تازيون خبرون

Daily Archives: August 18, 2015

ڪرپشن خلاف هلندڙ آپريشن مطمئن ڪندڙ ناهي، عوام جو ناڻو لٽيندڙن سان ڪابه رعايت نه ڪرڻ گھرجي: قادر مگسي

نوابشاهه (ڊ ر) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته پ پ جي آشرواد سان بحريه ٽائون ۽ ذوالفقار آباد جهڙا منصوبا جوڙي سنڌي ماڻهن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي آهي، ڪرپشن خلاف هلندڙ آپريشن مطمئن ڪندڙ ناهي، عوام جو ناڻو لٽيندڙن سان ڪابه رعايت نه ڪرڻ گھرجي..نوابشاهه ۽ دوڙ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ ڌرتي وسيلن سان مالا مال هوندي به سنڌ جو عوام بک ۽ بدحالي جو شڪار آهي، حڪمرانَ ووٽ وٺڻ بعد عوام کي وساري ڪرپشن ڪرڻ ۾ پورا آهن..هن چيو ته پ پ اڳواڻن ملڪ رياض سان گڏجي ذوالفقار آباد ۽ بحريه ٽائون رٿائون جوڙي سنڌ جي ماڻهن کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سنگين سازش ڪئي آهي، جڏهن ته لنڊن ۾ ويٺل الطاف حسين سنڌ کي ٽوڙڻ جي ڳالهه ڪري ٿو، جيڪا ان سازش جي ڪڙي آهي..ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته دهشگردي جي خاتمي لاءِ شروع ڪيل ڪراچي آپريشن کي نتجا ڏيندڙ بڻائي، مصلحتن جي ور چڙهڻ کان بچائڻ جي ضرورت آهي.

 

بالي ووڊ ۾ عورت اداڪارائن جي دوست ٿيڻ تي تمام گهڻي حيرت لڳندي آهي: جيڪولين

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا جيڪولين فرنيڊيس چيو آهي ته بالي ووڊ ۾ عورت اداڪارائن جي دوست ٿيڻ تي تمام گهڻي حيرت لڳندي آهي ۽ چيو ويندو آهي ته بالي ووڊ اداڪارائون هڪ ٻئي جون سٺيون دوست نه ٿيون ٿي سگهن، پر سونم ڪپور هڪ تمام ڏاهي ڇوڪري آهي ۽ ان ڪري هن سان سٺي دوستي آهي. جيڪولين چيو ته سونم هن وقت تائين تمام سٺو ڪم ڪيو آهي ۽ ان جي ڪري هن دولت سان گڏ عزت به ٺاهي آهي. جيڪولين پنهنجي سائيڊ بزنس بابت ڳالهائيندي چيو ته سندس هڪ هوٽل سريلنڪا ۾ آهي جڏهن ته هندستان ۾ به هوٽل کولڻ جو ارادو رکان ٿي. هن چيو ته کيس پنهنجي پرڳڻي سريلنڪا جي کاڌن بابت ماڻهن کي ڄاڻ ڏيڻ تمام سٺو لڳندو آهي، هن چيو ته جيڪو به سندس هوٽل ويل هوندو کيس اتان جا کاڌا تمام سٺا لڳا هوندا، هن چيو ته سونم ۽ مون ۾ ڪجهه هڪجهڙايون ضرور آهن پر مان سونم جي ڪپڙن واري بزنس ۾ ڪا به سيڙپ نه پئي ڪريان نه ئي وري ڪنديس.

 

ڪائيل جينر پنهنجا ڪپڙا نيلام ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

نيويارڪ (شوبز نيوز) آمريڪي ٽي وي جي ريئلٽي شو جي اداڪارا ڪائيل جينر پنهنجا ڪپڙا نيلام ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، 18 سالن جي اداڪارا پاران نيلامي بعد مليل رقم خيرات ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي، سڌسماءَ جي ذريعن موجب ڪائيل جينر ۽ سندس ڀيڻ پاران بي پهچ ٻارن جي مدد ڪرڻ چاهين ٿيون ان ڏس ۾ هو پنهنجي ڪپڙن جي نيلامي مان گڏ ٿيل رقم ٻارن لاءِ ڪم ڪندڙ هڪ اسپتال حوالي پڻ ڪنديون.

 

رجني ڪانت پنهنجي ايندڙ فلم هڪ حقيقي ڊان جي زندگي تي ڪندو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جو ليجنڊ اداڪار رجني ڪانت پنهنجي ايندڙ فلم هڪ حقيقي ڊان جي زندگي تي ڪري رهيو آهي، رجني ڪانت تامل فلم ۾ چنائي جي ”ڪابلي“ ڊان جو ڪردار ادا ڪندو جنهن بابت چيو پيو وڃي ته هو هڪ حقيقي ڊان هو. بالي ووڊ ذريعن موجب تامل فلم جي اها فلم هڪ حقيقي ڪهاڻي تي ٻڌل هوندي.

 

بالي ووڊ سندري نرگس فخري پنهنجي وزن ۾ نمايان گهٽتائي آڻيندي سمورن ساٿي اداڪارائن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ سندري نرگس فخري پنهنجي وزن ۾ نمايان گهٽتائي آڻيندي سمورن ساٿي اداڪارائن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي، بالي ووڊ ذريعن موجب اداڪارا هڪ ڏينهن ۾ ڏهه هزار قدمن جو فاصلو طئي ڪري۽ ڊائٽ وارا اڻوڻندڙ کاڌا کائي 4 ڪلو وزن گهٽائي ڇڏيو آهي. واضح رهي ته رنبير ڪپور سان هٽ فلم ”راڪ اسٽار“ ۾ گڏ ايندڙ اداڪارا اصل آمريڪا کان تعلق رکي ٿي ۽ هن وقت تائين ٽي فلمون ڪيون آهن ۽ سندس فلمي دنيا سان چاهه جو  اندازو ان ڳالهه مان به لڳائي سگهجي ٿو ته هن پنهنجي وزن کي رڪارڊ وقت اندر گهٽ ڪري ڏيکاريو آهي

 

فاسٽ بالر محمد عامر جا ايندڙ مهيني قومي ٽيم ۾ شموليت جا امڪان وڌي ويا

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز): پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ رٿيل قومي ٽوئنٽي ٽوئنٽي ڪپ دوران فاسٽ بالر محمد عامر جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺندو، اها ٽورنامينٽ 1 کان 15 سيپٽمبر دوران راولپنڊي ۾ کيڏي ويندي، جنهن جو ڪواليفائنگ رائونڊ 1 کان 5 جڏهن ته مرڪزي ايونٽ 8 کان 15 سيپٽمبر وچ ۾ ٿيندو، راولپنڊي ريجن جي عهديدارن چيو آهي ته هلندڙ سال سيپٽمبر ۾ پابندي ختم ٿيڻ کانپوءِ عامر قومي ٽيم ۾ واپسي ڪندو، سندن چوڻ هو ته قومي ٽيم ۾ سٺن تيز بالرن جي کوٽ آهي ۽ عامر جي اسڪواڊ ۾ شموليت سان بالنگ وارو شعبو مضبوط ٿيندو، هنن ٻڌايو ته  پي سي بي عامر جي ڪارڪردگي تي نظر رکي آهي ۽ هو جلد قومي ٽيم ۾ جاءِ ٺاهيندو، محمد عامر قومي ٽيم ٽوئنٽي ٽوئنٽي ٽورنامينٽ ۾ راولپنڊي ريمز جي نمائندگي ڪندو.

 

شاهد آفريدي سڀ کان وڌيڪ خيراتي ڪمن ۾ حصو وٺندڙ دنيا جي 20 رانديگرن جي فهرست ۾ شامل

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ٽوئنٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ۽ اسٽار آل رائونڊر شاهد خان آفريدي کي انهن ايٿلٽس جي لسٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جيڪي سڀ کان وڌيڪ خيراتي ڪمن ۾ حصو وٺندا آهن، پرڏيهي ويب سائٽ ڊو سم ٿنگ ڊاٽ او آر جي مطابق بوم بوم آفريدي دنيا جي انهن عظيم رانديگرن ۾ شامل آهي، جيڪي راند جي ميدان ۾ عمده ڪارڪردگي ڏيکارڻ سان گڏ سماجي ڪمن ۾ به بگ ڀرپور حصو وٺندا آهن، ٽوئنٽي ٽوئنٽي ڪپتان گذريل سال شاهد آفريدي فائونڊيشن جي نالي سان ادارو قائم ڪيو هو، جيڪو سموري پاڪستان ۾ ضرورتمندن جي مدد ڪري ٿو، پرڏيهي ويب سائٽ سماجي ڪمن ۾ سڀ کان اڳڀرن 20 رانديگرن جي لسٽ تيار ڪئي آهي، جن ۾ شاهد آفريدي جو ويهون نمبر آهي، ان لسٽ ۾ سموري دنيا ۾ امدادي ڪم ڪندڙ پرتگال جو اسٽار فٽبالر ڪرسٽيا رونالڊو جو پهريون، ڊبليو ڊبليو اي ريسلنگ جي  ايٿليٽ جون سينا جو ٻيو ۽  آمريڪي ٽينس اسٽار سرينا وليمز جو ٽيون نمبر آهي.

 

 وسيم اڪرم تي فائرنگ ڪيس جي جاچ مڪمل ڪري قطعي چالان پيش ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي(اسپورٽس نيو)قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم تي فائرنگ جي ڪيس ۾ عدالت پوليس کي ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ مڪمل ڪري قطعي چالان پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ڪراچي ۾ وسيم اڪرم تي فائرنگ واري ڪيس ۾ گرفتار ڪيل الطاف احمد کي پوليس سٽي ڪورٽ ۾ جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو،ان موقعي تي پوليس جوابدار جو جسماني رمانڊ ڏيڻ جي درخواست نه ڪئي، جنهن سبب عدالت جوابدار کي 28 آگسٽ تائين جڊيشل رمانڊ تي جيل اماڻيندي پوليس کي حڪم ڏنو ته ڪيس جي جاچ مڪمل ڪري قطعي چالان پيش ڪيو وڃي. واضح رهي ته وسيم اڪرم جي گاڏي تي فائرنگ وارو واقعو 5 آگسٽ تي ڪارساز روڊ تي پيش آيو هو، جڏهن ته ڪيس جو مرڪزي جوابدار ميجر (ر) عامر الرحمان پهرين ئي سيشن ڪورٽ مان ضمانت ڪرائي چڪو آهي.

 

پهرين وائپر ٽيڪنالوجي ۽ خاص گروپ ڪرڪيٽ چيمپيئن شب ڊي ايڇ اي ڪريڪ ڪلب ۾ کيڏي وئي

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) پهرين وائپر ٽيڪنالوجي ۽ خاص گروپ ڪرڪيٽ چيمپيئن شب ڊي ايڇ اي ڪريڪ ڪلب ۾ کيڏي وئي. تقريب جو خاص مهمان ٽي ڊي اي پي جو سي اي او ايس ايم منير هيو. 1977ع کان مسلسل کيڏي ويندڙ هن چيمپيئن شپ ۾ هن سال 21 ٽيمن ڀرپور حصو ورتو. هن ٽورنامينٽ جي دلچسپ ڳالهه اها هئي ته ٽيم ۾ 11 بجاءِ 12 رانديگر هئا. ان موقعي تي خرم اشفاق چيو ته راندين سان مقابلن جي فضا پيدا ٿيندي آهي ۽ هڪ ٻئي کان اڳتي وڌڻ جي لڳن به پيدا ٿيندي آهي. ان لاءِ ترقي يافته قومون تعليم سان گڏوگڏ راندين تي به ڀرپور توجه ڏينديون آهن

 

اٽڪ ۾ آپگهاتي ڌماڪو

 

اٽڪ ۾ آپگهاتي ڌماڪو، صوبائي گهرو وزير شجاع خانزاده ۽ ڊي آءِ جي سوڌو 19 ڄڻا شهيد، ڪيترائي زخمي، پوليس موجب صوبائي گهرو وزير معمول موجب ڪالهه پنهنجي ڳوٺ شادي خان تي اوطاق تي پنهنجا مسئلا ٻڌي رهيو هو ته اوچتو زوردار ڌماڪو ٿيو، ڌماڪي سبب عمارت جي ڇت ڊهي تباهه ٿي وئي، صوبائي گهرو وزير سميت ڪيترائي ماڻهو مٽي جي ڍير هيٺيان دٻجي ويا، ريسڪيو ٽيمون پهچي ويون، امدادي ڪارروايون شجاع خانزاده جو لاش ڪڍيو ويو،  پوليس مطابق آپگهاتي ڌماڪو هو، جنهن کانپوءِ شجاع خانزاده سوڌو وڏي انگ ۾ مٽيءَ جي ڍيرن هيٺان دٻيل ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ امدادي ڪارروايون شروع ڪيون ويون، جنهن دوران شجاع خانزاده جو لاش ڪڍيو ويو، پنجاب جي وڏي وزير جي صلاحڪار ڊاڪٽر سعيد الاهي ۽ ريسڪيو ذريعن تصديق ڪئي آهي ته آپگهاتي حملي ۾ شجاع خانزاده شهيد ٿي ويو آهي، 18 ٻيا ماڻهو به ڌماڪي ۾ حِياتي وڃائي ويٺا آهن، جن جا لاش ڪڍيا ويا، انهن ۾ ڊِي ايس پي حضرو حيات شوڪت شاهه به شامل آهي، شجاع خانزادا جو لاش ايمبولينس ذريعي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سڃاڻپ کانپوءِ لاش جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويندو، رپورٽن مطابق 20 کان 25 ماڻهو مٽيءَ جي ڍيرن هيٺان دٻيل هئا. اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته هڪ آپگهاتي بمبار اوطاق ۾ آيو، جنهن کي جيڪيٽ پهريل هئي، هن شجاع خانزادا سان هٿ ملايو ۽ پوءِ سندس ڀرسان ويهي پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، علائقي واسين مطابق ڌماڪو ايترو ته زوردار هو جو ان جو آواز پري پري تائين ٻڌو ويو. وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي امدادي ڪاررواين لاءِ هيليڪاپٽر اماڻڻ جي هدايت ڪئي، جنهن کانپوءِ 2 هيليڪاپٽر ڌماڪي واري هنڌ پهچي ويا، پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف به ڌماڪي جي مذمت ڪندي آءِ جي پنجاب کان رپورٽ گهري ورتي آهي. ڳوٺ شادي خان ۾ پنجاب جو گهرو وزير ڪرنل رٽائرڊ شجاع خانزاده پنهنجي اوطاق تي ماڻهن سان ملاقات ڪري رهيو هو ته ڌماڪو ٿيو، جنهن سبب عمارت ڪري پئي.اوطاق جي عمارت ڪرڻ سبب ڪرنل رٽائرڊ شجاع خانزاده سميت 40 کان وڌيڪ ماڻهو ملبي هيٺان دٻجي ويا، جن مان ڊي ايس پي حضرو شوڪت شاهه سميت 19 ڄڻن جا لاش ريسڪيو آپريشن ڪري ٻاهر ڪڍيا ويا.ڪرنل رٽائرڊ شجاع خانزاده سميت 40 ڄڻن کي ملبي هيٺان ٻاهر ڪڍڻ لاءِ پاڪ فوج جي سرچ اينڊ ريسڪيو ٽيمن ۽ سول انتظاميا جو ريسڪيو آپريشن جاري رکيو. هوڏانهن  آءِ جي پنجاب مشتاق سخيرا پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته حملي ۾ 2 آپگهاتي بمبار ملوث هئا هڪ بائونڊري وال جي ٻاهريان بيٺل رهيو، ٻيو اندر داخل ٿي گهرو وزير سان ملڻ ويو ته حملي ۾ ڪالعدم فرقيواراڻين تنظيمن جي ملوث هجڻ جو امڪان آهي، پوليس ۽ اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته شجاع خانزادو اوطاق تي ماڻهن سان ملاقات ڪري رهيو هو ته ڌماڪو ٿيو، جنهن سبب هو زخمي ٿيو آهي، ڌماڪو آپگهاتي ٿي سگهي ٿو.صوبائي وزير ڪرنل رٽائرڊ شجاع خانزاده جي ڀائيٽي سهراب خانزاده موجب ڌماڪي وقت اوطاق ۾ 50 ماڻهن موجود هئا. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته دهشتگردن جون پاڙون پٽن لاءِ آپريشن ضرب عضب کي وڌيڪ وسيع ڪيو وڃي ته جيئن جلد کان جلد انهن انسان دشمن قوتن جو خاتمو ڪري سگهجي.