تازيون خبرون

Monthly Archives: August 2015

نريندر مودي ڪشمير تي ڳالهه ڪري ته مان پيادل پهچي ويندس: سراج الحق

سلائو (اين اين آءِ) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير سينيٽر سراج الحق چيو ته نريندر مودي ڪشمير جي مسئلي تي ڳالهه ڪري ته مان پيادل پهچي ويندس ڪشمير جي مسئلي جي حل لاءِ بغير ڏکڻ ايشيا ۾ امن جو قيام صرف هڪ خواب آهي نريندر مودي نه صرف ڪشميرين پر هندستان جي اندر مسلمانن سميت ٻين مذهب جي ماڻهن جي لاءِ مشڪلاتپيدا ڪري رهيو آهي پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ جماعت اسلامي جو رول ڪشمير جي آزادي ۽ عوام جي فلاح ۽ بهبود لاءِ ضروري آهي. روايتي پارٽيون ۽ قيادتون ناڪام ٿي چڪيون آهن اهڙن خيالن جو اظهار هن سلائو ۾ هڪ جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو ان موقعي تي امير جماعت اسلامي عبدالرشيد ترابي خطاب ڪندي چيو ته ڀارتي وزيراعظم وزيرن ۽ را جي چيف جي انڪشاف کان پوءِ پاڪستان جي حڪمرانن ۽ قوم کي ڪنهن خوش فهمي ۾ رهڻ بجاءِ ڪشمير جي آزادي لاءِ ٺوس حڪمت عملي ۽ واضح پاليسي بنائڻي پوندي هندستان تحريڪ آزادي کي ثبوتاز ڪرڻ لاءِ تخريبڪاري جهڙين ڪارروائين جو خود انڪشاف ڪري رهيو آهي پاڪستان ايٽمي طاقت آهي ان اعتماد سان حڪمران ڀارت کي بي نقاب ڪن هن چيو ته برطانيا ۾ تارقين وطن پنهنجي صفحن ۾ اتحاد پيدا ڪري برطانيا جي ميمبرن پارليمينٽس کي قائل ڪن ته هو پارليمينٽ کان ڪشميرين جي حق خود اراديت جي حمايت ۾ قرارداد منظور ڪن ۽ ڀارت پاران والاريل ڪشمير جي اندر وڏي پئماني تي ظلم جي مذمت ڪن ۽ پارليمينٽ ۾ ان تي بحث ڪرائين. جماعت اسلامي آزاد ڪشمير ۾ تعليم جي شعبي ۾ صحت جي شعبي ۾ ۽ خدمت جي شعبي ۾ تاريخي ڪم ڪيا آهن ثابت ڪيو آهي ته اسان وٽ سرڪار جا وسيلا هجن ته آزاد ڪشمير مان غربت جو خاتمو ڪري ڇڏيون.

 

بالي ووڊ اداڪار سجي دت کي پيرول تي جيل مان 30 ڏينهن لاءِ آزادي ملي وئي

ممبئي (شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪار سنجي دت کي پيرول تي جيل مان 30 ڏينهن لاءِ آزادي ملي وئي آهي. ڀارتي ميڊيا مطابق سنجي دت هلندڙ سال جون ۾ پنهنجي ننڍي ڌيءَ اقرار جي بيماري کي سبب ڄاڻائيندي پيرول تي آزادي لاءِ عدالت کي درخواست ڏني هئي. پيرول تي آزادي ملڻ کان پوءِ سنجي دت (اڄ) خميس ڏينهن تي گهر پهچندو. ذريعن مطابق اداڪار کي وڌيڪ 60 ڏينهن لاءِ پيرول ۾ توسيع حاصل ڪرڻ جو حق آهي. سنجي دت کي جنوري 2014ع ۾ پڻ 3 مهينن لاءِ پيرول تي آزادي ملي هئي.

 

باصلاحيت اداڪارا صنم سعيد جي فلم ”بجانا“ جي فلمبندي آخري مرحلن ۾ داخل

لاهور (شوبز نيوز) پاڪستان جي باصلاحيت اداڪارا صنم سعيد جي فلم ”بجانا“ جي فلمبندي آخري مرحلن ۾ داخل ٿي وئي آهي، فلم ۾ هيرو جو ڪردار محبت مرزا ادا ڪري رهيو آهي، فلم جي پروڊيوسر ارشد علي آهي، جڏهن ته ناصر خان ان فلم جي هدايتڪاري ڪري رهيو آهي. ميڊيائي نمائندن سان ڳالهائيندي صنم سعيد چيو ته سندس هيءَ فلم ”بجانا“ پاڪستان فلم انڊسٽريءَ کي بحاليءَ جي رستي تي هلائڻ جي لاءِ آڪسيجن جو ڪم ڪندي، اداڪارا صنم سعيد اهو پڻ چيو ته فلم جي ڪهاڻي تمام جاندار آهي، جيڪا شوقينن کي تمام گھڻي پسند ايندي.

 

ڌيءَ جي پالنا ۾ وقت مصروف گذريو ۽ خبر ئي نه پئي ته پنج سال گذري ويا: ايشوريا

ممبئي (شوبز نيوز) اداڪارا ايشوريا راءِ بچن چيو آهي ته ڌيءَ جي پالڻا ۾ وقت گذرڻ جي خبر ئي نه پئي. ڏسندي ئي ڏسندي پنج سال گذري ويا. ڀارتيميڊيا موجب اداڪارا هڪ انٽرويو ۾ ٻڌايو ته اٽڪل پنجن سالن جي وقفي کان پوءِ فلم ”جذبا“ لاءِ جڏهن سيٽ تي پهتس ته ان ڳالهه جو احساس ئي نه ٿيو ته پنج سال غير حاضر رهي آهيان. ايشوريا موجب ڌيءَ جي پالنا ۾ وقت مصروف گذريو ۽ خبر ئي نه پئي ته پنج سال گذري ويا.

 

اداڪارائون پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ ڪجھه به ڪن پر فلم ۾ آئٽم گيت ڪرڻ سندن ذاتي پسند نٿو ٿي سگھي: حمزه عباسي

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪار حمزه علي عباسيءَ جو چوڻ آهي ته اداڪارائون پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ ڪجھه به ڪن پر فلم ۾ آئٽم گيت ڪرڻ سندن ذاتي پسند نٿو ٿي سگھي. برطانوي خابرو اداري کي ڏنل انٽرويوءَ ۾ حمزه علي عباسيءَ جو چوڻ هو ته هو گيتن خلاف ناهي ڇو ته اهي هاڻي اسان جي ثقافت جو حصو بڻجي چڪا آهن، پر مان آئٽم نمبرن جي خلاف آهيان، ڇو ته انهن ۾ عورتن کي مختصر لباس ۾ نچندي ڏيکاريو ويندو آهي. سندس چوڻ هو ته آئٽم نمبر عورتن لاءِ بي عزتي جو سبب بڻجي رهيا آهن. حمزه فلم جي پروڊيوسرن، هدايتڪارن، اداڪارن ۽ سينسر بورڊ تي تنقيد ڪندي چيو ته آئٽم گيت فلم ۾ شامل ڪرڻ انهن سڀني جي غلطي آهي. سندس چوڻ هو ته هو سينسر بورڊ کان سوال ٿو ڪري ته آخر هو آئٽم گيتن کي فلمن ۾ شامل ڪرڻ جي اجازت ڇو ٿا ڏين.

 

پهري ليگ ۾ پنج ٽيمون حصو وٺنديون، جن وچ ۾ گڏيل طور 24 ميچون کيڏيون وينديون: نجم سيٺي

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پهرين پاڪستان سپر ليگ ايندڙ سال 4 کان 24 فيبروريءَ تائين قطر جي گاديءَ واري شهر دوحا ۾ ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سپر ليگ جي گورننگ ڪائونسل جي چيئرمين نجم سيٺيءَ جو چوڻ هو ته پهري ليگ ۾ پنج ٽيمون حصو وٺنديون، جن وچ ۾ گڏيل طور 24 ميچون کيڏيون وينديون. سپر ليگ جي انعامي رقم 10 لک ڊالر ٻڌائي پئي وڃي. نجم سيٺيءَ جو چوڻ هو ته ڀارت کان سواءِ ٻين ملڪن جي ذڪر لائق ڪرڪيٽرن سپر ليگ ۾ کيڏڻ ۾ دلچپسي ڏيکاري آهي. ان کان سواءِ ڪيترن ئي پرڏيهي ڪوچن پڻ سپر ليگ ۾ دلچسپي رکن ٿا. سندس چوڻ هو ته فرنچائز جي مالڪن، براڊڪاسٽرن ۽ اسپانسرن جا تفصيل ايندڙ ٽِن مهينن ۾ طئه ڪيا ويندا. واضح رهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورد آءِ پي ايل جي طرز تي ٽي ٽوئنٽي ليگ ڪرائڻ لاءِ ڪافي وقت کان ڪوشان رهيو پر ڳري رقم خرچ ڪرڻ باوجود به مختلف سببن جي ڪري هيءَ ليگ نه ٿي سگھي هئي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سپرليگ جي رپورٽ تيار ڪرڻ جي لاءِ آءِ سي سيءَ جي اڳوڻي چيف ايگزيڪيوٽو هارون لوگارٽ جون خدمتون به حاصل ڪيون هيون، جنهن فيس جي مد ۾ سوال لک ڊالر پڻ ورتا هئا. ان وقت به سپر ليگ جي سيڪريٽريٽ ۾ ڳرين پگھارن ۽ مراعاتن تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ڪيتريون ئي مقرريون ڪيون هيون. ياد رهي ته دوحا ۾ فقط هڪ ئي اسٽيڊيم موجود آهي، جنهن ۾ سپر ليگ جون سڀ ميچون کيڏيون وينديون.

 

عمر اڪمل کي ناروي ۾ هڪ ميچ دوران هڪ عورت بالر ڪلين بولڊ ڪري ڇڏيو

اوسلو (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جو بهترين بيٽسمين عمر اڪمل هونئن ته دنيا جي وڏن وڏن بالرن کي ڏينهن جا تارا ڏيکاريندو آهي. پر ناروي ۾ هڪ ميچ دوران هڪ عورت بالر کيس ڪلين بولڊ ڪري ڏينهن جا تارا ڏيکاري ڇڏيا. اوسلو ۾پاڪستان ميلي دوران ڇوڪرين جي ٻن ٽيمن جو ميچ ٿيو، جنهن دوران عمر اڪمل کي به هڪ ٽيم جو حصو بڻايو ويو هو. پهرين هن ڪجهه شاٽون کيڏيون پوءِ پاڪستان ڄائي اسما احمد جي بالنگ تي سنگل رنس وٺڻ جي ڪوشش ۾ بال عمر اڪمل جي بيٽ کي ڇهندي وڃي وڪيٽن کي لڳو، عمر اڪمل جي آئوٽ ٿيڻ وقت مخالف ٽيم جي خوشي ڏسڻ وٽان هئي.

 

ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا جي لاءِ اعلانيل راند رتنا ايوارڊ جي رستي ۾ قانوني ڏکيائيون

ممبئي(اسپورٽس نيوز) ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا جي لاءِ اعلانيل راند رتنا ايوارڊ جي رستي ۾ قانوني ڏکيائيون اچي ويون ۽ ڪرناٽڪا هائيڪورٽ حڪم جاري ڪندي آخري حڪم تائين ثانيا کي ايوارڊ ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. ياد رهي ته ثانيا مرزا تازو ئي ومبلڊن اوپن ٽينس جي عورتن ڊبل مقابلن ۾ پنهنجي ساٿي مارٽينا سان گڏ ڊبلز جو ٽائيٽل کٽي چئيمپين بڻجڻ جو اعزاز ماڻيو هو.

 

پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان شاهد آفريديءَ پاران ڪراچيءَ جي جناح اسپتال جو دورو

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان شاهد آفريديءَ ڪراچيءَ جي جناح اسپتال جو دورو ڪيو، شاهد آفريديءَ طرفان مختلف وارڊن ۾ مريضن جي عيادت ڪئي وئي. ان موقعي تي شاهد آفريديءَجو چوڻ هو ته اسپتال جي حالت ڏسي کيس تمام گھڻو ڏک ٿيو آهي، هن اسپتال لاءِ 20 لک رپين جيو عطيو به ڏنو. اسپاٽ فڪسرن بابت ڳالهائيندي شاهد آفريديءَ جو چوڻ هو ته پي سي بي انهن بابت سوچي سمجھي فيصلو ڪري، ڇو ته هلندڙ ۽ ايندڙ نسل جي مستقبل جو مامرو آهي، ان جي ڪري اسپاٽ فڪسرن جو ملڪي ٽيم ۾ کيڏڻ سان سڀني جا کٽڪا وڌندا، جڏهن ته ڪافي رانديگرن پڻ انهن سان کيڏڻ کان انڪار ڪيو آهي.

 

ڪراچيءَ ۾ ٿيل وارڌات ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا…!

 

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ فائرنگ ۽ پرتشدد واقعن ۾ چار ڄڻا قتل ، شاهه فيصل ڪالوني جي علائقي عظيم پورا روڊ تي اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ 60 سالن جو پيرسن محمد حسين مارجي ويو، جوابدار فرار . لاش ڪارروائي لاءِ جناح اسپتال پهچايو ويو. واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي. ملير جي علائقي ٻڪرا پڙي ۾ نامعلوم جوابدارن جي فائرنگ ۾ 25 سالن جو نوجوان نادر قتل ٿي ويو. هڪ ڄڻو زخمي، جنهن کي ضروري ڪارروائي لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، سرجاني ٽائون جي پاور هائوس ڀرسان نامعلوم شخص جو گوليون لڳل لاش مليو، جنهن کي ڪارروائي بعد سڃاڻپ نه ٿيڻ سبب سردخاني حوالي ڪيو ويو، لسبيلا جي علائقي مان 55 سالن جي نامعلوم شخص جو لاش مليو، جنهن کي ڪارروائي بعد سرد خاني حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن شرافي ڳوٺ ٿاڻي تان هٿيار رکڻ جي الزام ۾ گرفتار جوابدار رائو نديم ولد حسن علي پراسرار نموني فرار ٿي ويو، جوابدار جي لاڪپ مان فرار ٿيڻ واري اطلاع تي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي مشتاق مهر نوٽيس وٺندي ڊيوٽي تي مقرر 5 پوليس اهلڪارن کي ڊيوٽي ۾ غفلت ۽ لاپرواهي ڪرڻ تي لاڪپ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ايس ايڇ او شرافي ٿاڻو اياز خان جي فرياد تي ڊيوٽي ۾ غفلت ڪندڙ 5 پوليس اهلڪارن جن ۾ سب انسپيڪٽر نظر علي ابڙو، سب انسپيڪٽر منير انڙ، سپاهي سخاوت حسين، سپاهي اختر نواز، سپاهي فضل رحيم تي ايف آءِ آر نمبر 257/15 جرم 223 ۽ 224 تحت داخل ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو.  هوڏانهن فرار ٿي ويل جوابدار جي گرفتاري لاءِ پوليس مختلف علائقن ۾ ڪارروائي شروع ڪري ڏني آهي. ٻئي پاسي بلديا ٽائون جي علائقي اتحاد ٽائون ۾ پوليس سرچ آپريشن ڪرڻ دوران مقابلي کان پوءِ هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي، گرفتار جوابدار جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان  سواتي گروپ سان آهي سندن قبضي مان هٿيار ۽ دستي بم هٿ ڪيا ويا آهن. چنيسر ڳوٺ ۽ محمود آباد ۾ پوليس سرچ آپريشن ڪندي 18 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو ۽ جاچ شروع ڪري ڏني آهي، شاهه فيصل ڪالوني ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪري جاچ شروع ڪري ڏني.

سنڌ ۽ پنجاب جي 20 ضلعن ۾ حڪمرانن جي دورن ۽ بلدين تي پابندي…!!!

اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊن جي شيڊول جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، پهرين مرحلي ۾ سنڌ جي 8 ۽ پنجاب جي 12 ضلعن ۾ 31 آڪٽوبر تي پولنگ ٿيندي، چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس رٽائرڊ سردار محمد رضا خان سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊن جي پهرين مرحلي لاءِ شيڊول منظور ڪيو آهي،  پهرئين مرحلي ۾ سنڌ جي خيرپور، سکر، گهوٽڪي،شڪارپور، جيڪب آباد، قمبر – شهدادڪوٽ، لاڙڪاڻي ۽ ڪشمور – ڪنڌڪوٽ ضلعن ۾ ووٽ وڌا ويندا، اهڙي ريت پنجاب جي جن ضلعن ۾ پهرئين مرحلي ۾ پولنگ ٿيندي، انهن ۾ فيصل آباد، لاهور، قصور، ننڪانا صاحب، ڀڪر، اوڪاڙا، بهاولنگر، گجرات، چڪوال، پاڪ پتڻ، وهاڙي ۽ لوڌران شامل آهن. شيڊول مطابق ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ 12 کان 17 سيپٽمبر تائين ٿيندي، اليڪشن ڪميشن مطابق اميدوار پهرين آڪٽوبر تائين پنهنجا نامزدگي ڪاغذ واپس وٺي سگهندا ۽ اميدوارن جي آخري فهرست 2 آڪٽوبر تي جاري ڪئي ويندي. اليڪشن ڪميشن پنجاب ۽ سنڌ جي جن ضلعن ۾ 31 آڪٽوبر تي پولنگ جو شيڊول منظور ڪيو آهي، انهن جون چونڊ فهرستون به سيل ڪري ڇڏيون آهن، جڏهن ته انهن ضلعن ۾ هر قسم جي ترقياتي رٿائن جي اعلان تي به پابندي هوندي. اليڪشن ڪميشن ووٽنگ لاءِ چونڊيل ضلعن ۾ سرڪاري ملازمن جي بدلين ۽ مقررين تي پڻ پابندي لڳائي ڇڏي آهي، اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته چونڊ ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي تي ڪارروائي ڪئي ويندي، انهن ضلعن ۾ وزيراعظم، وڏا وزير، صوبائي ۽ وفاقي وزير به انهن ضلعن جا دورا ڪري نه سگهندا.