تازيون خبرون

Daily Archives: September 18, 2015

بالي ووڊ اداڪاره پرينا قريشي کي ٽن نئين فلمن جي آڇ

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره پرينا قريشيکي 3 نئين فلمن جي آڇ ٿي آهي. ڀارتي سڌ سماءَ جي رپورٽ مطابق گذريل مهيني فلم ”جانثار“ ۾ اداڪاره پرينا پنهنجي جاندار اداڪاريءَ سبب مداحن کي تمام گهڻو متاثر ڪيو، جڏهن ته کيس ٽن نئين فلمن جي اڇ ٿي آهي، جنهن ۾ هڪ وڏي بينر جي فلم به شامل آهي.

 

جان ابراهم ”راڪي هينڊسم” ۾ ايڪشن اسٽائل ۾ نظر ايندو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار جان ابراهم پنهنجي نئين فلم ”راڪي هينڊسم“ ۾ مڪمل طور تي ايڪشن اسٽائل ۾ نظر ايندو، ڀارتي سڌ سماءَ جي ذريعن جي رپورٽ مطابق جان ابراهم چيو آهي ته نئين فلم ”راڪي هينڊس

ڀارت ۾ ايڪشن فلمن جي حوالي سان هڪ منفرد فلم آهي ۽ مداحن اهڙ: فلم نه ڏٺي هوندي، هن چيو ته فلم ۾ ايڪشن سين ڪرڻ لاءِ هن مارشل آرٽ جي نئين قسم جي تربيت حاصل ڪئي آهي، ان فلم ۾ مارڪٽ تمام گهڻي آهي، هن چيو ته فلم ۾ ايڪشن سين ڪرڻ لاءِ هن ڏينهن ۾ 12-12 ڪلاڪ تربيت حاصل ڪئي آهي، مداحن کي اها فلم تمام گهڻي پسند ايندي، اها فلم 5 فيبروري 2016ع تي سينيما گهرن ۾ نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي. ا

 

ويلز پليئر جوناٿن ٿامس جو فٽنس مسئلي سبب انٽر نيشنل رگبي تان رٽائرمينٽ جو اعلان

لنڊن (اسپورٽس نيوز)ويلز ۽ ووريٽر واريرز جي فارورڊ جوناٿن ٿامس فٽنس مسئلي سبب انٽر نيشنل رگبي تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ٿامس ڊاڪٽرن جي هدايت تي عمل ڪندي انتهائي قدم کنيو آهي. 32 سالن جي ٿامسکي 67 ميچن ۾ ملڪ جي نمائندگي جو اعزاز حاصل ٿيو ۽ هو 2008ع ۽ 2015ع ۾ 6 ملڪي گرينڊ سلامز ٽورنامينٽ کٽيل ويلز اسڪواڊ جو پڻ حصو هو. ٿامس رٽائرمينٽ جو اعلان ڪندي چيو ته منهنجو رگبي سان گهرو تعلق آهي. انٽر نيشنل سط ح تي ملڪ جي نمائندگي مون لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي ۽ مان انهن گهڙين کي هميشھ ياد رکندس. ڪيريئر دوران ساٿي رانديگرن ۽ اسپورٽس اسٽاف جي سهڪار ڪرڻ تي انهن جو شڪر گذار آهيان.

 

سلطان آف جوهر جونيئر هاڪي ٽورنامينٽ، قومي ٽيم جي چونڊ لاءِ ٻن ڏينهن جا ٽرائل اڄ شروع

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز)پنجين سلطان آف جوهر جونيئر هاڪي ٽورنامينٽ ۾ شرڪت جي سلسلي ۾ قومي ٽيم جي چونڊ لاءِ ٻن ڏينهن جا ٽرائل (اڄ) جمعي کان نصير بنده هاڪي اسٽيڊيم جناح اسپورٽس ڪمپليڪس اسلام آباد۾ منعقد ٿيندا، پنجون سلطان آف جوهر جونيئر هاڪي ٽورنامينٽ 11 کان 18 آڪٽوبر تائين جوهر پاڙو ملائيشيا ۾ کيڏي ويندي، تفصيل مطابق ايونٽ جي تياري جي سلسلي ۾ قومي رانديگرن جي تربيتي ڪيمپ 5 سيپٽمبر کان اسلام آباد ۾ جاري آهي ۽ رانديگر ڀرپور محنت ڪري رهيا آهن، پاڪستان هاڪي فيڊريشن (پي ايڇ ايف) حتمي ٽيم جي چونڊ لاءِ سليڪشن ڪميٽي جوڙي آهي، عبدالرشيد سليڪشن ڪميٽي جو چيئرمين هوندو، جڏهن ته ٻين ميمبرن ۾ فرحت حسن، سعيد خان ۽ فيروز خان شامل آهن، سليڪشن ڪميٽي حتمي ٽم جو اعلان ڪري پي ايڇ ايف کان منظوري حاصل ڪندي.

 

بلاول ڀٽو جي جلسي کان پوءِ نواز شريف جون هارين سان همدرديون:اعجاز ممنائي

ڪجهه ڏينهن اڳ پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمئن بلاول ڀٽو پاران لاهور ۾ هارين جو ڪنوينشن ڪوٺايو ويو جنهن ۾ هارين کي مظلوم ثابت ڪرڻ سان گڏ حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو اهو هڪ فطري عمل آهي ته حڪومت ڪرڻ لاءِ مخالف ڌر کي نشانو بڻائبو آهي ۽ مخالف ڌر وارو وري پنهنجي موقف کي ظاهر ڪندو آهي سدائين اسان وٽ وڏي گاڏيءَ جو ڏوهه هوندو آهي يعني جيڪو اقتدار واري ڪرسيءَ تي هوندو آهي سڀ ڪجهه ان کي ئي ڪرڻو هوندو آهي پوءِ ڀلي تنقيد ڪندڙ حڪومت واري ڪرسيءَ تان تازو ئي ڇونه لٿو هجي سو هن وقت به اهو ئي کيل ٿي گذريو بلاول ڀٽو هارين جي سامهون حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻائي چيو ته هارين تي جيڪو ڪجهه هن وقت ٿي رهيو آهي ان جو سمورو ڏوهه حڪمرانن جو آهي ڇوته حڪمرانن پنهنجون مشينون لڳائي سرمائيداري ڪئي آهي جڏهن شهيد راڻي ۽ پيپلز پارٽيءَ هارين کي سکيو رکڻ لاءِ وڏي جدوجهد پئي ڪئي آهي  اڄ هاريء کي جيڪو ڪجهه ملي رهيو آهي سو پيپلز پارٽيءَ جي بِدولت آهي . اتي ويٺل هاري ۽ ڪامورا اهي لفظ ٻڌي ضرور کلي رهيا هوندا ڇوته ٻه سال اڳ پيپلز پارٽيءَ جي ئي حڪومت هئي جنهن ۾ هاري ڏتڙيل رهيا ۽ ڀاڻ جي اگهن ۾ چوڻ واڌارو ٿيو بحرحال اتي ويهي تنقيد ڪرڻ ته ڏکيو ڪم هو سو تاڙيون وڄائي بلاول ڀٽو کي وڏو داد ڏيئي رهيا هئا اها ڳالهه ته هر ڪو سمجهي پيو ته مخالف ڌر وٽ هاڻي تنقيد کان سواءِ ڪجهه بچيو ئي نه آهي سنڌ سميت پوري پاڪستان ۾ سندن پارٽيءَ جا اڳواڻ وزير ۽ آفيسر عياشين ۾ ملوث مليا آهن انهن ملڪ جو پئسو ڪرپشن ڪري ٻاهرين ملڪن ۾ گڏ ڪيو آهي جنهن ڪري سمورا ادارا هاڻي ڪرپشن خلاف ڪات ڪهاڙا کڻي ٻاهر نڪتا آهن جنهن ۾ هن وقت تائين رڳو پي پي پي اڳواڻ ئي ملوث نڪتا آهن سو بلاول ڀٽو کي پنهنجن ساٿين کي بچائڻ لاءِ دانهون ڪوڪون ضرور ڪرڻيون پونديون پر ٻئي پاسي ڪالهه وزيراعظم نواز شريف هارين لاءِ 341 ارب رپين کان وڌيڪ رليف پيڪيج ۽ ننڍن هارين کي ڪيش رقم ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو،هن جو چوڻ آهي ته هارين کي سڌيءَ ريت مالي سهڪار ۽ قرض حاصل ڪرڻ آسان بڻايو ويندو.

وزيراعظم نواز شريف، هارين لاءِ رليف پيڪيج جو اعلان اسلام آباد ۾ منعقد تقريب کي خطاب دوران ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته کين هارين ۽ آبادگارن جي تڪليف جو احساس آهي،جڏهن ته هاري 20 ڪروڙ عوام لاءِ فصل اپائيندا آهن تنهن ڪري انهن کي تڪليف نه هئڻ گهرجي. هن چيو ته هـُو هارين لاءِ رليف پيڪيج جو اعلان اڳ ڪرڻ چاهي پيو ته جيئن هارين کي فائدو پهچي سگهي پر جڏهن هنن حڪومت سنڀالي ته ملڪي خزانو بلڪل خالي هو ۽ ملڪي اقتصادي صورتحال ايتري خراب هئي جو چيو ويندو هو ته پاڪستان 2014ع ۾ ڊيفالٽر ٿي ويندو. نواز شريف چيو ته سندن حڪومت ذميواري ۽ ايمانداري سان ڪم ڪيو جڏهن ته هارين لاءِ امدادي پيڪيج احسان نه پر حڪومت جو فرض آهي. وزيراعظم، هارين لاءِ 341 ارب رپين جي رليف پيڪيج جو اعلان ڪندي چيو ته هـِي پيڪيج چئن حصن تي ٻڌل آهي جنهن جي پهرين حصي ۾ هارين کي سڌي ريت مالي سهڪار فراهم ڪيو ويندو.

هن چيو ته ٻئي حصي ۾ پيداواري لاڳت گهٽ ڪئي ويندي، ٽيون حصو هارين کي زرعي قرضن تي ٻڌل آهي ۽ رليف پيڪيج جو چوٿون حصو هارين کي قرض حاصل ڪرڻ آسان بڻائيندو. نواز شريف چيو ته عالمي منڊي ۾ قيمتون گهٽ ٿيڻ سان هارين کي پنهنجي محنت جو معاوضو ناهي ملندو ان ڪري فيصلو ڪيو ويو آهي ته ڪپهه ۽ چانورن جي ساڍا 12 ايڪڙ زمين رکندڙ هارين کي 5 هزار رپيا في ايڪڙ ڪيش سپورٽ ڏني ويندي جڏهن ته ان ڪم لاءِ 20 – 20 ارب رپيا رکيا ويا آهن. وزيراعظم چيو ته ساڍا 12 ايڪڙن کان گهٽ زمين رکندڙ هارين کي وياج کانسواءِ قرض ڏنا ويندا ۽ هارين کي سڌيءَ ريت مالي سهڪار ۽ قرض حاصل ڪرڻ آسان بڻايو ويندو جڏهن ته زرعي ڀاڻ جي في ٻوري 500 رپيا گهٽتائي ڪئي ويندي. نواز شريف جو چوڻ هو ته زرعي ڀاڻ جي اگهن کي پراڻي سطح تي آندو ويندو ۽ ٽيوب ويل جي بجلي لاءِ 7 ارب رپين جي رعايت ڏني ويندي جڏهن ته ٽيوب ويل شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ لاءِ بنا وياج قرض ڏنا ويندا جڏهن ته فصلن جي انشورنس جو پريميئم به حڪومت ادا ڪندي. هن چيو ته هارين کي ٽن سالن لاءِ انڪم ٽيڪس تي ڇوٽ هوندي ۽ زرعي ٽرن توڙي ٽيڪس ختم ڪئي پئي وڃي جڏهن ته زرعي قرضن جي مارڪ اپ ريٽ تي 2 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي ويندي. نواز شريف چيو ته ڪولڊ چيـَن لاءِ مشينري جي خريداري تي سيلز ٽيڪس 17 مان گهٽائي 7 سيڪڙو ڪئي وئي آهي جڏهن ته حڪومتي قدمن مان ننڍن هارين کي 147 ارب رپين جو فائدو ٿيندو.

وزيراعظم چيو ته دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۽ ڪراچي آپريشن پهريان شروع ڇو نه ڪيا ويا ؟ ملڪ ۾ ترقياتي منصوبا ٺاهڻ ڇا رڳو سندن ئي ذميواري هئي؟ نواز شريف چيو ته ماضي ۾ پاڪستان جي معاشي حالت تمام گهڻي ڪمزور هئي ۽ دهشتگردي جا واقعا به روزاني جي بنياد تي ٿيندا هئا. هن چيو ته مخالف حڪومت تي تنقيد جا بهانا ڳولي رهيا آهن ۽ سندن ڪوشش آهي ته ڪهڙي ريت نواز شريف کي ٻاهر ڪڍجي. نواز شريف چيو ته هـُو پئسو ٺاهڻ ناهن آيا پر پئسو خرچ ڪري معاملا درست ڪرڻ چاهين ٿا، ڇو ته هنن پاڪستان جي برائين کي ٺيڪ ڪرڻ جو عزم ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبو به ٺاهيو، جنهن سان سمورن صوبن کي فائدو ٿيندو. نواز شريف چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل ۽ گئس جون قيمتون گهٽ ٿيڻ سان کين خوشي ملندي آهي، ڇو ته قيمتون گهٽ ٿيڻ سان گهٽ پئسا خرچ ڪرڻا پوندا آهن جڏهن ته بجلي جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.ان کان اڳ وفاقي ڪابينا آبادگار برادري جون مشڪلاتون ختم ڪرڻ جي لاءِ 341 ارب روپين جي رليف پيڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي بحرحال ان سڄي صورتحال جو فائدو وري به غريب هارين کي تڏهن ٿيندو جڏهن ان تي عملي ڪم ٿئي ۽ ان ۾ پنجابي سنڌي پٺاڻ ۽ بلوچ هاريءَ لاءِ ڪاالڳ  الڳ پاليسي نه ٺهي ڇوته وزير اعظم پوري ملڪ جو آهي ته سندس پاليسيون به پوري ملڪ لاءِ هجن ۽ ٻيو ته هارين سميت هر ماڻهو ڄاڻي ٿو ته هن وقت بلدياتي اليڪشن جو دور آهي سو سياستدان پنهنجا پنهنجا حربا هلائي عوام کي خوابن ۾ جنت جو سيرڪرائڻ واري جيڪا رسم آهي سا به عوام کي ڪو لاڀ نه ڏيندي آهي ۽ غريب هاري ۽ مزدور ڏينهون ڏينهن ڪنگال ٿيندو پيو وڃي ان ڪري وزير اعظم کي اپيل ٿي ڪجي ته ان پنهنجي اعلان کي عملي جامو پهرائڻ لاء ڪا حڪمت عملي ٺاهي ۽ اهڙي ڪاميٽي ٺاهي جيڪا ان ڪيل اعلان تي ڪم ڪري ۽ هارين کان ان جو آئوٽ پُٽ پڻ وٺي ٻي صورت ۾ ان اعلان جو عوام کي ڪوبه فائدو نه ٿيندو.

 

سنڌ ۾ اليڪشني تڪن کان محروم سنڌ جا قومپرست :اشرف نوناري

سنڌ ۾ پارلياماني ۽قومپرست سياست جا الڳ الڳ معيار آهن. پارلياماني سياست حلقن / تڪن جي بنياد تي ٿيندي آهي. يعني پارٽي تڪن کان هٽي ڪري به وڏيرن، جاگيردارن، پيرن ۽ ميرن جا ذاتي تڪ به هوندا آهن. سنڌ جي سياست ۾ اميدوار پارٽي منشور، نعري يا خدمتگاري جي ڪري ڪامياب نه ٿيندا آهن. بلڪي انهن جي ڪاميابي پٺيان راڄ، ڀاڳ، پيري، مريدي ۽ نوٽن جو ڪرشمو هوندو آهي جنهن سان راڄ جي چڳي مڙسن کي خريد ڪيو ويندو آهي. ملڪ م شهيد ذوالفقار علي ڀٽي عوامي نعرو ضرور ڏنو پر پوءِ به پيپلزپارٽي عوامي نعري جي بنياد تي نه بلڪي وڏيرن، جاگيردارن ۽ پيرن جي مدد سان هميشه اقتدار حاصل ڪندي آئي آهي. اڄ هڪ دفعو ٻيهر جڏهن مڪاني چونڊون ٿيڻ ڏانهن وڃن پيون ته سياسي ڌرين وڏيرن کي خريد ڪرڻ ۽ سياسي وفاداريون بدلائڻ جو ڪم شروع ڪيو آهي.ڪنهن کي خريد ڪيو پيو وڃي ته ڪن سان اقتدار م حصو پتي ڏيڻ لاءِ معاهدا ٿي رهيا آهن. سنڌ اندر پارلياماني سياست ۾ خانداني گرفت به مضبوط آهي ضلع، تعلقه ۽ تڪ مختلف خاندانن ۾ ورهايل آهي جيڪا سالن کان پنهنجي تڪن اندر مضبوط پوزيشن کي برقرار رکندا اچن پيا.

اڪثر وڏيرا پنهنجي تڪ ۾ پنهنجي حيثيت ۽ طاقت کي برقرار رکڻ لاءِ ٻڌ ڇوڙ به ڪرائيندا آهن. ڪنهن وڏيري جي حڪم کي نه مڃڻ ۽ چئي مان نڪري وڃڻ تي وڏيرو ان کي مختلف ڪوڙن ڪيسن ۾ گرفتار ڪرائي وري ان مٿان ٿورو ڪرڻ ۽ ان کي هميشه پنهنجي احسان هيٺ رکڻ لاءِ ان کي پوليس کان آزاد به ڪرائيندو آهي. اتر سنڌ ۾ ته وڏيرا پنهنجي  تڪ وارن ماڻهن جون چورن کان چوريون به ڪرائيندا آهن. جيڪي انهن جو چوڻ نه مڃيندا آهن. پوءِ وري ڀنگ وٺي وڏيرا چوري به واپس ڪرائيندا آهن.

سنڌ ۾ اڪثر وڏيرا اليڪشن ورڪ دوران ڏينهن رات بغير ڪنهن تڪ ڀڄڻ جي پنهنجي ووٽرن جي در  تي ويندا آهن.نه چاهيندي به انهن کي ڀاڪر پائي پنهنجي ٿيڻ جو احساس ڏيرائيندا آهن. مستقل بنياد تي وڏيرا پنهنجي تڪ کي بچائڻ لاءِ پنهنجي ووٽرن جي شادين ۽ غمين ۾ به شرڪت ڪندا آهن سنڌي ماڻهون اڃان شعور ي طور تي قومي سوچ نٿو رکي اهو نٿو ڏسي ته جنهن کي اسان اليڪشن ۾ ووٽ ڏيون ٿا اهو سنڌ ۽ سنڌي قوم جي جمله مسئلن تي پارليامينٽ ۾ آواز بلندبه ڪري پيو يانه؟ اهو وڏيرو سنڌ جي قومي اشوز تي ڪيتري حد تائين جدوجهد ڪري ٿو. بس ان جا ووٽر صرف هي ڏسندا آهن ته هو پوليس جي ٻڌ ڇوڙ ۾ اسان جو ڪيترو ساٿ ڏئي ٿو. سنڌ جي وڏيرن پنهنجي اهڙي چالاڪ سياست ۽ ٻٽي عوامي معيار جي ڪري ئي پنهنجي مقصدن ۾ ڪامياب وڃي ٿو جڏهن ته سنڌ ۾ قومپرست پارلياماني سياست ڪندڙ ليڊر ان جي ڪري ناڪام آهن ته هو سنڌي عوام جي معيار مطابق سياست نٿا ڪن ۽ نه ئي انهن وٽ ڪو چونڊن ۾ انهن جو تڪ آهي، سنڌ جا جمله قومپرست اڳواڻ پوري سنڌ کي پنهنجو تڪ سمجهندي خوش فهمي جو شڪار آهن.

صرف سنڌ ۽ سنڌ ڪرڻ سان سنڌ جو عوام ڪنهن به صورت ۾ قومپرستن جو ساٿ نه ڏيندو هن وقت نظر ڦيرائجي ته ڪهڙو قومپرست اڳواڻ آهي. جنهن جو مهرن، جتوئين، اربابن ۽ شيرازين وانگر تڪ هجي ۽ پوءِ  هو ڀلي اليڪشن مهم دوران پنهنجي تڪ وارن سان ملندو هجي. سالن کان قاسم آباد ۾ رهندڙ ۽ قاسم آباد جي وجود ۽ تعمير جا دعويدار رهندڙ قومپرستن قاسم آباد کي ئي قومپرستن جو قعلو ۽ پنهنجو تڪ نه ٺاهي سگهيا ته پوءِ هو سنڌ جي ٻين تڪن ۾ ڪيئن پنهنجي سياسي حيثيت ٺاهي سگهن ٿا. جيڪو به قومپرست ليڊر ٿيندو آهي ته ان ۾ ان وقت آڪڙ اچي ويندي آهي. ان جي رهڻ، هلڻ، هٿ ملائڻ ۽ ڳالهائڻ ۾ وڏي تبديلي اچي ويندي آهي. ائين لڳندو آهي ته هي ڀائو پوري سنڌ جو اڪيلو واڳ ڌڻي،  وارث ۽ ست ڪوهاڙين جو مالڪ آهي. پوءِ اهو قومپرست ليڊر عام ماڻهون ته پري جي ڳالهه بلڪي پنهنجي ڪارڪنن لاءِ به ديوتا ٿي ويندو آهي. ۽ ان جا ڪارڪن به پنهنجي ليڊر سان ملڻ لاءِ آتا، ترسندا، تڙپندا آهن. ۽ اهو ليڊر عوام جي پراپرٽي ٿيڻ بجاءِ عوام لاءِ انمول هيرو ٿي ويندو آهي موجوده وقت ۾ جڏهن سنڌ ۾ مڪاني چوندون ٿي رهيون آهن ته وڏيرا، پير ۽ مير پنهنجي پنهنجي تڪن ۾ موسمي ڏيڏرن وانگر نڪري پيا آهن. ۽ سالن جون پراڻيون تعزيتون ڪن پيا. پراڻيون شاديون موکن پيا جڏهن ته سنڌ جا قومپرست هن وقت به اليڪشني تڪن کان محروم آهن. صرف پنهنجي پارٽي آفيسن ۾ ويهي. ڪشمور کان ڪراچي تائين اليڪشن مهم جا بيان جاري ڪن پيا جيڪو عمل ڪاغذي ڪاروائين تائين محدود آهي ۽ ڊرائنگ روم سياست برابر آهي يادرکڻ گهرجي  ته عوام اهڙي ليڊر کي ڪامياب ڪندو جيڪو عوام جي درميان هوندو پوءِ ڀلي اهو ويڪائو وڏيرو ڇونه هجي!

قومپرست ناڪام سياست جي ڪاميابي جو حل عوامي سياست ۽ عوام ۾ وڃي سياست ڪرڻ ۾ آهي. مستقل بنيادن تي قومپرستن کي پنهنجي اليڪشني تڪ /حلقه ٺاهڻا پوندا ۽ ان تڪ جي ماڻهن کي ٽائيم ڏيڻو پوندو. انهن تڪ جي چڳي مڙسن کي نالن سان سڃاڻڻو پوندو. سنڌ جي قومي سياست وانگر تڪ جي عوامي مسئلن کي اوليت جي بنياد تي کڻڻو پوندو ۽ عوام سان ميل جول قائم ڪرڻو پوندو ته جيئن ايندڙ اليڪشن م پوري سنڌ بجاءِ پنهنجي تڪ تان ڪاميابي جي حقيقي ۽ عملي دعويٰ ڪري سگهجي ان لاءِ قومپرستن کي پارلياماني سياست ۾ عوامي ڪردار ادا ڪندي سنجيدگي طور تي پير رکڻو پوندو. ڇو جو ووٽ واري سياست قومپرست سياست کان مختلف آهي ان لاءِ پارلياماني سياست وارو فن سکڻ ۽ عملي طور ان تي هلڻ ضروري آهي ته جئين عوام کي ڪو بهترين نتيجو ڏيئي سگهجي. ٻئي صورت ۾ قومپرستن طرفان رولاڪ سياست جا نتيجا زيرو نڪرندا. ۽ اها هلڙ باز سياست قومپرستن کي تاريخ جي بي رحم وهڪري ۾ ٻوڙي ڇڏيندي.

 

اصلاح بجاءِ اذيت گهر بڻيل سنڌ جا جيل….

سڌريل سماجن ۾ جيل اصلاح گهر جو درجو رکندا آهن، جتي ڏوهاري ذهن رکندڙ ماڻهن جي اصلاح ڪئي ويندي آهي، انهن کي ماڻهپي ۽ سماج ۾ ڪارگر ڪردار لاءِ همٿايو ويندو آهي. اُن جي اُبتڙ اسان وٽ جيل اذيت گهر بڻيل هوندا آهن. جيڪڏهن ڪو معصوم ماڻهو به پنهنجي اتفاقي عمل سبب جيل ياترا ڪري ٿو ته اُهو جيل مان آزاد ٿيڻ بعد بدمعاش بڻجي نڪري ٿو ۽ پاڻ سان جيل اندر ڪيل ظلم ۽ زيادتيءَ جو بدلو سماج کان چُڪائي ٿو. اهڙيءَ ريت ڪيترائي ماڻهو جيلن اندر سختيون ۽ صعوبتون سهڻ کانپوءِ سماج لاءِ ناسور بڻجي نڪرن ٿا. پر افسوس ته جيل جي ماحول کي سڌارڻ جي لاءِ ڪنهن به حڪمران سنجيده ڪوششون ناهن ورتيون. اهڙي قسم جي سڌارن جي اُميد پيپلز پارٽيءَ جي گذريل دؤر مان گهڻي رکي وئي هئي، جو اُن وقت جو صدر ۽ پيپلز پارٽي جو شريڪ چيئرمين هڪ ڊگهي عرصي تائين سلاخن پٺيان زندگيءَ جو مشاهدو ماڻيو هو، پر انهن سڀني اُميدن تي تڏهن پاڻي ڦيرجي ويو هو، جو سندن دور ۾ جيلن جي بهتري ته رهي ماڳ، ماڳهين ڪيترن ئي جيلن ۾ هڙتالن ۽ مهاڏن جا واقعا پيش آيا هئا. مطلب ته ملڪ جو هڪ اهڙو سربراهه جنهن جيل ۾ چڱو خاصو عرصو گذاريو هو، اُن به بهتريءَ لاءِ ڪو خاص قدم نه کنيو هو. اهڙيءَ طرح ملڪ جي موجوده وزيراعظم کي پڻ جيل جي صعوبتن جو ڀلي ڀت ادراڪ آهي، جو هُو به مشرف جي اڳرائيءَ بعد چڱي خاصي عرصي تائين جيل جي زندگيءَ جو مشاهدو ڪيو هو، بلڪه وقت بوقت هو پنهنجي اُن اذيت ڀرئي دؤر کي ياد ڪندي جيل سڌارن جي ڳالهه پڻ ڪندو رهيو آهي، پر نه ڄاڻ الائي ڪهڙي سبب ڪارڻ اُهي سڌارا هن وقت تائين ڪنهن به جيل اندر ڏسڻ ۾ نه ٿا اچن! ائين ٿو ڀاسجي ته حڪمرانن کي سڌارن جو خيال فقط ان وقت ئي ايندو آهي جڏهن اُهي پاڻ مصيبتن ۾ ورتل هوندا آهن ۽ جيئن ئي مصيبتون اُنهن کان ٽارو ڪنديون آهن ته اُهي سڀ ويچار وساري نون خفن ۾ پئجي ويندا آهن ۽ اِهو ئي ڪجهه جيلن جي سڌارن واري معاملي ۾ ڏٺو ويو آهي. جيلن اندر ڇا وهي واپري ٿو؟ انهيءَ کان هر چڱو چوکو، چڱيءَ ريت واقف آهي، ماڙيءَ کان خولين تائين، وارڊن کان ڪوٺڙين تائين اذيت، عذاب ۽ تذليل جو هڪ اهڙو ته ڄار وڇايل آهي جو ماڻهو ڪنجهي ڪنجهي مريو وڃن ۽ اهڙن موتن جو نه ڪو داد ٿئي نه فرياد! ويتر مقتول تي خودڪشيءَ جا قلم لڳائي ڳالهه کي لئي مٽي ڪيو ويندو آهي. ۽ ساڳي ئي جيل ۾ جيڪڏهن ڪا سڻڀي ڌر داخل ٿئي ٿي، ڏوڪڙ خرچ ڪري ٿي ته اُهي ساڳيا اهلڪار انهن تان ويٺا مکيون تڙين ۽ سندن ٽهل ٽڪور ڪن. انهيءَ ناانصافيءَ کي ڏسندي ڪيترن جا آنڊا وات کان پيا ايندا آهن، پر بيوس اُٺن بار ڦٽا ڪيا جيئن مِٺي به ماٺ ته مُٺي به ماٺ. حقيقت اِها به آهي ته اوچين ديوارن وارا اُهي جيل، جيلرن جون ڪيٽيون بڻيل هوندا آهن، جتان لکين نه پر ڪروڙين رپيا اوڳاڙيا وڃن ٿا. قيدين کان سختيءَ ۾ ڇوٽ عيوض ڪمايل انهن ڏوڪڙن جا ڪيترا ڀائيوار هجن ٿا، سا ته هڪڙي خبر ڌڻيءَ کي ٻي ڌرين کي؟ باقي جيڪي ڳالهيون ڪنين پهچن ٿيون، تنهن ۾ چڱن ڀلن جا نانءَ به ٻڌڻ ۾ ايندا رهن ٿا. جيڪا ڳالهه جمهوريت واري هن دؤر ۾ ڏندين آڱريون نه به ڏياريندي هجي، تڏهن به حيرتن مان ڪي پل اکيون ضرور پٿرائجي وڃن ٿيون. جڏهن ته جيلن ۾ گنجائش کان وڌيڪ قيدي رکڻ جون رپورٽون پڻ وقت بوقت اخبارن جي زينت بڻجنديون رهن ٿيون. جنهن سبب قيدي تهائين وڌيڪ تڪليفن جو شڪار بڻجي وڃن ٿا.