تازيون خبرون

Daily Archives: September 4, 2015

جيڪولين فرنينڊس پنهنجي خوبصورتي جا راز کولڻ لاءِ ڪتاب لکندي

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره جيڪولينفرنينڊس پنهنجي من موهيندڙ خوبصورتي جا راز کولڻ لاءِ ڪتاب لکندي. ڀارت جي سڌ سماءَ وارن ذريعن مطابق جيڪولين ان بابت جلد هڪ ڪتاب لکندي جنهن ۾ هوءَ تفصيل سان چمڙي کي صحتمند رکڻ جي حوالي سان نسخا ٻڌائيندي ۽ جن غذائن کان پاسو ڪرڻ گهرجي ان بابت به لکندي. جيڪولين فرنينڊس نئين فلم ”ڊيشوم” جي شوٽنگ ۾ مضروف آهي جنهن ۾ سندس هيرو ورون ڌون آهي. فلم جي شوٽنگ جلد مڪمل ڪئي ويندي

 

گلوڪاره ريڊلي کي لاس ويگاس ۾ پرفارمنس تي 16 لک 38 هزار ڊالر معاوضي جي آڇ

لاس اينجلس (شوبز نيوز) هالي ووڊ گلوڪاره ريڊلي کي لاس ويگاس ۾ پرفارمنس تي 16 لک 38 هزار ڊالر معاوضي جي آڇ ڪئي وئي آهي، آمريڪي ميڊيا مطابق لاس ويگاس جي ڪنسرٽ پروموٽر گلوڪاره ريڊلي کي هڪ رات جي

حساب سان پرفارمنس جا 16 لک 30 هزار ڊالر معاوضي جي آڇ ڪئي آهي، پرفارمنس لاءِ جاءِ جي چونڊ گلوڪاره جي راضپي کان پوءِ ڪئي ويندي، ريڊلي جو نئون البم نومبر ۾ رليز ٿيندو.

 

پي سي بي چيئرمين شهريار خان ڀارت کان ڊسمبر ۾ شيڊيولڊ ڪرڪيٽ سيريز کيڏڻ يا نه کيڏڻ بابت آخري جواب گھري ورتو

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين شهريار خان ڀارت کان ڊسمبر ۾ شيڊيولڊ ڪرڪيٽ سيريز کيڏڻ يا نه کيڏڻ بابت آخري جواب گھري ورتو آهي. خابرو اداري جي رپورٽ موجب پي سي بي چيئرمين شهريار

خان بي سي سي آءِ جي سيڪريٽري انوراگ ٺاڪر کي خط لکيو آهي، جنهن ۾ کيس چيو ويو آهي ته سياست ۾ لاها چاڙها ايندا رهندا آهن، سياست کي ڪرڪيٽ کان الڳ رکيو وڃي ۽ ڊسمبر ۾ شيڊيولڊ ڪرڪيٽ سيريز کي ممڪن بڻايو وڃي. پي سي بي چيئرمين ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ جي سيڪريٽري کي وڌيڪ چيو ته اَڻ چِٽي صورتحال کي ختم ڪيو وڃي ۽ آخري جواب ڏنو وڃي ته پاڪستان سان سيريز کيڏڻي آهي يا نه؟ واضح رهي ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڊسمبر ۾ گڏيل عرب امارتن ۾ سيريز طئه ٿيل آهي، پر ٻنهي ملڪن وچ ۾ سرحدن تي وڌندڙ ڇڪتاڻ جي ڪري سيريز ٿيڻ جا امڪان تمام گھٽ آهن.

 

جيڪڏهن نو بال جو قانون نه بدلايو ويو ته ڪنهن ڏينهن ڪو امپائر مارجي ويندو: روڊ مارش

لنڊن (اسپورٽس نيوز) آسٽريلين ٽيم جي چيف سليڪٽر روڊ مارش نو بال جي قانون ۾ بدلاءَ جو مطالبو ڪندي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن اهو قانون نه بدلايو ويو ته ڪنهن ڏينهن ڪو امپائر مارجي ويندو. هن چيو ته قانون کي بدلايو وڃي جيئن امپائر وڌيڪ پوئتي بيهي سگھن. اهڙيءَ طرح جيڪڏهن بال تي زوردار شاٽ هنئي وڃي ته امپائر وٽ ان کان بچڻ يا رد عمل ظاهر ڪرڻ جي لاءِ گھڻو وقت هوندو. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اهو وقت پري ناهي جڏهن ڪنهن انٽرنيشنل يا فرسٽ ڪلاس ميچ ۾ ڪو امپائر مارجي وڃي يا سخت زخمي ضرور ٿيندو.

 

ڪراچي جي اسڪول ۾ پيش آيل دردناڪ واقعو: واحد پارس هيسباڻي

ڪراچيءَ جي سولجر بازار واري علائقي ۾ هڪ اسڪول ۾ دردناڪ واقعو پيش آيو آهي. هن اسڪول ۾ پڙهندڙ مئٽرڪ جي شاگرد نوروز گڏ پڙهندڙ فاطمه مٿان پستول جا فائر ڪرڻ بعد پاڻ به خودڪشي ڪري ڇڏي آهي. هن واقعي جا تفصيل ٻڌائين ٿا ته هن واقعي ۾ پنهنجي زندگي وڃائيندڙ نوروز ۽ فاطمه پهرين ڪلاس کان گڏ پڙهندا هئا ۽ هڪ ٻئي کي پسند ڪندا هئا. ٻنهي پنهنجي والدين اڳيان شادي جي خواهش ڏيکاري جنهن کي نظرانداز ڪيو ويو. نتيجي ۾ هنن ٻنهي اهو انتهائي قدم کنيو. خبر آهي ته نوروز هڪ ڏينهن اڳ فاطمه کي شايد پنهنجي والد جو پستول کڻي اچڻ لاءِ چيو ۽ هوءَ اهو پستول پنهنجي ڪتاابن جي ٿيلهي ۾ لڪائي کڻي آئي. رسيس وقت جڏهن ٻيا شاگرد ۽ شاگردياڻيون ٻاهر نڪتا ته نوروز فاطمه جي ڪتابن جي ٿيلهي مان پستول ڪڍي مٿس فائر ڪيو ۽ پوءِ پاڻ مٿان فائر ڪري ڇڏيائين. ٻنهي جي ٿيلهن مان خط پڻ مليا آهن جن ۾ هنن شادي نه ٿيڻ جو سبب ڄاڻائيندي خودڪشي ڪرڻ جو لکيو آهي.

پنهنجي نوعيت جو هي انتهائي ڏکوئيندڙ واقعو آهي. جيتوڻيڪ هن قسم جو واقعو ڪو پهريون ڀيرو نه ٿيو آهي. پسند جي شادي نه ٿيڻ جي نتيجي ۾ گڏيل نموني خودڪشي ڪرڻ جا واقعا اڳ ۾ به پيش ٿيندا رهيا آهن جن ۾ هڪ ٻئي مٿان فائر ڪرڻ، گڏجي زهر پيئڻ، ڪئنال وغيره ۾ گڏجي ٽپو ڏيڻ، ريل گاڏي اڳيان اچي وڃڻ سميت گڏيل خودڪشي جا واقعا پيش ايندا رهيا آهن پر هن واقعي جي نوعيت ان ڪري به مختلف آهي جو هي هڪ تعليمي اداري اندر ٿيو آهي جنهن جا اثر يقينن گهڻا پوندا. هن معاملي پٺيان اصل حقيقت ڪهڙي آهي جيتوڻيڪ پاڻ ان بابت ڪجهه به نٿا ڄاڻون پر هڪ تعليمي اداري اندر هن قسم جو واقعو ٿيڻ اسان سڀني کي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو. اڄ جي هن جديد ٽيڪنالاجي واري دور ۾ جڏهن دنيا هڪ ڳوٺڙي ۾ تبديل ٿي چڪي آهي، موبائل فون ۽ انٽرنيٽ رابطن ۽ واسطن جي ذريعن کي گهڻو وسيع ڪري ڇڏيو آهي ۽ اڄ جو نوجوان معاملن کي پنهنجي انداز ۾ سوچڻ ۽ سمجهڻ لڳو آهي ان ماحول ۾ والدين مٿان به اها ذميواري عائد ٿئي ٿي ته اُهي پنهنجي اولاد جي خواهشن کي ٻڌن ۽ سمجهن. جيڪڏهن کين انهن جي خواهشن ۾ جذباتيت گهڻي ۽ حقيقت پسندي گهٽ محسوس ٿئي يا هو سندن خواهش کي ڪنهن به نموني صحيح نه سمجهن تڏهن به ان جو بهتر حل اهو آهي ته اولاد کي طريقي سان سمجهائڻ جي ڪوشش ڪجي ۽ کين مطمئن ڪجي. جنهن عمر ۾ نوروز ۽ فاطمه هي انتهائي قدم کنيو آهي اها عمر جي اها حد آهي جنهن ۾ سوچ کان وڌيڪ جذباتيت غالب هوندي آهي. ان عمر ۾ نه صرف اولاد جي سرگرمين تي نظر رکڻ جي ضرورت هوندي آهي پر کين اعتماد وارو ماحول فراهم ڪرڻ جي به گهرج هوندي آهي ته جيئن اها اهڙو ڪو به قدم نه کڻي جنهن ۾ جذباتيت شامل هجي. اسان وٽ اڪثر ڪري ٿئي ائين ٿو ته اولاد جڏهن به پنهنجي ڪنهن خواهش خاص ڪري شادي وغيره جو ذڪر ڪري ٿي ته والدين ان کي پنهنجي انا جو مسئلو بڻائي ڇڏين ٿا ۽ اولاد جي ڳالهه ٻڌڻ به پسند نه ٿا ڪن. اُهي اولاد کي اهو بانور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ته تنهنجي مستقبل جو فيصلو ڪرڻ جو اختيار صرف ۽ صرف اسان کي آهي توکي ان معاملي ۾ سوچڻ جي ضرورت به نه آهي. جڏهن اولاد والدين جو اهو رويو ڏسي ٿو ته اُهو وڌيڪ جذباتي ٿي وڃي ٿو ۽ نتيجي ۾ اهڙا قدم به کڻي ويهي ٿو، جيڪي ڪراچيءَ جي اسڪول ۾ پيش آيا آهن. هن واقعي جي رپورٽن پٺيان جيڪي تفصيل سامهون آيا آهن انهن ۾ اهو آهي ته نوروز ۽ فاطمه شادي ڪرڻ جا خواهشمند هئا ۽ سندن اها خواهش پوري نه ٿيڻ جي نتيجي ۾ هنن ئي انتهائي قدم کنيو. سندن ٿيلهن مان هٿ آيل خطن مان به اها ئي نشاندهي ٿئي ٿي ته سندن هن عمل پٺيان سبب صرف ۽ صرف شادي نه ٿي سگهڻ هو. جيتوڻيڪ ميٽرڪ ۾ پڙهندڙ هنن شاگردن جي اها عمر ان حد جي نه هئي جيڪا شادي جي عمر چئبي آهي پر ان پٺيان موجود جذبا ۽ احساس کين شادي واري ان خواهش طرف وٺي آيا. سندن والدين هن واقعي کانپوءِ جنهن درد جي ڪيفيت مان گذري رهيا هوندا ان جو احساس هر اولاد رکندڙ دل محسوس ڪري رهي هوندي. يقينن اهو احساس به سندن درد کي وڌائيندو هوندو ته هنن ٻنهي نوجوانن جي خواهش پوري ڪجي ها يا انهن کي مطمئن ڪجي ها ته شايد هن قسم جي نوبت سامهون نه اچي ها پر سڀ ڪجهه ختم ٿي وڃڻ کانپوءِ بس درد ئي رهجي ويندو آهي جيڪو هميشه بيچين ڪندو رهندو آهي. مون کي اها خبر ناهي ته هي انتهائي قدم کڻندڙ نوروز ۽ فاطمه طرفان والدين سان ڪهڙيون ڳالهيون ڪيون ويون هيون ۽ انهن طرفان کين ڪهڙي موٽ ملي هئي. بهرحال ڪٿي نه ڪٿي ڪا اهڙي گنجائش ضرور آهي جيڪا هنن نوجوانن جي مايوسي جو سبب بڻي ۽ هنن پنهنجي زندگي جو ڏيئو وسائي ڇڏيو.

اڄ جي هن جديد ٽيڪنالاجي واري دور ۾ جديد ايجادن جتي سهولتون پيدا ڪيون آهن اتي ان جا منفي اثر به سامهون اچي رهيا آهن. خاص ڪري سوشل ميڊيا جي هن ترقي نوجوانن جي ذهنن کي گهڻو تبديل ڪري ڇڏيو آهي. اسان جي اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ذريعن تي جيڪو ڪجهه ڏيکاريو پيو وڃي، اُهو ڪنهن به نوجوان جو ذهن هڪ جهٽڪي سان تبديل ڪرڻ لاءِ ڪافي آهي. اُتي رومانوي قصن ڪهاڻين کي جنهن انداز ۾ چمڪ ڌمڪ سان پيش ڪيو ٿو وڃي اُن جا اثر نوجوان نسل جي ذهن تي سڌا سنوان پون ٿا. پاڻ نه ته رومانس کي غلط سمجهون ٿا نه ان کي قصن ڪهاڻين ۾ پيش ڪرڻ جي مخالفت ڪريون ٿا پر اُهو سڀ ڪجهه جنهن انداز ۾ پيش ڪيو وڃي ٿو، اُهو ڏاڍو عجيب ۽ غريب آهي. هر ٻيو سين سسپينس سان ڀريل هجي ٿو ۽ اُتي خودڪشي واري عمل کي به اُن رومانس واري رنگ ۾ رنگيو وڃي ٿو، جنهن جا اثر يقينن نوجوان نسل تي پون ٿا. ان کانسواءِ انٽرنيٽ، فيس بوڪ، موبائل فون وغيره اهڙا ذريعا آهن جن جو جيڪڏهن پازيٽو استعمال ڪجي ته انهن مان زبردست فائدو حاصل ٿئي ٿو پر جڏهن ان کي حد کان وڌيڪ استعمال ڪرڻ شروع ڪجي ٿو ته ان جا ٻيا مختلف اثر سامهون اچڻ شروع ٿين ٿا. بهرحال اهي سڀئي شيون ماڻهن جي ذهنن کي متاثر ڪن ٿيون ۽ هر ذهن اُن کي پنهنجي پنهنجي حساب ڪتاب ۾ قبول ڪري ٿو ۽ سوچون پيدا ڪري ٿو. اسان جي سماج جي سڄاڻ ذهنن کي هنن سڀني معاملن تي سنجيدگي سان غور ويچار ڪرڻ گهرجي جنهن جو پاڻ ذڪر ڪري آيا آهيون. ميڊيا جي ذريعن کي به اهڙين شين کان پرهيز ڪرڻ کپي جنهن جا اثر مثبت بجاءِ منفي پون ۽ پهريان کان ئي جذباتي بڻيل اڄ جي نوجوان کي وڌيڪ جذباتي ڪري ڇڏين. اڄ جي نوجوان جي تربيت اهڙي نموني ڪرڻ جي ضرورت آهي جنهن ۾ اُن کي صحيح ۽ غلط ۾ فرق محسوس ڪرڻ جي سڃاڻپ پيدا ٿئي. ان سلسلي ۾ گهر پهرين درسگاهه آهي، جتي اهڙي قسم جي تربيت طرف خاص ڌيان ڏيڻ گهرجي. ان بعد تعليمي ادارن ۾ پڻ اڄ جي تبديل ٿيل دور کي سامهون رکي اهڙو نصاب تشڪيل ڏيڻ گهرجي جنهن ۾ اُهي سڀ شيون هجن، جيڪي اڄ جي نوجوان جي صحيح رهنمائي ڪري سگهن. جذباتي فيصلا هميشه نقصان کي ئي جنم ڏيندا آهن ان ڪري اڄ جي نوجوانن کي اها حقيقت سمجهائڻ جي ضرورت آهي.

ڪراچي جي اسڪول ۾ پيش آيل هي واقعو انتهائي دردناڪ آهي جنهن ۾ ٻه معصوم جانيون اجل جو شڪار بڻيون آهن. اهڙي قسم جي واقعن کي روڪڻ لاءِ اسان سڀني کي سوچڻ ۽ اهڙي قسم جي گنجائش ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

 

عالمي تبديلين جا سبب: ڊاڪٽر سڪندر مغل

اڄ اسان عالمي سطح تي حڪومتن، ڪارپوريشن، فوجن، بئنڪن، سياسي پارٽين ۽ سياسي نظامن ۾ ايڏي ٽوڙ ڦوڙ، اٿل پٿل ۽ تبديليءَ جي لهر ڏسي رهيا آهيون، جو انهن تي يقين ڪرڻ ايڏو آسان نه ٿو لڳي.مضبوط اقتدار جا ايوان اڄ لرزي رهيا آهن. ڪنهن سوچيو به هو ته هڪ ڏينهن روس ۽ سوشلسٽ بلاڪ چند سالن جي اندر ٽٽي ويندا، مضبوط برلن ديوار ذرا ذرا ٿي غائب ٿي ويندي ۽ وچ اوڀر جون بادشاهتون هوا ۾ اڏي وينديون. هنن تبديلين جا سبب گهڻا ئي ٿي سگهن ٿا، پر بحيثيت مجموعي هيٺيان ٽي انقلاب، بقول موئيسز نائم جي، انهن عالمي تبديلين جا اصل سبب آهن (ڏسو موئيسز نائم جو ڪتاب ”اينڊ آف پاور“ 2013).

1: گهڻائيءَ وارو انقلاب (more revolution)

2: چرپر وارو انقلاب (Mobility revolution)

3: ذهني انقلاب (Mentality Revolution)

گهڻائيءَ وارو انقلاب

اڄ سان پنهنجي چوڌاري هر شيءِ جي گهڻائي/جھجھائپ ڏسي رهيا آهيون. انسانن جي آدمشماري ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي، ڳوٺن کان شهرن ڏانهن لڏپلاڻ وڌي رهي آهي، ڊاڪٽر وڌي رهيا آهن، بيماريون وڌي رهيون آهن، ڊاڪٽري شعبي ۾ Specialities وڌي رهيون آهن، دوائون وڌي رهيون آهن. ٽي ويون، گاڏيون، جهاز، ڪمپيوٽر، ٽي وي چئنلز، موبائل فونون مسلسل وڌي رهيا آهن.. بازارون شين ۽ سامان سان ڀريون پيون آهن. شاگردن جو تعداد ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي. مذهبي پرچارڪ وڌي رهيا آهن ۽ ڏوهاري به وڌي رهيا آهن. ڌرتيءَ جي گولي تي ملڪ، شهر، سياسي پارٽيون  فوجون ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن. 1950ع کانپوءِ دنيا جو اقتصادي اُپت پنجوڻ چڪي آهي ۽ في ڪس آمدني ساڍا ٽي ڀيرا وڌي آهي. انسانن جي آدمشماري پڻ وڌي رهي آهي، اڄ ٻه ارب ماڻهو اڄ کان ويهه سال پهريان جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهن. 2050ع تائين دنيا جي آدمشماري 1950ع جي ڀيٽ ۾ چئوڻي وڌي ويندي. عالمي سطح تي غربت ۾ گهٽتائي  ٿي رهي آهي ۽ ماڻهن جي صحت بهتر ٿي رهي آهي.ان ڳالهه جو اندازو هيٺين انگن اکرن مان لڳائي سگهجي ٿو.

ورلد بينڪ مطابق 2005 ۽ 2008 جي وچ ۾ انتهائي غربت ۾ زندگي گذاريندڙ ماڻهن جو تناسب گهٽيو آهي. رابرٽ زوئلڪ، ورلڊ بئنڪ جي تڏهوڪي صدر مطابق 2000ع ۾ طئي ڪيل غربت جي ملينيم ڊولپمينٽ گولس کي پنج سال پهرين حاصل ڪيو ويندو. يعني دنيا جي انتهائي غربت کي 2015 تائين اڌ تائين ختم ڪيو ويندو. مثال طور 1981 کان 66 ڪروڙ چيني ماڻهو غربت کان ٻاهر نڪتا آهن. ايشيا ۾ انتهائي غربت ۾ زندگي گذاريندڙ ماڻهن جي آبادي 1980 ۾ 77 سيڪڙو کان گهٽجي 1998ع ۾ 14سيڪڙو ٿي آهي. ان کانسواءِ دنيا جي غريب ترين ماڻهن ۾ به زندگيءَ جو معيار وڌيو آهي. ڪيترن  غريب ملڪن جي تڪڙي اقتصادي ترقي ۽ نتيجي ۾ انهن اندر غربت جي ڪميءَ هڪ عالمي وچولي طبقي کي وڌايو آهي.عالمي بئنڪ جي انگن اکرن مطابق 2006 کان 28 گهٽ آمدنيءَ وارو ملڪ، وچولي آمدنيءَ وارن ملڪي جي فهرست ۾ شامل ٿي ويا آهن. دنيا جي 84 سيڪڙو آبادي هاڻي پڙهيل ڳڙهيل آهي، جڏهن ته 1990ع ۾ اها 75 سيڪڙو هئي. يونيورسٽي تعليم ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي. غريب ملڪن ۾ به پيشه وراڻن سائنسدانن جو تعداد وڌي رهيو آهي. انسان هاڻي ڊگهيون ۽ وڌيڪ صحت مند زندگيون گذاري رهيا آهن.جديد ٽيڪنالاجين جهڙوڪه انٽرنيٽ، فيس بُڪ، ٽوئيٽز وغيره جو به ماڻهن جي سجاڳيءَ ۾ و ڏو هٿ آهي. ان جو   تازو مثال ”عرب اسپرنگ“ ۾ ملي ٿو.

گهڻائي واري انقلاب جو واسطو رڳو شين جي تعداد سان نه آهي، پر ان جو واسطو ماڻهن جي زندگين ۾ آيل معياري بتهريءَ سان به آهي. جڏهن ماڻهن جي غذا سٺي هوندي، اهي وڌيڪ صحتمند، وڌيڪ تعليم يافته، وڌيڪ باخبر ۽ ٻين سان وڌيڪ ڳنڍيل هوندا، تڏهن مٿان ضابطو رکڻ وڌيڪ ڏکيو ٿي وڃي ٿو.

چرپر وارو انقلاب

نه رڳو هاڻي ڌرتيءَ تي ماڻهو گهڻا ٿي ويا آهن، جن مان گهڻي ۾ گهڻا ڀرپور ۽ صحتمند زندگي گذاري رهيا آهن پر گهڻي ۾ گهڻا ماڻهو هاڻي وڌيڪ سفر به ڪري رهيا آهن. اقوام  متحده جي انگن اکرن موجب ڌرتيءَ جي گولي تي 21 ڪروڙ 40 لک نقل مڪاني ڪندڙ ماڻهو (Migrent)  آهن، جيڪي گذريل ويهن سالن جي تعداد کان 37 سيڪڙو وڌيڪ آهن. ان ساڳئي عرصي ۾ يورپ ۾ نقل مڪاني ڪندڙ 41 سيڪڙو ۽ اتر آمريڪا ۾ 80 سيڪڙو وڌيا. مطلب ته اڄ اسان ڌرتيءَ تي هڪ اهڙو چرپر وارو انقلاب ڏسي رهيا آهيون جنهن ۾ عالمي تاريخ جي ڪنهن به دور کان اڄ وڌيڪ گهڻا ماڻهو سفر ڪري رهيا آهن.

ماڻهن جي تيز عالمي چر پر آمريڪا جي سياست تي به چڱو اثر ڇڏي رهي آهي. خود بارڪ اوباما جي پهرئين صدارتي اليڪشن ۾ نئين متحده ٽريڊ يونين Change to win، جنهن ۾ گهٽ آمدنيءَ وارن ٻاهرين مزدورن جو وڏو انگ شامل هو، جو وڏو ڪردار چيو وڃي ٿو، سندس ٻيو دفعو صدارتي چونڊ کٽڻ ۾ هسپيني ووٽرن جو عمل دخل چيو وڃي ٿو. سُوڊان جي ريفرينڊم ۾، جنهن کانپوءِ ڏکڻ سوڊان هڪ آزاد عمل ٿي ويو، آمريڪا ۾ رهندڙ سوڊانين جي ووٽن جو وڏو رول هو. ڪولمبيا جي سينيٽ جا ڪجهه ميمبر، ڪولمبيا کان ٻاهر رهندڙ ڪولمبين طرفان چونڊيا  ويندا آهن. اهڙن ملڪن جا ليڊر جن وٽ نقل مڪاني ڪري ويندڙ وڏيون آباديون آهن، جيئن ميڪسيڪو، سينيگال وغيره اڪثر شڪاگو، نيو يارڪ، لنڊن يا ڪنهن  ٻئي هنڌ،  جتي سندن هم وطنن پنهنجون پاڙون کوڙي ڇڏيون آهن، جا سفر ڪندا رهندا آهن ته جيئن کين اليڪشن ۾ ووٽ ملي سگهن.

ساڳئي نموني نقل مڪاني ڪندڙ ماڻهو انهن ملڪن جا واپار، مذهب ۽ ڪلچر پڻ تبديل ڪري رهيا آهن. جتي اهي آباد ٿي رهيا آهن. آمريڪا ۾ هسپيني آدمشماري 1990ع ۾ ٻه  ڪروڙ ويهه لک کان 2011 ۾ پنج ڪروڙ ڏهه لکن تائين پهچي وئي آهي،  ايستائين جو هاڻي هر ڇهون آمريڪي هسپيني باشندو آهي. ميچيگن رياست جي شهر ڊيئر بارن جيڪو فورڊ موٽر ڪمپنيءَ جو عالمي هيڊ ڪوارٽر آهي، جي آدمشماريءَ جو 40 سيڪڙو عرب-آمريڪي آهن. ان جي مسلمان رهاڪن، اتر آمريڪا ۾ وڏي ۾ وڏي مسجد تعمير ڪئي آهي. ساڳي صورتحال يورپ  ۾ پيش اچي رهي آهي، جتي حڪومتون آفريڪا، ايشيا ۽ گهٽ شاهوڪار يورپي ملڪن مان نقل مڪاني ڪندڙ ماڻهن جي دٻاءَ کي منهن نه ٿيون ڏيئي سگهن. اڄ به اٽلي، برطانيا ۽ فرانس ۾ نقل مڪاني ڪندڙ ماڻهن هڪ بحران جي صورت اختيار ڪئي آهي.

ائيني ماهر جو وڇوڙو….

ناليوارو آئيني ماهر ۽ سينئر قانوندان عبدالحفيظ پيرزادو 80 ورهين جي ڄمار ۾ لنڊن ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. ڪجهه وقت اڳ کيس برطانيا جي شهر ريڊنگ جي رائل برڪشائر اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو هو، جتي ٻه هفتا پهرين سندس آنڊي جو آپريشن پڻ ٿيو هو، پر هُن جي طبيعت ۾ سڌارو نه آيو ۽ اڱاري واري رات جو دير سان هُن دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. 24 فيبروري 1935 تي سنڌوءَ ڪناري آباد شهر سکر ۾ جنم وٺندڙ عبدالحفيظ جو تعلق سنڌ جي سياسي گهراڻي سان هو. هُن جو والد پيرزادو عبدالستار پاڪستان جي پهرين ڪابينا ۾ زراعت ۽ صحت جو وزير هو. جڏهن ته 1953 ڌاري هڪ سال لاءِ وٽس سنڌ جي وڏ وزارت پڻ رهي. عبدالحفيظ پيرزادي جو خاندان قانوني حوالي سان مهارت رکندڙ هُو. هُن جو ڏاڏو ۽ والد پڻ بئريسٽر هُئا، جڏهن ته سندس پُٽ کي پڻ ساڳيو اعزاز حاصل آهي. قانون جي حوالي سان حفيظ پيرزادي کي هڪ سونهي واري حيثيت حاصل رهي. پيچيده ۽ مُنجهيل مامرن کي سُلجهائڻ جو وٽس ڏانءُ هو. اِهوئي سبب آهي جو مُلڪ جون هڙئي وڏيون ڌريون مونجهاري وقت کانئس ئي مدد وٺنديون هيون ۽ هُو پنهنجي پيشي جي حوالي سان سڀني جو ڀرجهلو بڻجندو هو. حفيظ پيرزادو نه رُڳو پيپلز پارٽيءَ جي بنياد وجهندڙن مان هو، پر هُن کي 1973 واري آئين جو بانيڪار پڻ سڏيو وڃي ٿو. هُو ٻه ڀيرا قومي اسيمبليءَ جي ميمبر طور چونڊن ۾ ڪامياب ٿيو ۽ کيس اهم وزارتن جا قلمدان پڻ سونپيا ويا. جڏهن ته ضياءَ جي ڪاري دؤر ۾ هُن ڪيتريون ئي صعوبتون به سٺيون. جيل جي سلاخن پُٺيان گهارڻ کان علاوه هُن جلاوطنيءَ کي به ڀوڳيو. هُن کي ذوالفقار علي ڀُٽو جي ويجهن ساٿين سمجهيو ويندو هو. سندن، ذوالفقار علي ڀُٽو جي چيمبر کان شروع ٿيل اِهو ساٿ ڀُٽي جي آخري ساهن تائين قائم رهيو. هُن مُلڪي تاريخ جي ڪيترن ئي اهم ڪيسن ۾ وڪالت ڪئي. ويجهڙائيءَ ۾ 2013 وارين چونڊن جي حوالي سان ڌانڌلين جي ڇنڊڇاڻ بابت موجوده سرڪار پاران ٺاهيل جوڊيشل ڪميشن اڳيان هُن پي ٽي آءِ پاران دليل ڏنا. موت برحق آهي، هر ساهه واري کي اُن جو ذائقو چکڻو هوندو آهي، پر ڪي شخصيتون پنهنجي حياتيءَ ۾ ايترو ڪجهه ڪري وينديون آهن جو مؤت اُنهن کي فقط جسماني طور ئي ماٺو ڪري سگهندو آهي، جڏهن ته اُنهن جون ڪوششون ۽ پورهيو امرت جو ڍُڪ ڀري سدا لاءِ امر ٿي ويندا آهن. عبدالحفيظ جون پڻ اهڙيون ئي ڪوششون هيون ۽ انهيءَ ڪوششن عيوض هُن کي سدائين ياد رکيو ويندو. سندس وڇوڙي کي اسين قومي نقصان سمجهون ٿا. هُو قانون جي دنيا جو اُهو وهائو تارو هو، جنهن جي وڇوڙي واري وڍ کي ڀرجڻ لاءِ وڏو وقت لڳندو. وڇوڙي واري هن ڏُک ۾ سندس پونئيرن سان اسين پاڻ کي ڀائيوار سمجهون ٿا ۽ ڌڻيءَ در دُعاگو آهيون ته مالڪ کيس جوارِ رحمت ۾ جڳهه عطا فرمائي.