تازيون خبرون

Daily Archives: August 7, 2015

ايٽم بم جي تباهي- هيروشيما جو قتلام؛ارشاد ڪاغذي

سال 1939ع- 1945ع ۾ دنيا جا ڪيترائي ملڪ تڪرار ۽ جنگ ۾ ملوث رهيا، پهرين مهاڀاري لڙائيءَ ۾ ڪيئي مشهور ملڪ هڪ ٻئي سان دست گريبان رهيا، پهرين عالمي جنگ يورپ تائين محدود هئي پر ٻي عظيم جنگ جي نوعيت مختلف هئي ۽ اها يورپ، آفريڪا ۽ ايشيا جي علائقن تائين وڌي وئي. ٻي مهاڀاري جنگ ۾ موتمار سائنسي هٿيار استعمال ۾ آندا ويا ۽ جنگين جي تاريخ ۾ پهريون دفعو ايٽم بمن جي ڪري تمام گهڻو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو. امريڪا، جاپان کي هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو چوندو رهيو ۽ آخرڪار هن بربريت ۽ وحشي پڻي جي حد ڪري ڇڏي ۽ لکين ماڻهو سيڪنڊن ۽ منٽن ۾ موت جي کاڄ بڻائي ”سامراج“ جي خونخوار شڪل ۾ اگهاڙو ٿيو. ٻيا لکين ماڻهو زخمي ۽ ٻيا بيمارين جي ور چڙهي ويا ۽ ماحولياتي تابڪاري ۽ گدلاڻ جي ڪري هيروشيما، ناگاساڪي ۽ جاپان جي ٻين علائقن ۾ سالن جا سال سخت نقصان رسيو، جنهن جو تصور ڪرڻ سان ۽ ٻڌڻ سان سڄو جسم ڪانڊارجڻ لڳي ٿو. امريڪا جي قتل عام جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي، جيتوڻيڪ امريڪا ان معاملي تي معافي ورتي آهي، پر ڇا معافي وٺڻ سان لکين انسان جيئرا ٿي پوندا ۽ زخمي ٿيل چاڪ چڱا ڀلا ٿي ويندا؟ امريڪا انسانيت جو ڪنڌ شرم کان جهڪائي ڇڏيو آهي.

امريڪا، جاپان جي شهر هيروشيما تي پهريون ايٽم بم ڦِٽو ڪيو. ايٽم بم کي هڪ امريڪي جهاز بوئنگ بي- 29 مضبوط قلعو (SUPER FORTRESS) المعروف ENOLA GAY مان اڇلائي هيروشيما کي تباهه ۽ برباد ڪيو ويو ۽ سمورو شهر سڙي رک ٿي ويو. باهه ۽ دونهين جا بادل ڪيترائي ڏينهن شهر جي ويرانيءَ تي ماتم ڪندا رهيا! انسان، جانور ۽ پکي پکڻ موت جو بک بڻجي ويا. ڌرتي ڌڏي وئي… جايون ۽ عمارتون پِگهِرجي ويون… هزارين انساني سڙيل ڍانچا زمين تي پيل هئا… فضا روڄ راڙو ڪري رهي هئي…

امريڪا جي صدر هيري ايس ٽرومين بحر اوقيانوس ۾ هڪ وڏي جنگي بحري جهاز يو ايس ايس آگسٽا تي بيهي اعلان ڪيو. صدر چيو ته ”اسان جرمني جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ طاقتور آهيون ۽ هڪ اهڙو هٿيار ٺاهيو آهي جيڪو تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ ۽ 2 هزار دفعا وڌيڪ سگهارو آهي، ڪائنات جي ڪُل طاقت جو نچوڙآهي.“ صدر ٽرومين، جاپان کي خبردار ڪيو ته اتحادي فوج جاپان کي مڪمل تباهه ڪري ڇڏيندي. هن چيو ته ”جيڪڏهن هو اسان جا شرط نٿا مڃن ته هوا مان تباهي جو ايڏو وڏو وسڪارو ڪيو ويندو جيڪو ڌرتي تي ان کان پهرين ڪنهن به ڪونه ڏٺو هوندو.“

اڄوڪي ڏينهن 6 آگسٽ 1945ع تي صبح جو سوير سج اڀرندي ئي هيروشيما (جاپان) جا رهواسي پنهنجي ڪم ڪار لاءِ وڃي رهيا هئا ۽ ڪيئي ماڻهو دفترن، اسڪولن ۽ پنهنجي ڌنڌي ۾ رڌل هئا ته امريڪا جي هڪ فوجي جهاز تيز رفتاري سان هيروشيما تي ايٽم بم ڪيرايو ۽ سيڪنڊن ۾ هيروشيما کنڊر بڻجي ويو. جنگين جي تاريخ ۾ سڀ کان پهرين هي ايٽم بم استعمال ڪيو ويو. هيروشيما وارو ڌماڪو تاريخ جو ٻيون هٿرادو ايٽمي ڌماڪو هو، هن کان پهريان هن جو تجربو يا آزمائش ٿي هئي. هن جي ڦاٽڻ جي انرجي يا قوت اٽڪل 15 ڪلو ٽن ٽي اين ٽي(63 ٽي جَي) هئي. هن ايٽم بم جي ڌماڪي جي سگهه يورينيم- 235 هئي. هن ايٽم بم جو ڪوڊ يا ڳجهو نالو لٽل بواءِ رکيو ويو هو جيڪو دراصل ٿن مين (THIN MAN) جي ناڪام ٽيسٽ يا آزمائش جي نتيجي ۾ هي نالو رکيو ويو هو.

ڌماڪي کان ڪجهه پهر اڳ سومر ڏهاڙي پرسڪون سمي ۽ سج جي سوجهري ۾ هيروشيما جا شهري پنهنجي پنهنجي ڪرت ۾ رڌل هئا. صبح جو سوير هڪ جهاز جيڪو موسميات کاتي جو هو ۽ موسم جو اڀياس ڪرڻ لاءِ گشت تي هو، آسمان جا چڪر لڳائڻ لڳو، حملي جو خطرو محسوس ڪندي گهگهُو وڄائي سڀني کي الرٽ ڪيو ويو هو ۽ وري ڪاروهنوار ۽ ڪاروبار شروع ٿيو. فوجي جوان مشقن ۾ مشغول ٿي ويا. دڪانن ۽ هوٽلن تي ماڻهو موٽڻ لڳا. ٻار، ٻڍا ۽ عورتون روڊن تي نڪري آيون، گاڏيون هلڻ لڳيون. هيروشيما شهر ۾ معمول مطابق زندگي روان دوان هئي.

رات جي پهرين پهر 2.45 وڳي ايٽم بم واري جهاز انولا گي( پائلٽ ڪرنل پال جي ماءُ جي نسبت سان نالو ڌريو ويو)، TINIAN جي جزيري کان اُڏام شروع ڪئي، بمبار جو اصل ٽارگيٽ هيروشيما شهر هو. هيروشيما جي شهري آبادي لڳ ڀڳ 3 لک هئي ۽ 43 هزار فوجين تي مُشتمل اهم فوجي مرڪز هو. جهاز جي عملي ۾ 12ڄڻا شامل هئا، پائلٽ ڪرنل Paul Warfield Tibbets, Jr. ڪمانڊ ڪري رهيو هو، هو 31 هزار فوٽ هيٺائين اُڏام جي ذريعي حدف ويجهو پهتو، 8.15 وڳي لٽل بواءِ ايٽم بم (9700 يورينيم پونڊ) کي هيروشيما شهر تي اڇلايو ۽ جلدي گُتَ هڻي جهاز کي ڦيرايو ته جيئن اڀرندڙ باهه جي لهرن کان بچي سگهي. 43 سيڪنڊن کانپوءِ زبردست ڌماڪو ٿيو ۽ هڪ شعلو ڀڙڪيو، جنهن جي اڳيان سج جي روشني به جَهڪي ٿي وئي. ايئن لڳي رهيو ته ڪيئي سج زمين تي لهي آيا هجن. ڌماڪي جي ڪري 1900 فوٽ مٿي تائين باهه جا شعلا ڦهلجي ويا. پال ڏٺو ته باهه جا شعلا جهاز جي ويجهو پهتا آهن… ۽ هن ڏٺو ته ”سمورو شهر ڪارن ڪارن دهشتناڪ ڪڪرن ۾ ڍڪجي ويو… هيٺ- مٿي ڄَرَ ئي ڄَرَ… خوفناڪ، خطرناڪ منظر ڏسي هو پاڻ ڏڪي ويو!“ ياد رهي ته ايٽم بم جي ڪرڻ کانپوءِ ڌماڪي جي شدت هڪ اندازي مطابق 15 ڪلو ٽن (15000 ٽن ٽي اين ٽي جي برابر) هئي. جهاز جي شريڪ پائلٽ رابرٽ ليوس جو بيان آهي ته: ”ٻه منٽ پهريان شهر صاف نظر اچي رهيو هو، اتي هاڻي شهر نه پيو نظر اچي، هاڻي دونهون ۽ باهه جا اُلا آسمان تائين دنگ ٿي ويا، اي منهنجا رب! اسان هي ڇا ڪيوسين؟“ اڌ شهر تباهه ٿي ويو، ٽن ميلن جي پسگردائي ۾ 90 هزار جاين مان 60 هزار جايون تباهه ٿي ويون ۽ پگهرجي ويون، لوهه، ڌاتو ۽ پٿر به رجي ويا.

چند سيڪنڊن ۾ هيروشيما مسمار ٿي ويو.

”… جڏهن هيروشيما ۽ ناگاساڪي مٿان امريڪي جنگبازن ايٽم بم ڪيرايا، ته ان وقت انهن مان هرهڪ بم ڦاٽڻ وقت ان علائقي ۾ گرمي جو درجو ٻه هزار کان ٽي هزار ڊگريون سينٽي گريڊ تائين پهتو هو، جنهن ويجهن ساهوارن (وڻن، جانورن) توڙي بي ساهه شين (پٿرن، جاين) کي رجائي ٻاڦ ڪري، سندن وجودئي گم ڪري ڇڏيو هو ۽ هڪ وڏو ڀنڀٽ ڀڙڪو کائي مٿي اٿيو هو، جنهن ٽي سو ميلن تائين هر شيءِ کي ڄرڪائي ڇڏيو هو…“ (ڊاڪٽر محبت ٻرڙو ۽ رياضت ٻرڙو)

ستر هزار ماڻهو مري ويا، ٻيا ستر هزار ماڻهو پنجن سالن جي اندر مري ويا. هڪ زنده بچي ويل همراهه، ماڻهن تي ٿيل ويڌن جوذڪر ڪندي تباهي جي منظرڪشي ڪندي چيو ته ”ماڻهو، ماڻهوءَ جهڙو هو… جلي ڪارو ڪوئلو ٿي ويو… هنن کي مٿي تي وار نه هئا، ڇاڪاڻ ته هنن جا وار سڙي ويا هئا… هٿ ڦِڏا ۽ ڦِريل… اکيون ٽيڏيون… هنن جي کَلَ هٿن ۽ پيرن تي لڙڪيل…ڪيترائي رستن تي ڪري مري ويا. انهن جون شڪليون منهنجي اکين آڏو ترن ٿيون… اهي ڄڻ ته ڀُوت ٿي لڳا!“

ڌماڪو ٿيڻ جي اڌ ڪلاڪ کان پوءِ شهر جي اتر- اولهه جي علائقن ۾ زبردست بارش شروع ٿي ويئي. ”ڪاري برسات“ مٽي، رک ۽ تابڪاري ذرا جيڪي ڌماڪي جي ڪري اڏامي بارش سان گڏجي برسي رهيا هئا ۽ اهي به انهن ڳوٺن ۾ جيڪي هيروشيما کان پري هئا. هڪ ننڊڙي ڇوڪري يوهوڪو جيڪا ان بدنصيب ڏينهن تي اسڪول وڃڻ جي تياري ڪري هئي، تنهن ٻڌايو: “صبح جو آسمان بلڪل صاف هو پر سخت گرمي هئي، سج ۾ گهڻي تپش هئي ۽ اکين کي کِيرو ڪري ڇڏيو هو. واچَ ۾ ٽائيم ڏٺو، صبح جا ساڍا ست وڳا هئا. دير ٿي ويندي. مان جلدي جلدي اسڪول وڃڻ لاءِ تيار ٿيڻ لڳس. خطري جي سائرن جي خوفناڪ آواز جي گونج پري پري تائين ٻڌڻ ۾ پئي اچي. پر جلدي خطري ٽرڻ جو اطلاع ڏنو ويو. مان گهر ڇڏيو ۽ تڪڙي تڪڙي ياماگوچي اسٽاپ تي پهتس. جتي 30 يا چاليهه منٽ گاڏي جو انتظارڪيو پر گاڏي ۾ پيهه گهڻي هئي، سڀئي ماڻهو هڪ ئي گاڏيءَ ۾ چڙهڻ لاءِ دروازي ڏانهن وڌڻ لڳا ۽ ڌِڪ ڌِڪان لڳي وئي، مون سوچيو ته مان چڙهي نه سگهنديس پر پوءِ به ڪوشش ڪري ڊرائيور جي ڀرسان وڃي بيٺس. گاڏيءَ جي شيشي ۾ ڏٺم ته پيدل گهمندڙ ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي ۽ جلدي اسٽاپ اچي ويو. اوچتو ڌماڪو ٿيو، مان ڇرڪي پيس، پاڻ کي قابوءَ ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪئي، مان ان وقت حيران رهجي ويس، جڏهن منهنجا ڪپڙا به ڳري ويا، جسم مان رت ٽمي رهيو هو، سَٿَرو ٽان گوشت جوٽڪڙوڪپجي ويو هو ۽ گرم- گرم خون وهي رهيو هو، منهنجو ڳلُ ڦاٽي پيو هو ۽ هيٺيون چپ غائب هو. منهنجي ڪنڌ ۾ هڪ شيشو ٽُنبيل هو، ان کي مون ڇڪي ڪڍيو، مان حيران پريشان ٿي پنهنجي پوري بدن تي نظر ڊوڙائي ته سموري جسم مان رت وهي رهي هئي.“

امريڪا، هيروشيما تي بم اڇلائي لکين ماڻهن کي موت جو بک بڻايو ۽ لکن کي رت سان وهنجاريو، لکين ماڻهو چمڙي جي بيمارين ۾ مبتلا ٿي معذور بڻجي ويا. ٻي مهاڀاري جنگ جي تباهڪارين ۾ هيروشيما ۽ ناگاساڪي تي ايٽمي حملي جي نتيجي ۾ امريڪا جيڪو ڪيس ڪيو، اهو هڪ دردناڪ داستان آهي. انسانيت جو قتلام آهي. امريڪا هر دور ۾ ظلم جو داستان ورجائي جيڪي انسانيت سوز حرڪتون ۽ ڪيس ڪيا آهن، ان جي ظلمن کي هر هڪ ماڻهو نندي رهيو آهي، هيروشيما جي قضئي جي ڪري اڄ دنيا ۾ هر اک آلي آهي!