تازيون خبرون

Daily Archives: August 5, 2015

وزيراعظم پاران ٻوڏ متاثرن لاءِ هڪ ارب رپيا ي امداد جو اعلان

گهوٽڪي(ڊ ر) وزيراعظم ميان محمد نواز شريف چيو آهي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي گڏجي درياءَ جي حفاطتي بندن کي مضبوط بڻايو وڃي ته جيئن ٻوڏ کي  هميشه لاءِ روڪي علائقي واسين جي زرعي زمينن توڙي گهرن کي محفوظ ڪري سگهجي. وزيراعظم نوازشريف چيو ته رليف لاءِ کنيل قدم درست آهن پر هاڻي سڄي توجه ٻوڏ کي رڪڻ تي هئڻ گهرجي. گهوٽڪي ۾ ٻوڏ متاثرن جي ڪيمپ جي دوري جي موقعي تي خطاب ۾ هن چيو ته کيس ٻوڏ متاثرن سان همدردي آهي، ڏکئي وقت ۾ هو متاثرن سان گڏ آهي، هن ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته متاثرن کي گهر ڇڏڻ تي افسوس آهي. هن چيو ته رليف جا ڪم پنهنجي جاءِ تي پر هاڻي سڀني کي گڏجي ٻوڏ کي روڪڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته سمورا صوبا ۽ وفاقي حڪومت کي گهڻو پئسو ٻوڏ کي روڪڻ تي خرچ ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته سنڌ حڪومت جا کنيل قدمساراهه جوڳا آهن جيڪا متاثرن کي ٽينٽ ۽ کاڌي پيتي جون شيون فراهم ڪري رهي آهي. روشني لاءِ سولر پينل ڏنا ويا آهن، گرمي ۽ حبس کان بچڻ لاءِ جيڪڏهن پکن جو انتظام هجي ها ته بهتر آهي. وزيراعظم وفاقي حڪومت پاران ٻوڏ متاثرن جي امداد لاءِ هڪ ارب روپين جي امداد جو به اعلان ڪيو ۽ چيو ته متاثرن جي بهتري لاءِ وڌيڪ ڪوششو ڪندو رهندس. هوڏانهن قادرپور شينڪ بند تي بريفنگ وٺڻ بعد ٻوڏ متاثرن سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي وزيراعلي سنڌ سيد قائم علي شاهه، صوبائي وزير آبپاشي ۽ اطلاعات نثار احمد کهڙو، صوبائي وزير صحت ڄام مهتاب حسين ڏهر، صوبائي وزير زراعت علي نواز خان مهر ، بحالي واري کاتي جو صوبائي صلاحڪار علي حسن هنگورجو ۽  ايم.پي.اي احمد علي پتافي سميت چيف سيڪريٽري سنڌ محمد صديق ميمڻ،  اين.ڊي.ايم.اي جو چيئرمين ميجر جنرل (ر) اصغر نواز، آٰءِ. جي سنڌ، پي.ڊي.ايم.اي جو ڊائريڪٽر جنرل سيد سلمان شاهه ۽ ڪمشنر سکر محمد عباس بلوچ وزيراعظم سان گڏ هُئا. ان موقعي تي وزيراعظم خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ واري صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ وزيراعلى سنڌ سيد قائم علي شاهه ۽ سندس وزير ڏينهن رات بندن جي نگراني ڪري رهيا آهن، ٻوڏ متاثرن کي ڪچي واري علائقن مان ڪڍي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو آهي جيڪو سنڌ حڪومت جو هڪ بهتر قدم آهي جڏهن ته ٻوڏ متاثرن کي انتطاميه پاران سموريون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن ته جيئن سندن مشڪلاتون گهٽجي سگهن. هُن چيو ته ضلعي گهوٽڪي جي ٻوڏ متاثرن سان همدردي تحت هُن قادرپور شينڪ بند جو دورو ڪيو آهي ته جيئن ٻوڏ متاثرن جي ڀرپور مدد ڪري سگهجي، هُن اعلان ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت پاران ٻوڏ متاثرن کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت کي هڪ ارب روپيا فراهم ڪيا ويندا. هُن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومتون گڏجي حفاظتي بندن کي مستقل بنيادن تي مضبوط بڻائين ته جيئن هميشه لاءِ سيلاب کي روڪي سگهجي. ان کان اڳ وزيراعلى سنڌ سيد قائم علي شاهه آجياڻيو خطاب ڪندي چيو ته اسين وزيراعظم ميان نواز شريف جا ٿورائتا آهيون ته هُو ٻوڏ جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪهي آيو آهي. هن چيو ته 2010 واري مها ٻوڏ کانپوءِ سنڌ جي حفاظتي بندن کي پنهنجي وسيلن تحت 6 فوٽ مٿي ڪيو ويو آهي ته جيئن ٻوڏ کي روڪي سگهجي ان موقعي تي هُن وزيراعظم کي چيو ته فيڊرل فلڊ ڪميشن تحت سنڌ جي بندن جو مرمتي ڪم ڪرايو وڃي ته جيئن ٻوڏ کان هميشه لاءِ بچي سگهجي. ان موقعي تي اطلاعات ۽ آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير نثار احمد کهڙي وزيراعظم کي چيو ته درياءَ جي ٻنهي طرفن کان حفاظتي بندن کي حفاظتي اپائن تحت اسٽون پچنگ ڪرائي هميشه لاءِ سيلاب کي روڪيو وڃي ته جيئن ماڻهن جي زندگين ۽ سندن ملڪيتن کي بچائي سگهجي. ان کان اڳ سيڪريٽري آبپاشي سيد ظهير حيدر شاهه ۽ ڪمشنر سکر محمد عباس بلوچ وزيراعظم کي حفاظتي بندن جي ڪم ۽ ٻوڏ متاثرن کي سهولتون فراهم ڪرڻ متعلق تفصيلي بريفنگ ڏني. بعد ۾ وزيراعظم پاران ٻوڏ متاثرن ۾ امدادي سامان وراهيو ويو.

 

پاڪ فوج هر قسم جي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي: آرمي چيف

راولپنڊي(بيورو) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل راحيل شريف جو چوڻ آهي ته افغانستان ۾ امن لاءِ ڳالهيون ئي بهتر رستو آهن،ان ڪري پاڪ فوج هر قسم جي خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي.ڪور ڪمانڊر اجلاس جي دوران آرمي چيف جنرل راحيل شريف دهشتگردي جي خلاف هلندڙ آپريشنز ۾ اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي. ڪانفرنس ۾ ملڪ جي اندروني ۽ ٻاهرين سيڪيورٽي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، جڏهن ته جنرل راحيل شريف آپريشن ضرب عضب ۽ انٽيليجينس جي بنياد تي ڪيل ڪاررواين جو به جائزو ورتو. آرمي چيف لائين آف ڪنٽرول تي پاڪ فوج بهادري کي ساراهيو.ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس دوران آرمي چيف ملڪ جي سيڪيورٽي جي صورتحال ۾ بهتري تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته افغان حڪومت ۽ طالبان ۾ڳالهيون ناڪام ڪرڻ  جي ڪوشش ڪندڙ ملڪ دشمن آهن جڏهن ته ڳالهيون ئي بهتر رستو آهن.

 

ڪوبه شخص الطاف حسين جي بيانن جو ڪنهن به صورت دفاع نٿو ڪري سگهي: پرويز رشيد

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سڌسماءَ جي وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ الطاف حسين جي چڙ ڏياريندڙ بيان جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته ڪوبه شخص الطاف حسين جي بيانن جو ڪنهن به صورت دفاع نٿو ڪري سگهي آئين ۽ قانون موجود آهي جنهن کي پنهنجو رستو بنائڻ گهرجي برطانيا ۾ مني لانڊرنگ ڪيس هلي رهيو آهي الطاف حسين برطانوي حڪومت جي خلاف ڇو بيان ناهن ڏنا هڪ انٽرويو ۾ وفاقي گهرو وزير چيو ته جيڪڏهن ڪوئي ٻيو شخص هي بيان ڏي ها ته ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ خود ان جي مذمت ڪن ها هن چيو ته ملڪ ۾ آئين ۽ قانون موجود آهي جنهن کي ان سلسلي ۾ پنهنجو رستو بنائڻ گهرجي وفاقي وزير پرويز رشيد چيو ته جيستائين الطاف حسين رياستي ادارن جي خلاف پنهنجي بيانن تي قائم آهي ان وقت تائين هي ناقابل معافي جرم آهي هن چيو ته ڪيترن ئي سالن کان پوءِ ڪراچي ۾ عيدالفطر جي سڄي رات مارڪيٽ کليل رهيا ۽ اتان جي عوام 70 ارب رپين جي عيد تي خريداري ڪئي هن چيو ته ڪراچي ۾ سندس تازي دوري دوران ڪراچي جي رستن تي جيڪي ماڻهو ان سان مليا انهن حڪومت جي قيام امن جي ڪوششن جي تعريف ڪئي وفاقي وزير چيو ته ڪراچي ۾ بنا فرق آپريشن جاري آهي جيڪو قومي مفاد ۾ ۽ ڏوهارين جي خلاف آهي هن چيو ته جڏهن هڪ آزاد ميڊيا ۽ عدليه موجود آهي ته ڪنهن جي خلاف ظلم يا ڪنهن مخصوص جماعت جي خلاف امتيازي ورتاءُ ڪيئن ممڪن آهي وفاقي وزير چيو ته الطاف حسين جي خلاف لنڊن ۾ مني لانڊرنگ جو ڪيس قائم ٿيو ته هن برطانوي حڪومت جي خلاف ڇو بيان نه ڏنا وفاقي وزير چيو ته هڪ جمهوري حڪومت جي خاتمي کان پوءِ ايم ڪيو ايم هڪ ڊڪٽيٽر جا هٿ مضبوط ڪيا جنهن ان پارٽي کي نئين زندگي ڏني هن چيو ته الطاف حسين جي تقرير آئين پاڪستان جي خلاف ورزي آهي وفاقي وزير چيو ته منهنجا الطاف حسين سان ڪي ذاتي اختلاف نه آهي پر ان جي تقرير سخت مذمت جوڳي آهي.

 

الطاف حسين سميت ڪنهن کي به پاڪ فوج ۽ ٻين ادارن جي عزتِ نفس تي حملو ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين: چوڌري نثار

راولپنڊي(اي پي پي) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته الطاف حسين جي فوج تي تنقيد، پاڙيسري ملڪ کان فنڊنگ وٺڻ ۽ ملڪ دشمنيءَ تي ڀڙڪائڻ تي پاڪستان حڪومت هڪ قانوني مسودو تيار ڪري رهي آهي، قانوني مسودي جي لاءِ پاڪستان ۽ برطانيه جي قانونن جو جائزو ۽ مشاورت وارو عمل جاري آهي جنهن کانپوءِ پاڪستاني حڪومت اهو مسودو برطانوي حڪومت کي اُماڻي ڇڏيندي، جنهن ۾ قانونن جي ڀڃڪڙيءَ تي الطاف حسين خلاف ڪارروائيءَ جي سفارش ڪئي ويندي. الطاف حسين سميت ڪنهن کي به پاڪ فوج ۽ ٻين اِدارن جي عزتِ نفس مجروح ڪرڻ جي اجازت هرگز نه ڏني ويندي. چائينا ڪٽنگ جي حوالي سان ڪليئر ڪيل فائلون سنڌ حڪومت جي حوالي ڪيون ويون آهن، ذميدارن خلاف ڪيس نيب اُماڻيا ويندا، ڪاميابي فوجي آپريشن کانپوءِ مستقل بنيادن تي امن امان جي قيام لاءِ پوليس ۽ سول آرمڊ فورسز جو ڪردار لازمي جُز آهي. هو اڱاري ڏينهن راولپنڊي پوليس لائين ۾ راولپنڊي، اٽڪ، چڪوال ۽ جهلم جي پوليس آفيسرن ۽ جوانن جي درٻار کي خطاب ۽ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. ان موقعي تي ڪمشنر راولپنڊي ڪئپٽن (ر) زاهد سعيد، آر پي او وصال فخر سلطان راجا، ڊي سي او ساجد ظفر ڊال سميت ٻيا لاڳاپيل اعليٰ عملدار موجود هئا. وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان پوليس لائين پهتو ته سينيئر ۽ ڊويزنل عملدارن سندس گرمجوشيءَ سان آجيان ڪئي، جنهن بعد پوليس جي هڪ چست جٿي کيس سلامي ڏني. گهرو وزير پوليس لائين ۾ قائم شهيدن جي يادگار تي حاضري ڏني ۽ گُلن جي چادر چاڙهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان الطاف حسين جي تقرير بابت سوال جي جواب ۾ چيو ته حڪومت کي الطاف حسين يا ايم ڪيو ايم کان ڪا عداوت ناهي. الطاف حسين جو مسئلو نه ته سياسي آهي ۽ نه ئي امن امان جو مسئلو آهي، ان جو مسئلو عدالتي آهي ۽ اها عدالت پاڪستاني اندر نه بلڪ برطانيه جي اندر آهي، برطانيه جو پنهنجو عدالتي نظام آهي، ان ڳالهه کي سمجهڻ جي ضرورت آهي، عمران فاروق جو قتل برطانيه ۾ ٿيو ۽ مني لانڊرنگ ڪيس ۽ دشمن ملڪ ڀارت کان فنڊنگ وارو معاملو به برطانيه ۾ اُٿاريو ويو آهي. انهن معاملن تي پاڪستان کي ڳڻتي آهي، پاڪستان مني لانڊرنگ ۽ ڀارت کان فنڊنگ جي شاهدين جي حوالي سان برطانيه سان سهڪار جي ڳالهه ڪئي آهي، ان حوالي سان اڳوڻي حڪومت ڪيترن ئي سالن کان برطانيه سان ڪنهن به قسم جو تعاون ناهي ڪيو. موجوده حڪومت جڏهن کان چونڊجي آئي آهي تڏهن کان وٺي هيستائين انهن معاملن تي ڀرپور تعاون ٿيو آهي ۽ اسان کي ڪنهن جي سرٽيفڪيٽ جي ضرورت ناهي. اسڪاٽ لينڊ يارڊ، ميٽرو پوليٽن پوليس دستاويز عام ڪيو آهي جنهن ۾ پاڪستان جي سهڪار جو ذڪر آهي، گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ سان تعلق رکندڙ شخص اها دعويٰ ڪئي هئي ته انهن اسڪاٽ لينڊ يارڊ کي اهڙيون شاهديون ڏنيون آهن جو هو حيران ۽ پريشان ٿي ويا آهن، منهنجو کانئن اهو سوال آهي ته پي ٽي آءِ جو سربراهه به بنڊل کڻي برطانيه ويو هو پر ڪجهه به نه ٿيو ڇا ان شخص وٽ پنهنجي پارٽيءَ جي سربراهه کان به وڌيڪ شاهديون آهن. برطانيه ۾ جاچ هيٺ ڪيسن جي حوالي سان بين الاقوامي طور لازمي قرار ڏنل اصولن مطابق پاڪستان اڳتي به تعاون جاري رکندو. هن چيو ته الطاف حسين پهرين به تڪراري تقريرون ڪيون، پاڪ فوج ۽ ادارن تي تنقيد ڪئي پر سندس ڪجهه تازين تقريرن کي سامهون رکندي پاڪستان حڪومت برطانيه کي هڪ قانوني مسودو اُماڻيندي جنهن لاءِ پاڪستان ۽ برطانيه جي قانونن جو جائزو ۽ مشاورت وارو عمل جاري آهي، ڪجهه ڏينهن ۾ مسودو تيار ڪري برطانيه اُماڻيو ويندو، جنهن ۾ قانونن جي ڀڃڪڙي تي ڪارروائي جي سفارش ڪئي ويندي ۽ مسودو برطانيه اُماڻڻ کان پهرين ان جي اهم ڳالهين بابت ميڊيا کي آگاهه ڪنداسين. پاڪستان چاهي ٿو ته عمران فاروق جو قتل جنهن به ڪيو آهي هن کي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. هن چيو ته اسيمبليءَ جي اجلاس کانپوءِ آئون هلي شاهه محمود قريشيءَ وٽ ويس ۽ ان سان گڏ عارف علوي ۽ هڪ ٻيو اسيمبلي ميمبر بيٺل هو کين مون اهوئي چيو ته الطاف حسين جي خلاف ڪيس برطانيه ۾ هلي رهيو آهي ان کي عدالتي ڪيس ئي رهڻ ڏنو وڃي، سياسي نه بڻايو وڃي. سياسي عنصر سان ان ڪيس کي نقصان پهچڻ جو خدشو آهي، اُميد آهي ته هو اسان جي ڳالهه کي سمجهي ويا هوندا ۽ جيڪا ڳالهه ڪئي آهي ان جي پاسداري ڪندا. هن سنڌ حڪومت جي ايف آءِ اي مداخلت تي ناراضگي بابت سوال تي چيو ته گهرو وزارت جو سنڌ حڪومت سان سٺو ورڪنگ رليشن آهي، ڪجهه معاملن تي اختلاف ٿيندا آهن پر اختلاف ختم به ٿي ويندا آهن، ايف آءِ اي وارو معاملو به هينڊل ٿي ويو آهي. چائينا ڪٽنگ وارا معاملا اربين رپين جا آهن، چائينا ڪٽنگ جون فائلون جيڪي ڪليئر ٿي ويون آهن اهي سنڌ حڪومت کي واپس ڪيون ويون آهن ۽ باقي فائلون ايف آءِ اي وٽ آهن، پوليس ڪارڪردگيءَ بابت گهرو وزير چيو ته جهڙيءَ ريت لانگ مارچ ۾ پوليس آئين ۽ قانون جي پاسداري ڪئي آهي ان جو مثال نٿو ملي، حالانڪ اڳوڻي دؤر ۾ لانگ مارچ ۾ ڪيترن ئي آفيسرن ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو. هن چيو ته دهشتگرديءَ خلاف جنگ هٿن يا هٿيارن سان گڏ فنڊن سان وڙهي ويندي آهي. گهرو وزارت جي ذيلي ادارن کي اربين رپين جي ضرورت آهي پر ڪروڙن جي بجيٽ ملي رهي آهي. جوائنٽ انٽيلجينس ڊائريڪٽوريٽ، ملٽري آپريشن جي ذريعي ڪليئر ٿيندڙ علائقن ۾ ايف سي ۽ ٻين سول آرمڊ فورسز کي آڻڻ لاءِ به ڪافي فنڊ گهربل آهن، اسان کي جيڪي فنڊ ملي رهيا آهن انهن کان وڌيڪ ڪم ڪري رهيا آهيون. ان کان اڳ پوليس درٻار کي خطاب ڪندي گهرو وزير چيو ته 2 سالن کان گهرو وزير آهيان ۽ بطور گهرو وزير پهريون ڀيرو راولپنڊي آيو آهيان، پوليس ڀلي ڪي پي ڪي جي هجي، بلوچستان يا سنڌ جي هجي ان ۾ ڪوبه فرق ناهي، پوليس جيڪو ڪم ڪري رهي آهي اهو تمام وڏو ڪم آهي ۽ اهو الميو آهي ته اها قوم سٺن ڪمن کي جلد وِساري ڇڏيندي آهي ۽ ٿوري غلطيءَ کي سالن تائين ياد رکندي آهي، ان روايت کي هاڻي وِسارڻو پوندو ۽ سٺو ڪم ڪندڙن جي همت افزائي ضروري آهي. دهشتگرديءَ خلاف جنگ اڃا مڪمل ناهي ٿي اها فيصلائتي موڙ تي آهي ۽ ان ۾ پوليس جو تمام اهم ڪردار آهي.

 

2010 واري مها ٻوڏ کانپوءِ سنڌ جي حفاظتي بندن کي پنهنجي وسيلن تحت 6 فوٽ مٿي ڪيو آهي: وڏو وزير

گهوٽڪي(رپورٽر) ان کان اڳ وزيراعلى سنڌ سيد قائم علي شاهه آجياڻيو خطاب ڪندي چيو ته اسين وزيراعظم ميان نواز شريف جا ٿورائتا آهيون ته هُو ٻوڏ جي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪهي آيو آهي. هن چيو ته 2010 واري مها ٻوڏ کانپوءِ سنڌ جي حفاظتي بندن کي پنهنجي وسيلن تحت 6 فوٽ مٿي ڪيو ويو آهي ته جيئن ٻوڏ کي روڪي سگهجي ان موقعي تي هُن وزيراعظم کي چيو ته فيڊرل فلڊ ڪميشن تحت سنڌ جي بندن جو مرمتي ڪم ڪرايو وڃي ته جيئن ٻوڏ کان هميشه لاءِ بچي سگهجي. ان موقعي تي اطلاعات ۽ آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير نثار احمد کهڙي وزيراعظم کي چيو ته درياءَ جي ٻنهي طرفن کان حفاظتي بندن کي حفاظتي اپائن تحت اسٽون پچنگ ڪرائي هميشه لاءِ سيلاب کي روڪيو وڃي ته جيئن ماڻهن جي زندگين ۽ سندن ملڪيتن کي بچائي سگهجي. ان کان اڳ سيڪريٽري آبپاشي سيد ظهير حيدر شاهه ۽ ڪمشنر سکر محمد عباس بلوچ وزيراعظم کي حفاظتي بندن جي ڪم ۽ ٻوڏ متاثرن کي سهولتون فراهم ڪرڻ متعلق تفصيلي بريفنگ ڏني. بعد ۾ وزيراعظم پاران ٻوڏ متاثرن ۾ امدادي سامان وراهيو ويو.

 

وزيراعظم کان مطالبو ڪيو آهي ته درياءَ جي ٻنهي طرفن کان بندن کي مضبوط ڪيو وڃي: نثار احمد کهڙو

گهوٽڪي (ڊ ر) آبپاشي ۽ اطلاعات جي سينيئر صوبائي وزير چيو آهي ته وزيراعظم ميان محمد نواز شريف کان مطالبو ڪيو آهي ته درياءَ جي ٻنهي طرفن کان بندن جي مضبوطي لاءِ اسٽون پچنگ ڪرائي وڃي جڏهن ته وزيراعظم پاران اتفاق ڪيو ويو آهي ته سيلاب کي روڪڻ لاءِ مستقل بنيادن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هُن قادرپور شينڪ بند جي دوري بعد گهوٽڪي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي هُن چيو ته وزيراعظم وڏا ڊيم ٺاهڻ جي ڪا بهڳالهه ناهي ڪئي . هڪ سوال جي جواب ۾ هُن چيو ته الطاف حسين جو يو.اين فورسز وارو مطالبو پاڪستان ۽ سنڌ جي وحدت تي وار آهي، پاڪستان جي سلامتي تي ڪنهن کي به سوديبازي نه ڪرڻ ڏينداسون. هُن چيو ته ڪا سياسي پارٽي لنڊن ۾ فيصلا ڪري يا سنڌ ۾ ان تي ڪنهن کي به اعتراض نه ڪرڻ گهرجي جڏهن پارٽي جو فيصلو هوندو ته سنڌ ۾ تبديلي اچي ويندي.

 

رينجرز سنڌ جو الطاف حسين جو ٽيليفونڪ خطاب روڪڻ لاءِ پي ٽي اي سان رابطو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان رينجرز سنڌ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ الطاف حسين جي ٽيليفونڪ خطاب روڪڻ لاءِ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي سان رابطو ڪيو آهي رينجرز ذريعن مطابق رينجرز پي تي اي کي لکت ۾ درخواست ڪئي آهي ته موبائيل فون ڪمپنيز لينڊ لائين ڪمپني ۽ انٽرنيٽ ڪمپني کي پابند ڪيو وڃي ته اهي الطاف حسين کي ڪال ڪرڻ جي سهولت نه ڏين درخواست ۾ چيو ويو ته الطاف حسين را کان مدد گهري ۽ پاڪ فوج خلاف گٿي زبان استعمال ڪئي ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي گاريون ڏنيون آهن تنهنڪري الطاف حسين جي خطاب تي پابندي عائد ڪئي وڃي.

 

پ پ ۽ نواز ليگ هڪ ٻئي جو احتساب ناهن ڪنديون، رڳو چهرا مٽبا آهن: سراج الحق

لاهور(بيورو) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته جماعت اسلامي ملڪ ۾ اسلامي حڪومت ٺاهڻ لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، جنهن ۾ انصاف سڀني لاءِ برابر هجي. لاهور جي منصوره ۾ جماعت اسلامي جي تربيتي ويهڪ کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته اسلامي حڪومت جو مطلب اهو آهي ته انصاف سڀني لاءِ هڪ جهڙو هجي ۽ غريبن جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪيو وڃي. هن چيو ته اوڀر پاڪستان ٺاهڻ ۾ ڀارت ۽ آمريڪا جو ڪردار هو، سندس چوڻ هو ته پيپلز پارٽي جي حڪومتهجي ته نواز ليگ جو ڪڏهن به احتساب نه ڪيو ويو ۽ وري نواز ليگ جو دور هجي ته پيپلز پارٽي کان حساب ڪتاب ناهي ورتو ويندو، رڳو چهرا مٽبا آهن، ڪردار اهي ئي ساڳيا هوندا آهن، جماعت اسلامي جي امير چيو ته اسان اسٽيٽس ڪو خلاف عظيم جدوجهد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اسٽيسٽس ڪو کي سهارو ڏيندڙن خلاف نڪرڻو پوندو، سراج الحق جو چوڻ هو ته افغانستان ۽ پاڪستان پاڻ  ۾ ڀائر آهن.

 

حڪومت اڄ استعيفائون قبول ڪري، سڀاڻي چونڊ مهم هلائينداسين: عمران خان

اسلام آباد(بيورو) تحريڪ انصاف جي چئيرمين عمران خان  چيو آهي ته اسان اسيمبلي ۾ خيرات ۾ مليل سيٽن تي نٿا ويهڻ چاهيون، ان لاءِ اسان جون استعيفائون منظور ڪيون وڃن. جيڪڏهن حڪومت اڄ استيعفائون منظور ڪيون ته سڀاڻي کان چونڊ مهم هلائينداسين. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي تحريڪ انصاف جي چئيرمين عمران خان چيو ته سينئير قيادت جي اجلاس ۾ انٽرا پارٽي اليڪشن ڪرائڻ جو فيصلو ٿيو آهي، جڏهن ته پارٽي جو نئون آئين ٺهي رهيو آهي ۽ پهرينمرحلي ۾ رڪنيت سازي مهم شروع ڪئي ويندي. هن چيو ته مڪاني چونڊن کان  ترت پوءِ پارٽي جون چونڊون ٿينديون، جڏهن ته تسنيم نوراني پارٽي اليڪشن ڪميشن جو سربراهه هوندو.عمران خان  جو چوڻ هو ته (ن) ليگ ٻٽي پاليسي اختيار ڪري رهي آهي، اهو ڪئين ٿو ٿي سگهي ته فضل الرحمان نٿو مڃي،ان کي مڃائڻ ته هڪ وزارت جي مار آهي ۽ ايم ڪيو ايم تي “را” جا الزام لڳل آهن. سندس چوڻ هو ته تحريڪ انصاف جي ميمبرن کي اسيمبلي ۾ وڃڻ جي ضرورت ناهي، اسان ڪنهن به خيرات ۾ مليل سيٽن تي ويهڻ به نٿا چاهيون. جڏهن ته حڪومت کي چئيلنج ٿو ڪيان ته اسان کي ڊي سيٽ ڪري چونڊون ڪرايون وڃن، اسان پهرين کان وڌيڪ مضبوط ٿي اڀرنداسين ۽ چونڊن ۾ چونڊ مهم مان پاڻ هلائيندس.تحريڪ انصاف جي چئيرمين جو چوڻ هو ته پارٽي ۾ هرڪو عهدو چاهي ٿو، ان ڪري ئي قبضا گروپ جو گوڙ ڪيو ويندو آهي، جڏهن ته پارٽي ۾ ڪو به قبضا گروپ ناهي ۽ پارٽي جوآئين مون کي پنهنجي ٽيم چونڊڻ جو حق ڏئي ٿو. هن چيو ته ميڊيا ۾ پارٽي پاليسي تي تنقيد ڪندڙ ميمبرن جي رڪنيت فوري طور تي ختم ڪئي ويندي، جڏهن ته پي ٽي آئي جمهوري پارٽي آهي ۽ ميمبرن کي پارٽي پليٽ فارم تي راءِ ڏيڻ جي آزادي آهي.

 

نيب جون سکر،لاڙڪاڻي۽ ڇاڇري ۾ ڪارووائي،هڪ ٺيڪيدار سميت پراونيشنل هاءِ وي ايڪسئن گرفتار

ڪراچي (نمائندن وٽان) سکر ۾ نيب جي ٽيم ڪرپشن جي الزام هيٺ پراونيشنل هاءِ وي جي ايڪسئن کي گرفتار ڪري ورتو ۽ ڇاڇري ۾ ٽائون آفيس جو رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، جڏهن ته لاڙڪاڻي مان هڪ پرائيوٽ ٺيڪيدار کي به گرفتار ڪري ورتو آهي. سکر ۾ نيب جي ٽيم هاءِ ڪورٽ ۾ پيشي تي آيل پراوينشنل هاءِ وي جي ايڪسيئن عبدالنعيم سومري کي گرفتار ڪري ورتو. گرفتار ايڪسيئن جي وڪيل ڪلپنا ديوي جو چوڻ هو ته عبدالنعيم سومرو عدالت ۾ پيشي تي آيل هو، ان باوجود کيس عدالت ٻاهران گرفتار ڪيو ويو جيڪا درخواست گذار سان نا انصافي آهي. ڇاڇري ۾ نيب جي ٽيم ٽائون ڪميٽي جي آفيس تي ڇاپو هنيو. جنهن دوران ٽائون آفيسر ۽ اڪائونٽنٽ موجود نه هئا، جڏهن ته ڊيوٽي تي موجود ننڍا ملازم نيب ٽيم کي ڏسي کسڪي ويا. ٽائون ڪميٽي ڇاڇري ۾ بدعنوانين جي شڪايتن تي ڪراچي کان آيل نيب جي ٽيم ڇاپو هنيو، جنهن دوران ٽائون آفيسر ۽ اڪائونٽنٽ موجود نه هئا. نيب ٽيم جي پهچڻ تي ٽائون ڪميٽي جي ملازمن ۾ ٿرٿلو مچي ويو،ٽيم کي ڏسي ننڍا ملازم به کسڪي ويا. نيب جي ٽيم ڇاڇري جي ٽائون ڪميٽي آفيس ۾ رڪارڊ جي ڇنڊڇاڻ بعد ان کي تحويل ۾ ورتو. هوڏانهن نيب جي ٽيم ڪرپشن جي الزام هيٺ  لاڙڪاڻي جي شيخ زيد ڪالوني مان پرائيوٽ ٺيڪيدار رياض عباسي کي گرفتار ڪري ورتو آهي.