تازيون خبرون

Daily Archives: September 22, 2015

پريانڪا چوپڙا يورپ ميوزڪ ايوارڊز 2015ع ۾ بهترين انڊيا ايڪٽ ڪيٽگري لاءِ نامزد

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره ۽ گلوڪاره پريانڪا چوپڙا يورپ ميوزڪ ايوارڊز 2015ع ۾ بهترين انڊيا ايڪٽ ڪيٽگري لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي. ڀارتي سنڌ سماءَ جي ذريعن موجب يورپ ميوزڪ ايوارڊ ۾ عالمي ڪيٽگري لاءِ سموري دنيا مان بهترين ٽيلنٽ چونڊيو ويندو آهي، ان ۾ مداح پنهنجي ووٽن جي ذريعي فنڪارن کي چونڊيندا آهن. انڊين ايڪٽ ڪيٽگري لاءِ پريانڪا چوپڙا، مونيڪا ڊوگر، انڊس ڪريڊ، سڪاوينجرز وچ ۾ مقابلو ٿيندو، جڏهن ته مداح 14 آڪٽوبر تائين پنهنجا ووٽ ايم ٽي وي جي ويب سائيٽ تي ڪاسٽ ڪري سگهن ٿا.

 

عاليه ڀٽ کي 65 سالن جي پوڙهي وانگر هر ڳالهه جي خبر آهي : شاهد ڪپور

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار شاهد ڪپور چيو آهي ته عاليه ڀٽ 65 سالن جي پوڙهي عورت جيان آهي جيڪا هر ڳالهه سمجهي ٿي. ڀارت جي سڌ سماءَ وارن ذريعن مطابق فلم ”شاندار” جي پروموشن دوران شاهد ڪپور ميڊيا ۽ ڪاليج جي شاگردن سان ڳالهائيندي چيو ته 22 سالن جي عاليه ڀٽ 65 سالن جي پوڙهي جو تجربو رکي ٿي. اهڙي ڪا به شيءَ ناهي جنهن جي کيس خبر نه هجي. واضح رهي ته عاليه ڀٽ فلمساز ڪرن جوهر جي شو ۾ مها راشتر جي وزيراعليٰ کي ڀارت جو صدر چئي ڇڏيو هو. وڪاس بهل جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ فلم ”شاندار” 22 آڪٽوبر تي رليز ڪئي ويندي.

 

اڳوڻي سريلنڪن بيٽسمين روشن ماناما هلندڙ سال جي آخر ۾ آءِ سي سي ايلپن ميچ ريفريز پينل تان برطرف ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪولمبو(اسپورٽس نيوز) اڳوڻي سريلنڪن بيٽسمين روشن ماناما هلندڙ سال جي آخر ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ايلپن ميچ ريفريز پينل تان برطرف ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ماناما خاندان ۽ پنهنجي ڪاروبار کي وڌيڪ وقت ڏيڻ کي نظر ۾ رکندي اهو فيصلو ڪيو آهي. ماناما 2004ع ۾ آءِ سي سي ايلٽ پينل ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي. هو هيستائين 58 ٽيسٽ، 222 هڪ ڏينهن واري ۽ 35 ٽي 20 ميچن ۾ ريريز جا فرض انجام ڏئي چڪو اهي، جنهن ۾ 3 ورلڊ ڪپ ٽورنامينٽ ۽ 2009ع چيمپئنز ٽرافي پڻ شامل آهن. ماناما پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته منهنجو ڪرڪيٽ سان گڏ تعلق آهي ۽ مان گذريل 40 سالن کان ان سان لاڳاپيل آهيان لاءِ ان لاءِ هو منهنجي لاءِ گهڻو مشڪل فيصلو هو پر مان پنهنجي خاندان ۽ ڪاروبار کي مناسب وقت ڏيڻ سبب انتهائي قدم کنيو آهي. آءِ سي سي جنرل مئنيجر ڪرڪيٽ جيف ايلرڊائس ماناما جي خدمتن تي ان جو شڪر ادا ڪيو ۽ چيو ته هن ديانتداريءَ سان پنهنجا فرض انجام ڏنا ۽ اسان جون همدرديون مستقبل ۾ به ان سان گڏ رهنديون.

 

8 ميمبرن واري قومي ٽيم ڪامن ويلٿ ويٽ لفٽنگ چيمپئن شپ ۾ شرڪت ڪندي: ڪوچ الياس بٽ

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) 8 ميمبرن واري قومي ٽيم ڪامن ويلٿ ويٽ لفٽنگ چيمپئن شپ ۾ شرڪت ڪندي. چيمپئن شپ 11 کان 16 آڪٽوبر تائين ڀارت ۾ کيڏي ويندي. قومي ٽيم جي ڪوچ الياس بٽ ٻُڌايو ته 8 ميمبرن واري قومي ٽيم ۾ عبدالله غفور (56 ڪلوگرام)، محمد شهزاد (62 ڪلوگرام)، ابوسفيان (69 ڪلوگرام)، عمر رسول لون (77 ڪلوگرام)، محمد طاهر (85 ڪلوگرام)، عثمان امجد راٺور (94 ڪلوگرام)، اظهر عامر (105 ڪلوگرام) ۽ نوح دستگير بٽ (پلس 95 ڪلوگرام) شامل آهن. هن ٻُڌايو ته تربيتي ڪيمپ جو ٻيو مرحلو پهرين آڪٽوبر کان شروع ٿيندو. الياس بٽ چيو ته قومي ٽيم جا رانديگر ڪامن ويلٿ ويٽ لفٽنگ چيمپئن سپ ۾ شاندار ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪندا.

 

ايلان ڪُردي جو لاش ۽ مسلم دنيا جي بي حسي..:وزير علي جمالي

4 سيپٽمبر جي صُبح جو ترڪي جي هڪ جزيري جي ڪناري تي چئن سالن جي معصوم ٻارڙي ايلان ڪُردي، جنهن کي ڳاڙهي رنگ جي شرٽ ۽ نيري رنگ جو ڪڇو پاتل هو، ان جي لاش کي ڏسي سڄي دنيا جي باضمير ۽ درد دل رکڻ وارن انسانن جي اکين ۾ بي اختيار ڳوڙها تري آيا، هر دل تڙپي اُٿي هئي ۽ هر ماڻهوءَ کي ايلان ڪُردي جي شڪل ۾ پنهنجي جگر جو ٽڪرو ڏسڻ ۾ آيو هو. ايلان ڪُردي جيڪو پنهنجي والدين سان گڏ شام مان لڏپلاڻ ڪري ترڪي جي سامونڊي پٽي ذريعي يونان جي جزيري کان يورپ ڏانهن پناهه وٺڻ توڙي پنهنجي پتڪڙن خوابن کي ساڀيان ڏيڻ لاءِ سک جي ساڻيهه جو راهي ٿيو هو، ان کي شايد اُها خبر نه هئي ته سندس حسين خوابن جو سفر ڪجهه گهڙين اندر سمنڊ جي بي رحم ڇولين جي حوالي ٿي ويندو. هو جنهن سک جي سفر لاءِ سمنڊ ۾ ٻيڙيءَ تي سوار هو، جڏهن سندس ٻيڙي سمنڊ جي تيز لهرن جي وَر چڙهي وئي ۽ هو پنهنجي ماءُ ۽ ٻين ٽن ڀاءُ ڀينرن سميت سمنڊ جي بي رحم موجن جي نذر ٿي ويو. جڏهن ترڪي جي رضاڪارن هن جي معصوم جسم کي ڪناري تي اونڌو پيل ڏسي سندس لاش کي کڻي ايمبولينس ۾ رکيو ته ان وقت اُتي موجود صحافين پاران جاري ڪيل بي جان جسم جون  تصويرون ڪجهه ڪلاڪن اندر سوشل ويب سائٽس فيس بڪ، ٽيوٽر ۽ واٽس اپ ذريعي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچي ويون ۽ دنيا ۾ سندس حمايت ۾ مظاهرا شروع ٿي ويا. يورپ جي سڀني ملڪن خاص طور تي جرمني، فرانس، برطانيا، ڊنمارڪ، اسپين وغيره ۾ شهرين جو وڏو انگ روڊن تي اچي ويو ۽ شام جي مظلوم پناهگيرن جي حمايت ۾ پنهنجي حڪومتن تي زور ڏنو ته هو انهن کي پناهه ڏيڻ لاءِ يورپي يونين جي سخت قانونن ۾ نرمي آڻين.

يورپي يونين جي اڪثر ملڪن خاص ڪري جرمني، فرانس ۽ برطانيه پنهنجي پنهنجي ملڪن اندر شامي پناهگيرن کي پناهه ڏيڻ جا منصوبا جوڙيا آهن ۽ انهن لاءِ روزگار، صحت ۽ ٻييون سهولتون فراهم ڪرڻ جا اعلان ڪيا آهن. ٻئي طرف وري هنگري، سربيا ۽ پولينڊ جهڙن ڪجهه  ملڪن جي معتصب عيسائي حڪومتن پاران مسلم پناهگيرن کي پنهنجي ملڪ جي سرحدن کان ڏور رکڻ لاءِ سخت پاليسيون لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ بي گهر، لاچار ۽ بي سرو ساماني جي ڪيفيت جو شڪار پناهگيرن مٿان هنگري جي سرحدن تي پوليس ۽ فوج طرفان سخت تشدد ڪيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ سوين مرد، عورتون ۽ ٻارڙا زخمي ٿي پيا. ان  ظالماڻي عمل خلاف پڻ يورپ جي ساڃاهه وند ۽ باضمير عوام طرفان ڀرپور احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا آهن ۽ هنگري جي حڪومت خلاف سخت ڪاوڙ جي لهر ڇائنجي وئي آهي. مذهب، قوم، فرقي ۽ رنگ ونسل کان بالاتر ٿي ڪري فقط انسانيت جي نالي تي اڄ مهذب يورپي عوام نه رڳو عرب دنيا جي جنگين جو شڪار پناهگيرن پر افغاني، برمي، سوڊاني، ڪوريائي ۽ پاڪستاني پناهگيرن کي پڻ ويلڪم چئي رهيا آهن، جنهن سان هنن جي انسان دوستيءَ تي فخر ڪري سگهجي ٿو. هن وقت عرب دنيا ۾ جيڪي گهرو جنگيون هلي رهيون آهن، خاص طور تي شام، عراق، ليبيا ۽ يمن ۾ انهن جنگين جي نتيجي ۾ لکين مسلمان پنهنجي اباڻن ڪکن، ملڪيتن ۽ زمينن کان بي گهر ٿي بي سرو ساماني جي حالت ۾ مختلف پاڙيسري ملڪن جن ۾ ترڪي، لبنان ۽ اردن سرفهرست آهن، اتي جي پناهگير ڪيمپن ۾ ڪسمپرسي واري حياتي گذارڻ تي مجبور آهن، جيڪي ڪالهه تائين پنهنجي ڀريل گهرن ۾ سک ۽ امن سان خوشحال زندگي گذاري رهيا هئا، اُهي اڄ خوني جنگين جي ڪري دربدري ۽ بک بيروزگاري واري حياتي گذارڻ تي مجبور ٿي پيا آهن. هن خطي ۾ جاري خطرناڪ گهرو ويڙهه ۾ سڀ کان خوني ويڙهه شام جي آهي، جتي هن وقت تائين ڏيڍ لک کان وڌيڪ انساني حياتيون موت جي راڪاس جو شڪار جڏهن تي لکين ماڻهو زخمي ۽ ملڪ جي اڌ آبادي بي گهر ٿي چڪي آهي، شام جي جنگ هن وقت ملٽي نيشنل جنگ جي شڪل اختيار ڪري چڪي آهي، جتي علائقائي طاقتن کان علاوه عالمي طاقتن جا مُفاد ۽ مطلب هڪٻئي سان ٽڪرائجڻ جي ڪري گذريل چئن سالن کان جاري ويڙهه جي انت جو ڪوبه امڪان نظر نه اچي رهيو آهي. شام ۾ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيل ويڙهاڪن توڙي مسلڪ ۽ فرقيواريت جي بنياد تي وڙهڻ وارا گوريلا گڏجي شام جي مقامي آباديءَ جو صفايو ڪرڻ ۾ مصروف عمل آهن. اقتدار، اختيار ۽ مفادن جي هن عالمي جنگ عرب دنيا کي لوڏي ڇڏيو آهي. هڪ طرف سعودي عرب ۽ ايران جهڙن مقامي سپر طاقتن جا مُفاد آهن ته ٻئي پاسي وري القائده، داعش ۽ ٻيون خوني جهادي تنظيمون آهن، جيڪي شام جي وڌ کان وڌ علائقن تي قبضو ڪرڻ لاءِ پنهنجي رستي ۾ ايندڙ هر شيءِ کي خاڪ ۾ ملائي رهيا آهن. هن جنگ ۾ دنيا جي تمام رائج الوقت جنگي قانونن جون ڌڄيون اڏايون پيون وڃن. هڪ پاسي ايران ائٽمي مسئلي تي يورپ ۽ آمريڪا سان معاهدي کانپوءِ پاڻ کي نار ۾ سپر طاقت تسليم ڪرائڻ توڙي سعودي عرب سميت ٻين عرب ملڪن کي دٻاءُ ۾ آڻڻ لاءِ خطي جي سڀني ملڪن ۾ اقليتي شيعه فرقي سان تعلق رکندڙ آباديءَ کي بغاوت تي آماده ڪرڻ جون ڪوششون ڪري رهيو آهي، جنهن جو هڪ چٽو مثال ”يمن“ آهي، جتي حوثي شيعه قبيلو اقليت ۾ هئڻ جي باوجود اڳوڻي ڊڪٽيٽر علي عبدالله صالح جي حمايت ۽ مدد سان اقتدار تي قبضو ڪري ورتو آهي. جڏهن ته ان عمل کي سعودي عرب ۽ ٻين شاهوڪار عرب رياستن پاران جنگ جو اعلان سمجهندي شيعه مليشيا خلاف ڪارروائي شروع ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ يمن به شام جو ڏيک ڏيڻ لڳو آهي. اقتدار، اختيار ۽ پنهنجي انا پرستيءَ کي اوچو ڪرڻ واري هن ويڙهه ۽ ڀڙڪايل باهه جي شعلن جو ٻارڻ خطي جو عوام بڻجي رهيو آهي.

شام جا پناهگير جيڪي سمنڊ پار ڪري يورپي ملڪن ڏانهن پناهه وٺڻ لاءِ مجبور ٿي پيا آهن، ڇا انهن کي پناهه ڏيڻ لاءِ دنيا جي سڀ کان وڌيڪ شاهوڪار ۽  قدرتي وسيلن سان مالا مال پاڙيسري ملڪن مان ڪنهن به هڪ رياست ڪو اعلان ڪيو؟ ڪويت، بحرين، قطر، اومان، ابو ظهبي، دبئي توڙي سعودي عرب سميت ڪنهن عرب رياست پاران يمن، عراق ۽ شام جي پناهگيرن لاءِ ڪو رليف پيڪيج ڪونه ڏنو ويو آهي. پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا تي ڇتي تنقيد کان پوءِ فقط سعودي عرب جي حڪومت پاران اها وضاحت پيش ڪئي وئي ته سعودي عرب ۾ 25 لک شامي پناهگيرن کي پناهه ڏئي کين صحت، تعليم ۽ ٻيون بنيادي انساني ضرورتون فراهم ڪيون پيون وڃن، شامي طالب علمن کي سعودي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ وڏي پيماني تي داخلائون ڏئي مفت تعليم ڏني پئي وڃي، پر مجموعي طور تي ڏسجي ته عرب دنيا جي جنگين جي شڪار مظلوم ۽ معصوم پناهگيرن لاءِ شاهوڪار عرب رياستن جي حڪمرانن پاران ڪو به اهڙو قدم يا اعلان ڪونه ٿيو آهي، جنهن سان دربدري ۽ مظلوميت جي زندگي گهاريندڙ هنن پناهگيرن جي ڏکن ۾ ڪا ڪمي ٿي سگهي. عرب دنيا جا حڪمران ۽ شهزدا جيڪي سڄي دنيا ۾ پنهنجي دولت ۽ عيش واري زندگي گذارڻ جي حوالي سان مشهور آهن، هوا، سمنڊ ۽ خشڪي ۾ سندن شاندار محلات نما جهاز جن تي دنيا جي هر قسم جي عيش وعشرت جو سامان موجود هوندو آهي، هنن جي ملڪيت ۾ آهن، هو جنهن به ملڪ جو رخ ڪن ٿا ته ان ملڪ جي معيشت رات پيٽ ۾ ترقي جون منزلون تيزي سان طئي ڪرڻ لڳندي آهي. پوءِ آخر ڪهڙو سبب آهي جو هو شام، يمن ۽ عراق جي جنگ تي هٿيارن، ويڙهاڪن ۽ گولا بارود ذريعي ٻارڻ ته مهيا ڪري رهيا آهن پر ان جنگ جي شعلن جو شڪار ٿيندڙ مظلوم شهرين کي پنهنجي ملڪن ۾ پناهه ڏيڻ لاءِ ڇو تيار ناهن؟ افغانستان جنگ ۾  30 لک کان وڌيڪ افغان پناهگيرن کي پاڪستان جهڙو غريب ملڪ گذريل ٽيهن سالن کان پناهه ڏئي سگهي ٿو ته پوءِ ههڙن شاهوڪار رياستن کي به اسلام، عرب قوم ۽ انسانيت جي ناتي هنن مظلوم پناهگيرن کي پنهنجي رياستن ۾ پناهه ڏيڻ ۽ سندن دردن جو درمان ڪرڻ لاءِ ضروري ۽ تڪڙا اپاءُ وٺڻ لاءِ ضروري قدم کڻڻا پوندا. ان کان اڳ جو  لکين “ ايلان ڪُردي” جهڙا معصوم ٻارڙا سمنڊ جي بي رحم موجن جو شڪار ٿي وڃن، ان کان اڳ جو لکين مائرن جون جهوليون خالي ٿي وڃن، هزارين ونين جي سرِ جا تاج انهن کان وڇڙي وڃن، عرب دنيا ۽ اقوام عالم کي وقت جي بي رحم موجن جي وَر چڙهيل ايلان ڪُردي جهڙن معصوم گلن جهڙن ٻارڙن کي بچائڻ لاءِ اڳتي اچي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

 

زرعي پيڪيج: هارين کا ڇا پلئه پوندو:ڊاڪٽر لال خان

زرعي پيڪيج تي ڏاڍو شورُ آهي، پروپيگنڊه جي يلغار آهي. ظاهري طور هن پيڪيج کي هارين جي احتجاج جي جواب ۾ نواز ليگ جي حڪومت طرفان هارين جون گهرون پوريون ڪرڻ ۽ انهن لاءِ همدرديءَ جو اظهار بڻائي پيش ڪيو پيو وڃي. پروجيڪٽ ۽ پيڪيجن جو هڪ ڊگهو سلسلو شريف برادران مسلسل جاري رکيو آهي. شعبا سندن  پسند جا آهن ۽ انهن منجھان گهڻو ڪري فائدو حاصل ڪندڙ وچولي طبقي جا ڪجهه حصا ان جا ئي سياسي حمايتي سمجھيا وڃن ٿا.

ٻئي طرف مالياتي سيڙپ جي هن سياست ۾ نالي ماتر ” مخالف ڌر جي جماعتن“ پنهنجي سياسي ساک ۾ بهتري ۽ گهڻي ڀائيواريءَ لاءِ تنقيدي مهم هلائي آهي. پيپلزپارٽيءَ کان ويندي تحريڪ انصاف تائين، هن نام نهاد مخالف ڌر وڌ ۾ وڌ ”سياسي دانشمنديءَ جي بنياد تي“جيڪو دليل پيش ڪيو آهي، سو هي آهي ته مڪاني چونڊن تي اثرانداز ٿيڻ لاءِ هن پيڪيج جي 341 ارب رپين کي جائز ناجائز طريقي سان استعمال ڪيو ويندو. اهو دليل ڪنهن حد تائين درست به آهي،

پر الميو هي آهي ته هن زرعي پيڪيج تي سياسي جماعتن وچ ۾ بحث ۽ ڇڪتاڻ منجھان ثابت ٿئي ٿو ته سياسي اشرافيه هن ملڪ جي وڏي آباديءَ جي ڪيفيت ۽ اذيتناڪ مسئلن  ۽ ان جي درست تشخيص بابت ڪيترا لاعلم ۽ اڻ ڄاڻ آهن. اها صورتحال ان حقيقت کي به واضح ڪري ٿي ته  جڏهن سياست نظرين کان خالي ٿي وڃي. ته سماجي ۽ معاشي تجزيا نگاريءَ جي اهليت ئي دمُ ٽوڙي يندي آهي.

اڄ جا حڪمران ۽ انهن جا دانشور بلڪل بي خبر معلوم ٿين ٿا ته عوام ڪهڙن طبقن ۾ ورهايل ۽ جڪڙيل آهي.سماجي طور ۽ زندگيءَ جي وهنوار ۾ ڪهڙيو تبدليون رونما ٿي رهيون آهن ۽ز رعي مسئلي سميت ٻين سماجي مسئلن جي شڪل ڪهڙي طرح تبديل ٿي چُڪي آهي.

بيماريءَ ۾ ڪهڙيون پيچيدگيون پيدا ٿي پيون آهن، جڏهن اها ئي خبر نه هجي ته مرض جي اصل تشخيص ۽ پوءِ ان جو علاج ڪيئن  ٿي سگهندو؟ سڀ کان پهريون ته لفظ ”هاري“ جو ئي جائزو وٺون.هڪ ايڪڙ زمين جو مالڪ به هاري سڏائي ٿو ۽ ڏهه يا ويهه ايڪڙن جو مالڪ به پاڻ کي هاري سڏائڻ پسند ڪري ٿو. ٻه لفظ آهن ڪسان ۽ دهقان فيض صاحب پنهنجي شاعريءَ ۾ گهڻو ڪري دهقان جو لفظ استعمال ڪيو آهي. هڪ ڪميونسٽ هئڻ ناتي هو ان فرق کي ڀلي ڀت ڄاڻي ٿو.

گذريل چند سالن ۾ جنهن بيهودگي ۽ ظالماڻي انداز ۾ مالياتي سرمائي ڳوٺاڻي زندگيءَ ۾ حددخلي ڪئي آهي، ان سان نه رڳو طبقاتي تقسيم ۽ ڏي وٺ جا رشتا به پئسي جي ڪردار سان نه صرف مجروح ٿيا آهن پر نهايت ئي سفاڪ ٿي رهجي ويا آهن،

هتان جي ديرپا ۽ پاروٿي سرمائيداريءَ جي زهر هر شعبي جي رڳ رڳ ۾ اچي پنهنجي پيداواري طور طريقن ۽ ڏي وٺ جي رشتن کي مجروح ۽ مسخ ته ڪيو آهي پر ڪنهن زرعي انقلاب سان زراعت ۽ ڳوٺاڻي زندگيءَ کي عامُ طرح جديد گسَ تي نه ته هلائي  سگهي نه ئي جديد انفرا اسٽرڪچر ۽ سهولتون فراهم ٿي سگهيون، جنهن مان اهڙيون حالتون جنم وٺن، جيڪي ڳوٺاڻي سوچ ۽ نفيسات کي جديد ۽ ترقي پسند بڻائي سگهن ها.

ان جي ابتڙ ان پئسي جي يلغار ايترو ته بگاڙُ پيدا ڪري ڇڏيو آهي جو ڳوٺاڻي علائقي جي سماجي و ثقافتي زندگي تلخ ۽ رجعت جو شڪار ٿي رهجي وئي آهي. پسماندگيءَ جي ان سمنڊ ۾ موبائيل فون کان و يندي جديد اوزا ۽ اليڪٽرانڪس متعارف ته ضرور ٿيا آهن پر انهن جو معيار ايترو سطحي ۽ محدود هو جو ان سان ڳوٺاڻي سماج جا تضاد، لالچ ۽ ”زن، زر، زمين“ وڌيڪ تيزي سان ڀڙڪي زندگيءَ کي مسلسل عذاب بڻائي رهيا آهن.

نواز شريف جي هن پيڪيج مان وري به فائدو ڀاڻَ وغيره جا ڊيلر، وياج خور، منڊين جا بدمعاش ئي حاصل ڪندا، جيڪي مختلف سياسي پارٽين جا عهديدار ۽ ٿاڻن توڙي عدالتن ۾ اثر رسوخ رکندڙ آهن. ٻئي طرف هن زرعي پيڪيج منجھان انهن زرعي سرمائيدارن ۽ جاگيردارن جي نفعن ۾ به اضافو ٿيندو، ٽريڪٽر، هارويسٽر ۽ ٻين زرعي اوزارن کي ٺيڪي تي هلائيندڙ به آمدنيءَ ۾ گهڻي اضافي  سان نوازجي ويندا. جيڪڏهن ڪنهن کي نه هئڻ برابر ڪا هڙ حاصل ٿيندي ته اهو بي زمين يا ننڍو هاري يا اڳوڻو دهقان ۽ هاڻوڪو ڏهاڙي اجرت وارو زمين جو پورهيو ڪندڙ ئي هو ندو. انهن کي خيرات برابر مالي فائدو به شايد ئي ملي سگهي.

زرعي شعبي ۾ هيءَ ناڪامي  بنياد جي طرح ان پاڪستاني سرمائيداريءَ جي برباديءَ جي علامت آهي، جنهن ۾ انفراسٽرڪچر، ڀلي اهو جديد آبپاشيءَ جو هجي يا وري زرعي مشينريءَ جو، پر سرمائيداريءَ لاءِ دولت ۽ وسيلا ئي نه هئا. نه ئي هتان جو نااهل، ڪرپٽ سرمائيدار طبقو گوري جي پوکيل هن جاگيرداري نظام جو خاتمو ڪري سگهيو آهي. جنهن رياست کي ڪارپوريٽ سرمائيدار ڦُڙي لُٽي ڏيوالو ڪڍي چُڪا هجن، ان مان زرعي انقلاب جي توقع فقط  خود فريبي آهي.

پر تاريخ پنهنجو پاڻ کي جيڪڏهن هو بهو ورجائيندي ناهي ته اها ماضيءَ ڏانهن به موٽ ناهي کائيندي. موجوده ڪيفيت ڳوٺن ۾ جنهن غلاظت، لالچ، بيماري، افلاس ۽ ذلت کي جنم ڏنو آهي، تنهن ۾ انسان جو ساههُ گهٽجڻ لڳي ٿو. ڳوٺاڻي زندگي ۾ امن ۽ چين-خوشگوار ماحول ۾ تازي فضا، مخلص رشتا، اصول و عزت سڀ جا سڀ ماضيءَ جي ڪهاڻي بڻجي ويا آهن. پر ان اذيت کي ختم فقط هڪ زرعي انقلاب ذريعي ڪري سگهجي ٿو، جنهن تحت سموري زمين تي، کيتي باڙي جو پورهيو ڪندڙ مزدورن جو جمهوري ڪنٽرول ۽ ملڪيت ۾ ڀائيواري هجي. زمينون ورهائڻ وارو مرحلو ڪڏهوڪو ختم ٿي چڪو،

هاڻي وڏن فارمن تي جديد ترين مشينري ۽ ٽيڪنالاجي ذريعي ڪيئي ڀيرا وڌيڪ پيداوار ٿي سگهي ٿي. اڄ جڏهن اقوامِ متحده ۽ حڪومت جي پنهنجن انگن اکرن موجب پاڪستان جي 60 سيڪڙو آبادي غذائي قلت يا نيم قلت جو شڪار آهي ته اهي انگ اکر هن نظام جي منهن تي هڪ چماٽ آهي، هڪ منصوبي تي ٻڌل معيشت ۾ پيداوار ايتري گهڻي، ايتري سستي ۽ ايتري وڏي تعداد ۾ ٿي سگهي ٿي جو بک ۽ افلاس جو خاتمو ٿي سگهي.

پر اهو زرعي انقلاب سرمائيداريءَ ذريعي نه ايندو. هي حڪمران طبقو ان قابل هو نه ئي آهي نه ئي وري ٿي سگهي ٿو. قومي جمهوري انقلاب جي ٻين اڌورن  فرضن وانگر هي زرعي انقلاب وارو فرض به تاريخ ٽين دنيا ۾ سوشلسٽ انقلاب جي فرضن ۾ شامل ڪري ڇڏيو آهي.

 

امن جي خواب جي ساڀيان اڃان اڳتي …….

جيتوڻيڪ آپريشن ضرب عضب کانپوءِ حالتون گهڻي حد تائين بهتر ٿيون آهن، پر مڪمل امن واري خواب جي ساڀيان اڃا اڳتي آهي، جنهن لاءِ بردباري ۽ ساڳي تسلسل سان دهشتگرديءَ خلاف ويڙهه جو جاري رهڻ انتهائي اهم آهي. ڇو ته اڳ ۾ دهشتگرد رُڳو هڪ مخصوص علائقي تائين محدود هُئا، پر آپريشن کان پوءِ اُنهن مُلڪ جي مختلف حصن ۾ وڃي پناهه ورتي آهي، جتان هُو ڪارروائين جون رٿائون ڪندا رهن ٿا. تازو پشاور ۾ ايئربيس تي ٿيل حملو انهيءَ جو ثبوت آهي، جنهن ۾ 16 نمازين سميت 29 ڄڻا اجل جو شڪار بڻيا هُئا. ايترو ئي نه پر ٻه ڏهاڙا اڳ ڪراچيءَ ۾ هڪ آپگهاتي بمبار جي اطلاع تي جڏهن پوليس ۽ رينجرز اُن علائقي ۾ سرچ آپريشن ڪيو ته بمبار پنهنجو پاڻ کي ڌماڪي سان اُڏائي ڇڏيو. نه ڄاڻ اُن بمبار جو اڳيون ٽارگيٽ ڪهڙو هو؟ اهڙي صورتحال کي ڏسندي جيتوڻيڪ ڪراچي پوليس عيدالاضحيٰ جي موقعي تي سيڪيورٽي پلان تيار ڪيو آهي، جنهن بابت ٻُڌايو پيو وڃي ته 15 هزار اهلڪارن کي ڊيوٽي لاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي. جيڪا هڪ چڱي ڳالهه آهي، رُڳو ڪراچي ئي نه پر مُلڪ جي سڀني شهرن جي انتظاميا کي سخت سيڪيورٽيءَ جا اُپاءَ وٺڻ گهرجن، جو دهشتگرد آپريشن سبب ٿيل سندن نقصان جي بدلي خاطر ڪٿي به ڪارروائي ڪري سگهن ٿا. تنهنڪري ڪنهن به امڪاني گڙ ٻڙ لاءِ هر علائقي جي انتظاميا کي نه فقط تيار رهڻ گهرجي، پر اڳواٽ اُپاءَ پڻ وٺڻ گهرجن. هتي انهيءَ ڳالهه جو ذڪر پڻ لازمي سمجهون ٿا ته جنهن وقت هي سٽون لکجي رهيون هيون، عين اُنهيءَ وقت اسلام آباد ۾ وزيراعظم نواز شريف جي صدارت ۾ مُلڪي سلامتيءَ متعلق اعليٰ سطحي اجلاس ڪوٺايو ويو هو، جنهن ۾بڊا بير سانحي وارو معاملو افغان حڪومت سامهون کڻڻ جو اصولي فيصلو ڪيو ويو. ياد رهي ته پشاور ڀرسان ايئربيس تي ٿيل حملي جا پيرا افغان سرحدي علائقن ڏانهن وڃڻ جا اطلاع آهن، جنهن جون شاهديون ۽ ثبوت افغان حڪومت آڏو پيش ڪيا ويندا ته جيئن مستقبل ۾ افغان سرحد کان دهشتگردن جي اچ وڃ کي روڪي سگهجي. بهرحال دهشتگردن جون راهون هاڻ گهڻي حد تائين تنگ ٿي چُڪيون آهن ۽ اُنهن جي مڪمل صفائي ۾ ڪو گهڻو وقت نه لڳندو، پر جيستائين انهيءَ عذاب کان مڪمل ڇوٽڪارو نصيب ٿئي، تيستائين عوام کي تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ اُهي سمورا اُپاءَ وٺڻا پوندا، جن تحت مذهبي ڏڻن جي امن امان ۽ خير سلامتيءَ ۾ گذرڻ کي يقيني بڻائي سگهجي. اسين اُميد ٿا ڪريون ته نه رُڳو عيدالاضحيٰ پر محرم الحرام جي حوالي سان پڻ سيڪيورٽي اپائن کي سخت بڻايو ويندو ته جيئن ڪنهن به امڪاني نقصان کان عوام کي محفوظ رکي سگهجي.