تازيون خبرون

Daily Archives: August 22, 2015

پيپلز پارٽي ۽ (ن) ليگ لاءِ مڪاني چونڊن وارو ڪڙو ڍُڪ!؛حامد علي

مڪاني چونڊن کان مُلڪ جون ٻئي وڏيون جمهوري پارٽيون، پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) اِئين نٽائينديون رهيون آهن، جيئن ڪانءُ ڪمان کان لنوائي يا گنجو پاڪيءَ کان. ظاهر آهي اُهو ڪير هوندو، جيڪو پنهنجي پاور ۾ ڪنهن عام کي شريڪ ڪرڻ چاهيندو هُجي! هتي سياست، سماجي ڀلائي يا مُلڪي ترقيءَ وارو علم گهٽ پر پنهنجي اثر رسوخ ۾ اضافو ۽ ڌن دولت ميڙڻ جو ذريعو وڌيڪ رهي آهي. عوامي سطح تي لفظ ’سياست‘ پنهنجي اهميت ۽ افاديت ائين ئي وڃائي چُڪو آهي جيئن ’ڪامريڊ‘ لفظ طنز يا منفي ڪردار لاءِ استعمال ٿئي ٿو. اِهو سڀ اِن ڪري آهي جو ماڻهو سياسي عملن جا نتيجا ڏسيو ويٺا آهن. مُلڪ جي وجود کان وٺي اڄ تائين جيڪو سياسي ڪلچر هلندو اچي پيو، يا جيئن جمهوريت ۽ آمريت جي اکٻوٽ رهندي اچي پئي، تنهن کي ڏسي عام ماڻهوءَ کي اندازو ٿي ويو آهي ته هي سڀ سانگ اُن جمهور لاءِ ناهن، جنهن جي نالي تي ايوان، اقتدار ۽ ٻيا سڀ تماشا ٿين ٿا، پر اِهو سڄو ناٽڪ فقط ڪجهه خاندانن کي سنوارڻ ۽ ٺاهڻ لاءِ ترتيب ڏنو ويو آهي. عوام ڏينهون ڏينهن وڃي ٿو غريب کان غريب تر ٿيندو ۽ سياستدان وڃن ٿا امير ٿيندا، ايستائين جو اُنهن کي پتو ئي ناهي هوندو ته وٽن ڪيتري دولت آهي ۽ اِهو سڀ گذريل ستن ڏهاڪن کان هتي جا ڪيترائي نسل پنهنجي اکين سان ڏسندا اچن پيا.

وڏيون پارٽيون جيڪي جمهوري هُجڻ جي دعويٰ ڪنديون رهن ٿيون، اُنهن کان اِهو سَٺو ئي ڪونه ٿيندو ته ڪو اقتدار ۾ هيءُ جمهور به ڀاڱي ڀائيوار ٿئي. اِهو ڪيئن ممڪن آهي ته ڪنهن سردار، وڏيري، چوڌري يا سيد سڳوري سان ڪو عام ماڻهو سينو ساهي سگهي. تنهن ڪري چونڊ عمل کي ايترو ته مهانگو ڪيو ويو آهي جو اسان پارا، ايم پي اي يا ايم اين اي واري چونڊ وڙهڻ ته خواب ۾ به سوچي نٿا سگهن. اسان عام ماڻهن جي سياست جي سطح يونين ڪائونسل تائين ئي آهي، جنهن ۾ به مٿيان طبقا رُڪاوٽ بڻيل آهن، جو اُهي نٿا چاهين ته ڪو عام ماڻهو ساڻن اقتدار ۾ شراڪت جي دعويٰ ڪري سگهي. اِهوئي سبب آهي جو گذريل ڪيترن ئي سالن کان مڪاني چونڊن واري معاملي کي اينگهه پئي ملندي رهي آهي. پر آفرين انصاف جي اعليٰ منصبن تي ويٺل ذميوارن کي، جن سياسي ڌرين کي مجبور ڪيو آهي ته اُهي مڪاني چونڊون ڪرائين.

سو جيترو نٽائڻ مُمڪن هو، حڪومت مڪاني چونڊن کان نٽايو، پر هاڻ پاڻي سر تي چڙهي آيو آهي ۽ هر حال ۾ سُپريم ڪورٽ جو چونڊن وارو حڪم مڃڻو پوندو. جيڪو شيڊيول جاري ڪيو ويو آهي. جيتوڻيڪ سيپٽمبر ۾ ڏنل شيڊيول وقت اسان هنن ئي ڪالمن ۾ اِهو لکي آيا هُئاسين ته انهن تاريخن تي چونڊ عمل ممڪن ناهي جو اُهي مُون سُون جا ڏينهن آهن، پر اِهو به ڀلو جو حڪمرانن چونڊ عمل کي روڪرائڻ لاءِ ڪي علائقا نه ٻُوڙايا، جيڪڏهن ماضيءَ جيان هيل به درياهن جا بند ڀڄن ها، لکين ماڻهو دربدر ٿين ها ته شايد مڪاني چونڊون وڌيڪ هڪ ٻن سالن لاءِ رُڪجي وڃن ها. پر حالتن سنڌ سرڪار توڙي پنجاب سرڪار کي مجبور ڪري وڌو آهي ۽ اُهي هاڻ گهڻو وقت چونڊن کان نٽائي نٿا سگهن.

سپريم ڪورٽ مان مڪاني چونڊن لاءِ تاريخون طئي ڪرڻ جو اختيار ملڻ بعد اليڪشن ڪميشن سنڌ ۽ پنجاب صوبن ۾ بلدياتي چونڊ ڪرائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل شيڊيول ۾ تبديلي ڪندي سنڌ ۽ پنجاب صوبن ۾ جمع ڪرايل شيڊيول کان مهينو پهريان چونڊ ڪرائڻ جو فيصلو ڪندي سنڌ ۽ پنجاب صوبن ۾ پهرين مرحلي ۾ چونڊ ڪرائڻ لاءِ اڄ باضابطا چونڊ شيڊيول جاري ڪيو ويندو. امڪان اهي ظاهر ڪيا پيا وڃن ته پهرين مرحلي ۾ سنڌ ۾ پولنگ 12 آڪٽوبر تي ٿيندي، نامزدگي ڪاغذ 28 آگسٽ کان پهرين سيپٽمبر تائين وصول ڪيا ويندا، حتمي فهرستون 19 سيپٽمبر تي جاري ڪيون وينديون.

اليڪشن ڪميشن جيڪا پڌرائي جاري ڪئي آهي، تنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ٻنهي صوبن ۾ ٽن مرحلن ۾  چونڊون ٿينديون. پهرين مرحلي ۾ سنڌ اندر حيدرآباد ڊويزن جي بدين، ٺٽو، مٽياري، ٽنڊو الهيار، ٽنڊو محمد خان، سجاول، حيدرآباد، دادو، ڄامشورو ۽ سکر ڊويزن جي ضلعي خانپور، لاڙڪاڻي ڊويزن جي قمبر  شهدادڪوٽ، شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ چونڊون ٿينديون. جڏهن ته پنجاب ۾ پهرين مرحلي ۾ ملتان ڊويزن جي لوڌران، وهاڙي، ساهيوال ڊويزن جي اوڪاڙه، بهاولپور ڊويزن جي بهاولپور، بهاولنگر، فيصل آباد ڊويزن جي ٽوبه ٽيڪ سنگهه. سرگوڌا ڊويزن جي سرگوڌا ضلعي، لاهور ڊويزن جي قصور، ننڪانه صاحب، گوجرانوالا ڊويزن جي گجرات ۽ راولپنڊي ڊويزن جي راولپنڊي ۽ اٽڪ ضلعن ۾ پولنگ ٿيندي.

اليڪشن ڪميشن موجب نامزدگي ڪاغذ 28 آگسٽ کان پهرين سيپٽمبر تائين وصول ڪيا ويندا. انهن ڪاغذن جي جاچ پڙتال 3 سيپٽمبر کان 8 سيپٽمبر تائين ٿيندي، ڪاغذن جي منظور يا رد ٿيڻ خلاف اپيلون 12 سيپٽمبر تائين وصول ڪيون وينديون جن جو فيصلو ٽربيونل 17 سيپٽمبر تي ڪندا. اميدوار نامزدگي ڪاغذ 18 سيپٽمبر تائين واپس وٺي سگهندا. حتمي فهرست 19 سيپٽمبر تي جاري ڪئي ويندي ۽ پولنگ 12 آڪٽوبر تي ٿيندي. اليڪشن ڪميشن موجب لاڳاپيل رٽرننگ آفيسرز 24 آگسٽ تي نوٽيس جاري ڪندا.

موجوده حڪمرانن لاءِ اها انتهائي ڪڙي گوري آهي، جنهن کي ڳهڻ کان نٽائيندي هيستائين حڪمران ڪامياب ته ويا، پر هاڻ راهون سوڙهيون ٿيندي ڏسڻ ۾ اچي رهيون آهن. مڪاني چونڊن جي حوالي سان ڏسجي ته اهو هڪ انتهائي ڪارائتو نظام آهي، جنهن وسيلي ماڻهو پنهنجي علائقن جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، پر بدقسمتيءَ سان اسان وٽ انهيءَ نظام جو سدائين ڊڪٽيٽرن پئي فائدو کنيو آهي. هر ڊڪٽيٽر مڪاني چونڊن کي نئين نالي سان متعارف ڪرائي پنهنجي اقتدار کي طول پئي ڏنو آهي، انهيءَ سبب ڪري به هيءُ نظام سياسي پارٽين لاءِ ناپسنديده رهيو آهي. انهن لاءِ جتي انهيءَ نظام سان ماضيءَ جي ڊڪٽيٽرشپ جا ڦٽ اُکلجن ٿا، اُتي ايم اين ايز توڙي ايم پي ايز کي پنهنجي اختيارن ۾ گهٽتائيءَ جو احساس پڻ ٿيڻ لڳي ٿو. اِهو احساس ان ڪري به شدت اختيار ڪري ٿو، جو اسان وٽ سياست فلاح ۽ بهبود لاءِ نه پر جيئن مٿي ڄاڻائي آيا آهيون ته اُها پنهنجي شان شوڪت توڙي دولت ۾ اضافي لاءِ ڪئي وڃي ٿي. جيڪڏهن سياست ۾ حصو وٺندڙن جو مقصد پنهنجي علائقن، شهر ۽ مُلڪ جي ترقي هجي ها، ۽ اُهي پنهنجي ماڻهن جي زندگين ۾ آسانيون آڻڻ جو سوچي اچن ها ته شايد انهن کي پنهنجي اختيارن ۾ ڀائيواريءَ تي ڳڻتي نه پر خوشي ٿئي ها ته جنهن ڪم لاءِ هُو اڪيلا ميدان تي بيٺا آهن، انهيءَ کي سَر ڪرڻ لاءِ هاڻ ٻيا به سندن مددگار بڻيا آهن. جيئن ته هُو ڪروڙين رپين جي سيڙپ ڪري ايوانن تائين پهتا ئي ان لاءِ هئا ته اُهي مول سان گڏ نفعو به ڪمائين، پر اختيارن ۾ گهٽتائيءَ سبب اُهي دل گهريو نفعو ڪمائي نه سگهندا. جنهن ڪري ئي مڪاني نظام کان سدائين نٽائيندا رهيا آهن. ٻيو ته ويجهي ماضيءَ ۾ مشرف دؤر ۾ چونڊيل ناظمن ۽ ايم پي ايز وچ ۾ جيڪا ڇڪتاڻ رهندي هئي، تنهن کان پڻ صوبائي توڙي وفاقي حڪومت پرهيز ڪرڻ گهريو ٿي. پر جيڪڏهن شهرن جي حالت ڏٺي وڃي ۽ چوطرف گند ڪچرو ۽ اُٿليل گٽر ڏسبا ته اِهو مڃڻو ئي پوندو ته مڪاني چونڊون ضروري آهن.

تنهنڪري مُلڪ جي انهن ٻنهي وڏين پارٽين کي ان نظام کان نٽائڻ بدران اُن تي عمل ڪري عام ماڻهن جي مشڪلن کي گهٽائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ماضيءَ ۾ ان نظام تحت ڇا به ٿيو هُجي، پر هن وقت جيئن ته ٻئي پارٽيون پنهنجن صوبن ۾ سگهاريون آهن، تنهن ڪري انتظامي واڳ وري به مٿئين توڙي هيٺين سطح تي سندن ماڻهن جي ئي هٿ رهندي. جيتوڻيڪ دهشتگرديءَ جي نئين لهر هڪ ڀيرو وري خوف جو سبب بڻي آهي، پر اُميد اِهائي ٿي ڪجي ته هن ڀيري ڪو بهانو ڪونه هلندو ۽ چونڊون هر حال ۾ شيڊيول مطابق ٿينديون.

 

دنيا جو سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ ڪتاب؟ ؛ارشاد ڪاغذي

جرمني ۾ مصنف جي موت کان 70 سال بعد ڪنهن به ڪتاب جا ڪاپي رائٽ ختم ٿي ويندا آهن ۽ ان کانپوءِ اشاعت جو حق هر هڪ کي هوندو آهي. جرمني جي اڳواڻ ۽ جڳ مشهور جلاد هٽلر سن 1945ع تي خودڪشي ڪئي هئي، تنهن ڪري هلندڙ سال جي آخر تائين هُن جي سوانح ”مائن ڪيمف“ تي به حقِ اشاعت جي پابندي پوري ٿيندي. جرمن ڪاپي رائٽ قانون موجب ڪتاب جي مصنف جي وفات جي 70 ورهين بعد خودبخود پبلڪ پراپرٽي بنجي ويندا آهن. 1 جنوري 2016ع ۾ هٽلر جي ڪتاب ” مائن ڪيمف“ تي ازخود اهڙي پابندي جي پڄاڻي ٿي ويندي. جرمني ۾ ان ڪتاب جا حق ۽ واسطا بويريا رياست وٽ محفوظ آهن ۽ هن تڪراري ڪتاب جي اشاعت تي رياست پاران پابندي مڙهيل آهي. جرمن جي وزارت اهو سوچي رهي آهي ته اهڙو قانون جوڙيو وڃي جنهن تحت هي ڪتاب آئينده به شايع نه ٿي سگھي. ” هن خطرناڪ ۽ خوفناڪ ڪتاب جو فقط هڪ اسڪالرلي يا علمي ايڊيشن يا جلد ڇپجڻ گھرجي جيڪو تنقيدي، تحقيقي ۽ علمي ڇندڇاڻ لاءِ هجي.“

1936ع ۾ مائن ڪيمف جو انگريزي ترجمو ڪندڙ جم مرفي جو پوٽو جان مرفي چئي ٿو”هٽلر جي تاريخ  کيس ڪَمتر بڻائڻ جي تاريخ آهي ۽ ماڻهن هن ڪتاب کي ڪمتر ۽ ادنيٰ درجي ۾ شمار ڪيو آهي.“ هن وڌيڪ چيو ته ”سنجيدگي سان سوچڻ گھرجي جيڪڏهن ايئن نه ڪيو ويو ته غلط مفهوم اخذ ٿيڻ جو انديشو رهندو. سن 1920ع جي ڏهاڪي ۾ لکيل پنهنجي ڪتاب ۾ هن جيڪو ڪجهه لکيو، ان تي عمل ڪيو ۽ ڪيئي ڪم ڪري ڏيکاريا هئا. جيڪڏهن ان جو اونهو مطالعو ڪيو وڃي ها ته خطري جي اڳواٽ نشاندهي ٿئي ها.“

سن 1923ع ۾ ”بيئرهال“ جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش بعد هٽلر کي بغاوت جي الزام ۾ ميونخ جي هڪ جيل ۾ بند ڪيو ويو هو ۽ هتي هُن پنهنجي زندگيءَ جو احوال قلمبند ڪيو. ڏهاڪو سالن بعد جڏهن هٽلر اقتدار سنڀاليو ته هيءُ هڪ اهم نازي ڪتاب بڻجي ويو ۽ هن جون هڪ ڪروڙ 20 لک ڪاپيون شايع ڪيون ويون. حڪومت هن ڪتاب کي نئين شادي شده جوڙن کي تحفي ۾ پيش ڪندي هئي. هن ڪتاب کي سينئر آفيسر پاڻ وٽ سانڍي رکندا هئا. ٻن جلدن تي مشتمل هٽلر جي آتم ڪٿا هڪ منتشر، فضول ۽ اجائي ڊيگهه سان ڀريل آهي. فضيلت ۽ ادب آداب کان وانجهيل آهي ۽ يهودي دشمنيءَ تي ٻڌلُ ڳُٽڪو آهي. نسل پرستي، تنگ نظري، دهشتگردي، بالادستي ۽ سياسي مفادن جي حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ نازي طرزِ حڪومت (Third Reich) جو بنيادي دستاويز آهي. امريڪا ۽ سموري دنيا جي لائبريرين، ڪتاب گھرن ۽ ٻين هنڌن تي هي ڪتاب عام جام آهي ۽ وڪرو ٿيندو آهي. سوال ٿو پيدا ٿئي ته هٽلر ۽ نه وري هُن جو والي وارث آهي ته پوءِ رائلٽي ڪير ٿو وصول ڪري؟

ٻي مها ڀاري جنگ کانپوءِ جڏهن امريڪن نازي ناشر ايهر ورلاگ کي گرفتار ڪيو ته مائن ڪيمف جا سمورا حق بويريا اسٽيٽ ڏانهن ويا.

جرمني ۽ سموري دنيا ۾ هڪ نئون بحث هينئر کان ئي شروع ٿي ويو آهي ته 2015ع جي پڄاڻي تي جڏهن هن ڪتاب جو ڪاپي رائٽ ختم ٿيندو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ ۽ هن جي اشاعت کي ڪيئن روڪي سگھبو؟ 2016ع ۾ هٽلر جي آتم ڪهاڻي جي وري نئين نموني شايع ٿيڻ سان نازي ازم جو وري وجود ظاهر ٿيندو يا نه؟ ڪتاب تي قانوني پابندي لاڳو ٿيڻ گھرجي يا نه؟ تاريخدان، محقق، اديب، ليکڪ، صحافي وغيره اُڻِ تُڻِ ۾ آهن ته نيٺ ڇا ڪجي؟

ڪتاب تي پابندي عائد ڪرڻ سٺو سنئوڻ ۽ پاليسي نه به هجي. نيو يارڪ ٽائمز مطابق ”نئين نسل کي جيڪڏهن نازي ازم کان بچائڻو آهي ته ان لاءِ بهتر طريقو هي آهي ته هٽلر جي قول جي کُلي مخالفت ڪرڻي پوندي، نه ڪي هُن جي قول کي قانون جي مدد سان قابو ۾ رکڻ گھرجي.“ دنيا ۾ شدت پسندي ۽ نئين نازي ازم جي لهر جي ڪري ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڦڏا فساد ٿيندا رهن ٿا ۽ وري هٽلر جي سوانح جي کلي عام اشاعت، ترتيب، تَدوِينَ ۽ تَروِيج جي ڪري مشڪلاتون منهن ڪڍي سگھن ٿيون. ڇاڪاڻ ته هن ڪتاب جي منشور جي روشني ۾ دنيا جنگ جي ور چڙهي وئي هئي ۽ لکين ۽ ڪروڙين بي گناهه معصوم ماڻهو موت جو کاڄ ٿيا هئا!

هي سمورو کِٽراڳُ سرمائيدار دنيا جي ميڊيا جي سِٽ ۽ سازش آهي ته جيئن هڪ اهڙو ماحول پيدا ڪيو وڃي ۽ اهڙي پروپيگنڊه ڪئي وڃي، جنهن جي ذريعي هٽلر جلاد جي سوانحه کي وڌيڪ پذيرائي ملي سگهي ۽ سندس ڪتاب هٿؤن هٿ وڪامي. هونئن به هي ڪتاب دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود آهي، ملي سگھي ٿو ۽ پڙهي سگھجي ٿو. پوءِ ان تي ايڏو بَمُ بَکيڙو ڪرڻ جو مطلب ۽ مقصد ڇا آهي؟ جڏهن ته سڌريل ملڪن ۾ دهشتگردي ۽ نازي ازم جي ڦهلاءُ تي قانوني پابندي عائد ٿيل آهي ۽ ڪوبه ان قسم جو عمل ڪري نٿو سگهي ۽ ڪندو ته قانون حرڪت ۾ اچي ويندو، پر هٽلر جي حياتي جي ڪهاڻي ڪتاب کي هينئر کان ئي قبوليت ۽ عزت افزائي جي فن سان سرخرو، سربلند ۽ وڌائڻ جو وجهـ ڳولڻ لاءِ وسان ڪين گھٽايو ويو آهي. بهرحال ڪجهه به هجي، وقت جو انتظار ڪرڻ گھرجي ۽ ڏسجي ته 2016ع ۾ ڇا ٿو ٿئي؟