تازيون خبرون

Daily Archives: September 1, 2015

ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي جي 14 هزار ايڪڙ زمين تي قبضي جو انڪشاف

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايم ڊي اي جي 14 هزار ايڪڙ زمين تي قبضي جو انڪشاف، اٿارٽي تحت هلندڙ منصوبن ۾ گهوٻين سبب غريب الاٽيز دربدري جون ٺوڪرون کائي رهيا آهن، وڏي وزير جي انسپيڪشن ٽيم جي مشير مظفر شجراع جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ايم ڊي اي جي آفيس ۾ اجلاس دوران انڪشاف ڪيو ويو ته اٿارٽي جي 14 هزار ايڪڙ زمين تي قبضو ڪيو ويو آهي، سيڪريٽري ايم ڊي اي محمد عرفان ۽ ڊائريڪٽر ٽائون پلاننگ ضياءُ الدين، مظفر شجراع  ي ٻڌايو ته نيو ملير جي ساڍا 5 هزار، شاهه لطيف ٽائون جي هڪ هزار 8 سئو، جڏهن ته ٽيسر ٽائون جي 6 هزار 5 سئو ايڪڙ زمين تي قبضو ڪيو ويو آهي جنهن لاءِ مڙني ادارن کي لکيو ويو آهي پر ڪا به سنوائي نه ٿي آهي، ان دوران ايم ڊي اي گوسڙو ملازمن جي نشاندهي ڪئي، جنهن جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، ان موقعي تي مظفر شجراع جو چوڻ هو ته سرڪاري پگهارون کندڙ آفيسر ايمانداري سان ڪم ڪن ته انهن کي ڪو به گرفتار نٿو ڪري سگهي پر ڪرپشن ٿيندي ته انهن خلاف ڪارروائي به ٿيندي ۽ انهن کي ڪڏهن به معاف نه ڪيو ويندو.

 

بالي ووڊ اداڪار اميتاڀ بچن جوذاتي ٽوئٽر اڪائونٽ هيڪ ٿي ويو

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪار اميتاڀ بچن جو ذاتي ٽوئٽر اڪائونٽ هيڪ ٿي ويو، اميتاب بچن پنهجي ٽوئٽر اڪائونٽ ذريعي پنهجي مداحن سان لاڳيتو رابطي  ۾ رهندو آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته اميتاڀ بچن دنيا جي مشهور ماڻهن مان هڪ آهي، جيڪو گذريل سال کان وٺي  ٽوئٽر تي پنهجن مداحن سان رابطي ۾ هوندو آهي پر هيڪر سند س اڪائونٽ کي هيڪ ڪري غير اخلاقي تصويرون رکي ڇڏيون آهن ۽ اهڙن ڪيترين ئي غير قانوني ويب سائيٽن جي ذريعي سندس اڪائونٽ جو پيڇو شروع ڪيو آهي

 

عمران خان بولڊ اداڪاري ۾ عمران هاشمي کي پوئتي ڇڏي ڏنو

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي اداڪار عمران خان بولڊ اداڪاري ۾ عمران هاشمي کي پوئتي ڇڏي ڏنو، عمران خان اڄ ڪلهه پنهنجي نئين ايندڙ فلم “ڪٽي بٽي” جي مشهور ۾ مصروف آهي، هن ان فلم جي هڪ گاني ۾ بولڊ اداڪاري ڪئي آهي ، ان سلسلي ۾  عمران خان چيو ته منهنجي فلم ڪٽي بٽي اڃا رليز نه ٿي آهي ، ان جو ٽريلر ڏسي منهنجي بولڊ اداڪاري تي تنقيد ٿي رهي آهي جڏهن ته اهي رڳو ڪجهه منظر آهن، جنهن سبب مون تي تنقيد ڪئي پئي وڃي.

 

شاهه رخ خان کي نوبل انعام حاصل ڪرڻ جي خواهش

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ ڪنگ خان نوبل انعام حاصل ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي، شاهه رخ خان ٽوئٽر تي پنهنجن مداحن جي هڪ لسٽ شايع ڪئي آهي جنهن ۾ هن جتي پنهنجي گهڻين ئي خواهشن کي مداحن سان ونڊيو آهي،اتي سندس هڪ خواهش اها به آهي ته هو نوبل انعام حاصل ڪري.

 

نانا پاٽيڪر جلد پروڊڪشن هائوس کولي سنجيده فلمون ٺاهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪار نانا پاٽيڪر چيو آهي ته پروڊڪشن ۾ مرضي جو ڪم ڪندس، پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته مان جلد هڪ پروڊڪشن هائوس شروع ڪندس، جنهن جا انتظام منهنجي پٽ جي حوالي هوندا، هن چيو ته اهڙيون ڪيتريون ئي فلمون آهن جيڪي مان ٺاهڻ چاهيان ٿو ، بالي ووڊ اداڪار چيو ته مان وڌيڪ سنجيده فلمون ٺاهيندس، اهو ضروري نه آهي ته مان پنهنجي پروڊڪشن هائوس جي تيار ڪيل هر فلم جو حصو هجان، مان ضرورت مطابق اداڪاري ڪندس، هن چيو ته مان اداڪاري جي شعبي کان ڌار ناهيان ٿيو، مستقبل ۾ به اداڪاري ڪندو رهندس، نانا پاٽيڪر  چيو ته هدايتڪار جي حيثيت سان هڪ بائيو گرافڪ فلم ٺاهي رهيو آهيان.

 

قومي ڪرڪيٽ ٽيم انگليڊ کي ٽنهي سيريز ۾ وائيٽ واش ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي: شعيب اختر

لاهور(اسپورٽس نيوز)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر ۽ دنيا جي بيٽسمينن لاءِ دهشت جي علامت بڻيل راولپنڊي ايڪسپريس شعيب اختر اڳڪٿي ڪئي آهي ته هلندڙ سال جي آڪٽوبر مهيني پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم متحدهه عرب عمارات ۾ ٿيندڙ ٽيسٽ،ون ڊي ،۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم فيوريٽ آهي انگلينڊ کي اڳ ۾ به وائيٽ واش ڪيو آهي ۽ هاڻي به وائيٽ واش ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي سندس چوڻ هو ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي منهن ڏيڻ لاءِ انگلينڊ کي اسپن بالرن کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪرڻي پوندي،پنهجي 14سالن جي ڪيرئير ۾ 400  کان مٿي وڪيٽون وٺندڙ دنييا جي تيز ترين فاسٽ بالر جو چوڻ هو ته پاڪستان ته پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم بهترين کيڏي رهي آهي منهجي خواهش آهي ته پاڪستاني فاسٽ بالر سونگ ڪن و۽ پنهجي راند بهتر انداز ۾ پيش ڪن ياد رهي ته سال 2009 ۾ سريلنڪن ٽيم مٿان لاهور ۾ ٿيو هيو جنهن سبب پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم پنهجون ميزباني واريون ميچون دبئي ۾ پيو کيڏي

 

اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر ونود ڪمبلي پگهار گهرڻ تان گهر جي عورت ملازم تي تشدد ڪيس داخل

ممبئي(اسپورٽس نيوز)اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر ونود ڪمبلي ۽ سندس جي گهر واري تي گهر جي عورت ملازم تي تشدد ڪرڻ خلاف ڪيس داخل ونود ڪمبلي ۽ ان جي گهر واري تي ملاز عورت سوني  جي ساهرن پاران 2سالن کان پگهار گهٽ ڏيڻ ۽ پگهار گهرڻ تان سخت تشدد ڪرڻ جو الزام ممبئي جي باندرا پوليس اسٽيشن تي داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽڙ ۽ سندس جي گهر واري تي تشدد ۽ ملازمن جي حقن خلاف ڀڃڪڙي جا 4 ڪلمن بابت ڪيس داخل ڪي ويا آهن ملازم سوني بٻڌايو ته سندس کي ونود ڪمبلي مونکي 3ڏينهن گهر جي اندر قيد به ڪري رکيو هيو

 

ڪولمبو ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن بالرن جو راڄ، 15 وڪيٽون ڪري پيو

ڪولمبو(اسپورٽس نيوز)سريلنڪا ۽ ڀارت وچ ۾ ٽئين ٽيسٽ ميچ جي ٽئين ڏينهن تي مجموعي طور تي 15رانديگر آئوٽ ٿيڻ کانپوءِ راند دلچس و مرحلي ۾ داخل ٿي وئي،ميچ جي ٽئين ڏينهن تي هندستان 292 رنسن  8 رانديگرن جي آئوٽ ٿيڻ سان پنهجي نامڪمل اننگ ٻيهر  شروع ڪئ ته سريلنڪا جي بالرن 20رنسن جو وڌارو ڪرڻ ڏنو 312 رنسن تي سڄي ٽيم پويلن هلي وئي،جواب ۾ سرينلڪا جي ٽيم بيٽنگ جي شروعات ڪئي ته صرف 47رنسن تي اڌ ٽيم واپس پويلين موٽي وئي 47 رنسن عيوض سريلنڪا 6وڪيٽون وڃائي ويٺي هئي پر ان موقعي تي ڪشال پريرا ۽ رنگنا هيراٿ بيٽنگ لائين کي سنڀاليو ۽ 79 رنسن جي پاٽنرشپ قائم ڪئي، ڪشال پريرا 55رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو،جڏهن ته رنگنا هيراٿ آخري رانديگر تائين وڪيٽ تي ڄمي مقابلو ڪيو ۽ 49 رنسن جي بهترين اننگ کيڏي جڏهن ته ڌميڪا پرساد 27 رنسون ٺاهي سگهيو سريلنڪا جي پوري ٽيم 201 رنسون ٺاهي ڍير ٿي وئي، ڀارت پاران اشانت شرما 5وڪيٽون وٺي سڀني کان ڪامياب بالر رهيو جڏهن ته اميت مشرا ۽ اسٽوٽ بني 2.2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو،ڀارتي ٽيم پنهجي ٻي اننگ کيڏڻ ائي ته صرف 2رنسن عيوض ٻئي اوپنر آئوٽ ٿي ويا اڃا اسڪور 7رنسن تائين پهتو ته اجنڪا رهاني به نوان پراديپ جي بال تي واپسي جو رستو اختيار ڪيو،ٽئين ڏينهن ج يراند ختم ٿيڻ تائين ڀارت 21رنسن عيوض 3رانديگر آئوٽ ڪرائي چڪي هئي ٽين ٽيسٽ ۾ ڀارت کي سريلنڪا تي  مجموعي طور تي 132رنسن جي برتري حاصل آهي.

 

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو فاسٽ بالر محمد عامر پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ۾ واپسي لاءِ بيچين

لاهور(اسپورٽس نيوز)ذريعن جي مطابق اسپاٽ فڪسر  بالر محمد عامر  سزا ختم ٿيڻ بعد ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ کيڏڻ شروع ڪري ڇڏيو  ميڊيا سان ڳالهائيندي محمد عامر چيو ته وڏو عرصو ڪرڪيٽ ي دنيا کان پري رهڻ کانپوءِ به منهجي اسپيڊ ۾گهٽتائي  ناهي آئي مان محسوس ٿو ڪيان ته منهجي لائن   هوريان  هوريان   ڪنٽرول ۾  اچي رهي  آهي اهڙو مسئلو عام طور تي 30سالن کانپوءِ ايندو آهي هن وقت قومي ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ  ۾ بهترين راند  پيش ڪرڻ جي لاءِ بيچين  آهيان ،هڪ سوال جي جواب محمد عامر چيو ته جيڪڏهن گرائونڊ ۾ نو بال  ٿيڻ جو خدشو هجي ته پوءِ  ڪرڪيٽ ئي نه کيڏڻ گهرجي ، سندس جو ڌيڪ چوڻ هو ته غلطي ڪنهن  کان به ٿي سگهي ٿي   مون هاڻي سبق سکي ورتو آهي  سينئير رانديگرن وسيم اڪرم، عمران خان ۽ ٻين جو ٿورائتو آهيان جن منهجي سپورٽ ڪئي  هن نوجوان رانديگرن کي نصيحت ڪئي ته ملڪ دشمن عناصرن کان پاسو ڪيو وڃي

 

ڀارتي جارحيت جو گڏيل قومون نوٽيس وٺن…!

 

وزيراعظم نواز شريف سان آمريڪي صلاحڪار سوزن رائس ملاقات ڪري خطي جي سلامتي ۽ استحڪام لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي، جڏهن ته ايل او سي تي هلندڙ ڀارتي جارحيت جا ثبوت آمريڪي صلاحڪار حوالي ڪيا ويا آهن، وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته ڀارت مسلسل اڳرائي ڪري رهيو آهي، گڏيل قومون ۽ آمريڪا نوٽيس وٺي. وزيراعظم هائوس ۾ آمريڪا جي قومي سلامتي واري صلاحڪار سوزن رائس وزيراعظم نواز شريف سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ آمريڪي سفير رچرڊ اولسن، آمريڪي قومي سلامتي جو ڊائريڪٽر، پرڏيهي صلاحڪار سرتاج عزيز، ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار، طارق فاطمي ۽ پرڏيهي سيڪريٽري اعجاز چوڌري ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ پاڪ- آمريڪا لاڳاپن، افغانستان صورتحال ۽ پاڪ- ڀارت ڇڪتاڻ تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ وزيراعظم نواز شريف ورڪنگ بائونڊري تي ڀارتي جارحيت ۽ اڳرائين جا ثبوت آمريڪي صلاحڪار سوزن رائيس حوالي ڪري ڇڏيا، وزيرعظم چيو آهي ته ڀارت مسلسل اڳرائي ڪري رهيو آهي، گڏيل قومون ۽ آمريڪا سنجندگي سان معاملي جو نوٽيس وٺن. وزيراعظم نوازشريف چيو ته پاڪستان ڀارت ۽ افغانستان سميت سمورن پاڙيسري ملڪن سان پرامن ۽ برابري جي بنياد تي لاڳاپا چاهي ٿو، وزيراعظم نوازشريف چيو ته آمريڪا ۽ پاڪستان اقتصادي، دفاعي ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۾ هڪٻئي جا اهم ساٿي آهن، پاڪ آمريڪا لاڳاپن سان دنيا جي ٻين ملڪن کي به فائدو پهچندو، سوزن رائس چيو ته آمريڪا دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي قربانين ۽ ڪاميابين کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ چيو ته وزيراعظم نوازشريف جي پاڙيسري ملڪن سان بهتر لاڳاپا رکڻ واري سوچ قابل قدر آهي. ملاقات ۾ دهشتگردن خلاف هلندڙ آپريشن بابت امريڪي صلاحڪار سوزن رائيس کي بريفنگ ڏني وئي، امريڪي صلاحڪار سوزن رائيس جو چوڻ آهي ته دهشتگردن خلاف پاڪستان جا کنيل قدم ساراهه جوڳا آهن، افغانستان ۽ خطي ۾ امن لاءِ ٻئي ملڪ هڪ ٻئي سان سهڪار جاري رکندا. سوزن رائيس چيو ته دهشتگردن جي خاتمي لاءِ پاڪستان امريڪا جو اهم اتحادي آهي، پاڪستان سان دفاعي ۽ معاشي لاڳاپا مضبوط ڪيا ويندا. ملاقات ۾ وزير اعظم نواز شريف جي آڪٽوبر جي آخري هفتي ۾ آمريڪي دوري جي ايجنڊا بابت پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزير اعظم هائوس جي ترجمان پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ملاقات دوران مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ٻنهي ملڪن دهشتگردي جي خاتمي لاءِ هڪٻئي سان سهڪار جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم نواز شريف دهشتگردي خلاف ويڙهه ۽ آپريشن ضرب عضب بابت آمريڪي صلاحڪار کي آگاهه ڪيو، جڏهن ته آمريڪا کان اتحادي سپورٽ فنڊ جي بحالي بابت به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ ڀارت پاران ورڪنگ بائونڊري ۽ ڪنٽرول لائن تي ٿيندڙ اڳرائين ۽ ڀڃڪڙين جو معاملو به اٿاريو ويو، پاڪ آمريڪا لاڳاپن جي مستقبل ۽ خطي جي صورتحال تي پڻ ڳالهايو ويو، آمريڪي قومي سلامتي جي صلاحڪار کي خطي ۾ امن ۽ سلامتي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن توڙي افغانستان جي سرچاءَ واري عمل ۾ پاڪستان جي ڪردار کان به آگاهه ڪيو ويو، ان موقعي تي سوزن رائس چيو ته پاڪ – آمريڪا لاڳاپا صحيح رخ ۾ اڳتي وڌي رهيا آهن، ٻنهي ملڪن ۾ مضبوط لاڳاپا تمام گهڻي اهميت رکن ٿا. هن چيو ته آمريڪا، پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ وسيع ڪرڻ چاهي ٿو. سوزن رائس چيو ته پاڪستان جي ڪوششن سان دهشتگردن کي شڪست ملي رهي آهي، پاڪستاني ڪارروايون ساراهه جوڳيو آهن، ملاقات دوران ڳالهائيندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته آمريڪا سان لاڳاپا نه رڳو پاڪستان پر خطي لاءِ به اهم آهن، آمريڪا، پاڪستان جو سڀ کان اهم اتحادي آهي.