تازيون خبرون

Daily Archives: August 18, 2015

اٽڪ ۾ ٿيل دهشتگرديءَ جو واقعو؛واحد پارس هيسباڻي

اٽڪ ۾ ٿيل خودڪش حملي ۾ پنجاب جو صوبائي گهرو وزير شجاع خانزاده شهيد ٿي ويو آهي. هن واقعي ۾ درجن کان وڌيڪ ٻيون به قيمتي جانيون ضايع ٿيون آهن، جڏهن ته 40 جي لڳ ڀڳ ماڻهو زخمي به ٿيا آهن. شجاع خانزاده تي ٿيل هن خودڪش حملي جا جيتوڻيڪ هي سٽون لکجڻ تائين ڪي به ڪارڻ سامهون نه آيا هئا نه ئي ڪنهن حملي آور ان جي ذميواري قبول ڪئي هئي، پر اسين سڀ ڄاڻون ٿا ته هن حملي پٺيان ڪهڙا ڪارڻ هوندا. انسانيت جا دشمن هي خودڪش حملي آور انهن ماڻهن کي ئي نشانو بڻائين ٿا، جيڪي هنن جي ان عمل جا مخالف آهن ۽ جيڪي هنن جي ناپاڪ مقصدن ۾ رڪاوٽ بڻجن ٿا، پوءِ اهو ڪو اعليٰ عملدار هجي، وزير مشير هجي يا عام ماڻهو هجي. شجاع احمد جو به ڏوهه اهو ئي هوندو جيڪو دهشتگردي جو شڪار بڻيل هر معصوم ماڻهو جو رهيو آهي. پنجاب جي صوبائي گهرو وزير جي حيثيت ۾ شجاع احمد جون خدمتون ۽ ڪوششون ڪنهن کان به ڳجهيون ڪونهن. دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪرڻ، انهن جي رستا روڪ جي حوالي سان هن جو جيڪو ڪردار رهيو آهي، ان کي نظر انداز نه ٿو ڪري سگهجي. پنجاب جتي خودڪش واقعا روز جو معمول بڻيل هئا، انهن جي رستا روڪ لاءِ شهيد شجاع احمد جو به ڪردار رهيو آهي. امن امان جي حوالي سان هن جون ڪوششون هميشه ياد رکيون وينديون. سندس سچائي ۽ پنهنجي ذميواري سان ڪمٽمينٽ جو اعتراف هن جا مخالف به ڪري رهيا آهن. هن پنهنجي زندگي هڪ وڏي مقصد پويان قربان ڪئي آهي ۽ سندس اها قرباني تاريخ جي ورقن ۾ هميشه ياد رکي ويندي. 28 آگسٽ 1943ع ۾ جنم وٺندڙ شجاع احمد جي زندگي جو تفصيل ڏسجي ٿو ته هن پنهنجي پوري زندگي جاکوڙ ۽ جستجو ۾ گذاري آهي. 1967ع ۾ ڪميشن پاس ڪري پاڪ فوج ۾ شامل ٿيندڙ شجاع خانزاده جو 1971ع واري پاڪ ڀارت جنگ ۾ به ڀرپور ڪردار رهيو آهي. پنهنجي فرض سان سچائي طور هن ڪيترائي ايوارڊ ته ماڻيا آهن پر هينئر شهادت جهڙو وڏو ايوارڊ ماڻي هي سچ پچ هميشه لاءِ امر ٿي ويو آهي. شهيد شجاع ان ئي راهه جو مسافر آهي جيڪا امن جي راهه آهي، جيڪا دهشتگردي جي مخالف راهه آهي، ان راهه تي هلندي هن کي ضرور ڌمڪيون به مليون هونديون، لالچون به ڏنيون ويون هونديون پر هن انهن جي پرواهه نه ڪندي جنهن همت ۽ حوصلي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، ان کي تاريخ جي ورقن مان ڪڏهن به فراموش نه ٿو ڪري سگهجي. شجاع احمد سان گڏ سندس جيڪي ٻيا ساٿي شهيد ٿيا آهن، انهن جي قرباني به ان ساڳئي مشن جو حصو آهي، جيڪو ڪافي عرصي کان دهشتگردن جي هميشه هميشه لاءِ پاڙ پٽڻ لاءِ هلي رهيو آهي. هن مشن ۾ پنهنجي جان جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ جن جن به پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي، اهي عظيم آهن ۽ تاريخ جي ورقن ۾ انهن جو ذڪر هميشه سونهري اکرن سان لکيو ويندو. آپريشن ضرب عضب کانپوءِ دهشتگردي جي واقعن ۾ ڪافي حد تائين گهٽتائي آئي آهي پر تازي اٽڪ واقعي کانپوءِ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته دهشتگردي اڃا مڪمل طور تي ختم ناهي ٿي. اهي دهشتگرد جيڪي ڪنڊون پاسا وٺي لڪي ويٺا آهن اهي موقعي جي تلاش ۾ رهن ٿا ۽ موقعو ملندي ئي اهي پنهنجو ناپاڪ مقصد پورو ڪرڻ ۾ ڪامياب وڃن ٿا. ان صورتحال ۾ آپريشن کي نه رڳو تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي پر اهي گنجائشون به ختم ڪرڻ جي گهرج آهي، جنهن جو فائدو وٺي دهشتگرد هن قسم جون وارداتون ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿين ٿا، دهشتگردن جي انهن ٺڪاڻن کي ختم ڪرڻ جي گهرج آهي، جتي هي لڪي ويٺل آهن ۽ موقعو ملندي ئي پنهنجي ڪارروائي ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿين ٿا. هن سلسلي ۾ حزب اقتدار ۽ حزب اختلاف واري سوچ کان هٽي ڪري گڏيل ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هي دهشتگرد ڪنهن جا به سڄڻ ناهن. هي اسان سڀني جا گڏيل دشمن آهن، ان ڪري انهن جي خاتمي لاءِ جيستائين سڀ گڏجي پنهنجو ڪردار ادا نه ڪندا،  ايستائين مڪمل طور تي ڪامياب نتيجا سامهون نه ايندا.

پنجاب جي صوبائي گهرو وزير تي سندس ئي ديري اندر ٿيل حملي ذريعي دهشتگردن ضرور هڪ پيغام ڏيڻ چاهيو هوندو ته اسان ائين به حملو ڪري سگهون ٿا پر سندن ان حملي کي بزدلي کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه ٿو چئي سگهجي. پوري ملڪ جو عوام دهشتگردن خلاف متحد آهي ان ڪري هن قسم جي واقعن ذريعي نه ته ان عوام کي ڊيڄاري سگهجي ٿو ۽ نه پنهنجي ڪاميابي ثابت ڪري سگهجي ٿي. هن قسم جي بزدلاڻن حملن جو سلسلو هاڻي گهڻو وقت نه هلي سگهندو. ملڪ جون سموريون سياسي ڌريون دهشتگردي خلاف هلندڙ آپريشن تي ساڳيو ئي موقف رکن ٿيون، اها حوصلا افزا ڳالهه آهي پر انهن کي اڃا اڳيان وڌي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.

هي دهشتگرد جنهن حڪمت عملي سان موقعي جي تاڙ ۾ رهن ٿا ۽ موقعو ملندي ئي پنهنجي ٽارگيٽ کي نشانو بڻائين ٿا، بلڪل اهڙي ئي حڪمت عملي سان هنن خلاف ڪارروائي جي ضرورت آهي. دهشتگردن جي هڪ وڏي انگ جو صفايو ٿي چڪو آهي، باقي جيڪي ٿورا گهڻا بچيا آهن اهي به ايترا طاقتور ناهن جو انهن جو خاتمو نه ڪري سگهجي. بس جديد قسم جي حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت آهي هي ملڪ دهشتگردي جي باهه ۾ تمام گهڻو سڙي چڪو آهي ان جا زخم تمام گهڻا گهرا آهن. هاڻي وڌيڪ دهشتگردي کي برداشت نه ڪرڻ گهرجي. دهشتگردن خلاف سڀني کي هڪ آواز ٿي ميدان تي لهڻ گهرجي. يقين رکو هي دهشتگرد ماضي جو ڪو ڀيانڪ داستان ٿي رهجي ويندا.

پنجاب جي گهرو وزير تي ٿيل حملي جي سڀني پاسن کان جاچ ٿيڻ گهرجي. هڪ صوبائي وزير ۽ اهو به هڪڙي اهم کاتي جو پنهنجي ئي گهر اندر ڪيئن غير محفوظ رهيو. خودڪش بمبار کي اتي پهچڻ جو ڪيئن موقعو مليو. هن وزير جي حفاظت لاءِ مقرر سيڪيورٽي جو هن سموري صورتحال ۾ ڪهڙو ڪردار رهيو، انهن سڀني پاسن جي جاچ ٿيڻ گهرجي. ان جاچ سان ائين ٿيندو ته اڳتي ان سان حڪمت عملي جوڙي سگهبي ۽ ان حساب سان سيڪيورٽي جو بندوبست ڪري سگهبو اهو حملي آور خودڪش بمبار اڏام ڇٽي ذريعي گهرو وزير جي ديري تي نه لٿو هوندو ضرور هو انهن ئي رستن تان آيو هوندو، جتي سيڪيورٽي موجود هوندي، خودڪش بمبار کي جيتوڻيڪ روڪڻ به ناممڪن ناهي، بهترين حڪمت عملي هجي ته ان جي پيٽ سان ٻڌل بم کي به ناڪاره ڪري سگهجي ٿو، نه ته ان کي ٽارگيٽ واري هنڌ تي پهچڻ کان ضرور روڪي سگهجي ٿو. اهي ماڻهو جن جو دهشتگردي خلاف ويڙهه ۾ اهم ڪردار هجي، انهن جي سيڪيورٽي طرف وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت هجي ٿي. ڇو ته دهشتگرد عنصر اهڙن ماڻهن کي پنهنجي راهه تان هٽائڻ لاءِ هر وقت موقعي جي تاڙ ۾ رهن ٿا ۽ موقعو ملندي ئي پنهنجو ناپاڪ مقصد پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. پنجاب جي گهرو وزير شجاع احمد تي ٿيل هن حملي جي مڪمل جاچ ٿيڻ گهرجي ۽ ان خودڪش حملي آور کي موڪليندڙ کي پنهنجي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ گهرجي. هن واقعي کي عام روايتي واقعن جيان ڊيل نه ڪرڻ گهرجي. هن جي مڪمل جاچ لهڻ گهرجي.

اهڙي صورتحال ۾ جڏهن دهشتگردي جي واقعن تي ڪافي حد تائين ڪنٽرول ٿي ويو آهي، ان ۾ هن قسم جو واقعو ٿيڻ ان گنجائش کي ظاهر ڪري ٿو، جنهن جو فائدو وٺي دهشتگرد هن قسم جون وارداتون ڪن ٿا، ان گنجائش جي جاچ لهي ان کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي. دهشتگردي جو مڪمل طور تي خاتمو هن قوم جو خواب آهي، جنهن جي ساڀيان جو سڀني کي انتظار آهي.

 

17 آگسٽ جي هڪ شام؛محمد حيات بلوچ

ذري گهٽ اڌ صدي اخباري دنيا سان وابستگي رهي گهڻو تڻو عرصو عبرت گروپ سان رهيس، يعني 50 سالن مان اٽڪل 45 سال عبرت سان واڳيل رهيس. وري انهي جو گهڻو تڻو عرصو رات جي ڊيوٽي ۾ گذريو ۽ اهو به نيوز ايڊيٽر يا رات جي ڊيوٽي جي انچارج جي حيثيت ۾. پاڪستان جي سياسي تاريخ ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ نرالي رهي آهي، اهاهر قسم جي واقعن سان ڀري پئي آهي .ڪي واقعا پاڻ تاريخ بڻيل آهن رات جي ڊيوٽي سخت به هوندي هئي ته وري دلچسپ پڻ، ڪڏهن ته ڪي اهڙا واقعا اوچتو رونما ٿيندا هئا جو سڄي سڄي رات جاڳڻو پوندو هو،

اهڙن واقعن ۾ خاص ڪري سرحد جي ان وقت جي گورنر حيات محمد خان شيرپائو جو بم ڌماڪي ۾ مارجڻ ۽ سٽي ڪاليج حيدرآباد جي مري گهمڻ  ويندڙ شاگردن جو بس جي حادثي ۾ مارجي وڃڻ. حيات شير پائو جي مارجڻ واري واقعي بعد رات جو لڳ ڀڳ 3 وڳي نعپ (نيشنل عوامي پارٽي )تي پابندي جو اعلان ٿيو جيڪو اخبار ۾ تفصيل سان شايع ڪيو ويو اها سڄي رات اداري ۾ ٿي گذري سٽي ڪاليج جي شاگردن جي حادثي واري رات به سڄي رات اداري ۾ گذري جو ميتون سي ون 30 جهاز ۾ حيدرآباد آنديون پئي ويون، جيڪي صبح جو 6  وڳي هوائي اڏي تي آنديون ويون هيون، هي واقعو، جنهن جو آئون ذڪر پيو ڪريان اهو 17 آگسٽ 1988 جو آهي. دستور موجب شام جي شفٽ شروع ڪيم اصول اهو هو ته شروع ۾ اهي خبرون ڏبيون هيون، جن کي پيج ڀرائو چئبو هو، خاص ۽ اهم خبرون ته شام جو 7 ۽ 8 وڳي کان پوءِ اچڻ شروع ٿينديون هيون، مطلب ته ان وقت تائين ڪافي خبرون هلي وينديون هيون، هي زمانو ڪمپازيٽرن جو هو ڪمپيوٽر اڃان نه هو .اها حقيقت آهي ته ڪمپازيٽر محنتي هوندا هئا، ايمرجنسي ۾ مددگار ثابت ٿيندا هئا، 17 آگسٽ جي شام پنهنجي حساب سان ڪم هلندو رهيو، 7 وڳي ڌاري ڪراچي جي بيورو چيف مجيد عباسي جو فون آيو، چيائين ڪاپي روڪيو هڪ واقعي جو اطلاع آهي تصديق ٿئي ته خبرون موڪلڻ شروع ڪندس، ان وقت تائين خبرون ڪافي هلي چڪيون هيون ڪجهه افواهه ته واقعي بابت هليا پئي پر پڪ ڪرڻ لاءِ عباسي کان معلوم ڪيم، واقعو ڪهڙو آهي چيائين  ته آمر ضياءُ الحق جي جهاز سان حادثي جو آهي، اهو ٻڌڻ شرط ان وقت موجود اسسٽنٽ فور مين لقمان خاصخيلي چيو ته جيڪڏهن اهو واقعو سچ آهي ته اسان سڄي رات انتظار ڪرڻ لاءِ تيار آهيون ۽ سموري ڪاپي نئين سر هلائينداسون. بس 9 وڳي رات پي ٽي وي تي هئي خبر ڏک جي لفظن سان خبر نامو شروع ٿيو، واقعي جي تصديق ٿي سموري اخبار نئين سر خبرون هلائي تيار ڪئي وئي هڪدم ٽي ڏينهن اڳ يعني 14 آگسٽ جا واقعا ذهن ۾ ترڻ لڳا .ان ڏينهن ڪراچي ۾ هئس حمزو خان پليجو جي فليٽ تي منور جويو سان گڏ ٽي وي تي 14 آگسٽ جي جشن آزادي جا پروگرام پئي ڏٺاسون، ضياءُالحق صدر جي حيثيت ۾ فوجي لباس ۾ موجود هو، سندس بدن تي اهيو لبا س ذري گهٽ بينڊ ماسٽر جي لباس جهڙو لڳندو هو، جنهن جو ذڪر هو پاڻ به ڪندو هو ۽ چوندو هو ته ڪي ماڻهو کيس انهي لباس ۾ بينڊ باجي وارن سان تشبيهه به ڏين ٿا .چوڻ جو مطلب ته ٽي ڏينهن اڳ جهڙو خوش و خرم کيس ڏٺو سون ان وقت اهو تصور سان نه هو ته ڪو ٽن ڏينهن کان پوءِ يعني 17 آگسٽ تي هو هن جهان ۾ ئي نه هوندو. بهرحال حادثي جي خبر سندس وفات تي سياستدانن ،عالمي اڳواڻن جو ردعمل به تفصيل سان شايع ڪيو ويو، سڀني کان نرالو ردعمل محترمه بينظير ڀٽو جو هيو، جنهن جي والد ايشيا جي عظيم اڳواڻ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي جنرل ضياءُ ڦاسي ڏياري هئي، محترمه فقط ٻه لفظ چيا هئا .’’وتعذمن تشاءُ وتذل منتشاءُ ’’17 آگسٽ ممڪن طور تبديلي جي تاريخ ثابت ٿي، هڪ آمر جو انت آيو، جنهن آئين کي ٻارهن صفحن جو مجموعو ڪوٺيو هو. اهڙي طرح 17 آگسٽ تاريخ جو هڪ حصو بڻجي ويو ،پر تبديلي ڪو به ٻوٽو نه ٻاريو. غلام اسحاق صدر بڻجي ويو، جنهن پنجن سالن ۾ ٻه چونڊيل حڪومتون ختم ڪيون. فوجي آمر ويو سولين آمرن پنهنجو رنگ ڏيکارڻ شروع ڪيو، ٽيون ڀيرو وري حڪومت فاروق لغاري ختم ڪئي.اڳتي هلي جنرل مشرف موقعو غنيمت سمجهيو اها رات به اخبار ۾ گذري، جو رات جو دير سان اعلان ڪيو ويو ته نواز شريف جي حڪومت ختم ڪري چيف ايگزيڪيوٽو جي حيثيت ۾ جنرل مشرف اقتدار سنڀالي ورتو، مطلب ته 17 آگسٽ جهڙا واقعا ٿيندا رهيا ۽ راتيون آفيس ۾ گذارڻيون پونديون رهيون.17 آگسٽ جو ذڪر ان ڪري ڪيو اٿم جو انهي تاريخ تي ڪابه تبديلي ٿيڻ پئي وڃي. دعا آهي ته جيڪا تبديلي ٿئي اها غريب عوام جي مفاد ۾ هجي؟