تازيون خبرون

Daily Archives: September 30, 2015

جنگ جو نتيجو معصوم ٻارڙن کي ڀوڳڻو پوي ٿو، گلوڪاره شڪيرا

نيويارڪ (شوبز نيوز) يونيسيف جي امن سفير ۽ مشهورگلوڪاره شڪيرا چيو آهي ته جنگ جو نتيجو معصوم ٻارڙن کي ڀوڳڻو پوي ٿو گڏيل قومن ۾ پريس ڪانفرنس ۾ پاپ گلوڪاره شڪيرا چيو آهي ته جنگيون تباهي جو سبب بڻجنديون آهن جن جي ڳري قيمت معصوم ٻارڙن کي پنهنجي زندگي تان هٿ ڌوئي ادا ڪرڻي پوي ٿي هن چيو ته تازو ئي شامي ٻارڙا ايليان ڪردي جي موت سڄي انسانيت کي جنجهوڙي ڇڏيو آهي شڪيرا چيو ته دنيا جي قومن کي اهڙا قدم کڻڻ گهرجن جو آئينده ڪوئي ٻارڙو جنگ يا بک وگهي بي رحم موجن جي نذر نه ٿي وڃي.

 

سڌارٿ ۽ عاليه بٽ پاران شادي جي افواهن جي ترديد

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي ادارڪار سڌارٿ ملوترا ڀارتي ميڊيا پاران جاري ڪيل عاليه بٽ سان شادي جي خبر جي ترديد ڪندي هن هڪ افواهه ڪوٺيو آهي هن چيو ته اڃا اسان جي شادي جي عمر نه آهي ۽ في الحال شادي جو ڪوئي خيالنه آهي ٻئي پاسي بالي ووڊ اداڪاره عاليه بٽ چيو آهي ته هو شادي لاءِ پنهنجو پاڻ کي اڃا ننڍي عمر جي سمجهي ٿي عاليه بٽ چيو ته هو شادي لاءِ ڪافي ننڍڙي آهي ان لاءِ هن شادي بابت ڪڏهن ناهي سوچيو سندس سموري ڌيان سندس ڪيريئر تي اهي عاليه بٽ چيو ته هو جڏهن به شادي جو سوچيندي ته خود ان ڳالهه جو اعلان ڪندي.

 

پاڪستان ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ زمبابوي کي هارائي سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي

هراري(اسپورٽس نيوز) پاڪستان، ٻي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ زمبابوي کي هارائي سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي. زمبابوي جي شهر هراري ۾ کيڏيل ٻئي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان شاهد آفريدي ٽاس کٽي پهرينبيٽنگ جو فيصلو ڪيو. پاڪستان طرفان عمر اڪمل 37 ۽ صهيب مقصود 26 رنسون ٺاهي نمايان رهيا،جڏهن ته عمران خان جونيئر ۽ محمد عرفان 2-2 وڪيٽون ورتيون. قومي ٽيم مقرر اوورز ۾ مخالف ٽيم کي 137 رنسن جو هدف ڏنو. زمبابوي جي ٽيم هدف حاصل ڪرڻ لاءِ بيٽنگ شروع ڪئي پر رانديگر ڪوبه ٻوٽو نه ٻاري سگهيا ۽ سموري ٽيم هڪ سئو 21 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. اهڙي ريت پاڪستان کي 15 رنسن تان ڪاميابي نصيب ٿي ۽ سيريز ۾ سوڀ پڻ قومي ٽيم جي حصي ۾ آئي. پاڪستاني رانديگر عماد وسيم کي مين آف دي سيريز ۽ عمر اڪمل کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

 

ڏوڪري ۾ مرحوم صحافي انور ميمڻ جي ياد ۾ والي بال ٽورنامينٽ، ٻلهڙيجي جي ٽيم ميدان ماري وئي

ڏوڪري(رپورٽر) الحسيني والي بال ڪلب ڏوڪري پاران نيشنل پريس ڪلب جي صدر عبدالجبار ميمڻ جي والد مر حوم صحا في انو ر علي ميمڻ جي ياد۾ ٽو رنامنٽ ٿي گذري. جنهن م ڏوڪري تعلقي جي مختلف ڳو ٺن جي10 ٽيمن حصو ورتو. جنهن م فائنل م 2 ٽيمون پهتيون جنهن ۾ (سائين صالح شاهه سوائي) ٻلهڙيجي ۽ مست سيد غلام نبي شاهه جون ٽيمون فائنل ۾ پهتيون. جنهن کان پو۽ ٻنهي ٽيمن وچم سخت مقابلي بعد ٻلهڙيجي جي ٽيم (سائين صالح شاهه سوائي) جي ٽيم 8 پوئنٽن تان مئڇ جو فائنل کٽي . مر حوم صحا في انو ر علي ميمڻ ٽو رنامنٽ کٽي ورتي. ٽو رنامنٽ جا مهمان خاص سماجي ورڪر مامو محمد رمضان ساريو ، ۽ نيشنل پريس ڪلب جي صدر عبدالجبار ميمڻ، صحافي ربنواز کو سو هئا. جن کٽندڙ ٽيم جي رانديگرن سڪندر شيخ،سيد طالب شاهه،شيراز پيرزادو، ارشادعلي، منٺار علي جڏهن ته هارائندڙ ٽيم جي رانديگرن جن ۾ اخلاق مڱڻهار، منان، ڪامران ۽ الحسيني والي بال ڪلب ڏوڪري جي دلو ميمڻ، جو ڻيجو ۽ ٻين کي انعام ڏنا ويا. آخر م مئچ کي خطاب ڪندي سماجي ورڪر مامي محمد رمضان ساريو چيو ته اڃو ڪي نامياري صحافي انو ر علي ميمڻ جي ياد م ڪيل ٽو رنامنٽن جهڙيون ٽو رنامنٽون ٿيندو رهن ته جئين اهڙن عظيم شخصيتن جي ياد تازي ٿيندي.