۽ مانُ اڃا تائين نه مليو آهي. آسو ٻائي جي مانَ ۾ ڏنل آجياڻي واري تقريب ۾ عورتن جي وڏي انگ ۾ شرڪت رپورٽ ٿي آهي. سنڌ ڪولهي اتحاد جي مرڪزي صدر ۽ ٻين مقررن اتي جيڪو چيو ۽ ڳالهايو آهي، اهڙا حوال ۽ ڳالهيون پاڻ اڪثر سيمينارن ۽ پروگرامن ۾ ٻڌندا آهيون پر ڏک اهو آهي ته ثابت قدمي سان پنهنجي ڪيل ۽ چيل ڳالهين جا خود پاڻ پيرا نه کڻي سگهندا آهيون. آسو ٻائي سنڌ ۾ نياڻين جي تعليم جي حوالي سان اڄ جي دور جو لازوال ڪردار آهي. معذوري هن جي زندگي کي هڪ مقصد جي تڪميل وارو ٽاسڪ ڏنو. اها ترجيح ۽ اها ايجنڊا هن جي اندر جي اطمينان جو سبب به آهي ته زندگيءَ جي روشن پهلو جو اهڃاڻ به!

روشن واڌواڻي هجي يا آسو ٻائي، انهن ٻنهي سان سنڌ جي ٻن مختلف شهرن ۾ ٿيل رهاڻيون اهو نياپو به ڏين ٿيون ته سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ڪم ڪندڙ ٻين متحرڪ معذور انسانن کي به نظر ۾ رکيو وڃي. انهن جي صلاحيتن مان ڀرپور فائدو ورتو وڃي ۽ سندن خدمتن عيوض اهڙي پذيرائي کين ضرور ملڻ گهرجي، جنهن سان زندگيءَ جي حسناڪين کي اهي دل جي گهرائي سان محسوس ڪري سگهن. انهن ماڻهن لاءِ زندگي تلخ تجربن جو ڀنڊار نه پر سدابهار ۽ اتساهيندڙ پلن جو احساس به ثابت ٿيڻ گهرجي. سنڌ جي سمورن علائقن ۾ سوين هزارين معذور ماڻهو موجود آهن. ضياءَ الحق جي دور ۾ معذور ماڻهن لاءِ 2 سيڪڙو نوڪرين ۾ ڪوٽا مقرر ڪئي وئي هئي پر هن وقت تائين عمل فقط هڪ سيڪڙو تي ٿيو آهي ۽ ان هڪ سيڪڙو تي به حقيقي ماڻهن بدران سفارش ۽ رشوت عيوض اهي ماڻهو معذور ڄاڻائي ڀرتي ڪيا ويا آهن جن جي گهڻائي ڪنهن به حوالي سان معذور ئي ناهي.

آسو ٻائي ۽ روشن واڌواڻي معذورن واري ان معاملي تي ڌيان نه ڇڪايو آهي. جڏهن ته هنن کي نه فقط ان نقطي تي پر معاشري ۾ جيئندڙ معذور ماڻهن سان لاڳاپيل مسئلن تي به روشني وجهڻ کپندي هئي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته معذورن لاءِ ڪم ڪندڙ ادارا ۽ تنظيمون به هڪ سگهاري ۽ ڀرپور مهم هلائين، جنهن ۾ دنيا کي انقلابن ۽ خوشگوار تبديلين سان نوازيندڙ معذور ماڻهن جون ڪٿائون ٻڌايون وڃن. اسان وٽ وڏي ۾ وڏو الميو اهو آهي ته معذور ماڻهو کي ناڪاره ۽ بيڪار ماڻهو سمجهي ڌڪار ۽ نفرت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي. جڏهن ته حقيقت ائين ناهي. معذور ماڻهو پنهنجي مرضي يا پنهنجي خواهش مطابق معذور نه ٿا ٿين. هڪ ته قدرتي طور تي اهي المناڪ معاملن سان منهن ڏين ٿا. مٿان وري معاشري جي طنز وارا تير هنن جو جيئڻ تان ئي ويساهه کڻائي ڇڏين ٿا.

اهي ماڻهو اهڙين حالتن هوندي به جيڪڏهن روشن واڌواڻي ۽ آسو ٻائي جي صورت ۾ آڏو اچن ٿا ته انهن جو اهڙو ڪردار معاشري جي ضميرن کي جنجهوڙڻ ۽ شرمائڻ لاءِ ڪنهن وڏي للڪار کان گهٽ نه آهي پر الميو اهو رهندو آيو آهي ته معاشرا ۽ رياستي ادارا نڪ جي پڪائيءَ سان اهي معاملا پٺيءَ پويان اڇلائيندا آيا آهن. آسو ٻائي جي وهم گمان ۾ به نه هو ته ميڊيائي رپورٽون کيس فرش کان عرش تائين پهچائي ڇڏينديون. آمريڪا ۾ هن جي آمد سنڌ لاءِ سٺو اطلاع آهي پر آمريڪا جي ميڊيا هن جي احساسن کي جيڪڏهن شد مد سان پيش ڪري ٿي ته ڇا ٿا سمجهو! پنهنجا حڪمران ڪنڌ کڻڻ جهڙا رهندا!؟ اسان جي حاڪمن کي پنهنجي فرضن جي ادائگي جي حوالي سان ڪڏهن ڪو الڪو رهيو ئي ناهي. ڇو ته تعمير ۽ ترقي هنن جي ڪڏهن ايجنڊا رهي ئي ناهي. اهي ادارن کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ ڄاڻن. ڇو ته فقط ان ئي صورت ۾ هنن جا ڀڀ ڀرجن ٿا، اهي ٺاهڻ ڄاڻن ئي نه، ڊاهڻ ۽ بگاڙڻ هنن جي اهم ترجيح آهي. اهو ئي سبب آهي ته هر هنڌ ڪاريءَ وارا ڪک آهن.

 

ڪمند جا اگهه، آبادگار ۽ سرڪار

هيل پڻ اُن ساڳي ئي مسئلي ڪَرُ کنيو آهي ۽ آبادگار احتجاجن تي مجبور ٿيا آهن، پر اُنهن کي نه ته مناسب اگهه ڏنا وڃن ٿا نه وري هيستائين شگر ملن جون چمنيون ئي ٻريون آهن. انهيءَ حوالي سان ڪالهوڪين اخبارن جيڪو رپورٽ ڪيو آهي، اُنهن خبرن پٽاندر پاسما، حڪومت ۽ آبادگارن وچ ۾ ڪمند جي اگهه تي تڪرار حل نه ٿي سگهيو آهي، جنهن سبب آبادگار ٻڏتر جو شڪار آهن. پهرين آڪٽوبر کان سنڌ ۾ ڪريشنگ سيزن شروع ٿيڻ باوجود هر سال جيان هن سال به شگر ملون وقت سر چالو نه ٿي سگهيون آهن. شگر ڪين ايڪٽ 1950 تحت شگر ملز کي پهرين آڪٽوبر کان چالو ٿيڻو هو پر هر سال جيان شگر ملز هن سال به اڃا تائين چمنيون نه ٻاريون آهن. ٻئي پاسي لکين ايڪڙن تي پوکيل ڪمند جو فصل تيار ٿي ويو آهي، جنهن جي جيڪڏهن وقت سر ڪٽائي نه ٿي ته اُهو سوڪهڙي جو شڪار ٿي ويندو. آبادگارن مطابق لکين ايڪڙن تي بيٺل فصل مان 40 ڪروڙ مڻ جي لڳ ڀڳ ڪمند نڪرندو، جيڪو گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 30 سيڪڙو گهٽ آهي. مٿان شگر ملز چالو نه ٿيڻ سبب وڏيڪ نقصان ٿيڻ جو انديشو آهي. آبادگارن جو چوڻ آهي ته بيمارين سبب اڳ ۾ ئي فصلن کي نقصان پهتو آهي، ويتر مناسب اگهه نه ڏئي آبادگارن کي خساري جي مُنهن ۾ وڌو پيو وڃي. جيڪڏهن انهيءَ سڄي معاملي جو جائزو وٺبو ته هڪ ڳالهه چٽي ٿي سامهون ايندي ته مظلومن جي حقن جي دعويٰ رکندڙ سنڌ سرڪار سرمائيدارن آڏو بنهه مجبور آهي، جنهن جو ڪارڻ اِهو به آهي ته سرڪار جي اڪثريت اُنهن سرمائيدارن تي ئي آڌاريل آهي، جيڪي نه رُڳو سنڌ ۾ هر ٻڌي ڇوڙيءَ جو حق رکن ٿا، پر ملون به انهن جي ملڪيتن جو حصو آهن، جيڪي ڪنهن به ريت پنهنجي منافعي تان دستبردار ٿيڻ لاءِ تيار ناهن ۽ کين مڃائڻ يا مجبور ڪرڻ حڪومت جي وَسَ جي ڳالهه ناهي. نتيجي ۾ سنڌ جي آبادگارن ۽ زرعي پورهيو ڪندڙ خلق جا مٿي تي هٿ اچي ويا آهن. افسردگي انهن جي چهرن کان ٿيندي سندن روحن تائين لهي آئي آهي ۽ اُهي پنهنجون محنتون اجايون وڃڻ تي ڏکارا آهن، انهن کي آٿت يا آسرو يا ته حڪمران ڏئي سگهن ٿا يا ملڪ جون اعليٰ عدالتون، جن جو هو بار بار ڪڙو کڙڪائيندا رهيا آهن. جيتوڻيڪ اعليٰ عدالتن طرفان سدائين سندن تدارڪ لاءِ حڪم جاري ڪيا ويا آهن، پر هر ڀيري حڪمران حرفتبازي سان آبادگارن جي حق تلفيءَ ۾ ڪامياب ويندا رهن ٿا. هن ڀيري جيتوڻيڪ پاسما، حڪومت ۽ آبادگارن وچ ۾ ڳالهيون جاري آهن، پر ماضيءَ جي مشاهدي آڌار ڏسبو ته معاملو گذريل سال واري اٽڪل سان ئي حل ٿيندي ڏسڻ ۾ اچي ٿو، باقي حڪومت ۾ اُهو حال نظر نٿو اچي، جنهن بنياد تي آبادگارن لاءِ ڪنهن سڻائيءَ جو پيغام سُجهندو هجي. باوجود اُن جي اسين سنڌ سرڪار مان اِها اُميد رکون ٿا ته اُها آبادگارن جي معاملي کي حل ڪرڻ وقت سندن محنتن جو قدر ڪندي ۽ زراعت کي همٿائڻ لاءِ مناسب اگهه وٺرائي ڏيندي ته جيئن زرعي سماج جي ڀُرندڙ قدرن کي هٿي وٺائڻ سان گڏ زرعي پورهيتن جي زندگين ۾ سُک ۽ سلامتيءَ جا موقعا ورائي سگهجن.

 

پاڪ-ڀارت ڊيڊ لاڪ ڀارتي حڪومت جي ضد ۽ هٺ ڌرمي سبب آهي: سينيٽ ميمبر

اسلام آباد (اين اين آءِ) سينيٽ وزيراعظم نواز شريف پاران گڏيل قومن جي جرنل اسيمبلي ۾ ڪشمير جي مسئلي لاءِ پيش ڪيل 4 تجويزن جي حق ۽ يو اين اي جي ٻاهران فلسطين جو جهنڊو ڦڙڪائڻ تي خوشي جي اظهار جا ٺهراءُ منظور ڪري ورتا، سينيٽ ميمبرن منيٰ حادثي جي رپورٽ جلد کان جلد تيار ڪرڻ، ان کي ايوان ۾ پيش ڪرڻ ۽ حاجين لاءِ انتظام وڌيڪ بهتر بڻائڻ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ حڪومت پاران يقين ڏياريو ويو آهي ته سعودي عرب مان ملندڙ سموري معلومات ايوان ۾ پيش ڪئي ويندي، سومر تي سينٽ جو اجلاس چيئرمين رضا رباني جي صدارت ۾ 3 وڳي شروع ٿيو، اجلاس ۾ قائد ايوان پاڪستان ڀارت لاءِ ڳالهين لاءِ وزيراعظم پاران پيش ڪيل 4 تجويزن جي حق ۾ قرارداد پيش ڪئي جنهن ۾ چيو ويو ته سينيٽ وزيراعظم جي تقرير جي آجيان ڪري ٿي، پاڪستاني حڪومت پاران وقار، عزت ۽ ٻطرفي خير سگالي جي بنياد تي ڳالهين جي بحالي لاءِ سفارتي قدم بروقت آهي، پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڊيڊ لاڪ ڀارتي حڪومت جي ضد ۽ هٺ ڌرمي تي ٻڌل رويي جي ڪري آهي، سينيٽ پاڪستان حڪومت جي تعميري سوچ جي آجيان ڪري ٿي، ان ڊيڊ لاڪ مان نڪرڻ جي راهه هموار ڪئي آهي، ان کي نه صرف پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڳالهين جي بحالي پر ڄمون ڪشمير سميت سمورن تڪرارن جي منسفاڻي ۽ تيزي سان حل جٽادار امن جي راهه هموار ٿي سگهي ٿي، سينيٽ کي اميد آهي ته ڀارت پنهنجي منفي رويي تي نظرثاني ڪندو ۽ پاڪستان جي تجويز جو مثبت جواب ڏيندو ته جئين ٻطرفي ڳالهيون بحال ٿي سگهن، جيڪو عمل امن ۽ استحڪام لاءِ بهتر آهي، سينيٽر مشاهد حسين پاران هڪ قرارداد پيش ڪئي وئي جنهن ۾ چيو ويو ته سينٽ آف پاڪستان گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽر تي پهريون ڀيرو فلسطين جو جهنڊو ڦڙڪائڻ جو خير مقدم ڪري ٿو، فلسطين جو عوام ۽ ان جي منصفاڻي ڪاز جي حمايت ڪندڙ جي وڏي سياسي ۽ سفارتي ڪاميابي آهي، فلسطين جو عوام 1947 کان پنهنجي حقن لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي. سينيٽ به پاڪستان جي عوام جي جذبن جو اظهار ڪندي تاريخي ڪاميابي جو گرم جوشي سان خير مقدم ڪري ٿو، فلسطيني عوام جي خوشين ۾ شريڪ ٿيندي سينيٽ آف پاڪستان هي عزم نئين سر ورجائي ٿو ته فلسطين ڪاز جي حمايت ان وقت تائين جاري رهندي جيستائين گڏيل قومن جي قراردادن تي عملدرآمد نٿو ٿئي، عوام کي خودمختيار ملڪ ۾ رهڻ جو حق نٿو ڏنو وڃي، ان کان اڳ منيٰ حادٿي جي حوالي سان مملڪتي وزير پير امين الحسنات رپورٽ پيش ڪندي چيو ته صبح 9 وڳي منيٰ ۾ حادثو ٿيو، اسان جي حج مشن کان ڪجهه پري هو، اسان جو مشن بنا فرق ڪارروائي ڪئي ۽ 23 ماڻهن کي ڪيمپ آندو، ان موقعي تي مذهبي معاملن جي وفاقي وزير سردار محمد يوسف پڻ موجود هو، هن چيو ته فوري اجلاس سڏايو ويو ۽ هدايتون ڏنيون، سعودي حڪومت جو پنهنجو مذاج آهي، 24 سيپٽمبر تي 10 وڳي سعودي فوج اچي وئي ۽ اسان کي خدمت کان روڪي ٻاهر نڪرڻ کان منع ڪيو ويو، اسان صرف تفصيلي وٺندا رهياسين، 71 هزار سرڪاري ۽ 71 هزار خانگي ادارن جي ذريعي ويا هئا، 29 شهيدن جي تصديق ٿي، 20 کي اتي دفن ڪيو ويو آهي، صرف اسد گيلاني کي پاڪستان آندو ويو آهي، 47 غائب آهن، انهن جي شهادت جي تصديق نه ٿي آهي، انهن جا فوٽو اتي چبڙايا ويا آهن، مٽن مائٽن مطابق شهيد ٿي چڪا آهن، زخمي 7 آهن، 7 کي طبي سهولت ڏئي فارغ ڪيو ويو آهي، سرڪاري اسڪيم تحت 8 غائب آهن، 15 پرائيويٽ غائب آهن جن ۾ 11 اهي آهن جن بابت ماڻهن فون تي ٻڌايو ته غائب آهن، ٽوٽل 60 آهن جن جي حوالي سان اڃاتائين معلومات نه ملي سگهي آهي، عملو کين ڳولي رهيو آهي ته جئين حتمي رپورٽ تيار ڪري سگهجي، اجلاس ۾ پ پ جي فرحت الله بابر چيو ته سياسي پوائنٽ اسڪورنگ جي ضرورت نه آهي، صرف گذارش آهي، اسد گيلاني به غائب هو پر ان جي مريدن تصوير تيار ڪئي هئي جيڪا اتي اماڻي وئي، سفير مقامي عملدارن وٽ ويا، سمورو تفصيل بيان ڪيو ويو ته سرڪاري طور تي تسليم ڪيو ويو، ان جي باڊي اچي وئي، اهڙي طرح ٻين 47 ڏانهن به ڏٺو وڃي، خوشي جي ڳالهه آهي، حڪومت انڪوائري ڪري رهي آهي، ڪوشش آهي ته سمورن کي تلاش ڪريون انهن جي وقار سان تدفين ڪيون، سعودي جيڪا انڪوائري ڪندو اسان کي به شامل ڪندو، رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪنداسين، پ پ جي سحر ڪامران چيو ته وارثن جن کي مائٽڻ جي حوالي سان ڪا خبر ناهي اهي ڪيڏانهن وڃن، ڊاڪٽر تامدا ۽ 2 نينگريون به غائب هيون، ڪجهه لاش چچريل حالت ۾ مليا جن ۾ 2 ٻارڙيون شامل هيون پر ماءُ ناهي ملي، اسپتالن سميت ڪنهن هنڌ وڃڻ نه پيو ڏنو وڃي، آڱر جي پرنٽ سان سڃاڻپ ڪئي وڃي، ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرايو وڃي، مسلم ليگ ن جي ڪلثوم پروين چيو ته 2005 ۾ به حادثو ٿيو هو، نقصان ٿيو هو، ڪرين وارو به حادثو هو انهن جي حوالي سان سعودي حڪومت تي الزام ڏيڻ غلط آهي، سعودي عرب جو پنهنجو طريقيڪار آهي، اتان جو ميڊيا اسان جيان ناهي، گهر ۽ بيڊ روم ۾ به داخل ٿي وڃي ٿو، غائب ماڻهن جي حوالي سان معلومات ورتي وڃي، پي ٽي آءِ جي نعمان چيو ته اسان وٽ نادرا جو نظام موجود آهي ان کان مدد ورتي وڃي، اتي پاڪستاني سان غلط ورتاءُ ڪيو وڃي ٿو، پير امين الحسنات چيو ته حاجين کي هٿن تي پٽيون ٻڌڻ گهرجن، اتي توهين انسانيت جا منظر نٿا نظر اچن، غائب ماڻهن جي حوالي سان سعودي حڪومت ٻڌائيندي ته خبر پوندي، چيئرمين چيو ته مان چيو هو ته ايم ڪيو ايم جي استعيفائن جي حوالي سان رولنگ ڏيندس، مان ٻڌائيندس ته ڪهڙي قانون تحت فيصلو روڪيل آهي، انهن جي ڪاپي سڀني کي ڏيندس، چيئرمين ايم ڪيو ايم جي استعيفائن جي حوالي سان پنهنجي رولنگ ايوان ۾ پڙهي ٻڌائي، ميثاق جمهوريت جي حوالي سان قرارداد جي بحث جي حوالي سان راجا ظفر الحق چيو ته پي ٽي آءِ سميت ٻيا به ايوان ۾ اچي ويا آهن مون وزيراعظم سان ڳالهه ڪئي آهي، ان لاءِ وڌيڪ وقت ڏيو، اعتزاز احسن چيو ته اي اين پي کي به اعتماد ۾ وٺو.

 

وفاقي حڪومت سنڌ ۾ مڪاني چونڊن ۾ ووٽ حاصل ڪرڻ لاءِ واپڊا ذريعي دٻاءُ وجهي رهي آهي: نثار کهڙو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ  جي اطلاعات واري سينيئر وزير نثار احمد کهڙو چيو آهي ته پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ پاران ڪارڪنن کي مڪاني چونڊن ۾ ووٽ ڏئي پارٽيءَ کي سرخرو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، مڪاني چونڊن ۾ وفاقي حڪومت ٺٽي سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ پيپلز پارٽيءَ جي خلاف واپڊا کي استعمال ڪري رهي آهي ۽ عوام پاران بل ڀرڻ جي باوجود ڄاڻي واڻي ڳوٺن جا ڳوٺ بجلي ڪٽي پئي وڃي ۽ عوام تي دٻاءُ وڏو پيو وڃي ته مڪاني چونڊن ۾ ووٽ ڏيو ته بجلي ملندي. پر مخالفن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته  کين نه ووٽ واپڊا جي زيادتين جي ڪري ملندا نه ئي واپڊا کي استعمال ڪري ووٽ وٺي سگهن ٿا. اليڪشن ڪميشن جيئن چونڊن تي اثرانداز ٿيڻ جي سلسلي ۾وزيراعظم ڪسان پيڪيج کي رد ڪيو تئين سنڌ ۾ واپڊا جي زيادتين جو پڻ نوٽيس ورتو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ جي صدارت ۾ ٺٽي ۽ سجاول ضلعي جي پارٽي اڳواڻن جي اجلاس کان پوءِ پي پي ميڊيا سيل تي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن چيو ته سنڌ طرفان اليڪشن ڪميشن جي راهه م ڪي به رڪاوٽون نه پيون وڌيون وڃن پر جيڪڏهن ڪنهن ٻئي پاران رڪاوٽون وڌيون ويون ته سنڌ ان تي احتجاج ڪندي ۽ ڪنهن کي اليڪشن ڪميشن جي راهه ۾ رڪاوٽون وجهڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته سول حڪومت تي مڪاني چونڊون نه ڪرائڻ جو صرف الزام آهي ، سنڌ حڪومت جماعتي بنيادن تي چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار آهي ۽ سنڌ ته واحد صوبو آهي جنهن بلدياتي قانون جوڙيو هو پر ٻين جماعتن عدالت ۾ وڃي چونڊن چونڊن ۾ رخنو وڌو. هن چيو ته مڪاني چونڊن جو شيڊول اچڻ ۽ نامزدگي ڪاغذ ڀرڻ واري عمل دوران عدالت پاران اليڪشن ڪميشن کي نيون تڪبنديون ڪرڻ واري ڏنل فيصلو چونڊن ۾ رخنو آهي ان ڪري عدالت جي ان فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ويندو ۽ اميد آهي ته سپريم ڪورت مڪاني چونڊن کي ضايع ٿيڻ نه ڏيندي ۽ اسين چاهينداسين ته مڪاني چونڊن متاثر نه ٿين. هن چيو ته جن جماعتن کي مڪاني چونڊن ۾ شڪست نظر اچي رهي آهي اهي پيپلزپارٽيءَ تي لين دين ڪري اميدوارن کي هٿ کڻائڻ جا الزام هڻي رهيون آهن، مخالف ڀلي الزام هڻن پيپلز پارٽي عوام جي ووٽ سان چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻيندي. هن چيو ته وحيده شاهه کي پولنگ اسٽيشن ۾ بدتميزي ڪرڻ تي نااهل قرار ڏنو ويو هو پر عمرڪوٽ ۾ هڪ  ايم اين اي نند لال مالهيءَ پاران آر او جي آفيس ۾ گنڊا گردي ڪي ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي آهي ۽ آر او پاران پڻ نند لال مالهيءَ تي ڊيوٽي اٽڪاءَ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي پر اڃان تائين کين نااهل ڇو نه ٿو ڪيو وڃي. هن مطالبو ڪيو ته نند لال مالهيءَ کي پڻ نااهل قرار ڏنو وڃي. هڪ سوال جي جواب ۾ نثار احمد کهڙو چيو ته آمر جنرل پرويز مشرف شهيد بينظر قتل ڪيس مان الڳ نه ٿو ٿي سگهي ، 18 آڪٽوبر واري جاءِ واردات کي هڪ ڪلاڪ اندر ڌوئي صاف ڪيو ويو ۽ ان وقت ته اسان جي ايف آءِ ر به داخل نه ڪئي وئي هئي ۽ 27 ڊسمبر  جي جاءِ واردات صاف ٿيڻ  تي خبر نه هجڻ بابت پرويز مشرف معافي گهري هئي. هن چيو ته 7 سالن کان بينظير ڀٽو قتل ڪيس هلي رهيو آهي ۽ عدالت کي حق آهي ته عدالت گواهيءَ تي پنهنجو فيصلو ٻڌائي ۽ هاڻي بال عدالت جي ڪورٽ ۾ آهي ۽ اميد آهي ته عدالت بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ انصاف ڀريو فيصلو ڏيندي. هن چيو ته ماضيءَ ۾ محترم عدالت ته ڀٽو ريفرنس ڪيس تي به خاموش رهي جڏهن ان وقت صدر آصف علي زرداريءَ عدالت ڏانهن ڀٽو ريفرنس ڪيس ٻڌڻ لاءِ موڪليو هو پر ارسلان کي بچائڻ لاءِ ته فيصلو ڏنو ويو هو پر ڀٽو ريفرنس ڪيس تي ڪو به فيصلو نه آيو ۽ هاڻي عدالت مان بينظير ڀٽو قتل ڪيس جي بهتر فيصلي جي اميد آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ايم ڪيو ايم کي پهريان ئي استعيفائون نه ڏيڻ گهرجن ها ڇاڪاڻ ته استعيفائون احتجاجي طور تي نه پر واليونٽيري ٿينديون آهي ان ڪري سينيٽ چيئرمين پنهنجي رولنگ ۾ ايم ڪيو ايم جون استعيفائون قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم کي ڪي خدشا آهن ته انهن تي ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون. هن چيو ته پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ لاڙڪاڻي کان وٺي پارٽي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو هو ۽ ٺٽي سجاول جي پارٽي عهديدارن ۽ چونڊيل نمائدن جو اڄوڪو اجلاس ان سلسلي جي ڪڙي هو ۽ پارٽي چيئرمين پارٽي اڳواڻن کان سندن علائقن ۾ مڪاني چونڊن ۾ اميدوارن بابت بريفنگ ورتي ۽ پارٽي ڪارڪنن کي هدايت ڪئي آهي ته هو چونڊن ۾ ڀرپور نموني سان پارٽيءَ کي ڪامياب ڪرائين.

 

ملائيشيا جي آرمي چيف جي جنرل  راحيل شريف سان راولپنڊي ۾ ملاقات

راولپنڊي (م.ڊ) آئي ايس پي آر مطابق آرمي چيف جنرل راحيل شريف سان جنرل تان سري داتو راولپنڊي ۾  ملاقات ڪئي آهي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾، بچاءُ، تربيت ۾ سهڪار تي گڏيل خيالن جو اظهار ڪيو ويو.ملاقات ۾ خطي جي سيڪيورٽي جي صورتحال تي به ڳالهه ٻولهه ٿي.ملائيشيا جي آرمي چيف آپريشن ضرب عضب جي ڪاميابين ۽ دهشتگردي خلاف  جنگ ۾ پاڪ فوج جي قربانين جي به واکاڻ ڪئي، ملائيشيا جي فوجي سربراهه کي گارڊ آف آرنر به پيش ڪيو ويو.