تازيون خبرون

Daily Archives: August 5, 2015

”ماڻهن جي ڪا ميار ناهي“؛جئه پرڪاش موراڻي

سنڌيءَ ۾ اها چوڻي مشهور آهي ته ”لوڪ لڏڻ ۾ ۽ چري اڏڻ ۾“ اسان واري سنڌ سرڪار جا به اهي پرڪار آهن. ڪٿي به ڪا به اڳواٽ رٿابندي ۽ تياري ناهي، سواءِ هڪ جي ته ڪٿان ۽ ڪيئن کائجي، ڪهڙو پروجيڪٽ جوڙجي؟ جنهن مان وڌ کان وڌ ڪميشن ملي. ڪهڙي رٿابندي ڪجي، جنهن مان پنهنجي پيٽ کوهه ۾ ڪجهه ڪڻا پون ۽ پنهنجي ملڪيتن جي انگن آڏو ڪجهه ٻُڙين جو واڌارو ٿئي. باقي ملڪ جي ڀينگ ٿئي، ماڻهن جي حياتين کي خطرو ٿئي، عوام جو الهه تلهه تباهه ٿئي، سرڪار کي ان سان ڪو به سروڪار ناهي.

دنيا رڙيون پئي ڪري ته ماحولياتي تبديلين، هن ڌرتي جي زميني حقيقتن کي بدلائي ڇڏيو آهي پر اسان وارا حڪمران ٽُڪ واري رلي مٿان وجهي ايئرڪنڊيشنر جي ٿڌي هوا ۾ آرامي آهن. سندن لاءِ ”ماحول“ هر وقت معطر، مناسب ۽ ميٺاج ڀريو آهي، ان ڪري لوڪ جو لکاءُ کين پوي ئي ڪونه!

جڏهن گرمي جي لهر سڄي سنڌ ۾ انسانن جو فصل لڻڻ شروع ڪيو ته ان وقت به حاڪمن جي ڪن تي ڪا جونءَ نه سُري. جڏهن بي مندائتي برساتن جي اڳڪٿي ٿي تڏهن به اسان وارو موسميات کاتو شايد ڪنهن ڳهر ۾ ستل هو، جو انهن جا عملدار اهو چئي رهيا هئا ته هيل برساتن جو امڪان مڙيوئي گهٽ آهي. جڏهن برساتن ڀينگ ڪئي، چترال جي وادين ۾ تباهيءَ جا منظر سڀني اکين ڏٺا، اترين علائقن ۾ برساتن ۽ ٻوڏن ماڻهن جي ورهين جي ڪمائي کي اک ڇنڀ ۾ لوڙهيو، تڏهن به اسان جي حاڪمن جي اکين تي ٻڌل پٽين کين ڪجهه ڏسڻ ئي نه ڏنو. جڏهن پنج ند وٽان سنڌوءَ ۾ هلندڙ توڙي آبڪلاڻي واري رُت کانسواءِ سال جا 8 مهينا سُڪل رهندڙ ندين مان ايندڙ پاڻي ڇوڙ ڪيو، جنهن جو رُخ هر حال ۾ سنڌ ڏانهن ٿيڻو هو، تڏهن به اسان جي وزيرن جي وات اها ئي وائي هئي ته اهي 5-7 لک ڪيوسڪ پاڻي اسان جي اک هيٺ ئي ناهي. ان کي اسان پاران ”مضبوط“ ڪيل بند اصل آرام سان لنگهائي سمنڊ تائين پهچائيندا. ان ڪري ڪنهن کي به الڪو ڪرڻ جي ڪا ضرورت ناهي؛ پر پوءِ ٿيو ڇا؟ اهو اسان سڀني اڳيان آهي. انگ اکر ٻڌايا هڪڙا ويا، پاڻي انهن کان سوايو آيو، مٿان وري رهيل ڪسر برساتن پوري ڪئي. ڪچو ٻڏو، اهو ته ٻڏڻو هو ۽ ڪچي ۾ هميشه ٻُڏيءَ جا ٻيڻا ٿيندا آهن پر بندن جي مرمت جي مد ۾ آيل اربين روپين سان جيڪي محل ماڙيون اڏيون ويون هيون، انهن سموري ساک ڏني ۽ ڪرپشن جي هڪ نئين اسڪينڊل کي وائکو ڪيو ويو. هاڻي جڏهن بند اچي بازارن سان لڳو آهي ته پوءِ سموري ڪابينا ور کڻي اچي سکر ۽ گڊوءَ ۾ ڪٺي ٿي آهي. روزانو اهڙا اهڙا فوٽو سيشنس ٿا ٿين جو ايان علي جهڙين ماڊلن جي جاءِ ناهي. لڳي ٿو ته اهي وزير، امير، ايم اين اي، ايم پي اي ئي آهن جيڪي ڏينهن رات ڪوڏرون کڻي بندن تي ڀراءُ ڪري رهيا آهن، جيڪي پچنگ جي نالي ۾ چار پٿر بندن جي ڀر ۾ پيل نظر اچن ٿا، اهي به انهن ئي مڙس ماڻهن جي محنت جو نتيجو آهن. ان ڪري جيستائين اسان جا ناميارا، هاڪارا ۽ سنڌ جا گهڻ گهرا وزير صاحبان بندن تي موجود هوندا، ان وقت تائين نه بندن کي ڪو جوکو آهي نه وري ماڻهن جي حياتين ۽ ملڪيتن کي ڪير نقصان پهچائي سگهي ٿو. عوام سک جي ننڊ ڪري، اسان جا رکوالا اڄڪلهه گهڻو سرگرم آهن.

پر اصل مسئلو اهو آهي ته سرڪٽ هائوسن آڏو پيل ٽيبلن تي رکيل ڪيڪ، پيٽيس، بادام ۽ اکروٽن مان چوڳو ڪندي چار لفظ چوندڙ انهن همراهن تي عوام جو خبر ناهي ڇو اعتماد ناهي رهيو. بندن جي ڀر ۾ رهندڙ ماڻهو، جن 2010ع ۾ انهن ئي يارن جي موجودگيءَ ۾ ٽوڙي ٽُٽندي ڏٺو هو، انهن جي جسمن مان هنن يارن کي ڏسندي ئي سياٽا ٿا نڪرن. سندن چوڻ اهو آهي ته درياهه شاهه دادلي کان ته اسان کي جوکو ٿئي يا نه اها بعد جي ڳالهه آهي، اصل ڳالهه ته هنن  همراهن جي آهي، هي جتي هوندا، اتان خير جي خبر اچڻ ڏاڍي ڏکي ٿي لڳي.

ساڳيا سُور ٿاريلا ٿا پٽين. اي ٽي ايم بڻيل ٽي ايم ايز مان اسان جي مخصوص برادرين سان لاڳاپو رکندڙ عملدارن نه رڳو پنهنجون ڪکون سايون ڪيون پر مٿي پڻ مال پهچايو. هر ٽي ايم اي ۾ هر مهيني ڪروڙ سوا جي ڪرپشن ٿيڻ ته ڪجهه به نه آهي. ڳالهه انهيءَ کان به مٿي چڙهيل آهي. ننگر ٽائون ڪميٽي لاءِ چون ٿا ته پوڻا ٻه ڪروڙ آمدني، 19 لک خرچ، باقي سڀ هڙپ. ڏيپلي جو حال رڳو ڏيپلاين (جيڪي هن وقت اتي موجود آهن) نه ڏٺو پر ڏيهه پرڏيهه ڏٺو ته ڪيئن ڊاڪٽر شفيع محمد پاران مٿي بيهي سر سر لڳرائي جوڙايل تعلقي اسپتال ۾ 5-6 فوٽ پاڻي بيٺو ۽ اها اسپتال جنهن ۾ ڪنهن وقت 100 کان وڌيڪ مريض داخل هوندا هئا، اها هڪ کٽ ۽ ٻن ڪرسين جي صورت ۾ جانورن جي اسپتال ۾ شفٽ ٿي. چوڻ چوارا چون ٿا ته عربن مان اربين مصالحن جي واپاري سياستدان جو ويجهو مائٽ شهر مان پاڻي نيڪال ڪرڻ جون مشينون پنهنجي لوڻ واري کاڻ تي کڻائي ويو هو، ان ڪري شهر ٻڏو. هاڻي ترائي وارن سياستدانن تي ته اڳ ئي اهو الزام لڳندو هو ته اهي ڏيپلاين جي ٻڌي کان ڪاوڙجي ڏيپلي کي نظرانداز ڪندا هئا پر جيڪڏهن انهن ڏيپلاين جو اهو حال هجي ته ڏوهه ڪنهن کي ڏجي؟

ٻڌون پيا ته ملڪ ۾ بدعنوانين خلاف مهم پئي هلي، ٻڌون پيا ته نيب ڪرپشن ڪندڙن جي ڳچيءَ ۾ ٽوڙها پئي وجهي پر رڳو ٻڌون ئي پيا، ڏسڻ ۾ هتي ته ڪجهه به نٿو اچي. وري به ائين ٿو لڳي ته ”ملڪ ۽ قوم جي وسيع تر  مفادن“ ۾ ڪا نئين ”مفاهمت“ ٿي وئي آهي. انهيءَ مفاهمت سنڌ کي ڪيترا ڏنڀ ڏنا آهن، انهن کان هر ڪو واقف آهي پر ڪي ويچارا پارٽي پاليسي جي ڊپ ۾ چپ آهن ته ٻي ڳالهه آهي.

اڃا ته خيرن سان چوماسي جو ٻيو مهينو سانوڻ شروع ٿيو آهي، اڃا بڊي جا ڌاروڙا ۽ اسو جا اوهيرا اڳتي آهن. ٻين ملڪن جا موسمياتي ماهر چون ٿا ته هيل سانوڻ خوب وسندو. اسان جو ته ”نظام“ ئي خراب آهي، مٿان وري مفاهمت ۽ ڏي وٺ وارو مانڊاڻ، اهو ڪٿي هڻي وڃي هنڌ ڪندو، اهو وقت ٻڌائيندو پر عوام لاءِ هڪ سهڻي صلاح آهي ته هن حڪومت جو اهو اصول بڻجي ويو آهي ته ”مسافر پنهنجي سامان جي پاڻ حفاظت ڪن ڪمپني ۽ ڊرائيور ذميوار نه هوندا.“ ان ڪري سُتت ئي پنهنجي ٻچن جي بچاءَ لاءِ ڪي اپاءُ وٺو، اڌوراڻي امداد جي آسري ۾ پنهنجو الهه تلهه نه وڃايو. باقي هنن حاڪمن جيڪڏهن ڪو خير جو ڪم ڪري وڌو ته سندن لک ٿورا نه ته ماڻهن طرفان مٿن ڪا به ميار ناهي