تازيون خبرون

Daily Archives: August 5, 2015

سونا ڪشي سنها انڊر ورلڊ ڊان دائود ابراهيم جي ڀيڻ بڻجي وئي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره سونا ڪشي سنها انڊر ورلڊ ڊان دائود ابراهيم جي زندگي تي ٺهندڙ هڪ فلم ۾ سندس ڀيڻ حسينه جو ڪردار ادا ڪرڻ تي تمام گڻهو جوش ۾ آهي، پنهنجي هڪ بيان ۾ سوناڪشي چيو ته مان شيکر راوي جياني جي ٿورائتي آهيان جو هن ايترو شاندار اسڪرپٽ لکيو آهي، هن چيو ته فلم ۾ حسينا جو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ انتظار ڪرڻ مشڪل ٿي رهيو آهي، اها فلم ايندڙ سال رليز ٿيندي.

 

سريلي راڳي اخلاق احمد جي وڇوڙي کي 17 سال ٿي ويا

ڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستان ۾ 70 ۽ 80 جي ڏهاڪن ۾ خوبصورت گيتن سان پاڻ مڃرائيندڙ سريلي گلوڪار اخلاق احمد جي 17 هين ورسي ملهائي وئي، 1946ع ۾ دهلي ۾ اک کوليندڙ اخلاق احمد جو ننڍپڻ ڪراچي ۾ گذريو ، هن جواني ۾ قدم رکيو ته ڳائڻ جو شوق سندس جنون بڻجي ويو،اخلاق احمد جڏهن ڳائڻ جي ميدان ۾ لٿو ته ان وقت مهدي حسن، احمد رشدي ۽ مسعود رانا جهڙن راڳين جي حڪمراني هئي،پر اخلاق جيڪو گيت ڳايو اهو دل ۽ جان سان ڳايو، 73ع کان 98ع تائين ٻڌل ڪيريئر ۾ اخلاق احمد 117 گيت ڳايا ،هن نگار ايوارڊ سوڌو ڪيترائي اعزاز حاصل ڪيا ، اخلاق احمد زندگي جي آخري 10 سال بلڊ ڪينسر سان وڙهندي گذاريا پر ڳائڻ سان محبت آخري پساهه تائين نڀائي، 4 آگسٽ 1998 تي اخلاق احمد لنڊن جي هڪ اسپتال ۾ دنيا کان وڇڙي ويو پر سندس مٺو ۽ سريلو آواز اڄ به زنده آهي.

 

فلم ”مور“ جي مشهور موسيقي سڄي پاڪستان ۾ رليز ڪئي وئي

ڪراچي(شوبز نيوز) آزاد فلم ڪميٽي ۽ مانڊوي والا انٽرٽينمينٽ جي تازه ترين ۽ گڏيل ڪاوشن سان “مور” جي احساسن ۽ جذبات سان ڀرپور جاندار موسيقي رليز ڪئي وئي آهي. ان فلم ۾ معروف ڊائريڪٽر جامي جي هدايتڪاري سان گڏوگڏ اسٽرنگز جي پروڊيوس ڪيل مشهور موسيقي ۽ انور مقصدو جا دلين ۾ گهر ڪندڙ نغما شامل آهن. فلم جي موسيقي پهريان ئي عوام جي وچ ۾ مقبوليت ماڻي چڪي آهي. يوم آزادي جي ڏينهن رليز ٿيندڙ فلم مور پاڪستان جي فلم انڊسٽري ۾ هڪ نئون روح پيدا ڪري ڇڏيندي.

 

بريڪ کانپوءِ واپسي تي ائين ٿو لڳي ته ڪڏهن فلمن کان پري ٿي ئي ناهيان: ايشوريا

ممبئي(شوبز نيوز)بالي ووڊ اداڪاره ايشو ريا راءِ چيو آهي ته ائين محسوس ٿئي ٿو ته ڪڏهن فلمن کان پري ئي نه ٿي آهيان، ايشو ريا راءِ ڊگهي عرصي کان پوءِ هاڻ فلم “ جذبا” ۾ ڪم ڪري رهي آهي ،ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته بريڪ کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪيمرا سامهون اچڻ سٺو لڳو، جڏهن ته سنجي ڀنسالي سان ڪم جو به پنهنجو ئي مزو آهي، هن چيو ته فلم جي سموري ڪاسٽ عرفان، شبانه جي، چندان، جنگو ۽ ٻيا سڀ تمام گهڻو سهڪاري رهيا ۽ مون کي انهن سان ڪم ڪري خوشي ٿي آهي، ايشوريا راءِ بچن چيو ته دهلي اچڻ ۽ انڊسٽري جي گهڻن ئي ساٿين سان ملاقات ڪري گهڻو سڪون محسوس ڪيو آهي.

 

پاڪ -ڀارت سيريز ايشز کان به وڏي قرار،اميد ته ٻنهي ملڪن ۾ اهو معاملو حل ٿي ويندو: جاويد ميانداد

اسلام آباد(اسپورٽس نيوز) : اڳوڻي ٽيسٽ ڪپتان جاويد ميانداد پاڪ -ڀارت ڪرڪيٽ سيريز جي بحالي جي حوالي سان بي سي سي آءِ جي سيڪريٽري انوراگ ٺاڪر جي تازي بيان جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي، ٺاڪر پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته اسان جي قوم جو امن ۽ سلامتي خطري ۾ ٿيڻ جي صورت ۾ ڪرڪيٽ نه ٿي کيڏي سگهجي، ڪرڪيٽ کيڏڻ مختلف ڳالهه آهي پر اسان جي اندروني سيڪيورٽي انتهائي اهم آهي، سندس اهڙي بيان تي جاويد ميانداد چيو ته اسان جا رانديگر به ڀارت ۾ انڊين ٽيم خلاف کيڏندي غير محفوظ ۽ بي چيني محسوس ڪن ٿا پر ان کانپوءِ به  اسان هميشه هاڪاري ردعمل ڏيکاريو ۽ ڀارت ۾ کيڏڻ لاءِ تيار رهياسين، عظيم بيٽسمين جاويد ميانداد چيو ڪيترين ئي عالمي ٽيمن گڏيل عرب امارتن ۾ پاڪستان خلاف سيريز کيڏي پر هڪ بي سي سي آءِ عهديدار جو اهو بيان ٻاراڻو آهي جنهن سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ سياسي ۽ ڪرڪيٽ لاڳاپن کي ڪو  فائدو نه پهچندو، ننڍي کنڊ جي ماڻهن لاءِ پاڪ -ڀارت سيريز ضروري آهي، جڏهن ته مان ان کي ايشز کان به وڏي سيريز قرار ڏيندس ۽ اها سيريز ضرور ٿيڻ گهرجي، ميانداد اميد ظاهر ڪئي ته انتهائي اعليٰ سطح تي ڀارتي اختيارين جي مداخلت سان اهو معاملو حل ٿي سگهي ٿو،

 

شاهه رخ خان ممبئي ڪرڪيٽ ايسو سيئيشن پاران مٿس لڳل 5 سالن جي پابندي هٽائڻ تي ٿورائتو

ممبئي(اسپورٽس نيوز) ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز جي  مددگار مالڪ شاهه رخ خان ممبئي ڪرڪيٽ ايسو سيئيشن پاران مٿس لڳل 5 سالن جي پابندي هٽائڻ تي ٿورو مڃيو آهي، پنهنجي هڪ بيان ۾ شاهه رخ خان چيو ته منهنجي شفيق سهري مون کي ان حقيقت بابت ٻڌايو ته ڪير صحيح ۽ ڪير غلط  وڌيڪ اهم ناهي هوندو پر اصل مسئلو توهان جي عزت جو هوندو آهي ۽ ان تي سوديبازي نه ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته مان ممبئي ڪرڪيٽ ايسو سيئيشن جو ٿورائتو آهيان ته ان مون تان پابندي هٽائي ڇڏي.

 

مائيڪل ڪلارڪ کي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ميٿيو هيڊن جو رڪارڊ ٽوڙڻ لاءِ 21 رنسون گهربل

نوٽنگهم(اسپورٽس نيوز)آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ۽ مشهور بيٽسمين مائيڪل ڪلارڪ کي ٽيسٽ ميچن ۾ هم وطن بيٽسمينميٿيو هيڊن جي وڌيڪ رنسن جو رڪارڊ ٽوڙڻ لاءِ وڌيڪ21 رنسون گهربل آهن، ان سان هو وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ بيٽسمينن جي لسٽ ۾ 19هين نمبر تي اچي ويندو. مائيڪل ڪلارڪ 2004ع ۾ ٽيسٽ ڪيريئر جي شروعات ڪئي ۽ هن وقت هو ڪرڪيٽ جي دنيا جي بهترين بيٽسمينن ۾ شامل آهي. ڪلارڪ هن وقت تائين 113 ميچون کيڏيون آهن، جن ۾ 8605 رنسون ٺاهيون ۽ کيس ميٿيو هيڊن کان اڳتي نڪرڻ لاءِ وڌيڪ 21 رنسن جي ضرورت آهي.

 

آسٽرليا کي چوٿين ٽيسٽ ۾ مات ڏئي ايشز سيريز پنهنجي نالي ڪنداسين: جوئي روٽ

نوٽنگهم(اسپورٽس نيوز)انگلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي مشهور ال رائونڊر جوئي روٽ چيو آهي ته آسٽريلوي ٽيم کي چوٿين ٽيسٽ ۾ شڪست ڏئي ايشز سيريز پنهنجي نالي ڪنداسين. هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته سيريز ۾ ڪم بيڪ ڪرڻ کانپوءِ ٽيم جا حوصلا بلند ٿيا آهن. هن چيو ته هو ڪينگروز خلاف نه رڳو چوٿين ٽيسٽ پر سيريز کٽڻ لاءِ پڻ پرعزم آهن. واضع رهي ته ٽئين ٽيسٽ ميچ ۾ انگلينڊ ڪينگروز کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز ۾ شاندار ڪم بيڪ ڪيو ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر سيريز ۾ 1-2 جي سرسي حاصل ڪري ورتي.

 

سکر بئراج وٽ انتهائي وڏي ٻوڏ جو وهڪرو گذرڻ شروع

 

سکر بئراج وٽ اڄ صبح کان انتهائي وڏي ٻوڏ جو وهڪرو گذرڻ شروع، گڊو بئراج وٽ لاٿ شروع ٿي وئي، ٽن ڏينهن تائين لاٿ کان پوءِ ٻيهر چاڙهه شروع ٿي ويندو، چاچڙان شريف وٽ گيج ۾ 4 انچ لاٿ، چشما ۽ تونسا وٽ پاڻيءَ ۾ چاڙهه جاري، ڪابل جو وهڪرو به گھٽجڻ لڳو، سکر مان 7 لک ڪيوسڪس کان وڌيڪ پاڻي گذرڻ بعد الرا جاگير بند، عاقل آگاڻي بند ۽ نصرت لوپ بند تي دٻاءُ وڌي ويو، خيرپور لاڙڪاڻو پل تي به سخت دٻاءُ. تفصيل موجب گڊو بئراج کان پوءِ سکر بئراج وٽان به اڄ صبح کان انتهائي وڏي ٻوڏ جو وهڪرو گذرڻ شروع ٿي ويو آهي جنهن جي ڪري سکر بئراج جي ڊائون اسٽريم ۾ واقع الرا جاگير لوپ بند، عاقل آگاڻي بند ۽ نصرت لوپ بند تي دٻاءُ وڌي ويو آهي. خاص طور تي گذريل ڪيترن سالن کان خطرناڪ حالت ۾ موجود الرا جاگير بند تي خطرو وڌي ويو آهي. ان سان گڏو گڏ خيرپور لاڙڪاڻو پل تي به پاڻي جو خطرناڪ دٻاءُ آهي. گڊو وٽ جيتوڻيڪ ڪالهه شام 6 وڳي تائين وهڪري ۾ چاڙهه بعد رات 8 وڳي کان پاڻي لهڻ شروع ٿي ويو هو ان جي باوجود شينڪ بند ۽ اولڊ ٽوڙي بند تي اڃا تائين خطرناڪ دٻاءُ آهي. آبپاشي ماهرن موجب گڊو بئراج وٽ لاٿ جو سلسلو ٽن ڏينهن تائين جاري رهڻ بعد ٻيهر چاڙهه شروع ٿي ويندو ڇاڪاڻ ته ميانوالي ضلعي ۾ تيز برساتن بعد چشما بئراج وٽ وهڪرو 6 لک ڪيوسڪس کان وڌي ويو آهي. جڏهن ته تونسا وٽ به وهڪرو 5 لک ڪيوسڪس کان وڌيل آهي. چاچڙان وٽ گيج 4 انچ گھٽجڻ باوجود اتي 11 فٽن جو گيج برقرار آهي ۽ پنجنند وٽان به هڪ لک 27 هزار 948 ڪيوسڪس پاڻي سنڌوءَ ۾ ڇوڙ ٿي رهيو آهي. چترال واري علائقي ۾ برساتون گھٽجڻ بعد ڪابل جي وهڪري ۾ لاٿ اچي رهي آهي ۽ اتي سپر فلڊ مان صورتحال گھٽجي وڏي ٻوڏ ۾ تبديل ٿي وئي آهي. ڪالهه مليل انگن اکرن موجب تربيلا وٽ ان فلو 3 لک 50 هزار ڪيوسڪس ۽ آئوٽ فلو 3 لک 15 هزار 8 سئو ڪيوسڪس رڪارڊ ڪيو ويو جتي پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش باقي 2 فٽ رهي آهي. جيڪا موجوده صورتحال ۾ ايندڙ 3 ڏينهن ۾ ختم ٿي ويندي ۽ پاڻي ”رن آف رور“ تحت وهڻ لڳندو. ڪالا باغ جو مٿاهون وهڪرو 507042 ڪيوسڪس هيٺاهون وهڪرو 504242 ڪيوسڪس، چشما وٽ ان فلو 638652 ڪيوسڪس هيٺاهون وهڪرو 636512 ڪيوسڪس، تونسا وٽ مٿاهون توڙي هيٺاهون وهڪرو 501720 ڪيوسڪس، گڊو وٽ مٿاهون وهڪرو 739872 ڪيوسڪس هيٺاهون وهڪرو 721113 ڪيوسڪس، سکر وٽ مٿاهون وهڪرو 693271 ڪيوسڪس هيٺاهون وهڪرو 650091 ڪيوسڪس ۽ ڪوٽڙي وٽ مٿاهون وهڪرو 299073 ڪيوسڪس ۽ هيٺاهون وهڪرو 291773 ڪيوسڪس رڪارڊ ڪيو ويو. جهلم زون ۾ منگلا جو ان فلو 72 هزار ڪيوسڪس ۽ آئوٽ فلو 73214 ڪيوسڪس رڪارڊ ڪيو ويو. مرالا وٽ چناب جو ڇوڙ 94675 ڪيوسڪس ۽ نوشهره وٽ ڪابل جو ڇوڙ هڪ لک 38 هزار هڪ سئو ڪيوسڪس رڪارڊ ڪيو ويو

ڏوڪري جي ڪچي جا ڪيترائي ڳوٺ شاهه علي جا ڀاڻ ، دين پور، راحب جوڻيجو، ماهي ماڇي، مٺي جا ڀاڻ ، پيچرائي ڪلهوڙو، نظام جوڻيجو، بخاري ڳوٺ ۽ ٻيا ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن متاثرن کي ڪچي کان پڪي تي منتقل ڪرڻ وارو ڪم جاري آهي جڏهن ته وڏي انگ ۾ متاثر پاڻيءَ ۾ ڦاٿل آهن هوڏانهن ٻلهڙيجي موهن جو دڙو، بچاءُ بندن تي پاڻي جودٻاءُ برقرار آهي جنهن ڪري رهواسين جو ساهه مٺ ۾ اچي ويو آهي ان ڏس ۾ آبپاشي ۽ اطلاعات کاتي جو صوبائي وزير نثار احمد کهڙي پ پ اڳواڻ عبدالفتاح ڀٽو، طارق انور سيال، امر خان ٻگهيو، خان محمد سانگهرو ، سڪندر شاهه، محب پيرزادو ۽ ٻين سان گڏجي  عاقل آگاڻي ، موريه لوپ ، هڪڙا بند، ٻلهڙيجي بند، سيري بند ۽ ٻين بندن جو دورو ڪيو ٻوڏ جي صورتحال معلوم ڪئي آبپاشي عملدارن ۽ ضلعي انتظاميه کان بريفنگ ورتي،  ان موقعي تي ڊي سي جاويد جاگيراڻي ، اي سي يار علي شاهه ، انفارميشن ڊائريڪٽر درشن لعل ، الفت پيرزادو ۽ ٻيا موجود هئا صوبائي وزير ٻلهڙيجي ڪيمپ ۾ متاثرن ۾ راشن تقسيم ڪيو ان دورارن متاثرن راشن نه ملڻ جو شڪايتون ڪيون بعد ۾صوبائي وزير نثاراحمد کهڙو ڏوڪري ڀرسان سيري بند ۾ 2010 واري ٻوڏ دوران دٻجي فوت ٿي ويل ٻن ڳوٺاڻن عبدالجبار ڪانڌڙو ۽ عبدالجبار ميراڻي جي مزارن تي پهتو ۽ فاتح خاني ڪئي.

 

تون ياد وري آئين ليجنڊ اداڪار محمود صديقي؛جي ايم خاصخيلي

سنڌي توڙي اردو ڊرامن جي ليجنڊ اداڪار محمود صديقي کي اڄ اسان کان وڇڙي 15 سال گذري ويا آهن پر هو اڄ به پنهنجي پرستارن ۽ ساٿي فنڪارن جي دلين ۾ زنده آهي. لڳي ائين ٿو ته محمود صديقي کي هر سال وانگر اڄ به سندس مٽن مائٽن، دوستن توڙي ثقافتي ادارن وساري ڇڏيو آهي. اسان مرده پرست قوم آهيون، فنڪارن کي انهن جي زنده هوندي ۽ نه وري انهن کي ڏکئي وقت ۾ ياد ڪندا آهيون.

محمود صديقي جي فني سفر تي نظر وجهنداسين ته هُن 1970ع ۾ پي ٽي وي جي ڊرامي بدمعاش ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪري پنهنجي فني سفر جي شروعات ڪئي. اداڪار محمود صديقي جو ننڍپڻ سکر ۾ گذريو. پاڻ سچل ڪاليج حيدرآباد مان انٽر پاس ڪيائين. پڙهائي دوران ترقي پسند خيال رکندڙ ماڻهن سان اٿڻ ويهڻ ڪري هڪ سياسي پارٽي ۾ شموليت ڪئي. سياسي سرگرمين دوران هن 6 مهينا سکر سينٽرل جيل ۾ قيد پڻ ڪاٽيو. 1969ع ۾ سنڌي ٻوليءَ جي مسئلي تي تحريڪ هلندڙ هئي، ان تحريڪ ۾ محمود صديقي حصو ورتو. سکر جيل ۾ قيد دوران هن جون مهان ڪوي شاعر شيخ اياز ۽ پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه سان به ڪچهريون ٿيون. محمود صديقي تعليم مڪمل ٿيڻ کانپوءِ وڪيل بڻيو. ان کانپوءِ کيس آبادي جي ڀلائيءَ واري کاتي ۾ نوڪري به ملي، جيڪا بعد ۾ سياسي لاڳاپن ڪري کسجي وئي. محمود صديقي  جون ٻه شاديون هيون، جن مان کيس اولاد نه هو. کيس اصل شهرت پي ٽي وي جي اردو سيريل ”ڪاروان“ کان ملي، جنهن تي کيس 1986ع ۾ بهترين اداڪار جو پي ٽي وي ايوارڊ پڻ مليو. ان کانسواءِ سندس مشهور سيريل ”ديوارين“ ۽ ڊراما سيريل ”جنگل“ ۾ فالج واري مريض وارو ڪردار گهڻو مشهور ٿيو. هُن ڪجهه فلمن سان گڏ ريڊيو جي ڊرامن ۾ پڻ اداڪاري ۽ صداڪاري ڪئي. مرحوم محمود صديقي هڪ نجي چئنل لاءِ اردو سيريل ”نهلي پي دهلا“ ٺاهيو، جنهن تي ان وقت 26 لک خرچ آيو. اهو ڊرامو پرائيم ٽائيم دوران هليو. ان وقت ان چئنل پاران کيس پئسا نه مليا، جڏهن ته ڊرامي تمام گهڻو بزنس به ڪيو. ان چئنل جي مالي بحران ۾ اچڻ ڪري ٻين پروڊيوسرن سان گڏ محمود صديقي جا به پئسا ٻڏي ويا. اهڙي صورتحال ۾ پئسن جي واپسي لاءِ پاڻ ۽ ٻين پروڊيوسرن احتجاج به ڪيو پر ان جو کڙتيل نه نڪتو، جنهن ڪري محمود صديقي ڏک ۽ افسوس ۾ بيمار ٿي پيو. دل جي تڪليف ۽ بيماري سبب 4 آگسٽ 2000ع ۾ هڪ نجي اسپتال ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين. سندس آخري ڊرامو ”قربتون“ هو. ڊرامي ”جنگل“ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ تي کيس پي ٽي وي ايوارڊ ته نه مليو پر ”جنگل“ ڊرامي ۾ بهترين اداڪاري ڪرڻ تي کيس عراق جي شهر بغداد ۾ ”ڊراما فيسٽيول“ ۾ بهترين اداڪار جو ايوارڊ ڏنو ويو، جنهن ۾ 170 ملڪن جي نمائندن شرڪت ڪئي ۽ پاڪستان مان محمود صديقي نمائندگي ڪئي.