تازيون خبرون

Daily Archives: August 2, 2015

 ٻوڏ ۽ سنڌ؛الطاف پيرزادو

سنڌ ۾ خاص ڪري سنڌ جي ڪچي ۾ هڪ چوڻي عامُ طور مشهور آهي ته”ٻڏيءَ جا ٻيڻا“ يعني جڏهن ڪجهه ٻڏندو ۽ ٻوڏ کانپوءِ جيڪو فصل ٿيندو تنهن جي اُپت عامُ فصل جي ڀيٽ ۾ ٻيڻي ٿيندي پر گذريل ڪجهه سالن کان سنڌ سان ”ڏُڪي توءِ ڏڪارَ توڙي وسن مينهڙا“ واري ڪار ٿي رهي آهي. ڪچي جا اُهي واسي جيڪي ٻوڏ اچڻ تي خوشين جو اظهار ڪندا ۽ ديگيون لاهيئندا هئا، تن لاءِ هاڻي ٻوڏ ”خوف“ جي علامت بڻجي وئي آهي. بلڪه ائين چوڻ غلط نه ٿيندو ته ڪچي واسين لاءِ ٻوڏ ”خوف“ جي علامتي بڻائي وئي آهي.2010ع واري تباهه ڪُنُ ٻوڏِ کانسواءِ سنڌ ۾ لاڳيتو، غير يقينيءَ واري صورتحال آهي. 2010ع ۾ اڳ ڪٿيون اِهي هيون ته سنڌوءَ ۾ وڌ ۾ وڌ مٿين ٻوڏ ايندي ۽ انگن اکرن کي لڪائڻ جو نتيجو اهو نڪتو جو مها ٻوڏ اچي سنڌ ۾ ڪڙڪي، جنهن جي دٻاءَ سبب سنڌ-پنجاب دنگ واري ضلعي ڪشمور-ڪنڌڪوٽ ۾ غوثپور کان اتر طرف دراني مهر پوليس اسٽيشن وٽ سنڌوءَ جي پاڻيءَ بند تان اٿلڻ شروع ڪيو ۽ ڏسندي ئي ڏسندي توڙي بند کي پهريون روڻِ ۽ پوءِ گهارو پيو، جنهن جيڪا سنڌوءَ ۾ تباهي آندي تنهن جو مثال ملڻ مشڪل آهي. هن ٻوڏ لکين سنڌ واسين کي دربدر ڪيو، ڳوٺن جا ڳوٺ تباهه ۽ شهر غرق ٿيا، جيڪي شهر بچيا تن کي بچائڻ لاءِ اهڙا طريقا استعمال ڪيا و يا جو جيڪي شهر ٻوڏ جي لپيٽ ۾ نه هئا، سي به آيا. ان ٻوڏ کانپوءِ سمجھيو ٿي ويو ته هڪ نئين سنڌ جنم وٺندي، ملڪي ۽ صوبائي وسيلن کان علاوه عالمي امداد کي نظر ۾ رکندي سمجھيو ٿي ويو ته سنڌ جي انفراسٽرڪچر جي نئين سِرِ تعمير ٿيندي، نوان روڊ رستا ۽ شاهراهون نه رڳو تعمير ٿينديون پر انهن جو اهڙو معياري ڪم ٿيندو جيڪو صدين تائين سنڌ واسين کي ياد رهندو پر ڳالهه ”ساڳيا لاٽون ساڳيا چُگهه “ واري رهي جيڪي فنڊ جيڪي امداد آئي سا ”عنود جي کَڏَ“ حوالي ٿي وئي.سو چوڻ جو مطلب ته ان وقت جيڪي وسيلا ميسر ٿيا هئا، سي درست استعمال ٿين ها ته سنڌ ٻوڏ جي تباهيءَ کانپوءِ واقعي به پيرس بڻجي ها ۽ ائين کنڊر بڻيل نه هجي ها، جيئن اڄ آهي. چوندا آهن ته پنهنجي وڍيءَ جو ويجُ نه طبيب، سو سنڌ واسين سان به اُها پَرِ ٿي آهي، جن کي چونڊي اقتداري ايوانن تائين پئي موڪليندا رهيا آهن، تن جي ترجيح سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي نه پر پنهنجي، پنهنجي ذات ۽ ڪٽنب، ڪهولَ توڙي يارن دوستن جي ترقي پئي رهي آهي، نتيجي طور سياسي شعور ۾ سنڌ ملڪ اندر مٿڀري هوندي به سنڌ ترقيءَ جي حوالي سان، تعليم جي حوالي سان، صحت جي سهولتن توڙي پيئڻ جي مٺي پاڻيءَ جي فراهميءَ جي حوالي سان ملڪ جي باقي حصن جي ڀيٽ ۾ پسمانده آهي، پٺتي پيل آهي.سنڌ ۾ جيئن باقي کاتا ڪمائيءَ جو ذريعو  بڻيل آهن، تيئن ٻوڏ کي به ڪمائيءَ جو ذريعو بڻايو ويو آهي. ٻوڏ جي اڳڪٿي داروغن کان و يندي انجنيئرن تائين آبپاشي کاتي لاءِ ڄڻ ته عيد جي خوشي هجي ٿي. ٻوڏ ڀلي ڪيتري به هجي پر بندن جي چوڪسي، روڻيون بند ڪرڻ، درياءَ جي پائيندڙ روڪڻ، امڪاني تباهيءَ سان نبرڻ لاءِ لاڳاپيل ضلعن ۾ اڳوات ئي تيارين جي سلسلي ۾ ڪروڙين رپيا پهچن ٿا، جيڪي ڪنهن نه ڪنهن مَدَ ۾ خرچ ٿي ويندا آهن ۽ ڪڏهن به واپس ناهن ٿيندا، اضافي وسيلن کي ڇڏي ڪري جيڪڏهن هر سال صوبائي بجيٽ ۾ بندن جي مصبوطيءَ لاءِ جيڪا رقم رکي وڃي ٿي، سا جيڪڏهن بروقت جاري ٿئي۽ درست نموني خرچ به ٿئي ته ٿي ئي نه ٿو سگهي ته ٻوڏ سنڌ واسين لاءِ خوف جي علامت بڻيل هجي.هيل به هي سٽون لکڻ تائين سنڌوءَ ۾ مٿين درجي جي ٻوڏ هئي، جڏهن ته سکر ۾ وچولي درجي جي ٻوڏ هئي، اصل ۾ ٽي لک ڪيوسڪ پاڻي هيٺين درجي جي ٻوڏ ليکجي ٿي، ٽن لکن کان پنجن لکن تائين وچولي، پنجن لکن کان ستن لکن تائين،  مٿين درجي جي ٻوڏ ستن لکن کان نَوَ لک ڪيوسڪس تائين انتهائي مٿين درجي ۽ نَوَ لک ڪيوسڪس کان مٿي جي پاڻي ٿئي ٿو ته اها ”مها ٻوڏ“ سڏائي ٿي، سو 2010ع ۾ سنڌ ۾ مها ٻوڏ آئي هئي۽ هينئر اڃا فقط گڊوءَ وٽ مٿين درجي جي ٻوڏ آهي. آبپاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته سنڌوءَ ۾ 12 لک ڪيوسڪس پاڻي گڊو ۽ سکر بئراجن مان گذرڻ جي گنجائش آهي، جي انهيءَڳالهه تي يقين به ڪري وٺجي ته پوءِ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته 2010ع ۾ ايڏي تباهي ڇو آئي، جڏهن چيو ٿي ويو ته سنڌوءَ ۾ پاڻي 12 لک ڪيوسڪس آهي. ان وقت يا ته پاڻي 12 لک ڪيوسڪس کان وڌيڪ هيو، جيڪو ٻڌايو گهٽ ويو، جيڪو ٽوڙي بند ٽٽڻ ۽ سنڌ جي تباهيءَ جو ڪارڻ بڻيو، يا وري آبپاشي عملدارن جي اها دعويٰ درست ناهي ته سنڌوءَ ۾ گڊو ۽ سکر بئراجن مان 12 لک پاڻي گذرڻ جي گنجاش آهي.هيل به ٻوڏ ۽ چوماسي جا مينهن ائين اچي گڏيا آهن، جيئن 2010ع ۾ اچي گڏيا هئا، پنجاب ۾ ، پنجاب جي ڪوهه سليمان واري جابلو سلسلي ۾ هيل پڻ مينهن پئجي رهيا آهن، جڏهن ته سنڌ پڻ برساتن جي لپيٽ ۾ آهي، نتيجي ۾ ٻوڏ بابت جيڪe به ڪاٿا ۽ اندازا لڳايا، ٻڌايا ۽ ڏنا وڃن ٿا، سي غلط به ثابت ٿي سگهن ٿا.  2010ع وانگر ڪنهن خوشقسمتي ۽ وهم گمان ۾ رهڻ بجاءِ ضرورت انهيءَ ڳالهه جي آهي ته هڪ ته پنجاب کان جيڪو پاڻي اچي پيو يا سنڌ ڏانهن ڇڏيو پيو وڃي تنهن جا درست انگ اکر حاصل ڪجن، جيئن ڪو اُبهام نه رهي.ڇو ته جڏهن پاڻيءَ جي اصل صورتحال سامهون هوندي ته ان کي منهن ڏيڻ لاءِ انتظام به گهربل سطح جائي ٿيندا، پر جي درست انگ اکر معلوم نه هوندا ته پوءِ ائين ٿيندو، جيئن 2010ع ۾ ٿيو.آبپاشي هڪ نازڪ وزارت آهي ۽ اهو قلمدان هاڻي جڏهن سنڌ جي سينيئر وزير نثار احمد کهڙو حوالي ٿيو آهي ته اميد ڪري سگهجي ٿي ته هو ان سان نڀاءُ ڪندو، ڇو جوماضيءَ ۾ يا ائين کڻي چئجي ته ويجھي ماضيءَ ۾ جيڪي آبپاشي وزير رهيا آهن، تن جي ايجنڊا بندن، ڪئنالن، واهن۽ بئراجن جي مضبوطيءَ لاءَ فنڊ جاري ڪرائڻ لاءِڪوششون وٺڻ ته رهي آهي پر فنڊ جاري ٿيڻ کانپوءِ انهن جو درست استعمال ڪنهن به طور سندن ايجنڊا ناهي رهيو. هاڻي جيئن هيءَوزارت هڪ اهڙي سياستڪار حوالي ٿي آهي جيڪو نه رڳو تجربيڪار آهي پر سٺي ساک به رکي ٿو تنهن ڪري نثار احمد کهڙي تي وڌيڪ ذميواري اچي ٿي ته هو ائين ئي ڪميٽمينٽ سان گڊوءَ کان سمنڊ تائين سنڌوءَ جي ٻنهي ڪنارن وارن بندن جي مضبوطيءَ لاءِ رات ڏينهن هڪ ڪري جيئن هن 2010ع ۾ پنهنجي اباڻي ڳوٺ عاقل  کي درياءَ جي پائيندڙ کان رات ڏينهن هڪ ڪري بچايو هو.ڏٺو وڃي ته انگريزن جو ڏنل سنڌ جو آبپاشي نظام ننڍي کنڊ بلڪه دنيا جو بهترين آبپاشي نظام ليکيو وڃي ٿو، جنهن جو بنيادُ انهن وڌو جيڪي ڌرتي ڌڻي نه هئا پر انهيءَ نظامَ جون واڳون جڏهن ڌرتي ڌڻين حوالي ٿيون ته هنن انگريزن کي به مات ڏني، اڃا بهترين نظامَ جا بنياد وجھڻ بدران ان کي ”پاڻَ ٺاهڻ“ جو سامان بڻايو. سو سنڌ سرڪار خاص ڪري آبپاشيءَ واري وزير کي واقعي به پنهنجو ٿي هن نظام جي بهتري ۽ مضبوطيءَ لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي.

هيلوڪي مند ۾ جيڪڏهن واقعي به مها ٻوڏ جو ڪو امڪان آهي ته اڳواٽ ئي ڪچي مان ماڻهن کي پڪي تي منتقل ڪرڻ جو بندوبست ڪيو وڃي، نه رڳو کين پڪي تي منتقل ڪيو وڃي پر سندن کاڌ خوراڪ کان ويندي رهائش ۽ طبي امداد تائين جو به عملي بندوبست ڪيو وڃي جيڪو ڪاغذن تائين محدود نه هجي پر عملي طور سرزمين تي نظر به اچي.