تازيون خبرون

Daily Archives: August 21, 2015

ٻوڏ جي سياست؛شھنيلا فياض

سنڌو درياءَ جي ٻوڏ کي ھڪ مھينو ٿي چڪو آھي، ھر طرف نظر ايندڙ موجن ۽ ڇولين ۾ آيل سنڌوءَ جو پيٽ ڪچو يا ڪينجھر توڙي منڇر ڍنڍ نه پر سنڌ جا سڀ علائقا جيڪي درياءَ جي ٻيٽ ۾ آھن اھي پاڻي سان ٻڏل آھن، سنڌو درياءَ ۾ ٻوڏ واري صورتحال کي منھن ڪيئن ڏبو؟ پھرين گڊو بئراج ۽ پوءِ سکر بئراج وٽ وڏي ٻوڏ جو خدشو رھيو، ھينئر سنڌو درياءَ جي آخر ۾ ڪوٽڙي بئراج وٽ وڏي ٻوڏ جو خدشو آھي، جتي پاڻي جي وھڪرن ۾ اڃا به واڌ اچي رھي آھي، ڪجھ ڏينھن کان ڪوٽڙي بئراج تي مٿانھون وھڪرو 6 لک 34 ھزار 919 ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ ٿي رھيو آھي، ڪوٽڙي بئراج کان ھيٺ سمنڊ تائين درياءَ ۾ سال جو تقريبن 10 مھينا پاڻي جو ڇوڙ بند ھو، جنھن جي ڪري سنڌو درياءَ سُڪل ۽ ويران ھو، جنھن ڪري درياءَ جي پيٽ تي واريءِ جا دڙا ڀٽون ٺھي ويون، ماڻھن اتي اچڻ ڇڏي ڏنو ۽ ملاحن جو گذر سفر به ان پاڻي تي آھي پر سڪ جي ڪري ملاح برادري بک ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي وئي.جيئن ته سنڌوءَ مان پاڻي سمنڊ تائين پھتو ته سڪل سنڌو جا نظارا ڏسڻ وٽان ھوندا، اھي نظارا دلڪش ۽ روح کي وڻندڙ ٿي ويندا ته ماڻھن جو رش اھي لڳندو ڄڻ ڪو ميلو لڳو آھي، ڪي وري اتي فوٽوگرافي ڪرڻ ايندا آھن، پاڻي سان ڀريل درياءَ ڏسي وڏا ننڍا ان مان لطف اندوز ٿيندا آھن، آھستي ٻوڏ جا وھڪرا وڌي رھيا آھن، ان وھڪري جي وڌڻ سبب درياءَ جي دهشت وڌي وئي آھي، پاڻي جي شور ۽ ان کي ڏسڻ سان خوف ٿيندو آھي ان خوف ڏياريندڙ پاڻي جي ڪري ماڻھو سنڌو درياءَ جو رخ نٿا ڪن، جيڪڏھن ڪو پاڻي جو رخ ڪري به ٿو ته ڪيترائي ٻڏڻ جا واقع ٻڌڻ اچن ٿا، گھڻي وقت کانپوءِ پاڻي جي اچڻ جي ڪري ملاحن جي روزي ۾ اضافو ٿيو آهي، ڇاڪاڻ جو ملاحن جو گذر سفر ان بادشاھ درياءَ تي آھي، پاڻي ڏسي ملاحن جي منھن تي مرڪ ۽ خوشي محسوس ٿيندي آھي ۽ ھر گھٽي ۽ پاڙي ۾ مڇي، پلي جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو آھي، ملاحن جي ته جھڙي عيد ھوندي آھي. سنڌودرياءَ ۾ پاڻي جي وھڪري جي وڌڻ ڪري لطيف آباد، حسين آباد، ڪوٽڙي، ڄامشورو جا ننڍا ڳوٺ پاڻي جي ھيٺ آھن، ڪچي وارا سڀ علائقا پاڻي جي ھيٺ ٻڏي چڪا آھن، ٻوڏ سبب ماڻھو گھڻا متاثر ٿيا آھن، درياءَ جو سڀ کان وڏو وھڪرو سحرش ننگر ۾ سڀ کان پھرين پھتو، جنھن سحرش نگر جي ڳوٺن کي ٻوڙي ڇڏيو، اتي جي ماڻھن پنھنجو سامان ڪڍي بند تي رکيو، پوءِ حسين آباد جي باگڙين وارو علائقو به پاڻي ھيٺ اچي ويو، انھن پنھنجو سامان ڪڍي اسڪول ۾ پناھ ورتي، پاڻي جي واڌاري جي ڪري لطيف آباد ڀرسان ملاحن جا ڳوٺ پاڻي جي گھيري ۾ اچي ويا، جيئن جيئن پاڻي جو وھڪرو وڌندو ويو، ڏسندي ڏسندي وھڪرن اٺن ڳوٺن کي پاڻي سان ٻوڙي ڇڏيو، ٻوڏ ۾ ڳوٺ ٻڏڻ لڳا ته ماڻھن ضروري سامان ڍڳي گاڏين، گڏھ گاڏين ٽريڪٽرن رستي ڪڍي وڃي بند تي منتقل ڪيا، لطيف آباد وارو بند هڪ ڪلوميٽر تائين ٻوڏ جي متاثرن سان ڀريل َآھي.ٻوڏ جي صورتحال ۾ به زميندارن ۽ وڏيرن، غريبن جي ڪا واھر نه ڪئي، ايستائين جو ڪوٽڙي لوپ بند کي به 40 فٽن جو گھارو لڳو، جنھن جي ڪري گھٽ ۾ گھٽ 500 گھر ٻڏي پاڻي جي ھيٺ اچي ويا، ماضي ۾ ڪوٽڙي لوپ بند جا ڳوٺ ڪڏهن به پاڻي ھيٺ نه آيا، سنڌوءَ کي گھارو ھميشه ملاڪاتيار وٽ لڳندو آھي جنھن جي نتيجي م ھڪ وڏي سياستدان جو زرعي زمينون پاڻي ھيٺ نظر اينديون آھن ڇا ڪاري خي کي ھٿرادو گھارو ھنيو ويو؟ ڇو جو ڪوٽڙي بئراج کان وٺي ڪاري خي تائين ٻيو ڪو علائقو اھڙو نه آھي جنھن کي گھارو لڳي سگھي. وڏي وزير جي مطابق تمام بند مضبوط آھن ته پوءِ ڪوٽڙي لوپ بند کي گھارو ڪئين لڳو؟ صوبائي ۽ ضلعي انتظاميا ڪچي جي ماڻھن کي پھرين ٻوڏ کان آگاھ ڪيو ھو پر ڪچي جي ماڻھن کي ڪو فرق نه پيو ۽ آخرڪار ٻوڏ انھن جي گھرن کي ٻوڙي وئي، پوءِ ڳوٺاڻن انتظاميا کي ڪيترائي فون ڪيا، پر ان عملي مان ڪو به نه آيو، اھا ڳوٺاڻن جي غلطي آھي، جڏھن وارننگ ڏنل ھئي ته پوءِ دانھون ڇا جي لاءِ. ضلعي انتظاميا اڃا تائين ڪجھ به نه ڪري سگھي آھي، اھا انتظاميا اڃا تائين ڪو سروي به نه ڪري سگھي آھي. انتظاميا ڪوھسار جي اسڪولن ۽ ڪاليجن کي نه رليف ڪيمپ بڻايو پر اتي جي ڪلاسن کي تالا ھجڻ سبب ٻوڏ متاثرين پارڪ ۽ گرائونڊ ۾رھڻ لڳا. اسڪول ۾ فرنيچر جي ڪري متاثرين پورا نه ٿي سگھيا، ضلعي انتظاميا پاڻي، کاڌي خوراڪ جو اعلان ڪيو َآھي، سيلاني وارن به 50 سيڪڙو ماني کارائڻ جو اعلان ڪيو آھي، پر متاثرين جو چوڻ آھي ته ماني کارائڻ کان بھتر اھو آھي ته اسان کي راشن مطلب اٽو کنڊ، کير ڀاڄيون ۽ ٻيو کاڌ خوراڪ جو ضروري سامان ڏنو وڃي ته اسين پاڻ ماني پچائي کائون، روز نان ۽ گوشت جو ٻوڙ کائڻ سان اسان جا ٻار بيمار ٿي ويا آھن، ٻار گندو پاڻي پيئڻ سان ڊائيريا، دست جھڙين بيمارين ۾ مبتلا ٿي چڪا آھن ۽ مڇرن جو اسپري نه ڪرڻ سبب ٻار مليريا جھڙين بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا آھن، انتظاميا اڃا تائين مڇر اسپري نه ڪرائي سگھي آھي ۽ ڊاڪٽرن جي ڪابه ٽيم وزٽ لاءِ نه آئي آھي، متاثرين ۽ انھن جا ٻار ٻوڏ واري پاڻي ۾ وھنجڻ سبب بيمار ٿي ويا آھن، ڪي پاڻي ۾ ٻڏي ويا، متاثرين کي کلي آسمان جي ھيٺ ويھڻ جي ڪري به تڪليفن جو منھن ڏسڻو پوي ٿو، 12 ڏينھن کانپوءِ به انتظاميا کي ڪو به خيال نه آيو آھي نه ئي ڊاڪٽرن جي ٽيم پھتي، اتي انسانن سان گڏ جانور چوپايو مال به شامل آھي جيڪا مينھن ڍڳي 5 ڪلو کير ڏيندي ھئي، اھا ھاڻي هڪ ڪلو کير ڏئي ٿي، فصل ڦٽيون سڀ تباھ ٿي ويا آهن، جن تي متاثرين جو گذر سفر ٿيندو ھو جيڪي ماڻھو ٻوڏ متاثرين حيدرآباد، حسين آباد، ڪوٽري جي بندن تي ويٺل آھن ڇا انھن متاثرين جي نياڻين جي عزت ان بند تي محفوظ آھي؟ متاثرين جي عورتن جو چوڻ آھي ته بند جي روڊ تان جيڪي ماڻھو ڪارن ۽ موٽرسائيڪلن تي گذرن ٿا.

پنھنجي موبائلن ۾ انھن جي نياڻين ۽ ڪيمپن جا فوٽو ۽ وڊيو ٺاھي فيس بڪ تي شئير ڪن ٿا، اھي ڪنھن کي روڪيندا؟ جڏهن ته ٻوڏ جي ڪري قسمين قسمين نانگ بلائن ۾ واڌ پڻ ٿي آھي.

2010ع جي ٻوڏ کان پوءِ درياءَ جي پيٽ ۾ ويٺل ماڻھن ۾ لالچ به وڌي وئي آھي ڇو جو مختلف ملڪن طرفان بھترين امدادي سامان ملي ٿو ۽ حڪومت نادرا ذريعي پاڪستان ڪارڊ، وطن ڪارڊ ورھايا، جنھن مان ماڻھن کي ھر مھيني 10 کان 20 ھزار رپيا مليا، پر وقت ھميشه ھڪ جھڙو نه ھوندو آھي، ھر حڪومت جي پنهنجي پاليسي ۽ اختيار ھوندا آھن، سنڌو درياءَ ۾ ڏينھون ڏينھن پاڻي جي وھڪري ۾ واڌ ٿي رھي آھي. آبپاشي عملدارن جو چوڻ آھي ته سنڌو درياءَ ۾ وھڪرو 6 لک ڪيوسڪ کان مٿي آھي، صوبائي حڪومت جي ڪارڪردگي ان مان ظاھر ٿي وئي ته پاڻي جي پھرين وھڪري پڄڻ شرط آبپاشي وارو وزير بدلي ڪيو ويو، بجاءِ ڪنھن پختي منصوبي جي حڪومت وزير تبديل ڪري ڇڏي ٿي، ڇا حڪومت ان ڳالھ کان آگاھ آھي ته سمنڊ پاڻي کڻڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آھي، جنھن جي نتيجي ۾ پاڻي جو ليول وڌندو پيو وڃي، جنهن سان وڏي تباهي ٿي سگهي ٿي.