تازيون خبرون

Daily Archives: August 18, 2015

اربين روپين جي ڪرپشن ڪندڙن کي نيب نه ٿي پڪڙي: چيف جسٽس

اسلام آباد (بيورو) سـُپريم ڪورٽ، ڪرپشن ۾ ملوث جوابدارن جي ضمانت واري ڪيس ۾ نيب چيئرمين کي سڀاڻي طلب ڪري ورتو، چيف جسٽس ريمارڪس ۾ چيو آهي ته نيب اربين رپين جي ڪيسز ۾ هٿ نٿو وجهي، ننڍيون ريڪوريون ڪري ٻڌايو وڃي ٿو ته وڏو تير هنيو آهي. چيف جسٽس جواد ايس خواجه جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي بينچ اربين رپين جي ڪرپشن ۾ ملوث جوابدارن جي ضمانت رد ڪرائڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻيءَ دوران عدالت ڪرپشن ۾ ملوث جوابدارن جي ضمانت منظور ڪرڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. چيف جسٽس ريمارڪس ۾ چيو ته سڀ ڪجهه نيب جي اکين اڳيان ٿي رهيو آهي،پر پوءِ به ڪجهه نٿو ڪيو وڃي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ماڻهن جو تصور آهي ته ڪرپشن ختم ٿيندي پر نيب اربين رپين جي ڪرپشن ۾ ملوث ماڻهن کي نٿو پڪڙي، ننڍيون ريڪوريون ڪري ٻڌايو وڃي ٿو ته وڏو تير هنيو. عدالت ريمارڪس ۾ چيو ته 50 اهڙا ڪيس آهن، جيڪي اربين رپين جا آهن پر انهن ۾ به پسند وارو رويو اختيار ڪيو ويو ۽ حڪومت کي ڪجهه نظر نٿي اچي. سپريم ڪورٽ، ڪرپشن ۾ ملوث جوابدار شيخ منير جي ضمانت رد ڪندي نيب چيئرمين کي سڀاڻي کي پيش ٿيڻ جوحڪم ڏنوآهي.

 

سنڌ ڪابينا ۾ ٻيهر ڦير ڦار، نثار کهڙي کي تعليم کاتي جو قلمدان واپس ڏنو ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ڪابينا ۾ هڪ ڀيرو وري ڦير ڦار ڪندي سينيئر صوبائي وزير نثار کهڙي کي تعليم کاتي جو قلمدان واپس ڏنو ويو،جڏهن ته مراد علي شاهه کي آبپاشي ۽ شرجيل ميمڻ کي آرڪائيوز کاتن جا واڌو قلمدان ملي ويا،ايم پي اي طارق مسعود آرائين کي ڪچي آبادي وارو وزير بڻايو ويو آهي. سنڌ حڪومت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب نثار کهڙي کي تعليم کاتي جو قلمدان واپس ڏنو ويو آهي جڏهن ته وٽس اطلاعات کاتو به هوندو. ناڻي کاتي جي وزير مراد علي شاهه کي انرجي ۽ پي اينڊ ڊي کانسواءِ آبپاشي کاتي جي واڌو چارج به ڏني وئي آهي. ورڪس اينڊ سروس جي وزير شرجيل ميمڻ کي به آرڪائيو کاتي جو قلمدان واپس ڏنو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجب طارق مسعود آرائين کي ڪچي آبادي جو وزير بڻايو ويو آهي. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ به سنڌ ڪابينا جي ميمبرن جا قلمدان تبديل ڪيا ويا هئا،پر مير هزار بجاراڻي پاران تعليم کاتي جو قلمدان سنڀالڻ کان انڪار تي نثار کهڙي کي پراڻي وزارت واپس ڪئي وئي آهي، جڏهن ته مير هزار بجاراڻيءَ کي وزارت کان محروم رکيو ويو آهي.

 

وزيراعظم نواز شريف سان جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي چيئرمين جنرل راشد محمود جي ملاقات

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف سان جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي چيئرمين جنرل راشد محمود جي ملاقات ڪري  پاڪ فوج جي پيشوراڻي معاملن ۽ سڪيورٽي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون آهن. اسلامآباد ۾ وزيراعظم نواز شريف سان جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي چيئرمين جنرل راشد محمود ملاقات ڪئي. ملاقات دوران آپريشن ضرب عضب سميت ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال تي غور ڪيو ويو. ملاقات دوران ملڪ جي سلامتي ۽ سڪيورٽي صورتحال تي به ويچاريو ويو.

 

خورشيد شاهه جو وزيراعظم نواز شريف سان رابطو، اٽڪ سانحي تي افسوس جو اظهار

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه، وزيراعظم نواز شريف سان رابطو ڪري اٽڪ سانحي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي، خورشيد شاهه جو چوڻ آهي ته شجاع خانزاده ۽ ٻين جي شهادت قومي سانحو آهي، مستقبل ۾ اهڙي واقعن کي روڪڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه، وزيراعظم نواز شريف کي فون ڪري اٽڪ ۾ ڪرنل رٽائرڊ شجاع خانزاده  جي اوطاق تي آپگهاتي حملي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. خورشيد شاهه جو چوڻ آهي ته سانحي جي شهيدن جي وارثن ۽ زخمين تي ڏکيو وقت آهي، حڪومت سندن هر ممڪن مدد ڪري. خورشيد شاهه چيو ته اٽڪ آپگهاتي حملي جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي، شجاع خانزاده ۽ ٻين جي شهادت قومي سانحو آهي. اپوزيشن ليڊر چيو ته مستقبل ۾ اهڙي قسم جي واقعن کان بچڻ لاءِ جامع سڪيورٽي پلان جوڙيو وڃي. وزيراعظم نواز شريف جو چوڻ هو ته حڪومت متاثرن سان ڏکي وقت ۾ گڏ آهي، زخمين کي بهتر کان بهتر طبي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن.

 

جسٽس جواد ايس خواجا چيف جسٽس آف پاڪستان جي حيثيت سان حلف کڻي ورتو

اسلام آباد (اي پي پي) جسٽس جواد ايس خواجا سومر تي نئين چيف جسٽس آف پاڪستان جي حيثيت سان حلف کنيو. صدر ممنون حسين ان کي حلف کڻايو. چيف جسٽس آف پاڪستان جي حلف برداري جي تقريب سومر تي صبح جو ايوان صدر ۾ منعقد ٿي جنهن ۾ وزيراعظم، وفاقي وزيرن، اسحاق ڊار، پرويز رشيد، ججن، سينيٽ چيئرمين، پارليامينٽ ميمبرن، هٿياربند فوج جي سربراهن ۽ سينئر عملدارن شرڪت ڪئي. صدر ۽ وزيراعظم عهدو سنڀالڻ تي نئين چيف جسٽس کي مبارڪ ڏني. جسٽس جواد ايس خواجا جسٽس ناصر الملڪ جي رٽائرمينٽ جي نتيجي ۾ نئون چيف جسٽس بڻيو آهي.

 

آمريڪا پاران ڪرنل رٽائرڊ شجاع خانزاده تي حملي جي مذمت، اٽڪ آپگهاتي حملي جي جاچ ۾ سهڪار جي آڇ

اسلام آباد (بيورو) آمريڪا، ڪرنل رٽائرڊ شجاع خانزاده تي حملي جي مذمت ڪندي اٽڪ آپگهاتي حملي جي جاچ ۾ سهڪار جي آڇ ڪري ڇڏي، آمريڪي سفارتخاني چيو آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان سان گڏ آهيون. آمريڪي سفارتخاني جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته آمريڪا اٽڪ حملي ۾شهيد ٿي ويلن جي وارثن سان ڏک ۾برابر جو شريڪ آهي. آمريڪي سفارتخاني چيو ته اٽڪ ۾ ٿيل آپگهاتي حملي جي جاچ ۾ پاڪستان سان سهڪار لاءِ تيار آهيون، ڪرنل رٽائرڊ شجاع خانزاده تي حملو مذمت جوڳو عمل آهي. ترجمان جو چوڻ آهي ته اهڙي قسم جا بزدلاڻا حملا برداشت جوڳو نه آهن، آمريڪي دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان سان گڏ آهي.

 

سنڌ ۽ پنجاب آڪٽوبر کان مڪاني چونڊون ڪرائڻ کان معذرت ڪري ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) سنڌ ۽ پنجاب حڪومتن آڪٽوبر کان اڳ صوبن ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ کان معذرت ڪري ڇڏي. چيف اليڪشن ڪمشنر جسٽس رٽارئڊ سردار رضا محمد خان جي صدارت هيٺ اليڪشن ڪميشن جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ميمبرن سميت سنڌ ۽ پنجاب جي چيف سيڪريٽريز به شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ٻنهي صوبائي چيف سيڪريٽريز موقف اختيار ڪيو ته ٻوڏ سبب مڪاني چونڊون مرحليوار يا دير سان ڪرائڻ مجبوري آهي، اليڪشن آڪٽوبر کان اڳ نه ٿي ڪرائي سگهجي. پنجاب جي چيف سيڪريٽري موقف اختيار ڪيو ته ڏکڻ پنجاب ۾ ٻوڏ سبب چونڊ عملو دستياب ناهي ان ڪري چونڊون آڪٽوبر کان اڳ نه ٿيون ڪرائي سگهجن. سنڌ جي چيف سيڪريٽري چيو ته صوبي ۾ ٻوڏ جي صورتحال آهي ۽ مڪاني چونڊن لاءِ چونڊ عملو انتظاميه وٺي وئي آهي ان ڪري وقت سر تربيت نه ٿي ڏئي سگهجي. چيف سيڪريٽري چيو ته سنڌ لوڪل گورنمينٽ بل 2015ع به آخري مرحلي ۾ آهي جنهن جي منظوري کانپوءِ چونڊن لاءِ تياري ڪئي ويندي پر آڪٽوبر کان اڳ چونڊون ڪرائڻ ناممڪن آهي. ٻنهي صوبائي حڪومتن طرفان موقف پيش ڪرڻ کانپوءِ اليڪشن ڪميشن جواب تيار ڪري ورتو جيڪو اڄ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو.

 

اين ايف سي ايوارڊ ڪميٽي جو اجلاس، سمورن صوبن جي نمائندن طرفان صوبن کي طئي ٿيل فارمولي تحت حق ڏيڻ تي اتفاق

ڪراچي (اي پي پي)سينيٽر محمد سليم مانڊوي والا جي صدارت ۾ سومر ڏينهن اين ايف سي ايوارڊ جي ڪميٽي جو اجلاس ناڻي واري کاتي جي ڪميٽي روم ۾ ٿيو، جنهن ۾ ناڻي واري صوبائي وزير سيد مراد علي شاهه، خيبر پختونخوا جي ناڻي واري وزير خواجه مظفر سعد، بلوچستان جي ميمبر بورڊ قيصر بنگالي ۽ پنجاب جي چيئرمين پي آر اي ڊاڪٽر

ڪنٽرول لائين جي لاڳيتو ڀڃڪڙي، ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر پنجون ڀيرو پرڏيهي آفيس طلب

اسلام آباد (بيورو) ڪنٽرول لائين جي لاڳيتو خلاف ورزي تي ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي هڪ مهيند دوران پنجون ڀيرو پرڏيهي آفيس طلب ڪري پاڪستان سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي.ڀارتي فوج پاران عالمي قانون جي ڀڃڪڙي ڪندي ڪنٽرول لائين ۽ ورڪنگ بائونڊي تي بنا جواز فائرنگ جو سلسلو جاري آهي جنهن ۾ هن وقت تائين ڪيترائي پاڪستانيشهري شهيد ۽ زخمي ٿي چڪا آهن. پرڏيي ترجمان موجب ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر جي پي سگهه کي ڊائريڪٽر جنرل سائوٿ ايشيا کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري لائين آف ڪنٽرول ۽ ورڪنگ بائونڊري تي ڀارت پاران خلاف ورزي تي احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو. ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي احتجاجي خط ڏنو ويو ۽ گذريل ٻن مهينن ۾ ڀارت پاران لائين آف ڪنٽرول ۽ ورڪنگ بائونڊي تي فائربندي معاهدي جي 70 ڀيرا خلاف ورزي ڪرڻ تي احتجاج ڪيو ويو. ڀارت کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته 15 ۽ 16 آگسٽ تي ڪوٽلي سيڪٽرن ۾ پنهنجي فورسز پاران ڪيل فائرنگ جي جانچ ڪري ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي بابت پاڪستان کي آگاهه ڪيو وڃي. ترجمان موجب 15 ۽ 16 آگسٽ تي فائرنگ سبب 3 معصوم شهري شهيد جڏهن ته 15 شهري سخت زخمي ٿيا هئا. هلندڙ مهيني ۾ پنجون ڀيرو ڀارتي ڊپٽي هاءِ ڪمشنر کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري احتجاج رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

 

اُتر وزيرستان ۽ خيبرجنسي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي فضائي ڪارروائي، 65 کان وڌيڪ دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي (بيورو) اُتر وزيرستان ۽ خيبرايجنسي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي فضائي ڪارروائي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 65 دهشتگرد مارجي ويا آهن جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. آئي ايس پي آر موجب جيٽ جهازن اُتر وزيرستان جي علائقي گرلمائي ۽ شوال ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو، ڪارروائي دوران گهٽ ۾ گهٽ 50 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته سندن هٿيارن جو ڊپو تباهه ڪيو ويو. ان کان اڳ ۾ سيڪيورٽي فورسز خيبرايجنسي ۾ پاڪ افغان سرحدي علائقيرجگال ۾ دهشتگردن خلاف فضائي ڪارروائي ڪئي جنهن ۾ 15 دهشتگرد مارجي ويا. ڪارروائي دوران 2 آپگهاتي حملي آور مارجڻ جا به اطلاع آهن. واضح رهي ته گذريل ڏينهن اُتر وزيرستان جي علائقي شوال ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ 40 دهشتگرد مارجي ويا هئا.