تازيون خبرون

Daily Archives: October 1, 2015

اڪشي ڪمار اداڪار جي حيثيت سان تمام گهڻي ترقي ڪئي آهي : لارا دتا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره لارادته چيو آهي ته اڪشي ڪمار اداڪار جي حيثيت سان گهڻي ترقي ڪئي آهي، ممبئي ۾ پنهنجي ايندڙ فلم “سنگهه از پلنگ” جي پروموشن دوران لارا دتا چيو ته مان ۽ اڪشي ڪيتريونئي فلمون گڏ ڪيون آهن ۽ مان ان کان گهڻو ڪجهه سکيو آهي، هن چيو ته سنگهه از بلنگ ۾ ڪم به هن  اڪشي جي چوڻ تي ڪيو آهي، سندس چوڻ هو ته فلم جي شوٽنگ دوران مون کي ائين لڳي رهيو هو ته ڄڻ مان پنهنجي فيملي سان ڪم ڪري رهي آهيان، لارا دتا چيو ته فلم ۾ منهنجو ۽ اڪشي ٻنهي جو ڪم ڏسندڙن کي پسند ايندو.

 

شروتي هاسن ننڍي ڀيڻ اڪشره جي ڪاميابين تي تمام گهڻو خوش

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره شروتي هاسن چيو آهي ته پنهنجي ننڍي ڀيڻ اڪشره جي حوالي سان تمام گهڻي خيال رکندڙ آهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي شروتي چيو ته مان کيس اڪشره جي ڪاميابين تي فخر آهي، هن چيو تهمان اڪشره جي وڌيڪ ڪجهه ڪري اسان سڀني لاءِ فخر جو سبب بڻجڻ جو وڌيڪ انتظار نه ٿي ڪري سگهان، هن چيو ته مان ڪڏهن به بالي ووڊ اداڪاره بڻجڻ جي منصوبابندي نه ڪئي هئي، ڇو ته منهنجي خيال ۾ منهنجي اندر اهو سڀ ڪرڻ جي صلاحيت ئي نه هئي، سندس چوڻ هو ته هن وقت منهنجا 5 پراجيڪٽ پائپ لائن ۾ آهن، جن ۾ پلي ۽ راڪي هينڊسم به شامل آهن، شروتي هاسن چيو ته ايندڙ سال ميوزڪ ڪمپوز ڪرڻ لاءِ به غور ڪري رهي آهيان.

 

پاڪستان بنگلاديش جي وومين ٽيم کي پهرين ٽي-20 ميچ ۾ 29 رنسن تان هارائي ٻن ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل ڪري ورتي

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) بسمه معروف جي آل رائونڊ ڪارڪردگي عيوض پاڪستان بنگلاديش جي وومين ڪرڪيٽ ٽيم کي پهرين ٽي-20 ميچ ۾ 29 رنسن تان هارائي ٻن ميچن جي سيريز ۾ 0-1 جي سرسي حاصل

ڪري ورتي. بسمه معروف ناقابل شڪست 65 رنسون ٺاهي هڪ بنگلاديشي رانديگر کي آئوٽ ڪيو. کيس شاندار ڪارڪردگي تي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو. پاڪستان جي وومين ٽيم اڳ ۾ کيڏندي مقرر اوورن ۾ 5 وڪيٽن تي 124 رنسن جو مجموعو ترتيب ڏنو. بسمه معروف 65 ۽ جويريه خان 44 رنسون ٺاهي نمايان بيٽسمين رهي، جواب ۾ بنگلاديشي ٽيم گهربل هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ۽ مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 95 رنسون ٺاهي سگهي. پاڪستاني بالرن به شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري گهٽ هدف جو دفاع ڪري ٽيم کي فتح ڏياري. پاڪستان جي بسمه معروف کي شاندار بيٽنگ جو مظاهروڪرڻ تي ميچ جي بهترين رانديگر قرار ڏني وئي. پهرين ٽي-20 ميچ ۾ پاڪستاني وومين ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ثنا مير ٽاس کٽي اڳ ۾ بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.

 

ويسٽ انڊيز ۽ سريلنڪا خلاف ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ ڌار ڌار ٽيمن جو اعلان

ڪنگسٽن (اسپورٽس نيوز) ويسٽ انڊيز ڪرڪيٽ بورڊ جي سليڪشن ڪميٽي ايندڙ مهيني سريلنڪا خلاف شيڊول ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ ڌار ڌار ٽيمن جو اعلان ڪيو آهي. ناليواري اسپنر سنيل نارائڻ جي اسڪواڊ ۾ ٻيهرواپسي ٿي آهي. نارائڻ بالنگ ايڪشن مسئلن سبب هلندڙ سال منعقد ٿيل ورلڊڪپ ۾ نه کيڏي سگهيو هو. ويسٽ انڊيز کي ڪرس گيل جون خدمتون حاصل نه هونديون ڇاڪاڻ ته هو چيلهه جي سرجري کان پوءِ آرام ڪري رهيو آهي جڏهن ته ڊيرن سيمي، لينڊل سيمنز، سليمان بين، شيلڊن ڪوٽريل، نڪيتا ملر، ڪيمرو روئچ ۽ ڊيوائن سمٿ پڻ ون ڊي اسڪواڊ ۾ جاءِ ٺاهڻ ۾ ناڪام رهيا. ڊيوائن براوو ۽ ڪيرن پولارڊ کي ون ڊي اسڪواڊ ۾ نظر انداز ڪيو ويو. ٻئي پليئرز ٽي ٽوئنٽي جو حصو هوندا. اعلان ڪيل ون ڊي اسڪواڊ ۾ ڪپتان جيسن هولڊر، ديوندرا بيشو، جرمائن بليڪووڊ، ڪارلوس بريٿويٽ، ڊيرن براوو، جوناٿن ڪارٽر، جانسن چارلس، اينڊ فليچر، جيسن محمد، سنيل نارائڻ، دنيش رامدين، روي رامپال، آندري رسل، مارلون سيموئلز ۽ جيروم ٽيلر شامل آهن. اعلان ڪيل ٽي ٽوئنٽي ٽيم ۾ ڪپتان ڊيرن سيمي، سيموئل بدري، ڊيرن براوو، ڊيوائن براوو، جوناٿن ڪارٽر، جانسن چارلس، اينڊر فليچر، جيسن هولڊر، سنيل نارائڻ، ڪيرن پولارڊ، دنيش رامدين، روي رامپال، آندري رسل، مارلون سيموئلز ۽ جيروم ٽيلر شامل آهن. ويسٽ انڊيز سريلنڪا جي دوري دوران 2 ٽيسٽ، 3 ون ڊي ۽ 2 ٽي ٽوئنٽي ميچن جون سيريز کيڏندي.

 

حج دوران پيش آيل حادثن جا پيرا کڻڻ گهرجن: نسيم بخاري

موت اڻٽر آهي هر ساهه واري کي اهو زهر جو پيالو نه چاهيندي به پيڻو آهي. ڪا خبر ناهي ته ايندڙ پل ۾ اسان حال حيات هونداسين به يا نه! زندگي جي ڪابه ضمانت نه آهي پر هڪڙيون ضمانتون اڻ لکيون هونديون آهن. عام طور تي ماڻهو ڄمي ٿو، وڏو ٿئي ٿو، پوڙهو ٿئي ٿو ۽ نيٺ مري وڃي ٿو. اها فطرت آهي ۽ ان فطرتي اصول سان دنيا جو وهنوار جاري آهي. هڪڙو موت اهو آهي، جنهن جي ماڻهو کي ڪا خبر نه آهي، جيڪو عام رواجي حالتن ۾ طبعي طور تي واقع ٿئي ٿو. ماڻهو جو مثال به ان گهر جيان آهي، جيڪو پراڻو ٿي ڊهي پٽ ٿي پوندو آهي. انسان هجن يا عمارتون، انهن جو ڊهڻ ۽ وري نئين تخليق ٿي اڀرڻ زماني جو دستور آهي. ان دستور کي للڪاري ته سگهجي ٿو پر لوڏي نه ٿو سگهجي. زندگيءَ ۾ ڪي اهڙا لوڏا ضرور اچن ٿا، جيڪي زلزلا ثابت ٿين ٿا. ان حوالي سان ڏٺو وڃي ته حادثاتي موت به زلزلن کان گهٽ ناهن هوندا.

مان ڪڏهن ڪڏهن ان نقطي تي سنجيدگي سان سوچيندو آهيان ته ماڻهو کي ان جي انت جو علم ڇو ناهي؟! وري جڏهن انهن انسانن تي غور ڪندو آهيان ۽ ڪيفيتن کي ڏسندو آهيان جن جي زندگين جا ڏينهن ڳڻجي چڪا هوندا آهن، تڏهن پنهنجي پهرئين خيال کان پاڻ ئي پرڀرو ٿي ويندو آهيان. مثال طور: هڪڙو ماڻهو ڪنهن اهڙي موذي مرض ۾ مبتلا آهي، جنهن ۾ اڳواٽ کيس خبر پئجي ٿي وڃي ته هن جي حياتي ڪيترو وقت هوندي، توهان تصور ڪيو ته اهو ماڻهو ڪهڙين پريشانين ۽ پيڙائن مان گذرندو هوندو!؟

ماڻهو کي جيڪڏهن ان جي موت جي اڳواٽ خبر هجي ها ته موت جي خوف ۾ هر ڏينهن ان جو عذاب ۾ گذري ها ۽ اهو عذاب، هن کان هن جي زندگيءَ جو حُسن ۽ دلڪشي ڦري وٺي ها! هن جي جستجو ۽ جدوجهد اڌوري هجي ها! جيتوڻيڪ زندگيءَ جو گذرندڙ هر پل اسان کي موت جي ويجهو آڻي ٿو، پر پوءِ به اسان جي چهري تي يا دل دماغ تي ڪا به اهڙي ڪيفيت نه ٿي ڏسجي، جنهن مان موت جو خوف جهلڪندو هجي.

ڪالهه هڪڙي دوست اهو سوال اٿاريو ته حج تي ويل ماڻهن جو 90 سيڪڙو، اڪثر پنهنجون عمريون کائي چڪو هوندو آهي. اهو ايترو عرصو انهن ماڻهن کي حج جي فرض واري ادائگي لاءِ ڏوڪڙ گڏ ڪرڻ ۾ لڳي وڃي ٿو يا هو عمر ڀر جون پنهنجون هر قسم جون تمنائون پوريون ڪري آخر ۾ الله پاڪ جي آڏو سرخرو ٿيڻ لاءِ وڃن ٿا! ڇا سڄي عمر گناهه ڪري ڪرپشن، ٺڳين، ڏاڍاين ۽ دوکن جا رڪارڊ قائم ڪري، آخر ۾ معافيون وٺي جان ڇڏائڻ ڪهڙي شرافت آهي؟ ۽ جيڪي ماڻهو حج تي وڃن ٿا، انهن مان ڪيترو سيڪڙو اهڙا ماڻهو هوندا، جيڪي حق حلال جي ڪمائي مان حج جي سعادت وارو سفر ڪن ٿا؟ منهنجي دوست جو خيال هو ته جيڪڏهن وڏي تعداد ۾ يا گهڻي تعداد ۾ حج تي نوجوان ماڻهو هجن ها ته ايڏي وڏي پئماني تي منيٰ واري واقعي ۾ ڀاڄ دوران حاجي سڳورا حياتيون نه وڃائين ها!

عيد واري ڏينهن منجهند کانپوءِ پوري اسلامي دنيا لاءِ اها خبر وِڄ وانگر ڪڙڪي، جنهن ۾ شيطان کي پٿريون هڻڻ دوران ڀاڄ سبب ڪِري، چيڀاٽجي ۽ لتاڙجي سوين ماڻهن جي فوتگين وارا اطلاع مليا. اُهي اطلاع وقت سان گڏ انگ ۾ اضافو ڪندا ويا. هنن سٽن لکجڻ تائين اهو تعداد 1100 کان وڌي چڪو آهي، جن ۾ 42 پاڪستاني به شامل آهن ۽ 250 کان وڌيڪ پاڪستانين جي خيريت سان هئڻ واري خبر آئي آهي ۽ 63 پاڪستاني حاجي سڳورا اڃا تائين به لاپتا آهن، ڪا خبر ناهي ته اُهي زخمي آهن، صحتمند آهن يا هن ڪائنات مان ڪوچ ڪري ويا آهن.

ڪالهه رات پاڪستان جي تمام گهڻي ڏٺي ويندڙ هڪ ٽي وي چئنل 20 کان 25 منٽن تائين سعودي عرب ۾ پاڪستاني سفارتڪار کان اهو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو ته تازن انگن اکرن اچڻ کانپوءِ پاڪستاني حاجين جي فوتگين يا زخمين بابت نئين صورتحال ۽ انگ اکر ڪهڙا آهن پر همراهه ڳالهين کي گول مول ڪندو رهيو ۽ اصل حقيقت کان آگاهي نه ڏئي سگهيو! جڏهن ته سعودي عرب ۾ قائم پاڪستاني سفارتخاني ۾ يارهن سئو شهيدن جي پوري پوري معلومات تصويرن ۽ تفصيلن سميت جاري ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي. جيڪڏهن انهن انگن اکرن کي ئي نظر مان ڪڍيو وڃي ها ته پتو پئجي وڃي ها ته انهن ۾ پاڪستانين جو انگ ڪيترو آهي؟ پر پاڪستاني سفارتڪار ايتري تڪليف ڪرڻ به مناسب نه سمجهي ۽ هڪڙي مشهور ٽي وي چئنل جو 20 کان 25 منٽ پرائم ٽائيم ضايع ڪيو. اسان جا سفارتڪار به اسان جي سياستدانن جيان سست هوندا آهن، جن کان ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪرڻ نه پڄندو آهي.

ان المناڪ ۽ افسوسناڪ واقعي جا درست انگ اکر معلوم ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ هڪڙي درخواست داخل ڪئي وئي آهي، ڪيڏي نه ڳڻتي ۽ افسوس جهڙي ڳالهه آهي جو هاڻي پنهنجن پيارن جي زنده يا مرده هئڻ بابت ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ به سپريم ڪورٽ جو در کڙڪائڻو پئجي وڃي ٿو. سعودي عرب ۾ پيش آيل تازي واقعي کان اڳ باهه واري واقعي ۾ پڻ ڪيترائي حاجي سڳورا اجل جو شڪار بڻجي چڪا هئا. ان واقعي جي جڏهن مون انٽرنيٽ تي وڊيو ڪلپ ڏٺي هئي، تڏهن ئي ڪجهه ئي سيڪنڊن ۾ هن سموري تباهي وارن منظرن ڏاڍي تڪليف ڏني هئي. ان واقعي جو انهن ئي ڏينهن ۾ سعودي سرڪار جاچ جو حڪم ڏنو هو ۽ هاڻ به اهڙا حوال ڪٽجي چڪا آهن پر نه ته ٿورو وقت اڳ ۽ نه وري هنن سٽن لکجڻ تائين اهو معلوم ٿي سگهيو آهي ته هڪ ٻئي پٺيان پيش آيل ڏکوئيندڙ واقعا ڪنهن مصيبت واري ليکي ۾ ڳڻيا وڃن يا انهن پويان ڪن سازشن کي ڳوليو وڃي!

جڏهن اهڙي صورتحال هجي ته ماڻهو ٻڏتر جو شڪار ٿي وڃي ٿو. غير يقيني دلين ۾ گمراهه ڪندڙ خيالن کي جنميندي آهي ۽ شايد اهو ئي سبب آهي جو ايران ان معاملي تي ڏاڍو سخت موقف اختيار ڪيو آهي ۽ سعودي حڪومت کي اهڙين واقعن ۾ سنئون سڌو ملوث قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ايران جي نيت ڪهڙو ٿي ڪم ڪري سو ته خدا ڄاڻي، باقي غير يقيني صورتحال ۾ انومان ۽ انديشا فطري هوندا آهن. سعودي عرب ۽ آمريڪا جو چوڻ آهي ته ايران الميي تي سياست ڪرڻ بند ڪري، پاڻ ان بحث ۾ نه ٿا پئون ته ايران حق تي آهي يا ناحق تي، پر ايترو ضرور چئي سگهجي ٿو ته 1973ع کان 2015ع تائين حج دوران ٿيل حادثن ۾ 6 هزارن جي لڳ ڀڳ حاجي سڳورن جون حياتيون وڃائڻ واري معاملي هاڻ ڪيترائي سوال اڀاري ڇڏيا آهن.

1975ع ۾ منيٰ جي ميدان تي خيمن کي لڳل باهه سبب 347 حاجين جي سڙي فوت ٿي وڃڻ وارو معاملو هجي، توڙي ان کان ٻه سال اڳ 1973ع ۾ جهاز ڪرڻ سبب 176 ۽ 1991ع ۾ به جهاز ڪريش ٿيڻ ڪري 247 حاجي شهيد ٿيڻ وارا معاملا، 11 سيپٽمبر 2015ع تي حرم شريف ۾ 107 حاجين جي شهادت کان تازن واقعن تائين ڪهڙا ڪهڙا واقعا بحث هيٺ آهن. 2004ع ۾ به ڀاڄ دوران 251 ۽ 2013ع ۾ 14، 1998ع ۾ 118 ۽ 1994ع ۾ 270 حاجي شهيد ٿيا هئا.

انهن سمورن حادثن هاڻ ان تاثر کي هٿي ڏني آهي ته جيڪو به حج تي وڃي، اڳ ۾ حياتي تان هٿ کڻڻ جو سوچي وڃي. هونئن ته دل جي ڌڪ ڌڪ ڪٿي به ۽ ڪنهن به وقت رڪجي سگهي ٿي پر هي جيڪي حادثن جي صورت ۾ هانءُ ڏاريندڙ واقعا پيش اچن ٿا، اُهي ڏاڍا المناڪ ٿين ٿا. 14 کان وڌيڪ پاڪستانين جي ته تدفين سعودي عرب ۾ ٿي چڪي آهي. خبرون اهي آهن ته باقي شهيدن کي به ڀلي پار جي مِٽي نصيب ٿيندي! سوال اهو آهي ته اهڙي فيصلي ۾ وارثن جي رضا ۽ مرضي جو به ڪو عمل دخل آهي يا حڪومت پنهنجي طور تي اهڙي ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪري رهي آهي!؟

 

ڪمند جو بحران ۽ رياستي رٽ: تاج مري

گذريل سالن وانگر هن سال به شگرمل مالڪن ۽ آبادگارن وچ ۾ ڪمند جي امدادي قيمت ۽ پيڙائي 10 آڪٽوبر تي ڪرڻ واري مسئلي تي اختلافن ڪر کڻڻ شروع ڪيو آهي، اخباري اطلاعن مطابق گذريل ڏينهن سنڌ جي زراعت واري وزير علي نواز مهر جي صدارت ۾ آبادگارن ۽ شگرمل مالڪن جي وچ ۾ ٿيندڙ گڏجاڻي بنا نتيجي ختم ٿي وئي ۽ وزير زراعت مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ 14-12 ڏينهن جي گهر ڪئي آهي. هن اجلاس ۾ آبادگارن جي نمائندن عبدالمجيد نظاماڻي، ڊاڪٽر ذوالفقار يوسفاڻي، نبي بخش سهتو، قبول محمد کٽياڻ ۽ شگرمل مالڪن جي تنظيم پاسما جي اڳواڻن عبدالواحد آرائين، اسلم فاروقي، سلمان يونس سنڌ جي زراعت واري سيڪريٽري شاهد گلزار شيخ سميت زراعت کاتي جا آفيسر پڻ موجود هئا. گڏجاڻي ۾ شگرمل مالڪن وڏي وزير پاران 10 آڪٽوبر تي شگرملن کي ڪمند جي پيڙائي شروع ڪرڻ واري حڪم کي ٿڏي ڇڏيو آهي ۽ ڪمند جي امدادي اگهه تي پڻ اختلاف نبري نه سگهيا آهن، سوال اهو آهي ته آخر شگرمل مالڪ ايڏا طاقتور ڪيئن آهن، جو وڏي وزير جي حڪمن کي ئي ٿڏي ڇڏين ٿا، جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ رياست جي رٽ ڪٿي آهي، جيڪڏهن دهشتگردي ۽ ڪرپشن خلاف رياستي آپريشن ذريعي رٽ قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ته پوءِ ڀلا سرمائيدارن ۽ جاگيردارن پاران قانون جون ڌڄيون اڏايون وڃن ته پوءِ به رياست خاموش هجي ته ظاهر ٿيندو ته رياست جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جي نمائندا آهن، رياستي ڪارندا مجيرين جي آڏو بيوس آهن.

ڪمند جي آبادگارن ۽ شگرمل مالڪن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جي صورت ۾ پيدا ٿيندڙ هي بحران ڪو نئون ڪونهي، هن کان اڳ گذريل سالن ۾ به ائين ٿيندو رهيو آهي ۽ ان جو نتيجو ڀوڳيو ننڍي آبادگار ۽ هارين آهي، وڏا جاگيردار وري به نقصان جو پورائو ڪري وڃن ٿا.

مثال طور گذريل سالن ۾ شگرمل مالڪن سرڪار جي مقرر ڪيل امدادي اگهه توڙي ڪمند جي پيڙائي لاءِ مقرر ڪيل تاريخ تي عمل نه ڪيو آهي، گذريل سال ته بحران ايترو وڌي ويو جو آبادگارن کي ڌرڻا هڻڻا پيا ۽ مخالف ڌر جي پارٽين جنهن مسلم ليگ ف ۽ ن- ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ به انهن ڌرڻن ۾ شامل ٿي ويون هيون ۽ قومپرست پارٽين پڻ آبادگارن جي حمايت ۾ جلوس ڪڍيا ۽ مظاهرا ڪيا، نه رڳو مخالف ڌر پر خود سنڌ ۾ حڪومتي ڌر جي ميمبرن پڻ ان تي احتجاج ڪيو، سنڌ اسيمبلي توڙي قومي اسيمبلي ۾ انهي مسئلي تي احتجاج ڪيو ويو، قومي اسيمبلي ۾ پ پ جي ايم اين اي نواب يوسف ٽالپر جي اڳواڻي ۾ اسيمبلي ميمبرن اسيمبلي مان واڪ آئوٽ پڻ ڪيو ۽ پارلياماني معاملن جي مملڪتي وزير کي اهو بيان ڏيڻو پيو ته وفاقي حڪومت سنڌ جي وڏي وزير کي خط لکي اهو چوندي ته سرڪاري مقرر ڪيل اگهه 182 روپيا في مڻ جي حساب سان آبادگارن کان ڪمند ورتو وڃي، دلچسپ ڳالهه اها آهي ته گذريل سال 7 نومبر تي ڪمند جو امدادي اگهه 182 روپيا في مڻ مقرر ڪيو ويو هو، هڪ مهيني اندر ڊسمبر ۾ سرڪار پنهنجي فيصلي تان هٿ کڻي نئون نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ته ڪمند جو امدادي اگهه 182 روپين بدران 155 روپيا هوندو.

جيتوڻيڪ ان کان اڳ 14-2013 ۾ ڪمند جو اگهه 172 روپيا في مڻ هو، ان وقت کنڊ جو في ڪلو هول سيل ريٽ 40 کان 45 روپيا ڪلو هو ۽ 15-2014 ۾ اهو اگهه 50 کان 55 روپيا ڪلو ٿي چڪو هو ۽ حڪومت 10 روپيا خاص رعايت ساڻ 650،000 ٽن ايڪسپورٽ ڪرڻ جي اجازت به ڏني هئي ۽ هن سال ته وري کند 62 کان 65 روپيا في ڪلو جي حساب ساڻ ملڪ ۾ هول سيل ريٽ تي موجود آهي، پر پوءِ مل مالڪ آبادگارن کي اگهه وڌائي ڏيڻ لاءِ تيار ناهن، حڪومت پاران شگرمل مالڪن آڏو بيوسي جو هڪڙو سبب اهو چيو وڃي ٿو ته 37 شگرملن مان 17 شگرملون يعني اڌ کان وڌيڪ شگرملون سڌي يا اڻ سڌي طرح پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جون آهن، ان لاءِ وڏو وزير توڙي سنڌ حڪومت بيوس بڻيل آهي.

پاڪستان دنيا جي انهن ڏهن ملڪن مان 5 نمبر تي آهي، جيڪي وڌ کان وڌ ڪمند اپائين ٿا، جيڪڏهن حڪومت ڪمند سميت زراعت ۾ اهڙا ٻج متعارف ڪرائي ۽ آبادگارن کي بهتر رعايتون ڏئي ته پاڪستان دنيا جي کنڊ پيدا ڪندڙ ملڪن ۾ اڳتي وڃي سگهي ٿو، انگ اکر ٻڌائين ٿا ته هن وقت مصر 65 کان 105 ميٽرڪ ٽن في هيڪٽر جي حساب ساڻ ڪمند پيدا ڪري ٿو ۽ ان جي مقابلي ۾ پاڪستان 45 ميٽرڪ ٽن في هيڪٽر، هندستان ۽ پاڪستان جي ساڳئي آب هوا آهي، پر هندستان پاڪستان جي مقابلي 60 کان 66 ميٽرڪ ٽن في هيڪٽر جي حساب ساڻ پيدا ڪري ٿو، اسان جي آبادگارن کي جيڪڏهن سهولتون ڏنيون وڃن ۽ بهتر ٻج تيار ڪيا وڃن ته پاڪستان هندستان جي برابر اچي سگهي ٿو، اسان ته رڳو کنڊ جي اگهه جو ذڪر ڪيو آهي ۽ هونئن ته سرمائيدار به کنڊ جي اگهه تي ڳالهائيندا آهن، پر حقيقت ۾ ڪمند جي پوک مان رڳو کنڊ نه پر ڪارخانيدار ان جي بگاس مان چپ بورڊ، پينٽس (رنگ) پلاسٽڪ، فائيبر، شراب سميت مختلف شيون تيار ڪندا آهن.

امدادي قيمت مطابق خريداري نه ٿيڻ جي صورت ۾ رياست جي ذميواري هجي ته ان جا ادارا هارين کان پاڻ فصل خريد ڪن، پيڪيج ۾ انشورنس جو ذڪر به ڀوڳ جهڙو آهي، زرعي قرضن جي انشورنس جو ذڪر آهي، جنهن مان بينڪن کي فائدو ٿيندو آهي، هارين ۽ آبادگارن کي تڏهن فائدو ٿئي ها، جو سندن فصلن جي انشورنس ڪئي وڃي ها، جنهن فصل کي نقصان ٿيڻ ۽ صحيح قيمت نه ملڻ سبب آبادگارن ۽ هارين جي نقصان جو پورائو انشورنس مان ٿئي ها، هاري جيڪي لنڊيون لتاڙي زمين آباد ڪن ٿا، انهن جي صحت جي انشورنس ٿئي ها، جنهن مان کين لاڀ حاصل ٿئي ها.

هارين کي ته ان صورت ۾ فائدو حاصل ٿي سگهي ٿو، جڏهن زرعي سڌارا ڪري وڏيون زمينداريون ختم ڪيون وڃن ۽ هارين کي پوکيءَ لاءِ ۽ گهر اڏڻ لاءِ مفت زمين ڏئي انهن لاءِ زرعي قرض ۽ مشينري فراهم ڪئي وڃي، باقي زرعي قرضن توڙي مشينري ٽيڪس ۾ ڇوٽ مان هارين کي ڪو به لاڀ حاصل نه ٿيندو، انهيءَ پيڪيج کي ڏٺو وڃي ته اهو پيڪيج ننڍن آبادگارن خاص طور سنڌ جي ننڍن آبادگارن کي به گهٽ فائدو ڏيندو، سنڌ جو آبادگار ته ڪمند جي صحيح قيمت نه ملڻ ۽ پوءِ هاڻ وري ڦٽين ۽ سارين جي پڻ صحيح قيمت نه ملڻ سبب ڪنگال بڻجي ويو آهي، انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته اهڙي پيڪيج جي شروع ڪرڻ کان اڳ هارين ۽ آبادگارن جي نمائندن سان گڏجاڻيون ڪري انهيءَ لاءِ انهن کان تجويزون ورتيون وڃن، سولر ٽيوب ويلن لاءِ قرض ڏيڻ سٺو عمل آهي، پر سنڌ ۾ جر جو پاڻي مٺو ناهي، انهيءَ لاءِ پڇڙيءَ تائين پاڻي پهچائڻ ۽ پاڻي جي زيان کي روڪڻ جي ضرورت آهي.

پ پ ۽ تحريڪ انصاف، تنقيد ڪرڻ بجاءِ بهتر ٿيندو ته سندن صوبن ۾ زرعي پاليسي جوڙين، سنڌ حڪومت بينظير پيڪيج تحت هارين ۽ هارياڻين ۾ زرعي زمين ورهائڻ واري ٽين مرحلي جي شروعات ڪري ۽ ٽيننسي ايڪٽ ۾ 2013ع ۾ ڪيل هاري دشمن ترميم، جنهن ۾ ڇيڙ، بيگار کي قانون بڻايو ويو آهي ۽ زرعي مشينري، زرعي پوکي راهي ۾ هارين تي اڌ خرچ رکيل هو، اهو سڄو خرچ هاري تي وڌو ويو، اهو واپس ورتو وڃي.

 

نيپرا جي رپورٽ-احتساب ڪير ڪندو؟

نيپرا پنهنجي سالياني رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو آهي ته 15 -2014ع ۾ سرڪاري پاور پلانٽ رڳو 41 سيڪڙو بجلي پيدا ڪري سگهيا آهن، جناح پن بجلي منصوبي مان به گهربل بجلي پيدا نه ٿي سگهي، ٿرمل پاور پلانٽن کي به هٿ سان بند ڪيو ويو آهي. نئين ميٽر سسٽم کي پڻ ناڪام قرار ڏيندي نيپرا جو چوڻ آهي ته ان سان 70 سيڪڙو صارفين کي غلط بل ملي رهيا آهن، رپورٽ ۾ پاڻي ۽ بجلي واري وزارت جي ڪارڪردگي مڪمل طور تي ناقص ڄاڻائي وئي آهي، سنڌو درياءَ تي قائم ڪيل جناح هائيڊرو پراجيڪٽ جي ڪارڪردگي تي پڻ سوال اٿاريا ويا آهن، ٻڌايو وڃي ٿو ته منصوبي تي 17 ارب روپيا خرچ ڪرڻ جي باوجود خرابيون ختم ناهن ڪيون ويون، ٽي سال گذري ويا، پر منصوبو درست نموني ڪم ئي نه پيو ڪري ۽ ان مان رڳو ٽن سالن ۾ 72 ڪروڙ يونٽ بجلي پيدا ڪئي وئي، رپورٽ ۾ آئيسڪو جي ڪارڪردگي پهرين ۽ ڪراچي اليڪٽرڪ جي ڪارڪردگي ٻي نمبر تي بهتر قرار ڏني پئي وڃي، باقي بجلي ورهاست وارين ٻين ڪمپينن جي ڪارڪردگي اطمينان جوڳي ناهي. هونئن ته پاڪستان وجود ۾ اچڻ کانپوءِ قوم ڪيترن ئي وڏن سانحن ۽ بحرانن کي منهن ڏنو آهي، انهن ۾ توانائي جو بحران به شامل آهي، جيئن جيئن ملڪ جي آبادي ۾ اضافو ٿيندو ويو، تيئن تئين وري گهُرجن ۾ به واڌ ٿيندي رهي، پر وڏي افسوس جهڙي ڳالهه اها آهي ته اسان جي ملڪ ۾ جڏهن کان بجليءَ جي بحران ڪرُ کنيو، ان وقت کان وقت جي حاڪمن توڙي سياستدانن انهيءَ قومي مسئلي کي حل ڪرڻ ۾ سنجيدگي ڏيکارڻ بجاءِ ان تي سياست شروع ڪئي ۽ پنهنجي سياسي دڪانداري چمڪائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، پر تڏهن به بجلي بحران وارو مامرو حل نه ٿيو، ويتر ان کي ڳنڀير بڻائي عوام کي بيوقوف بڻائڻ ۽ ان معاملي کي ووٽ حاصل ڪرڻ جو وسيلو ۽ ذريعو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ڪيترائي ڀيرا اڳين توڙي موجوده حڪومت ۾ پاڻي ۽ بجلي وزارت جو قلمدان سنڀاليندڙن جي واتان بجلي بحران حل ڪرڻ جا واعدا ۽ وچن به ٻڌا ويا، ايتري تائين جو ملڪ جي چيف ايگزيڪٽو به بجلي جي معاملي تي بيان ۽ ٽائيم فريم ڏيڻ کان وسان ڪين گهٽايو، پر خبر ناهي ته ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ٿيندڙ اڳڀرائين جو عوام کي ثمر ڇونه ملي سگهيو؟ نيپرا جي سالياني رپورٽ ۾ موجوده وفاقي حڪومت کي بجلي جي بحران جو ذميوار قرار ڏنو ويو آهي، ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته وفاقي سرڪار عوام جي فلاح لاءِ منصوبا جوڙي اڳيان وڌڻ جون دعوائون ته کوڙ ڪيون آهن، پر انهن مان اڪثر اڃا لاڀائتيون ثابت ناهن ٿيون، اسين رڳو بجليءَ جي معاملي تي ئي ڳالهايون ته ان جي ورهاست واري نظام ۾ بهتري ۽ پيداوار ۾ اضافو ڪرڻ جون ڳالهيون رڳو بيانن تائين ئي محدود لڳن ٿيون، هتي اهو به سوال اڀري ٿو ته ڇا مسلم ليگ (ن) جي حڪومت سنڌ ۾ ٿرمل پاور پلانٽ ان ڪري بند ڪرايا آهن ته جيئن ان تي سياست ڪري سگهجي يا وري انهن بجلي گهرن کي ان وقت ٻيهر فعال بڻايو ويندو، جڏهن عام چونڊون ويجهو اينديون ۽ ان کي ووٽ وٺڻ جو وسيلو بڻايو ويندو؟ جيڪڏهن واقعي ائين آهي ته مرڪزي سرڪار جو اهو رويو صوبن خاص ڪري سنڌ سان تعصب ظاهر ڪري ٿو ۽ ان سان مستقبل ۾ خطرناڪ نتيجا نڪري سگهن ٿا. نوان ميٽر لڳائي عوام ڏانهن واڌو بل موڪليا ويا، انهن کي قرضي بڻايو ويو، ٻڌايو ُوڃي ته هاڻي پاڻي ۽ بجلي وزارت جي وفاقي توڙي مملڪتي وزيرن ۽ انهن جي ماتحت ڪم ڪندڙ بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين خلاف ڪير احتساب ڪندو؟