تازيون خبرون

Daily Archives: September 8, 2015

بالي ووڊ فلم ”ويلڪم بيڪ“ رليز جي پهرين ڏينهن 16 ڪروڙ کان وڌيڪ جو بزنيس ڪري ورتو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ فلم ”ويلڪم بيڪ“ رليز جي پهرين ڏينهن ئي 16 ڪروڙ 35 لک روپين جو ڪامياب بزنيس ڪري ورتو آهي ڀارتي ميڊيا موجب فلمساز انيس بزمي جي فلم جيڪا 2007ع ۾ رليز ٿيل فلم ويلڪم جو سيڪوئل آهي، رليز جي پهرين ڏينهن ئي 16 ڪروڙ 35 لک روپين جو بزنيس ڪيو آهي. فلم جي اهم ڪاسٽ ۾ اداڪار جان ابراهم، اداڪاره شروتي هاسنانيل ڪپور، نصيرالدين شاهه، نانا پاٽيڪر، پاريش راول ۽ ڊمپل ڪپاڊيا شامل آهن. توقع ڪئي پئي وڃي ته اها فلم ايندڙ ڏهاڙن ۾ وڌيڪ سٺو ڪاروبار ڪندي.

 

اڄوڪي دور جي ڊريم گرل بڻجڻ جي خواهش اٿم: ايلي اورام

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره ايلي اورام چيو آهي ته هوءَ چاهي ٿي ته کيس اڄوڪي دور جي ڊريم گرل سڏيو وڃي. ڀارتي ميڊيا موجب پنهنجي هڪ اتزي انٽرويو ۾ اداڪاره چيو ته سندس خواهش آهي ته کيس ماڻهو اڄ جي دور جي ڊريم گرل طور سڏين جيئن اداڪاره هيما مالني کي سالن تائين ماڻهو رڳو ڊريم گرل طور سڃاڻيندا هئا. هن چيو ته هو اهڙو جيون ساٿي چاهي ٿي جيڪو سادي طبعيت جو هجي. هو ڪاوڙ نه ڪري ۽ نه وري ننڍين ننڍين ڳالهين تي ساڻس وڙهي. سندس پهرين فلم ”ميڪي وائرس“ آهي جنهن وچولي درجي جو بزنيس ڪيو. سندس نئين فلم ”ڪس ڪس ڪو پيار ڪرون“ آهي جنهن ۾ سندس هيرو ڪاميڊين ڪپيل شرما آهي. اها فم 25 سيپٽمبر تي سينيمائن جي زينت بڻبي.

 

ايڪوئن بڪارڊ فٽنس مسئلن جي ڪري يو ايس اوپن تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

نيويارڪ(اسپورٽس نيوز) ڪينيڊين ٽينس اسٽار ايگوئن بڪارڊ فٽنس مسئلن سبب يو ايس اوپن ٽينس ٽورنامينٽ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. رڪارڊ ڪوارٽر فائنل ۾ اٽلي جي روبرٽا ونجي کان بنرد آزما ٿينو هو پر انجري سبب

ميچ کيڏي نه سگهي. ٽورنامينٽ انتظاميه جو چوڻ آهي ته ايگوئن روم ۾ توازن برقرار نه رکي سگهي ۽ هيٺ ڪِري پئي کيس ڪِرڻ سبب مٿي ۾ ڌڪ لڳو آهي. ايگوئن ٽئين رائونڊ۾ ڊوميا سلوڪرا کي هارائي پري ڪوارٽر فائنل ۾ جڳهه ٺاهي ورتي هئي.

 

دفاع پاڪستان جي موقعي تي هاڪي جو نمائش مئچ سخت مقابلي کان خيرپور جي ٽيم سکر جي ٽيم کي هارائي ڇڏيو

خيرپور (اسپورٽس نيوز) يوم دفاع پاڪستان جي موقعي تي هاڪي جو نمائش مئچ سخت مقابلي کان خيرپور جي ٽيم سکر جي ٽيم کان هڪ ٽي گول ڪري کٽي ورتو ، هن سلسلي ۾ 6 ڊسمبر جي حوالي سان لقمان هاڪي گرائونڊ  ۾ بخت ڏهوٽ هاڪي مئچ ٿي ، جنهن ۾ خاص مهمان ڊپٽي ڪمشنر خيرپور منور علي مٺاڻي ، ڊي او اسپورٽس مير محمد ڪلهوڙو هيا ، مئچ سکر ۽ خيرپور جي ٽيمن ۾ مقابلو ٿيو سخت مقابلي کانپوءِ خيرپور ٽيم ٽي گول ڪري مقابلو کٽي ورتو ، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر خيرپور منور علي مٺاڻي ، ڊي او اسپورٽس مير محمد ڪلهوڙو ۽ٻين خطاب ڪندي چيو ته اسان پاڪ فوج جي جوانن کي سلام پيش ڪريون ٿا جن ملڪ جي لاءِ جانين جا نذرانا پيش ڪري ملڪ جو ڳاٽ اونچو ڪري اسان شهيدن کي سرخ سلام پيش ڪريون ٿا ، هاڪي مئچ ۾ کٽندڙ ٽيم کي 15 هزار روپيه ۽ ٽرافي ڏني ويئي ۽ هاريل تيم کي 10هزار روپيه ڏنا ويا ، هاڪي مئچ ۾ ذاڪر حسين زيدي ، پروفيسر جاويد رسول راهپوٽو ، جاويد سومرو ، عبدالحميد ، غلام مرتصي ، ڏهوٽ عرفان علي ، امتياز جماڻي ، پروفيسر نجم الحسن سميت شهرين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ،

 

پرڏيهي پاليسيءَ ۾ تبديلي: اثر امام

پاڪستان جا آمريڪا سان لاڳاپا تمام پراڻا آهن. ائين چوڻ گھرجي ته ايترا ئي پراڻا جيترو پاڪستان پراڻو آهي. ڇاڪاڻ ته جهڙيءَ ريت ٻهراڙين ۾ رهندڙ ماڻهن کي سڄي رات مڇر پٽيندا آهن ۽ جڏهن صبح ٿيڻ واري هوندي آهي ته مڇر اها چارج مکين کي ڏئي هليا ويندا آهن اهڙيءَ ريت اسان جي هن ننڍي کنڊ کي ڪالونيل زماني جي ڪاري رات دوران ته انگريز مڇرن پئي پٽيو پر جڏهن ٻي مهاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ انهن جو وقت پڄاڻيءَ کي پهتو ته اهي بجاءِ اسان کي آزاد ڪرڻ جي آمريڪي مکين جي حوالي ڪيون ويا. تڏهن فيض صاحب کي چوڻو پيو هئو: وه انتظار ٿا جس ڪا يه وه سحر تو نهين.

فرنگين ڪئي ته هندستان سان به ساڳي ڪار پر اتي سياسي ۽ پارليماني ادارن جي سگهاري موجودگيءَ سبب آمريڪا سان اهڙا هڪ طرفا لاڳاپا نه جوڙيا ويا جهڙا اسان وٽ جُڙيل هئا، جو آخر ۾ اسان کي ڪتاب لکي آمريڪا کي ٻڌائڻو پيو ته اسان توهان جا دوست آهيون، ان ڪري اسان سان سلوڪ به دوستن وارو ڪريو غلامن وارو نه.

شروع وارو پاڪستان آمريڪا سان ياريءَ ۾ بغداد پئڪٽ، سيٽو، سينٽو وغيره جي ذريعي ويو سوگهو ٿيندو. اسان جي حڪمرانن منڍ کان وٺي آمريڪا کان هر قسم جي مدد پئي ورتي ۽ هر حوالي سان مٿس پئي ڀاڙيو. بدلي ۾ آمريڪا کي هر قسم جي سهولت آڇيندا رهيا. آمريڪا کي پنهنجي مفادن جي لاءِ اسان کي جتي جيئن استعمال ڪرڻو هئو، ڪندو رهيو ۽ بدلي ۾ اسان آمريڪي خيرات تي تڳندا رهيا سين. حالانڪه پاڪستاني عوام پنهنجي حڪمرانن جي ابتڙ منڍ کان وٺي ئي آمريڪا کان نفرت ڪندو رهيو آهي پر حڪمران ايندا به آمريڪي آشيرواد سان آهن ته ويندا به آمريڪا جي ڪاوڙ سبب آهن.

1980 واري ڏهاڪي ۾ جڏهن آمريڪا پنهنجي اڻ کٽ دولت ۽ اسلحو خرچ ڪري افغانستان ۾ “جهاد” شروع ڪرايو ته اسين ان جي فرنٽ لائين اسٽيٽ هئاسين. اهو اُهو زمانو هئو جڏهن اسان کي آمريڪا جي تمام گھڻو ويجهو وڃڻ جو موقعو مليو. اسان ان دور ۾ ئي تمام گھڻا پيسا به ڪمايا ۽ آمريڪي ڳجهي ايجنسي سِي. آئي. اي سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي ڪري اسان جي انٽيليجينس ايجنسي به دنيا جي انتهائي طاقتور ۽ خطرناڪ ايجنسي بڻجي اڳيان آئي. پر ان جي بدلي ۾ اسان پنهنجي ڏيهي توڙي پرڏيهي پاليسيءَ جي معاملي ۾ آمريڪا تي ڀاڙڻ لڳاسين. ائين سمجهو ته اهو اُهو زمانو هئو جڏهن اسان بطور هڪ آزاد ۽ خود مختار ملڪ جي پنهنجي حيثيت کي مڪمل طور تي مشڪوڪ بڻائي ڇڏيو. اسان جي معيشت جو انحصار مڪمل طور تي آمريڪي امداد ۽ قرضن تي ٿي ويو. حالانڪه صدر ايوب خان جي زماني ۾ ڪنهن حد تائين پاڪستاني صنعت پنهنجي پيرن تي بيهڻ جهڙي ٿي هئي. پر آمر ضياء الحق واري حڪمرانيءَ ۾ پنهنجي ڪمائيءَ بدران خيراتن تي وڌيڪ ڪم هلڻ لڳو. پوءِ ٿيو ائين جو آمريڪا جڏهن ڏٺو ته هُن افغانستان اندر سوويت يونين کي فوجي شڪست ڏئي ڇڏي آهي ته هُو آرام سان پنهنجو هنڌ ٽپڙ کڻي اتان هليو ويو ۽ پوئتي ڪنڌ ورائي نه ڏٺائين ته سندس پراڻو يار پاڪستان هاڻي ڪيڏانهن ويندو جنهن سندس مفادن جي پورائي لاءِ سڄي دنيا سان ڦٽايو هئو. جنهن اوڙي پاڙي وارن سڀني ملڪن سان ويرُ وهايو هئو ۽ پنهنجي معيشت، سياست توڙي اخلاقي قدرن جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو هئائين. ان وقت اسان کي پنهنجي اهڙيءَ ريت ننڌڻڪي بڻجي وڃڻ تي ڪاوڙ ته ڏاڍي آئي جنهن جو اظهار ضياء الحق جي ڪابينا ۾ ٿيندو رهيو پر اسين آمريڪا بادشاهه جهڙي نرَ سامراج جي خلاف ڪجهه ڪرڻ جهڙا نه هئاسين. ڀُٽي صاحب جهڙي ذهين سياستدان کي اسان آمريڪا جي ئي اشاري تي ڦاهي ڏئي ڇڏي هئي ۽ سندس آڪههِ کي دربدر ڪري ڇڏيو هئو ان ڪري افغانستان ۾ منشيات جي پيداوار ۽ وڪري توڙي هِتي نه ته هُتي “جهاد” جاري رکڻ کان سواءِ ان وقت ڪوئي ڪو نه هئو جيڪو اسان جو مشڪل ڪشا بڻجي ها. بهرحال ان کان پوءِ به ڪيترا ئي موقعا آيا جڏهن اسان جي ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ کي سنجيدگيءَ سان سوچڻو پيو ته اها آمريڪا جي ٻانهپ ۾ ائين ئي هلندي رهي يا پنهنجو رويو بدلائي. مثال طور 9/11 واري واقعي کان پوءِ آمريڪا جو اسان ڏانهن جيڪو رويو رهيو، سلاله چيڪ پوسٽ تي آمريڪي حملي کان پوءِ جيڪا صورتِ حال بڻي ۽ پوءِ ريمنڊ ڊيوس واري ڪيس ۾ يا اسامه بن لادن جي قتل واري ڪاروائيءَ به اسان جي حقيقي حڪمرانن جون اکيون کوليون ۽ اهي پنهنجي پرڏيهي پاليسي بدلائڻ بابت سنجيدگيءَ سان غور ڪرڻ لڳا.

پرڏيهي پاليسي تبديل ڪرڻ جو هڪڙو سبب اهو به آهي ته آمريڪا اسان کي قرض ته ڏيندو رهيو آهي پر بدلي ۾ اسان کان اهڙا ڪم به ڪرائيندو رهيو آهي جيڪي ڪنهن آزاد ملڪ کان نه ٿا ڪرائي سگهجن. آمريڪا اسان کي مالي ۽ فوجي مدد ته ڏيندو رهيو آهي پر هُن اسان کي ڪڏهن به ٽيڪنالاجي نه ڏني آهي. ان جي ابتڙ چين اسان کي ٽيڪنالاجي ڏيڻ کان علاوه مالي امداد ڏيڻ پڻ شروع ڪئي آهي. چين سان گڏوگڏ روس به اسان جي ٽيڪنالاجيءَ جي فراهميءَ ذريعي مدد ڪري رهيو آهي. جنهن جو ٻيو مطلب اهو آهي ته جيتوڻيڪ چين ۽ روس به ڪنهن سٺي نيت سان پاڪستان کي پنهنجي ويجهو نه ٿا آڻڻ چاهين پر اهي نوان سامراجي مرڪز هن وقت آمريڪا کان گھٽ نقصانڪار آهن ۽ سامراجي مرڪزن جي تضادن کي پنهنجي حق ۾ استعمال ڪندي اسان پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي ڪوشش ڪري سگهون ٿا. لڳ ڀڳ اهڙي سوچ سان اسان جي اسٽيبلشمينٽ آمريڪا کان اکيون ڦيري چين ڏانهن دوستيءَ جو وڌايل هٿ ڪجهه وڌيڪ ڊگهو ڪيو. گذريل ڪجهه سالن کان اهڙا ڪيئي اشارا موجود آهن جن منجهان پتو پوي ٿو ته اسين پنهنجي پرڏيهي پاليسي تبديل پيا ڪريون. مثال طور ويجهي ماضيءَ ۾ چين سان اسان جي ڪاروباري ڏيتي ليتي وڌي وئي آهي. پاڪستان جيڪي شيون درآمد ڪري ٿو اهي وڌ ۾ وڌ چين جون تيار ڪيل هونديون آهن. چين سان اسان جو ملڪ 19.7 سيڪڙو درآمدي واپار ڪري ٿو جڏهن ته موٽ ۾ چين کي 11.1 سيڪڙو برآمد ڪري ٿو. چين اسان کي سڀ کان وڌيڪ شيون وڪرو ڪري ٿو. پر اسين جن ملڪن کي پنهنجو تيار مال سڀ کان وڌيڪ وڪرو ڪندا آهيون انهن ۾ 18.2 سيڪڙو برآمدي واپار سان يورپي يونين پهرئين ۽ 13.6 سيڪڙو برآمدي واپار سان آمريڪا ٻئي نمبر تي آهي. يعني چين اسان کي پنهنجو تيار ڪيل مال وڪرو ڪري نه رڳو اسان کان نفعو ڪمائي رهيو آهي پر هُو اسان جي ملڪ جي صنعت کي ڪاپاري ڌڪُ پڻ هڻي رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته جڏهن توهان کي هر شئي چين جي ٺاهيل تڪڙي، سولي ۽ سستي ملندي ته پنهنجي ملڪ جي ٺاهيل شين کي رڳو ثواب خاطر استعمال ڪرڻ ڇو چاهيندا! نتيجي ۾ چين اسان جي ڪپڙي جي صنعت کان وٺي جوتن جي صنعت تائين کي برباد ڪري ڇڏيو آهي. پر چين اسان جي جنهن صنعت کي تباهه ڪري رهيو آهي اها خاڪين جي ملڪيت ناهي. ان ڪري في الحال اهو جُوکو کنيو پيو وڃي. آمريڪا ۽ سندس خاص اتحادي يورپي يونين اسان جي مال جا وڏا خريدار آهن پر ان منجهان خطرو اهو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا ڪنهن به وقت اهو طئي ڪري ورتو ته پاڪستان جي پُڇَ تي لَتَ ڏيڻي آهي ته معاشي ناڪابنديءَ جي ذريعي اسان کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندو. پر اسان جي اسٽيبلشمينٽ به پرڏيهي پاليسيءَ جي تبديليءَ کي ٻاراڻي راند سمجهڻ جي غلطي ڪرڻ جي موڊ ۾ ناهي. ان ڪري هڪڙي پاسي اها چين ۽ روس سان لاڳاپا وڌائڻ ۽ ايترا گهرا بڻائڻ جي ڪوشش ۾ آهي ته جيئن مستقبل ۾ جتي به ضرورت هجي پاڪستان پنهنجي حق ۾ ويٽو پاور استعمال ڪرائي سگهي. ٻئي طرف وري اها ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته جيڪڏهن آمريڪا بادشاهه ڏمرجي پوي ۽ پاليسي تبديل ڪرڻ جي ڏوهه ۾ اسان جي ڪا ڪنَ مهٽ ڪرڻ چاهي ته ملڪ اندر جيڪي ڌريون سندس امڪاني اوزار ثابت ٿي سگهن ٿيون انهن کي اڳواٽ ئي سوڙهو ڪري نپوڙي ڇڏجي. ايران اندر ڪاروايون ڪندڙ ملڪ اسحاق هاڻي اسان جي خلاف استعمال ٿي سگهيو پئي. ڪراچيءَ ۾ سنڌين جي خلاف استعمال ٿيندڙ ايم. ڪيو. ايم امڪاني طور عالمي اسٽيبلشمينٽ جي ساٿاري ٿي سگهي پئي. پيپلز پارٽي به اهڙو ڪو ڪردار ادا ڪري سگهڻ وارن جي لسٽ ۾ هئي ان ڪري سڀني جو هوريان هوريان صفايو پيو ڪيو وڃي. ان ڪري ئي چيو ويو آهي ته ڪنهن به ملڪ جي پرڏيهي پاليسيءَ جا ڏيهي پاليسيءَ سان گھرا لاڳاپا هوندا آهن. بهرحال سنڌ اندر جيڪا وٺ پڪڙ نظر اچي رهي آهي اها ان بدليل پرڏيهي پاليسيءَ ۽ پيپلز پارٽي توڙي ايم. ڪيو. ايم جي آمريڪا ڏانهن جهڪاءَ سان به ڳنڍيل سمجهڻ گھرجي. باقي مالي بدعنوانيءَ کي دهشتگرديءَ سان ڳنڍڻ جو مقصد اهو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن ذهن ۾ اهو سوال پيدا ٿئي ته جيڪي ڌريون ڪاروائي ڪري رهيون آهن انهن کي اهي سڀ ڪاروايون ڪرڻ جو ڪهڙو حق آهي؟ ته جواب ۾ چئي سگهجي ته ها مالي بدعنوانيءَ کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ ته اينٽي ڪرپشن، نيب ۽ ايف. آئي. اي جهڙا ادارا آهن پر دهشتگردي خلاف جنگ هٿياربند ادارن جو مقصد ۽ فرض آهي .

 

1965ع جي پاڪ ڀارت جنگ ۽ تاشقند معاهدو:ارشاد ڪاغذي

پاڪ ـ ڀارت جي1965ع واري لڙائي، جيڪا 17 ڏينهن جاري رهي، ان جي ڪري هزارين ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا. 1965ع جي جنگ ٻي مهاڀاري لڙائي کانپوءِ ٽينڪن جي وڏي ۾ وڏي جنگ هئي. جڏهن جنگ جو ڳوڙهو مطالعو ڪيو ويو ته اهو مشاهدو ٿيو ته ٻي جنگ عظيم بعد پاڪستان ۽ هندستان جي وچ ۾ ٽينڪن جو زبردست ۽ خطرناڪ مقابلو ٿيو ۽ جنگ ۾ ٽينڪن سان گھمسان جي جنگ وڙهي وئي. هندستان جي ٽينڪن کي تباهه ڪرڻ ۾ پاڪستان جي فوجين ۽ خاص ڪري شهيد عزيز ڀٽي جيڪو ڪارنامو سرانجام ڏنو، تنهن جي ڪري ڀارت جون وايون بتال ٿي ويون ۽ کيس گھڻو نقصان رسيو.

گڏيل قومن، امريڪا، برطانيه ۽ سوويت يونين جي ڪوششن سان ٻنهي ملڪن کي جنگبندي ڪرڻ لاءِ راضي ڪيو ويو. ۽ تاشقند، روس ۾ پاڪستان جي صدر ايوب خان ۽ ڀارت جي وزيراعظم لال بهادر شاستري هڪ معاهدي تي صحيحون ڪيون. جنهن کي ”تاشقند معاهدو “ سڏجي ٿو. پاڪستان جي صدر ايوب خان ۽ ان وقت جي وزير خارجه ذوالفقار علي ڀٽو، هندستان جي وزيراعظم شاستري ۽ پرڏيهي وزير سردار سورن سنگھـ سان ڳالهيون ڪيون. ڳالهين دوران پاڪستان جي پرڏيهي وزير ذوالفقار علي ڀٽو، صدر ايوب تي زور ڏنو ته ڪشمير جي مسئلي تي ڳالهيون ڪيون وڃن ۽ ان جي نبيري جي ڪوشش ڪئي وڃي ۽ ڪشمير جي عوام جي بنيادي حقن ۽ آزادي لاءِ راءِ شماري ڪرائڻ لاءِ دٻاءُ وڌايو وڃي. جيڪڏهن ڀارت ان معاملي تي راضي نه ٿئي ته معاهدو ڪنهن به صورت ۾ نه ڪيو وڃي. ايوب خان، ذوالفقار ڀٽو جي هڪ به نه ٻڌي ۽ ڪن لاٽار ڪندي سويت يونين طرفان لکيل معاهدي تي متفق ٿيو ۽ صحيحون ڪيون. تنهن تي ڀٽو ڪاوڙجي ويو ۽ ايوب خان کي چيو ته مون کي اجازت ڏيو ته مان هن معاهدي جي کليل مخالفت ڪريان ۽ منهنجي استعفيٰ قبول ڪئي وڃي. ان وقت ايوب خان، ڀٽو جي استعيفيٰ قبول ڪونه ڪئي ۽ کيس حڪم ڏنو ته پنهنجو ڪم جاري رکي.

ذوالفقار علي ڀٽو اڳواٽ سموري کيل کي سمجهي ويو هو ۽ اندازو لڳائي ورتو هو ته پاڪستان جي سرڪار ۽ صدر ايوب خان امريڪا، روس ۽ ٻين عالمي طاقتن جي زوربار تي هندستان سان ٺاهه ڪندو ۽ اهو به ٺَلهو خير ٿيندو ۽ ڪشمير جي مسئلي کي اڌ ۾ ڇڏيو ويندو ۽ ڪشميري عوام جي حق خود اراديت کي پٺي ڏئي دوکو ڪيو ويندو ۽ انهن کي راءِ شماري جي حق کان محروم رکيو ويندو. ذوالفقار علي ڀٽو زيرڪ سياستدان ۽ سفارتڪار هو کيس اها پوري پڪ ۽ ڄاڻ هئي ته سازش ٿي رهي آهي، تنهن ڪري هو وقت بوقت ڪشمير مسئلي کي اجاگر ڪندو رهندو هو باوجود ايوب خان جي ناراضگي جي هو پاڻمرادو ڪشمير جي ڪاز کي عالمي سطح تي اٿاريندو رهيو.

23 نومبر 1965ع تي تاشقند ڪانفرنس کان اول ذوالفقار علي ڀٽو سوويت يونين جي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪرڻ روس ويو هو، روسي رهنمائن سان ڳالهين بعد هن هڪ پريس ڪانفرنس ڪئي، جنهن ۾ هن چيو ته”صدر ايوب خان هندستان جي وزيراعظم سان ڪشمير مسئلي سميت سمورن پهلوئن تي جامع مذاڪرات ڪندو.“ (هندستان ٽائمز، 26 نومبر 1965ع) ان جي ابتڙ هند جي پرڌان منتري لال بهادر شاستري روڙڪي ۾ هڪ عام جلسي ۾ تقرير ڪندي اعلان ڪيو ته ”ڪشمير جو سوال تاشقند ۾ بحث هيٺ نه آندو ويندو ۽ نه ئي ان تي غور ويچار ڪيو ويندو“. هن چيو ته ”ڪشمير، ڀارت جو اڻٽٽ انگ ۽ حصو آهي، هن جي سالميت ۽ علاقائي خودمختياري جي حفاظت ڪئي ويندي.“

پاڪستان جو صدر ۽ هند جو وزيراعظم لال بهادر شاستري 3 جنوري 1966ع ۾ تاشقند پهتا. پاڪستان جو وفد ڇهن ڄڻن تي مشتمل هو. پرڏيهي وزير ذوالفقار علي ڀٽو، سڌسماءَ جو وزير خواجه شهاب الدين، ڀارت ۾ مقرر پاڪستان جو سفير ارشد حسين، پرڏيهي سيڪريٽري عزيز احمد، پي آءِ جو سربراهه ايئر مارشل اصغر خان ۽ اطلاعات جو سيڪريٽري الطاف گوهر. ڀارت جو وفد پرڏيهي وزير سردار سورن سنگھـ، بچاءُ جو وزير واءِ. بي چوهان، پرڏيهي معاملن جي وزارت جو سيڪريٽري سِي. ايس. جها ۽  سوويت يونين ۾ هندستان جو سفير ٽِي. اين ڪول تي مشتمل هو.

صدر ايوب ۽ وفد جي تاشقند اُڏام جي دوران ميجرجنرل رفيع صدر ايوب کان پڇيو، ”جيڪو به فيصلو ٿيندو ڇا ان کي پاڪستان جو عوام قبول ڪندو؟“ صدر ايوب کيس ورندي ڏيندي چيو ته ”جيستائين مان صدر آهيان ته منهنجي فيصلي تي قوم کي سهمت ٿيڻ گهرجي، جيڪڏهن اسان جا ماڻهو اهو پسند نٿا ڪن ته هو پنهنجو ٻيو اڳواڻ منتخب ڪري سگھن ٿا.“

تاشقند ڪانفرنس جي پهرين ڏينهن صدر ايوب خان افتتاحي تقرير ڪئي، جنهن ۾ هن جو انداز گفتگو وچٿرو ۽ ڳالهين جي نبيري لاءِ پراميد هو. ايوب خان ”ڪشمير“ جو ذڪر به نه ڪيو. هندستان جي پريس ايوب خان کي ساراهيو، جڏهن تـ پاڪستان ۾ صدر جي سياسي مخالفن سخت تنقيد ڪئي. ذوالفقار علي ڀٽي، ايوب خان کي قائِل ڪرڻ جي گھڻي ڪوشش ڪئي ته هو ڪشمير جي مسئلي کي ايجنڊا ۾ شامل ڪرائي پر صدر هن جي هڪ نه ٻڌي. الطاف گوهر ان قصي کي هيئنءَ بيان ڪري ٿو: ”ايوب سمجهي پيو ته شاستري ڪشمير جي تڪرار بابت ڳالهيون ڪرڻ جي حق ۾ نه آهي. جڏهن ايوب خان چيو ته شاستري چوي ٿو ته هو عوام جي اڳيان جوابده آهي، ڀٽي هن کي وچ ۾ ٽوڪيندي سختي سان چيو، پر توهان به ماڻهن جي اڳيان جوابده آهيو. توهان کي گھڻو مينڊيٽ مليل ناهي، هلندڙ ڳالهين ۾ اهو ڀٽي جو پهريون ردعمل ۽ اشارو هو“.

ذوالفقار علي ڀٽو جي سخت موقف ۽ اسرار جي ڪري، ايوب خان، ڪشمير مسئلي تي سويت يونين جي پرڏيهي وزير ڪوسيجن کي مڃائڻ جي ڪوشش ڪئي. ذوالفقار علي ڀٽو اهي گھڙيون ياد ڪندي چئي ٿو: ”مسٽر چوهان، وزيرِ دفاع مون کي چيو ته ”توهان ڪشمير مسئلي کي هتي ۽ هينئر حل ڪرڻ چاهيو ٿا، جڏهن ته هن مسئلي کي فائنل ڪرڻ ضروري آهي. مون چيو ته ”مسٽر چوهان، جيڪڏهن ڪشمير جو نبيرو ڪرڻ گھرو ٿا ته اسان جي ڳالهه مڃو ۽ اسان جي شرطن تي حل ڪڍو. تنهن کان پوءِ هو مسٽر شاستري وٽ ويو ۽ مسٽر شاستري، مسٽر ڪوسيجن وٽ ويو، مسٽر ڪوسيجن، ايوب خان ڏانهن ويو. سڀني چيو ته توهان وٽ ڏاڍو ڏکيو پرڏيهي وزير آهي ۽ جيستائين هن کي ڳالهين کان هٽائي پري نه ٿو ڪيو وڃي، تيستائين ڳالهين ۾ اڳڀرائي ٿي نه سگھندي.

”نيٺ ايوب ۽ ٻيا ڪشمير تي ڳالهين لاءِ راضي ٿيا. ڀٽو ڪاوڙ ۽ بيچيني ۽ اضطراب ۾ خالي خالي ڇت کي گھوريندو رهيو، جڏهن ته ڪوسيجن ٻنهي ملڪن کي هم آهنگي جي اپيل ڪئي. هڪ مرحلي تي ڀٽو سگريٽ دکائي ڪرسي کي ٽيڪ ڏئي ويٺو رهيو. اهو هڪ قسم جو سخت احتجاج هو، جيڪو ايوب خان کي ڏکيو لڳو. 10 جنوري 19966ع تي ”تاشقند معاهدو“ ٿيو. آخرڪار ايوب خان 14 جنوري 1966ع تي ريڊيو تي قوم کي خطاب ڪيو. تقرير ۾ هن چيو تـ ”اسان مان ڪيترائي توهان جي جذبات جو فائدو وٺندا ۽ توهان کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا.“ اهو اشارو ذوالفقار علي ڀٽو ڏانهن هو ۽ اڳتي هلي ذوالفقار علي ڀٽو، ايوب خان جي خلاف اٿي کڙو ٿيو ۽ عوامي تحريڪ جي ذريعي کيس اقتدار تان هٽايو.

 

پاڪ چين اقتصادي راهداري لنگهه ۽ ڀارت

جيتوڻيڪ وزيراعظم نواز شريف ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف اهم ملاقات ڪري پاڪ چين اقتصادي لنگهه تحت ڪيل اربين ڊالرن جي منصوبن کي مڪمل ڪرڻ ۾ پيش ايندڙ سموريون رڪاوٽون ختم ڪرڻ لاءِ هر قدم کڻڻ تي اتفاق ڪيو آهي، سندن چوڻ آهي ته منصوبن کي هر قيمت تي مڪمل ڪيو ويندو، غيرملڪي سيڙپڪاري ۽ چيني شهرين کي فول پروف سيڪيورٽي ڏيڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن جي نگراني فوج ڪري رهي آهي. پاڪ چين اقتصادي راهداري جو منصوبو جيئن ئي منظر عام تي آيو ته پاڪستان جي خوشحالي ۽ امن جا دشمن حرڪت ۾ اچي ويا، هنن پهرين ته پاڪ چين منصوبن خلاف مهم هلائي، انهن جي مٿي ۾ ڀريل هوا جڏهن نڪتي ته پوءِ عالمي سطح تي به ان منصوبي خلاف سازش ڪئي وئي، پر اها به ڪامياب نه ٿي سگهي، ڀارت کُلي عام پاڪ چين اقتصادي لنگهه خلاف متحرڪ ٿيو ۽ اعتراض واريو ته اهو لنگهه تڪراري علائقي مان گذرندو، ان ڪري اهو نه ٺهڻ گهرجي، جيڪڏهن ڀارت جي انهيءَ هڪ اعتراض تي ڳالهه ڪجي ته پوءِ اهو سوال به ته اڀري ٿو ته والاريل ڪشمير به ته تڪراري علائقو آهي، پوءِ ڇا ڀارت اتي هلندڙ هر قسم جا ترقياتي ڪم روڪي ڇڏيا آهن؟ ڀارت منصوبي تي اعتراض واري چين به پهتو ۽ ان معاملي کي مودي چيني صدر آڏو اٿاريو، پر چين هر سطح تي پاڪستان خلاف ڀارتي اعتراضن کي رد ڪري ڇڏيو. ڏٺو وڃي ته ڀارت هڪ طرف سرحد تي فائربندي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪري امن ۾ خلل پيدا ڪرڻ جي سازش ڪري رهيو آهي ته ٻئي طرف ”را“ جون سرگرميون به منظر عام تي اچي رهيون آهن، پر اها ڳالهه ته واضح آهي ته ملڪ دشمن عنصرن جي ايجنڊا پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ، امن امان جي بحال ٿيندڙ صورتحال ۾ بگاڙ پيدا ڪرڻ ۽ پاڪ چين اقتصادي راهداري واري منصوبي تان پاڪستان جو ڌيان هٽائڻ سميت ٻيون سازشون ڪرڻ آهي، پر هن ملڪ جي قائد اعظم محمد علي جناح جي ٻڌايل اصولن اتحاد، تنظيم ۽ يقين تي هلي ڪري سموريون ڪاميابيون حاصل ڪري سگهجن ٿيون، ان حوالي سان پوري قوم، موجوده حڪومت، پاڪ فوج، عدليا ۽ ميڊيا جو ڪردار اهم آهي، انهن سمورن ٿنڀن جي اتحاد سان ملڪ ۾ استحڪام، امن ۽ خوشحالي کي قائم رکي سگهجي ٿو. اسين سمجهون ٿا ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه سان ملڪ ۾ نه رڳو خوشحالي ايندي، پر عالمي سطح تي به پاڪستان جي اهميت ۾ اضافو ٿيندو، ان سان گڏوگڏ خطي جا ٻيا ملڪ به ان مان فائدو ماڻي سگهندا، اقتصادي راهداري جي اهميت جو اندازو ان مان به لڳائي سگهجي ٿو ته ان کي مڪمل ڪرڻ لاءِ پاڪ فوج جي نگراني ۾ خصوصي سيڪيورٽي فورس جوڙي وئي آهي، ملڪ ۾ ترقياتي ڪمن سان گڏ اهو به ضروري آهي ته پرڏيهي ايجنڊا تي ڪم ڪندڙ لوڌ کي قانون جي گرفت ۾ آڻي سندن نشاندهي تي انهن عنصرن کي به پڪڙيو وڃي، جيڪي ملڪ دشمن ڪارروائين ۾ مصروف عمل آهن.