تازيون خبرون

Daily Archives: August 21, 2015

 ڀارتي سندري ڪانيڪا ڪپورايشيا جي سڀ کان وڌيڪ سهڻي ناري جو مقابلو کٽي ورتو

ڪيرالا(شُوبز نيوز) ڀارتي سندري ڪانيڪا ڪپور مس ايشيا جو مقابلو کٽي  ورتو آهي، ڀارت جي ڏاکڻي رياست ڪيرالا جي شهر ڪوچي ۾ سڄي ايشيا مان پهتل سهڻين نارين مان ڪانيڪا ڪپور کي سڀ کان پڌيڪ سهڻي قرار ڏنو ويو ۽ کيس مس ايشيا جو تاج پارايو ويو، مقابلي ۾ فلپائيني سندري ميري نٿائي ۽ آذربائيجان جي جيلا گوليوا ترتيبوار ٻئي ۽ ٽئين نمبر تي رهيون، مس ايشيا جو اعزاز ماڻيندڙ ڪانيڪا ڪپور کي 5 لک رپيا روڪ انعام به ڏنو ويو، 20 ورهين جي ڪانيڪا ڪپور جو تعلق ڀارتي شهر نئين دهلي سان آهي، مس ايشيا جي مقابلي ۾ ڀوٽان، چين ، ايران، ملائيشيا، نيپال، سريلنڪا، تبت، ترڪمانستان، ازبڪستان ۽ گڏيل عرب امارتن جي سندرين حصو ورتو.

 

ڪترينا ڪيف بي عزتي جي ڀو کان سوشل ميڊِيا کان پري رهي ٿي

ممبئي(شُوبز نيوز): بالي ووڊ اداڪار ڪترينا ڪيف سوشل ميڊِيا استعمال نه ڪرڻ واري راز تان پردو هٽائي ڇڏيو آهي، سندس چوڻ آهي ته هوءَ پنهنجي بي عزتي جي ڊپ سبب سوشل ميڊِيا کان گهڻو ڪري پري رهندي آهي، هڪ ڀارتي خابرو اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ ڪترينا ڪيف چيو ته هوءءَ پنهنجي چاهيندڙن سان تصويرون ۽ وڊيوز ونڊڻ پسند ڪري ٿي پر کيس سوشل ميڊِيا جي ان ٻئي چهري جي به خبر پئجي چڪي آهي، جنهن تي هوءَ ڪجهه عرصو پهرين يقين به نه پئي ڪرڻ چاهي. هن اڀيشيڪ بچن جو مثال ڏيندي چيو ته اڀيشيڪ جي هڪ چاهيندڙ ٽوئيٽر تي سندس نياڻي بابت ڀوڳ ڪيو، جنهن ڪري اڀيشيڪ کي مجبور ٿي ان چاهيندڙ کي بلاڪ ڪرڻو پيو،ڪترينا ڪيف چيو ته هوءَ پنهنجي بي عزتي برداشت نه ٿي ڪري سگهي، ان ڪري سوشل ميڊِيا کان پري رهڻ پسند ڪندي آهي.

 

لاهور هائيڪورٽ” فينٽم“ جي پاڪستان ۾ نمائش تي پابندي لاءِ درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو

لاهور(شوبز نيوز) لاهور هائيڪورٽ ڀارتي فلم ” فينٽم“ جي پاڪستان ۾ نمائش تي پابندي لاءِ داخل درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو، جسٽس شاهد بلال تي ٻڌل لاهور هائيڪورٽ جي بينچ ڀارتي فلم جي نمائش تي پابندي لاءِ جماعت الدعويٰ جي امير حافظ محمد سعيد پاران داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي پٽيشنر جي وڪيل اي ڪي ڊوگر ايڊووڪيٽ ٻڌايو ته ڀارتي فلم پاڪستان ۽ اسلام جي خلاف آهي، فلم ۾ پٽيشنر حافظ محمد سعيد جي ڪردار ڪشي ڪئي وئي آهي.هن شڪ ظاهر ڪيو ته ان فلم جي پاڪستان ۾ نمائش وڳوڙ پکيڙيندي. وفاقي حڪومت طرفان عدالت کي ٻڌايو ويو ته ان فلم جي پاڪستان ۾ نمائش جي اجازت لاءِ درخواست ناهي ملي ۽ درخواست کانسواءِ اين او سي جاري نه ٿو ڪري سگهجي. ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ عدالت درخواست تي ٻڌڻي مڪمل ڪندي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو.

 

ستيش ڪوشڪ 2013ع جي هٽ فلم “تيري نام”جو سيڪوئل ٺاهيندو

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار ۽ ڊائريڪٽر ستيش ڪوشڪ چيو آهي ته هو 2013ع جي هٽ فلم “تيري نام”جو سيڪوئل ٺاهيندو، پنهنجي هڪ بيان ۾ ڪوشڪ چيو ته جيڪڏهن تيري نام ٽو ٺهي ته هو پهريون ماڻهو هوندو، جيڪو ان ۾ ٽپو لڳائيندو، هن  چيو ته سماجي رابطن جي ويب سائٽن تي ڪيترائي ماڻهو مون کان ان فلم جو سيڪوئل ٺاهڻ جو مطالبو ڪن ٿا، ستيش ڪوشڪ چيو ته هاڻ سلمان خان سپر اسٽار کان به اڳتي نڪري ويو آهي، ان ڪري مون کي خبر ناهي ته هو ان سيڪوئل جو حصو بڻجڻ چاهيندو يا نه؟

 

آئي سي سي جو سلمان بٽ ۽ محمد آصف تان پابندي هٽائڻ جو اعلان

ٓلاهور(اسپورٽس نيوز)آئي سي سي اسپاٽ فڪسنگ ڪيس ۾ ملوث پاڪستاني رانديگرن سلمان بٽ ۽ محمد آصف جي سزا ۾ گهٽتائي ڪندي ٻنهي رانديگرن تي لاڳو پابندي هٽائڻ جو اعلان ڪيو آهي.انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آئي سي سي) اسپاٽ فڪسنگ ڪيس ۾ ملوث پاڪستاني قومي ٽيم جي اڳوڻن رانديگرن تي لاڳو پابندي هٽائڻ جو اعلان ڪيو آهي. ذريعن مطابق آئي سي سي سلمان بٽ ۽ محمد آصف جي سزا ۾ 5،5 سالن تائين گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي. سلمان بٽ ۽ محمد آصف کي 2 سيپٽمبر کان ڊوميسٽڪ ۽ انٽر نيشنل ڪرڪيٽ کيڏڻ جي اجازت ملي وئي.

 

ڌوني ڀارتي فوج ۾ پيراٽروپر بڻجڻ لاءِ سکيا وٺڻ لڳو ، ننڍي جهاز تان تجرباتي ٽپو ڏيڻ ۾ ڪامياب

آگره (اسپورٽس نيوز)ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان مهندرا سنگهه ڌوني پيراٽروپر بڻجڻ جي سکيا حاصل ڪرڻ دوران پهريون آزمائشي جمپ لڳائڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، مهندرا سنگهه ڌوني گذريل ٻن هفتن کان پيراٽروپر ٽريننگ اسڪول (پي ٽي ايس) ۾ تربيت هيٺ آهي، سندس تربيت جي شروعات 6 آگسٽ کان ٿي هئي، ڌوني آگره جي مال پوره روڊ ۽ پنگ زون ۾ اي اين 32 ايئر ڪرافٽ تان ٽپو ڏنو، کيس تربيت دوران وڌيڪ 4 ڀيرا 10 هزار فٽ جي بلندي تان ٽپو  ڏيڻو پوندو، ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن کي 2001ع ۾ فوج ۾ 106 پيراشوٽ ريجمينٽ ۾ اعزازي ليفٽيننٽ ڪرنل جو عهدو ڏنو ويو هو، گذريل ٻن هفتن کان ڌوني کي ڪلاس روم ۾ پيرا شوٽ ذريعي 10 هزار فٽ جي بلندي تان ٽپو لڳائڻ جي تربيت ڏني پئي وڃي، ياد رهي ته ڌوني دنيا جو پهريون ڪرڪيٽر هوندو ،جنهن کي فوج ۾ پيراٽروپر بڻجڻ جي تربيت ڏني پئي وڃي، هندستان جي فوج ۾ ڌوني کان پهرين اڳوڻي ڪپتان ڪپيل ديو ۽ ابينو بيندرا کي به ڪميشن ڏني وئي هئي پر مهيندر سنگهه ڌوني پهريون رانديگر آهي، جيڪو تربيت حاصل ڪري باقاعده فوجي تمغو پنهنجي ڇاتي تي لڳائيندو.

 

بي سي سي آءِ آفيسرن سان سندس ڳالهه ٻولهه کي غلط انداز ۾ پيش ڪيو ويو: پريتي زنٽا

نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) مشهور بالي ووڊ اداڪارا ۽ انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) جي ٽيم ڪنگز اليون پنجاب جي گڏيل مالڪياڻي پريٽي زنٽا سندس نالي سان غلط بيان هلائڻ تي ڀارتي ميڊيا تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. ميڊيائي رپورٽن موجب زنٽا 8 آگسٽ تي رٿيل آءِ پي ايل ورڪنگ گروپ جي گڏجاڻيءَ ۾ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) عملدارن کي ٻڌايو ته سندس ٽيم ڪنگز اليون پنجاب جا ڪجھه رانديگر ميچ فڪسنگ ۾ بابت شڪي سرگرمين ۾ ملوث آهن. رپورٽ موجب بالي ووڊ اداڪارا وڌيڪ چيو ته سندس ٽيم جي ڪجھه ميچن ۾ کيس ايئن محسوس ٿيو ته انهن جو نتيجو پهريان کان طئه ٿيل آهي ۽ الزام هنيو ته بي سي سي آءِ جي ڪرپشن ٽوڙ ٽيم ميچ فڪسنگ مامري کي متاثر ڪندڙ طريقي سان حل ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي. گڏجاڻيءَ ۾ آءِ پي ايل جي نمائندن سان گڏوگڏ ورڪنگ گروپ جا چار ميمبر آءِ پي ايل چيئرمين راجيو شڪلا، بي سي سي آءِ سيڪريٽري انوراگ ٺاڪر، خزانچي اني رڌ چوڌري ۽ ڀارتي ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان ساروو گنگوليءَ به شرڪت ڪئي. جڏهن ته پريٽي زنٽا ڪالهه انهن الزام جي سختيءَ سان ترديد ڪندي چيو ته بي سي سي آءِ آفيسرن سان سندس ڳالهه ٻولهه کي غلط انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي، هن ٽوئٽر پيغام تي ان جي سختيءَ سان مذمت ڪئي.

 

دوکي بازن قومي ڪرڪيٽر محمد حفيظ کي به نه ڇڏيو، ساڍا 3 ڪروڙ رپيا ڦٻائي ويا

لاهور(اسپورٽس نيوز)قومي ڪرڪيٽر محمد حفيظ جي مطابق به سال اڳ هن ڊفينس جي ملڪيت وڪرو ڪرائيندڙ ڪاشف ۽ سندس ساٿين سان 8 ايڪڙ ايراضي جي زمين جو سودو ڪيو. ڏوهارين هن کي زمين ڏيڻ جو واعدو ڪيو پر زمين ڏيڻ واري وقت ڏوهارين معزرت ڪئي، جنهن کان پوءِ محمد حفيظ ڪيترائي ڀيرا ڏوهارين کي زمين ڏيڻ يا پئسا واپس ڪرڻ جو مطالبو ڪيو پر ڪامياب نه ٿيو.محمد حفيظ مطابق ڏوهارين هڪ سال اڳ ڏوهارين کي 1 ڪروڙ 25 لک رپيا ڏنا، جڏهن ته  2 ڪروڙ جو چيڪ ڏنو، جيڪو بئنڪ ۾ بائونس ٿي ويو. محمد حفيظ 2 سال انتظار ڪرڻ کانپوءِ ايس ايس پي سي آئي اي محمد عمر ورڪ وٽ پهتو ۽ انصاف جي اپيل ڪئي. ايس پي سي آئي اي  فوري طور تي ڊي ايس پي ڪينٽ رئيس خان کي هدايت ڪئي ته ڏوهارين کي گرفتار ڪري قومي ڪرڪيٽر جا پئسا واپس ڪرايا وڃن.

 

ٻوڏ جون تباهه ڪاريون…!

 

ميهڙ جي ڪچي واري علائقي ۾ ٻوڏ جون تباهه ڪاريون جاري آهن ۽ ٻوڏ تعلقي جا 2 سئو کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي هيٺ آڻي ڇڏيا آهن، جتي هزارين ماڻهو ڦاٿل آهن ۽ ٻيڙيون نه هجڻ سبب ماڻهو پڪي تي ناهن نڪري سگهيا ۽ ڪيترائي خاندان غير محفوظ آهن، جڏهن ته درياهه جي پيٽ جي ڳوٺ ناري ۾ 2 نينگر 14 ورهين جو علي حسن چانڊيو ۽ 12 ورهين جو يعقوب چانڊيو، جڏهن ته ڳوٺ جمعو لاکير ۾ 11 ورهين جي نينگري فرحانه لاکير پڻ درياهه بادشاهه جي موج ۾ اچي پير ترڪڻ سبب درياهه جي ويرن جي ور چڙهي وئي. انتظاميا ۽ سرڪاري ٽوٻا نه پهچڻ سبب ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين ٻڏي ويلن جا لاش هٿ نه آيا. بعد ۾ خانگي ٽوٻن ۽ ڳوٺاڻن درياهه جي ويرن سان مهاڏو اٽڪائي ۽ نينگري فرحانه لاکير ۽ نينگر علي حسن چانڊيي جا لاش هٿ ڪري ويا، جڏهن ته يعقوب چانڊيي جي لاش جي ڳولا جاري هئي. هوڏانهن علائقي واسين جو چوڻ آهي ته ڊي سي دادو زبير چنا کي مدد لاءِ اپيلون ڪندا رهياسين پر هن ڪا به واهر نه ڪئي. ٻئي طرف صوبائي صلاحڪار فياض ٻٽ جي هدايتن کانپوءِ ميهڙ انتظاميا متاثرن جي مدد لاءِ پهتي پر انتظاميا وٽ ٽوٻا ۽ ٻيو ضروري سامان نه هجڻ سبب متاثرن جي مدد ڪرڻ ۾ انتظاميا ناڪام وئي آهي.

بلدياتي چونڊن جو شيڊيول جاري

اليڪشن ڪميشن سنڌ ۽ پنجاب ۾ بلدياتي  چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پهرين مرحلي ۾ سنڌ ۾ پولنگ 12 آڪٽوبر تي ٿيندي، نامزدگي ڪاغذ 28 آگسٽ کان پهرين سيپٽمبر تائين وصول ڪيا ويندا، حتمي فهرستون 19 سيپٽمبر تي جاري ڪيون وينديون. اليڪشن ڪميشن پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب ٻنهي صوبن ۾ ٽن مرحلن ۾ ٿينديون ۽ پهرين مرحلي ۾ سنڌ ۾ حيدرآباد ڊويزن جي بدين، ٺٽو، مٽياري، ٽنڊو الهيار، ٽنڊو محمد خان، سجاول، حيدرآباد، دادو، ڄامشورو ۽ سکر ڊويزن جي ضلعي خانپور، لاڙڪاڻي ڊويزن جي قمبر  شهدادڪوٽ، شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ چونڊون ٿينديون جڏهن ته پنجاب ۾ پهرين مرحلي ۾ ملتان ڊويزن جي لوڌران، وهاڙي، ساهيوال ڊويزن جي اوڪاڙه، بهاولپور ڊويزن جي بهاولپور، بهاولنگر، فيصل آباد ڊويزن جي ٽوبه ٽيڪ سنگهه، سرگوڌا ڊويزن جي سرگوڌا ضلعي، لاهور ڊويزن جي قصور، ننڪانه صاحب، گوجرانوالا ڊويزن جي گجرات ۽ راولپنڊي ڊويزن جي راولپنڊي ۽ اٽڪ ضلعن ۾ پولنگ ٿيندي. اليڪشن ڪميشن موجب نامزدگي ڪاغذ 28 آگسٽ کان پهرين سيپٽمبر تائين وصول ڪيا ويندا انهن ڪاغذن جي جاچ پڙتال 3 سيپٽمبر کان 8 سيپٽمبر تائين ٿيندي، ڪاغذن جي منظور يا رد ٿيڻ خلاف اپيلون 12 سيپٽمبر تائين وصول ڪيون وينديون جن جو فيصلو ٽربيونل 17 سيپٽمبر تي ڪندا، اميدوار نامزدگي ڪاغذ 18 سيپٽمبر تائين واپس وٺي سگهندا، حتمي فهرست 19 سيپٽمبر تي جاري ڪئي ويندي ۽ پولنگ 12 آڪٽوبر تي ٿيندي. اليڪشن ڪميشن موجب لاڳاپيل رٽرننگ آفيسرز 24 آگسٽ تي نوٽيس جاري ڪندا. جڏهن ته چونڊ شيڊيول پڌرو ڪرڻ کان ڪجهه ڪلاڪ اڳ ۾ اليڪشن ڪميشن واضح ڪيو ته ڪميشن طرفان سنڌ ۽ پنجاب ۾ بلدياتي چونڊن جي حوالي سان ڪو به شيڊيول جاري ناهي ڪيو ويو، صوبائي حڪومتن سان مشاورت کانپوءِ شيڊيول جاري ڪيو ويندو. اليڪشن ڪميشن پنهنجي بيان ۾ چيو ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ بلدياتي چونڊن جي حوالي سان ميڊيا ۾ آيل خبرون بي بنياد آهن، سپريم ڪورٽ جي حڪم کانپوءِ اليڪشن ڪميشن ٻنهي صوبن ۾ بلدياتي چونڊون ڪرائڻ جي لاءِ شيڊيول تي ڪم ڪري رهي آهي ۽ چونڊ شيڊيول باقاعده نوٽيفڪيشن جاي ڪري پڌرو ڪيو ويندو. اليڪشن ڪميشن چيو ته اڱاري ڏينهن سپريم ڪورٽ ۾ عبوري شيڊيول پيش ڪيو ويو هو جنهن کي بنياد بڻائي چيو پيو وڃي ته اليڪشن ڪميشن شيڊيول پڌرو ڪيو آهي پر ائين نه آهي، صوبن سان مشاورت کانپوءِ شيڊيول جاري ڪيو ويندو ۽ ان جو باقاعده نوٽيفڪيشن پڌرو ڪيو ويندو ۽ ان بيان جي ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ اليڪشن ڪميشن صوبن سان مشاورت مڪمل ڪري ورتي ۽ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.

 

مولانا صاحب جي ٽياڪڙي ۽ سنڌ جو افسوس!؛عديل مهر

پي ٽي آءِ وارن جي استعيفائن تي عمل ڪرڻ لاءِ زور ڏيندڙ مولانا صاحب مرڪزي سرڪار جي گذارش تي گهر لنگهي وڃي ڪراچيءَ وارن کي استعيفائون واپس وٺڻ لاءِ منٿ ڪري مڃائي ته ورتو پر ان ڳالهه تي پنهنجن جي نِرڙ ۾ جيڪي گهُنج پيا اٿس، اُهي ڪيئن ڪڍندو؟! هن جي نائن زيرو- ياترا ڪيترا ڪاوڙايا آهن، همدرديءَ کي جيڪو هاڃو رسيو تنهن جو ڇا ٿيندو!؟

پنهنجا فرض ۽ واجب وساري ڪنهن جي نياپي تي نِڪري پوڻ کان اڳ ۾ جي اهو پارٽي ڏسي ها ته نياپو ڪنهن جو آهي، اهو نيڻو ۽ ڏيڻو ڪهڙي قسم جي ماڻهن کي آهي؟ ته شايد پرائي غرض کي پنهنجو عرض بنائڻ جو فيصلو نه ٿئي ها- پر پارٽيءَ وارن کي به اخبارن ٻئي ڏينهن ٻڌايو ته انهن جو قائد ڪلهه ڪٿي هو! جنهن سان طرزِ سياست ۽ نظريي جو پلس مائنس جهڙو فرق هجي، تنهن ڏي پرايا پيغام کڻي پهچڻ مولانا قسم جي ماڻهن جي منصب جو ڪم ناهي، جيڪڏهن ضروري هو ته اهو به طئي ان جي پارٽيءَ کي ڪرڻو هو، اهو انفرادي سطح جهڙو قدم نه هو. جڏهن ائين ٿيو آهي ته ان تي افسوس ٿيڻ انهن لاءِ فطري ڳالهه آهي، جيڪي ڪارڪن سياست کان ايمان کي مٿانهون سمجهن ٿا.

ان جي ضرورت ڪهڙي هئي؟ ملڪ ۽ عوام جو ڇا پيو وڃي، جيڪو وارو وارو ڪري مولانا بچائي ورتو؟ هيءَ رياست ۾ سياست جي راند آهي کيڏڻ وارا کيڏن ٿا، ڪڏهن هي ٿو کٽي، ڪڏهن هُو ٿو کٽي. اُهي هڪ ٻئي کي ڪٽڻو، ڪڏهن هي ٿو ڪٽي ڪڏهن هو ٿو ڪٽي، وچ ۾ ڪنهن جو ڇا وڃي! ان ۾ رُسڻ روٽين جو عمل آهي ۽ پرچڻ عادت واري ڳالهه! ان ۾ اُن شخصيت جو ڇا وڃي، جنهن جا لکن جي تعداد ۾ پيروڪار هجن ۽ پيروي ثواب سمجهي ڪئي ويندي هجي. مولانا صاحب، جي پنهنجي منصب کي ڏسي ها ته هنن ڏي نه اچي ها. سوچي ها ته ڀلا جي هو سچ ۾ استعيفائون ڏين ٿا ته غلط ڇا ٿا ڪن؟ داداگيريءَ سان ورتل مينڊيٽ جيڪڏهن، داداگيري نه ٿي سگهڻ تي سيڪ کائي موٽائي ٿا ڏين ته اها ڳالهه ته چڱي چئبي. هنن جي اهڙي ڪاوڙ ۾ ته برڪت پوڻ کپي، مولانا دعا جا ٻه هٿ کڻي چوي ڌڻي! دڳ اهوئي وٺائين، من ان ملڪ جو خير هجي! مولانا صاحب سوچي ته هنن جي انهيءَ مينڊيٽ جنهن جو هي خير ٿو گهُري، ڪراچيءَ جو ڪهڙو حال ڪيو آهي؟ مولانا صاحب هنن جي ذريعي ڪراچيءَ کي ڇا ٿو ڏيڻ چاهي!؟ انهن ڪوششن جو ڪو ڪارج!؟

استعيفيٰ ڏيڻ وارن کي رنجش جا دورا پوندا آهن. هنن رُسڻ جو به رڪارڊ قائم ڪيو آهي ته پرچڻ جا به مثال قائم ڪيا اٿائون. جيئن بجلي اچي ۽ وڃي، بلب وِسن ۽ ٻَرن، تيئن هي به رُسن ۽ پرچن!! هنن جي ”مُوڊ- شيڊنگ“ آهي ئي آهي! ڪڏهن مُنهن سُڄيل، ڪڏهن ٽوٿ پيسٽ جو اشتهار!! اهڙن ڏي وڃي ايلاز ڪرڻ ائين آهي جيئن بجلي وڃڻ تي ڪوئي گرڊ اسٽيشن وڃي عرض ڪري ته ٻيلي سياڻا ٿيو پاور کوليو ۽ جواب مليس ته تون هل بجلي ڪڍ اچئي ٿي! وقت جو وڏو زيان آهي، هجي ڪو پهريون ڀيرو ٿيندو، هجي ڪو قومي نقصان ته پوءِ صلح به ثواب هوندو آهي. هي مفادن جي ويڙهه آهي، مصلحتن جو ٺاهه آهي، انهيءَ ۾ انهن جي عمر گذري آهي ۽ سرڪارن جا سَن گذريا آهن. هي مفاهمت ڪرڻ وارن کي پنهنجو اهڙو موالي بڻائي ٿا ڇڏين جو اهو نشو ڪرڻ وارو نقصان ڄاڻندي به پنهنجي جان نه ڇڏائي سگهندو آهي. مواليءَ کي ٻاڙ لڳي ۽ وزم لاءِ موڪلي ته ڀلا هليو اچجي ڇا!؟ هي واسطي رکڻ وارن کي ونگي ٿا ڇڏين، هي ڪم ئي اهڙو ٿا ڏين جو وٺڻ وارو وساري نٿو سگهي، وڇوڙي جي ويل وتي ٿو مددگار ڳوليندو. هنن جي مدد فل ٽائيم جاب آهي، جيڪو واندو هجي ته ڪري، ڪنهن پارٽيءَ واري قائد جو هي ڪم ناهي. هنن استعيفائون ڏنيون آهن، آپريشن مان جان ڇڏائڻ لاءِ،

ڪراچي وارن جون چلولايون بند ٿي ويون آهن. چندو نٿا ڪري سگهن، اوڳاڙي نٿا ڪري سگهن، قربانيءَ واري عيد مٿئون آهي، کلون نه کڻي سگهندا. ٻاهران اچڻ بند آهي، گهرئون ٿا کائن ويٺا، کائي کائي کُٽي ويا آهن. سندن اهڙا ڪيترا ئي جهليل آهن، جيڪي هٿڙي هڻي ايندا آهن، باقي ڀؤ کان نٿا نڪرن، دڳ بند ٿي ويا آهن، رستن تي رينجرز وارا ويٺا آهن، ڇنڻ وارا پنڻ جهڙا ٿي پيا آهن. جهڙي عام ماڻهوءَ سان ڪندا هئا تهڙي ساڻن ٿئي پئي. آپريشن کين عام جام ڪري ڇڏيو آهي. ٺهيو ڪرڻ ۽ ٺاهه ڪرڻ هنن جي مجبوري آهي. هنن کي ڪو چوڻ وارو کپندو هو، هي تيار بيٺا هئا، مولانا هنن کي چيو ۽ هنن ها ڪرڻ ۾ دير نه ڪئي.

پر مولانا صاحب اهو ڪم ڪري مرڪز ۾ ته مارڪون کنيون هونديون پر سنڌ ۾ پنهنجو پيپر ڪسو ڪري ڇڏيو. هو پنهنجي ماڻهن کي هيڏي اوپرو ٿو ڪري. هن جا ڪارڪن پنهنجي ان قائد جو دفاع نه ڪري سگهندا. ڪندا ته اڪيلا رهجي ويندا. اهو انهن جي ”شهيد“ جي محنت تي پاڻي پيو ڦِري. هاڻي جيڪو ڊاڪٽر خالد محمود جي خيال مان نڪرندو، تڏهن قائد جي تازي قدم جو دفاع ڪري سگهندو. مولانا صاحب سنڌ جي عوام جي دل آزاري ڪري وڌي آهي. ڊاڪٽر شهيد سنڌ جي حقن جي ڳالهه ڪندو هو ته ڏاڍو وڻندو هو، اهو ئي سبب آهي جو هن جي شهادت تي سنڌ ڏاڍو رُني هئي. سنڌ هڪ شهيد بينظير جي شهادت تي رُني ٻيو ڊاڪٽر خالد محمود جي شهادت سنڌ کان سُڏڪا ڀرايا. انهن کي پنهنجو هٿ ڏيڻ پسند نه ڪندو هو جن کان هن جي قائد پاڻ تي گُل ڇٽايا آهن. هن سنڌ جي سڄي وجود کي نظرانداز ڪري سنڌ جي نڪ تي ويٺل مک سان ميل جول کي اهميت ڏئي ڄڻ ته هن ديس جي سونهن تي چٿر ڪئي آهي. ڪراچي سنڌ جو مٿو آهي، انهيءَ سر کي سنڌ جي سرير کان جدا ڪرڻ وارن جي عزت افزائي ڪري مولانا پنهنجو ئي ايڏو نقصان ڪيو آهي، جنهن کي پورو ڪرڻ لاءِ کيس سئو جلسا ڪرڻا پوندا.اخبارن ۾ هن جي ڪارڪنن جي بيچيني رپورٽ ٿي آهي. ممڪن آهي هو مذهبي عقيدت ۾ پنهنجو ڏک وساري ڇڏين ۽ چون ته اهڙيون رنجشون پنهنجي قائد جي موڊ تان قربان پر هو به سنڌ جي  موڊ کي نظرانداز نه ڪري سگهندا. سنڌ کي ڇڏيو، هو پنهنجا شهيد ڪيئن وساري ڇڏيندا. مفتي نظام الدين شامزئي کان ويندي مفتي محمد يوسف لڌيانوي تائين ڪيترائي ڪنهن جا شهيد آهن، اهي ڪٿي قتل ٿيا هئا؟ ڇا هنن کي ياد نه هوندو ته مسجدن ۽ مدرسن کي دهشتگردي جا اڏا ڪير ڪوٺيندو آهي؟ ڇا هنن کان وسريو هوندو ته سنڌ ۾ ٻٽو نظام ڪنهن پئي لاڳو ڪرايو؟ سنڌ کي ورهائڻ جي سازش ڪنهن جي آهي، الڳ صوبو ڪنهن جي گهُر ۽ تحريڪ آهي. سڀني کي سڀ ياد آهي، انهيءَ ڪري ڪو به سنڌ مان نائن زيرو تي نه ويو، اظهار لاءِ ڪجهه وڌيڪ جرئت کپندي آهي.

ليڪن چهري جا تاثرات سنڌ جي ڪيفيت جي نمائندگي ضرور ڪندا هوندا. لڳي ٿو ته مولانا صاحب جو سنڌ جي نبض تي هٿ ڪونهي. هاڻي پتو پيو ته هن جو پنهنجي ڪارڪنن جي به نبض تي هٿ ڪونهي؛ تڏهن ته وفاق جي مطلب لاءِ سنڌ جي حالت کي نظرانداز ڪري ٿو پر اُميد اها آهي ته شهيد خالد محمود واري سنڌ دوستي پنهنجي قيادت کي قائل ڪرڻ جي ڪوشش ضرور ڪندي.