تازيون خبرون

Daily Archives: August 2, 2015

پرڻيل زندگي جا مزا ئي پنهنجا آهن، ان ڪري فلحال ٻيو ڪجهه به ڪرڻ لاءِ دل نه ٿي چوي: راني مکرجي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا راني مکرجيءَ چيو آهي ته هو هن وقت پنهنجي شادي شده زندگي مان ڀرپور نموني لطف ماڻي رهي آهي ۽ کيس فلحال ٻيو ڪو به ڪم ناهي، ڀارتي ميگزين کي انٽرويو ڏيندي سندس چوڻ هو ته پرڻيل زندگي جا مزا ئي پنهنجا آهن، ان ڪري فلحال ٻيو ڪجهه به ڪرڻ لاءِ دل نه ٿي چوي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مسقبل ۾ هدايتڪاري يا فلمسازي جو موقعو مليو ته اهو موقعو بلڪل به نه وڃائينديس، يش راج فلم پروڊڪشن جي مالڪ اديتا چوپڙا جي زال راني مکرجي چيو ته سندس مڙس تمام محنتي ماڻهو آهي ۽ مان هن کان گهڻو ڪجهه سکان پئي، هن چيو ته ايندڙ پنجن سالن ۾ پنهنجي آس پاس ننڍڙا ٻار ڏسڻ جي خواهشمند آهيان. راني پنهنجي انٽرويو ۾ شاهه رخ خان، عامر خان ۽ مڙس اديتا چوپڙا کي بهترين شخصيتون ۽ دوست قرار ڏيندي چيو انهن ماڻهن جي ڪري بالي ووڊ ۾ پنهنجو ڪيريئر ٺاهڻ ۾ ڪامياب وئي آهيان. هن چيو ته 1998ع ۾ شاهه رخ ۽ عامر خان مڪيش ڀٽ ۽ وڪرم ڀٽ کي ”غلام“ فلم لاءِ مون لاءِ چيو هو. جنهن تي سندن ٿورائتي آهيان.ڪرن جوهر کي ياد ڪندي سندس چوڻ هو ته ”ڪڇ ڪڇ هوتا هي“ ۾ ادا ڪيل رول اڄ ڪلهه جون اداڪارائون نه ٿيون ڪن، پر مان پنهنجي 20 سالن جي عمر ۾ به اهڙا ڪردار ڪري ڏيکاريا ۽ انڊسٽري ۾ پاڻ مڃرايو.

 

ٽي وي ۽ اسٽيج جو مشهور ڪاميڊين فريد خان ڊگھو وقت بيمار رهڻ کان پوءِ وفات ڪري ويو

ڪراچي (شوبز نيوز) ٽي وي ۽ اسٽيج جو مشهور ڪاميڊين فريد خان ڊگھو وقت بيمار رهڻ کان پوءِ ڪالهه ڪراچيءَ ۾ فوت ٿي ويو. خانداني ذريعن موجب فريد خان گذريل 6 سالن کان نڙيءَ جي ڪينسر ۾ ورتل هو، ان سلسلي ۾ سندس 5 آپريشن به ٿي چڪا هئا، جڏهن ته ڪجھه وقت هو دل ۽ گردن جي عارضي ۾ پڻ ورتل رهيو. 40 سالن تائين ٽي وي ۽ اسٽيج تي ٻين جي چهرن تي مسڪراهٽون آڻيندڙ فريد خان پنهنجي فن جي ڪري سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو. سندس مشهوريءَ جو سبب ٽي ويءَ جا مزاحيه خاڪا ”ففٽي ففٽي“ هئا. خانداني ذريعن موجب مرحوم سوڳوارن ۾ 4 ٻار هڪ گھرواري، ٻه ننهنرون ۽ 3 پوٽا ڇڏيا آهن. فريد خان جي جنازي نماز ڪالهه شامل ڪراچيءَ ۾ سندس گھر گلستان جوهر ۾ ادا ڪئي وئي

 

سونم ”خوبصورت“ جي شوٽنگ کي پنهنجي زندگيءَ جو سڀ کان دلچسپ لمحو قرار ڏئي ڇڏيو

ممبئي (شوبز نيوز) پاڪستان جي باصلاحيت اداڪار فواد خان جي سفر جي پروگرام ٽريڪ رکڻ هڪ ڏکيو ڪم آهي ۽ اهو ڪم صرف سندس اهي چاهيندڙ ئي ڪري سگهن ٿا جيڪي کيس دل ۽ جان سان چاهيندا آهن. پر فواد بابت اهي خبرون ضرور آهن ته ايندڙ هفتي نيويارڪ ۾ هڪ پروڊڪٽ جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت کان پوءِ هو پنهنجي بالي وود دوست سونم ڪپور سان ميلبورن ۾ انڊين فلم فيسٽيول جي لاءِ روانو ٿي ويندو. فواد ۽ سونم بالي ووڊ فلم ”خوبصورت“ ۾ ڪم دوران هڪ ٻئي جا دوست بڻيا هئا، جڏهن ته تازو ئي سونم ”خوبصورت“ جي شوٽنگ کي پنهنجي زندگيءَ جو سڀ کان دلچسپ لمحو قرار ڏنو. جڏهن سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي سونم کان هڪ چاهيندڙ سندس زندگيءَ جي دلچسپ لمحن بابت پڇيو ته هن جواب ڏنو ته ”خوبصورت جي شوٽنگ وارا لمحا“ 14 کان 27 آگسٽ تي رٿيل انڊين فلم فيسٽيول دوران فواد ۽ سونم فلم ”خوبصورت“ جي اسڪريننگ ۾ شرڪت ڪندا

 

بالي ووڊ اسٽار سلمان خان هڪ ڀيرو ٻيهر پاڻ تي تنقيد ڪندڙن جا وات بند ڪري ڇڏيا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اسٽار سلمان خان هڪ ڀيرو ٻيهر پاڻ تي تنقيد ڪندڙن جا وات بند ڪري ڇڏيا آهن. ذريعن موجب سلمان خان ۽ ڪرينا ڪپور خان جي نئين رليز ٿيل فلم ”بجرنگي ڀائي جان“ غير معمولي مشهوري ماڻيندڙ سڀ رڪارد ٽوڙي ڇڏيا آهن. رپورٽن موجب گذريل ٻن هفتن دوران پرڏيهي باڪس آفيس تي ”بجرنگي ڀائي جان“ 127 ڪروڙ ۽ ڀارت ۾ 368 ڪروڙن جو ناڻو ڪمائي سڀ اڳيان پويان رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن. اميد ڪئي پئي وڃي ته آگسٽ جي شروعاتي هفتي تائين بجرنگي ڀائي جان 500 ڪروڙ رپين جو ناڻو ڪمائي پنهنجي رڪارڊ ڪمائيءَ جو سفر جاري رکندي.جڏهن ته نواز الدين صديقي به سلمان خان جو مداح آهي ۽ هن فلم ۾ سلمان سان ڪم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي معاوضي کان تمام گھت ورتو ۽ هو ڪنهن فلم ۾ ڪم جو معاوضو 5 کان ٽي ڪروڙ وٺندو آهي پر، پر پنهنجي اسٽار سلمان سان ڪم لاءِ هن صرف 75 لک رپيا معاوضو ورتو

 

پاڪ-ڀارت سيريز کي سياست جي ور نه چاڙهيو وڃي: وسيم اڪرم

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان وسيم اڪرم ساروو ڪنگوليءَ جي بيان تي سخت مايوسيءَ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪ-ڀارت سيريز کي سياست جي ور نه چاڙهيو وڃي. نيشنل اسٽيڊيم ڪراچيءَ ۾ اڀرندر فاسٽ بالرن جي ڪيمپ جي شروعات تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي فاسٽ بالر وسيم اڪرم چيو ته ساروو گنگوليءَ پاڪ-ڀارت سيريز خلاف بيان جو منطق پنهنجي جڳهه تي ان جي سمجھه کان پري آهي ته ايشز سيريز کان وڌيڪ اهم پاڪ-ڀارت سيريز سياست جي نذر ڇو ٿي رهي آهي. وسيم اڪرم جو اهو به چوڻ هو ته سريلنڪا خلاف سيريز ۾ ڪاميابيءَ سان ملڪي ڪرڪيٽ ٽيم جي اعتماد ۾ واڌ ٿيندي. وڪيٽ ڪيپر سرفراز احمد کي ڪنهن به فارميٽ مان ڊراپ ڪرڻ ٺيڪ ناهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وسيم اڪرم جو چوڻ هو ته هو اڀرندڙ فاسٽ بالرن جي ڪيمپ ۾ بنيادي شيون نوجوان بالرن کي سيکاريندو. نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊميءَ جي ڪوچ محمد اڪرم ڪيمپ کي اهم قرار ڏنو. ڪيمپ جي پهرين ڏينهن 16 مان 6 بالرن شرڪت ڪئي جن کي وسيم اڪرم فاسٽ بالنگ جي بنيادي شين کان آگاهه ڪيو. پي سي بي ترجمان موجب ٻين شهرن جا بالر به جلد ڪئمپ جوائن ڪند

 

ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ۽ اسپورٽس ٽي وي چينل ٽين اسپورٽس وچ ۾ مامرا طئه ٿيڻ جا اطلاع

نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ۽ اسپورٽس ٽي وي چينل ٽين اسپورٽس وچ ۾ مامرا طئه ٿيڻ جا اطلاع سامهون آيا آهن ۽ ان معاهدي جو سڀ کان وڌيڪ فائدو پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي ٿيندو. واضح رهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ٽين اسپورٽس سان نشرياتي حقن جو معاهدو ڪيو آهي پر ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ تي اهو واضح ڪيو هو ته هو ٽين اسپورٽس سان معاهدي ختم ڪري ٻي صورت ۾ هو پاڪستان سان نه کيڏندو. ان اعتراض جو سبب اهو هو ته ٽين اسپورٽس ايسل گروپ جو حصو آهي. ان گيروپ ماضيءَ ۾ آءِ سي ايل جي نالي سان ليگ شروع ڪئي هئي جنهن ۾ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ۽ آءِ سي سيءَ جي منظوري شامل نه هئي. ايسل گروپ تازو ئي ٻيون ڀيرو ان قسم جي ليگ ٻيهر شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو جيڪو ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ لاءِ قابل قبول نه هئي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين شهريار خان ڪجھه ڏينهن اڳ ايسل گروپ جي سربراهه سڀاش چندرا سان لنڊن ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪ ڀارت سيريز جي نشرياتي حق ٽين اسپورٽس کي ڏيڻ تي بي سي سي آءِ اعتراضن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي. ان تي سڀاش چندرا شهريار خان کي ٻڌايو هو ته ان جو بي سي سي آءِ سان معاهدو طئه ٿي ويو آهي ۽ جلد ئي ان تي صحيحون ٿي وينديون. شهريار خان چيو ته جيڪڏهن بي سي سي آءِ ۽ ٽين اسپورٽس ڪنهن معاهدي تي پهتا ته پاڪ ڀارت ڪرڪيٽ سيريز جي راهه ۾ اهم رڪاوٽ دور ٿي ويندي

 

دنيا کي ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته پاڪستان هڪ محفوظ ملڪ آهي: باڪسر عامر خان

لاهور (اسپورٽس نيوز) عالمي مشهوري ماڻيندڙ پاڪستان ڄائي برطانوي باڪسر عامر خان جو چوڻ آهي ته هو دنيا کي ٻڌائڻ ٿو چاهي ته پاڪستان هڪ محفوظ ملڪ آهي. هو جڏهن به فائيٽ ڪندو آهي ته پاڪستان جو پرچم مٿانهون ڪرڻ لاءِ ڪندو آهي. پاڪستان ۾ تمام گھڻو ٽيلينٽ آهي جنهن کي نکارڻ چاهيان ٿو. پاڪستان ڄائي برطانوي باڪس عامر خان والد، ڀائرن ۽ ٻين گھر وارن سان گڏ لاهور ۾ حضرت داتا گنج بخش جي مزار تي حاضري ڀري، حاضريءَ دوران هن مزار تي گلن جي چادر چاڙهي نفل پڻ پڙهيا. ان کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي عامر خان جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ باڪنسگ بابت تمام گھڻو ٽيلينٽ آهي، جنهن کي نکارڻ چاهيان ٿو، هن چيو ته پاڪستان ۾ سدائين عزت ملي، هن چيو ته ايندڙ سال دنيا جا سڀ کان وڏا مقابلا وڙهي کٽڻ به چاهيان ٿو

 

ڀارتي ٽينس ۽ شعيب ملڪ جي گهر واري ثانيا مرزا راجيو گانڌي رتنا راند ايوارڊ لاءِ چونڊجي وئي

نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) ڀارتي ٽينس ۽ پاڪستاني ناليواري ڪرڪيٽر شعيب ملڪ جي گهر واري ثانيا مرزا کي راجيو گانڌي رتنا راند ايوارڊ لاءِ چونڊيو ويو آهي. ڀارتي ميڊيائي رپورٽن موجب گذريل مهيني ومبلڊن اوپن ٽينس ۾ بهترين ڪارڪردگي تي ڀارتي راند واري وزارت راجيو گانڌي رتنا راند ايوارڊ لاءِ ثانيا مرزا جو نالو چونڊ ڪميٽي کي موڪليو ويو هو، جنهن ثانيا مرزا جي نالي جي چونڊ راجيو گانڌي رتنا ايوارڊ لاءِ ڪيو. جڏهن ته ان کان اڳ ڀارتي ٽينس ايسوسئيشن ثانيا مرزا جو نالو ان ايوارڊ حاصل ڪرڻ لاءِ چونڊيو هو، پر ايسوسئيشن پاران ثانيا مرزا جو نالو جمع ڪرائڻ ۾ دير ڪئي وئي هئي، جنهن جي ڪري راند واري وزارت خاص اختيار استعمال ڪندي ثانيا مرزا جو نالو راجيو گانڌي رتنا راند ايوارڊ لاءِ چونڊ ڪميٽي کي موڪليو. ٻئي پاسي راجيو گانڌي رتنا راند ايوارڊ لاءِ ڀارتي هاڪي ٽيم جي ڪپتان سردار سنگهه، اسڪوائش جي رانديگر دپيڪا پاليڪل سوڌو ٻيا به شامل آهن، پر اميد اها ڏيکاري پئي وڃي ته ايوارڊ ثانيا مرزا جي نانءُ ٿيندو، جڏهن ته کيس ڀارت جي آزادي واري ڏهاڙي تي ايوارڊ ڏنو ويندو

 

برسات جي اڳڪٿي ۽ مها ٻوڏ جو خطرو

 

گڊو وٽ انتهائي مٿين درجي جي سکر وٽ وڏي، ڪوٽڙي وٽ ننڍي ٻوڏ برقرار، گڊو سکر وٽ پاڻي ۾ تيزي سان اضافو، سکر وٽ 51 هزار ڪيوسڪ پاڻي ۾ واڌ اچڻ سان مٿاهون وهڪرو 6 لک ڪيوسڪ تي پهچي ويو، تونسان، چاچڙان، ڪوهه سليمان، پجند جا وهڪرا تيزي سان گڊو ڏانهنوڌڻ لڳا، گڊو وٽ اڄ 8 لک ڪيوسڪ پاڻي ٿيندو، آبپاشي عملدارن جي مٿي تي هٿ، موسميات کاتي، فلڊ فور ڪاسٽ وڌيڪ بارشن ۽ هڪ هفتي تائين سکر گڊو وٽ انتهائي ٻوڏ جي اڳڪتي ڪري ڇڏي، گڊو کان سکر، لاڙڪاڻو تائين بندن تي دٻاءُ وڌي ويو، بارشن جي ٻيهر سلسلي سبب اڃا وڌيڪ پاڻي اچڻ جو امڪان، 9 لک ڪيوسڪ پاڻي اچڻ جي صورت ۾ مها ٻوڏ جو خطرو، اسڪردو تي ٽيمچريچر وڌي ويو، خبر موجب گڊو وٽ انتهائي وڏي درجي جي ٻوڏ، سکر وٽ وڏي ٻوڏ ۽ ڪوٽڙي بئراج وٽ ننڍي ٻوڏ واري صورتحال برقرار آهي، جڏهن ته گڊو وٽ پاڻي جي سطح ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي، جتي 24 ڪلاڪن دوران 14 هزار ڪيوسڪ وهڪرن ۾ واڌ اچڻ سان مٿاهون وهڪرو 7 لک 26 هزار 400 ڪيوسڪ تي پهچي ويو آهي، چاچڙان گيج، پنجند، تونسان، ڪوهه سليمان جا وهڪرا تيزي سان گڊو ڏانهن وڌڻ لڳا، اڄ آچر ڏينهن گڊو وٽ پاڻي جي سطح 8 لک ڪيوسڪ تي پهچي ويندي، پاڻي ۾ اچانڪ واڌارو اچڻ انتهائي وڏي ٻوڏ اچڻ تي آبپاشي عملدارن جي مٿي تي هٿ اچي ويا آهن، ٻئي طرف فلڊ فور ڪاسٽ، موسميات کاتي وڌيڪ بارشن جي اڳڪتي ڪري ڇڏي، ان ڏس ۾ ڊي جي ميٽ غلام رسول جو چوڻ آهي ته پنجاب جي مٿاهين علائقن خيبر پختونخواهه، ڪوهه سليمان تي بارشون پئجي رهيون آهن، جيڪو پاڻي پڻ سنڌو ۾ داخل ٿيندو، ان کان علاوه ڪابل ندي جو پاڻي نوشهره وٽان سنڌ ۾ داخل ٿيندو، پاڪستان فلڊ فور ڪاسٽ پاران ڪابل ندي ۾ هڪ لک 49 هزار وهڪرا رڪارڊ ڪيا ويا، جيڪي 24 ڪلاڪن ۾ هڪ لک 80 هزار ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي، جنهن کانپوءِ ڪابل ندي ۾ سپر فلڊ هوندي، آچر تي گڊو وٽ 8 لک ڪيوسڪ ٻن ڏينهن بعد سکر وٽ ساڍا 7 لک ڪيوسڪ پهچندو، جڏهن ته سکر بئراج وٽ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 51 هزار ڪيوسڪ پاڻي ۾ واڌ اچڻ کان پوءِ سکر بئراج جو مٿاهون وهڪرو 6 لک 4 سئو ڪيوسڪ تي پهچي ويو آهي،  جڏهن ته سکر جي کاٻي پاسي دروازي نمبر 60 کان 66 تائين پاڻي ٽڪ ٻڌي بيهي رهيو ۽ ابتو وهڻ شروع ٿي ويو آهي، جڏهن ته 24 دروازا ڊائون اسٽريم طرف وهي رهيا آهن 7 10 دروازا اڃا تائين بند پيل آهن، هي رڳو سنڌو درياءَ جو پنهنجو پاڻي آهي، ٻئي طرف آبپاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته پنجاب جا ڊيم ڀريا پيا آهن، تربيلا ڊيم ۾ پاڻي ڀرڻ جي گنجائش 6 فوٽ وڃي رهي آهي، پاڻي جي سطح .1544 فوٽن تي پهچي وئي آهي، منگلا ڊيم ۾ 5 فوٽ پاڻي ڀرڻ جي گنجائش بچي ڊيم ۾ پاڻي جي سطح 1236.35 فوٽن تي پهچي وئي آهي، سکر بئراج جي ڪنٽرول روم جي انچارج عبدالعزيز سومرو ٻڌايو ته سکر ۽ گڊو وٽ 16 آگسٽ تائين وڏي ٻوڏ رهڻ جي امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي، ڇو ته سنڌو درياءَ جي اپر ڪيچمنٽ، لوئر ڪيچمنٽ، رنگ اسٽيشن  تي ٻيهر بارشون هلندڙ آهن ۽ پنجاب جي دريائن جو پاڻي سنڌ ڏانهن ايندڙ انتهائي وڏي ٻوڏ ۾ شامل ناهي، ٻئي طرف گذريل 24 ڪلاڪن دوران چاچڙان گيج وٽ 1 فوٽ 4 انچ پاڻي ۾ اضافو ٿيو آهي، جتي پڻ پاڻي ۾ لاڳيتو واڌارو اچي رهيو آهي، ٻئي طرف اسڪردو جو ٽيمپريچر 31 سينٽي گريٽ تي پهچڻ کانپوءِ امڪان ڏيکاريو پيو وڃي ته برف پگهرڻ سان وڌيڪ پاڻي اچي سگهي ٿو، جنهن سان ٽئي پاڻي جي نئين صورتحال پيدا ٿيڻ جا امڪان آهن، سکر ۽ گڊو وٽ پاڻي جي وهڪرن ۾ تيز سان واڌ اچڻ کانپوءِ سکر گڊو ۽ لاڙڪاڻي جي بندن، شينڪ بند، قادراپور لوپ بند، ٽوڙي بند، اولڊ ٽوڙي بند، بيگاري بند، عليواهڻ بند، عاقل آگاڻي بند، غوثپور لوپ بند، سنڌ بيگاري بند، گڊو بچاءُ بند، راونتي بند، بچل شاهه بند، باگڙجي بند، گهوڙا گهٽ بند ۽ گڊو جي ساڄي اپر سکر بئراج جي کاٻي پاسي پاڻي جو دٻاءُ وڌي ويو آهي، پاڻي ۾ واڌ کانپوءِ سکر ۽ گڊو وارو ڪچو تيزي سان خالي ٿيڻ لڳو، ڪچي ۾ رهندڙ پنهنجي مدد پاڻ تحت لڏ پلاڻ ڪري پڪي جي بندن تي بي يارو مددگار ويٺل آهن، گڊو بئراج جو مٿاهون وهڪرو 7 لک 26 هزار 469 ڪيوسڪ، هيٺاهون وهڪرو 7 لک 19 هزار 172 ڪيوسڪ، سکر بئراج جو مٿاهون وهڪرو 6 لک 4 سئو ڪيوسڪ تي پهچي ويو آهي، جڏهن ته هيٺاهون وهڪرو 5 لک 81 هزار ڪيوسڪ ٿي ويو آهي، ڪوٽڙي بئراج  وٽ مٿاهين وهڪري ۾ 5 هزار ڪيوسڪ واڌ اچڻ سان مٿاهون وهڪرو 2 لک 23 هزار 710 ڪيوسڪ، هيٺاهون وهڪرو 2 لک 16 هزار 6 سئو ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي، ٻئي طرف امڪان ڏيکاريو پيو وڃي ته هلندڙ برساتن سبب پاڻي جا وهڪرا 9 لک ڪيوسڪ تي پهچڻ جي صورت ۾ مها ٻوڏ کي رد نٿو ڪري سگهجي، چشما وٽ مٿاهون وهڪرو 5 لک 7 هزار ڪيوسڪ، تونسا بئراج جو مٿاهون وهڪرو 5 لک 26 هزار 287 ڪيوسڪ، هيٺاهون وهڪرو پڻ ساڳيو آهي، ٽمونهن جو مٿاهون وهڪرو 1 لک 43 هزار 3398 ڪيوسڪ، هيٺاهون وهڪرو 1 لک 32 هزار 262 ڪيوسڪ، پنجند مٿاهون وهڪرو 1 لک 29 هزار 399 ڪيوسڪ، هيٺاهون وهڪرو 1 لک 29 هزار 399 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي، آبپاشي  ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ٽيون پاڻي آيو تيستائين گهڻو پاڻي نڪري چڪو هوندو، صرف ان وقت گڊو سکر وٽ 4 لک ڪيوسڪ پاڻي موجود هوندو، جيڪڏهن ڪوهه سليمان جو وڌيڪ ٻيو پاڻي آيو ته سپر فلڊ اچي سگهي ٿي، چشما بئراج تي برساتي نالا وهي اچڻ سبب اتي پاڻي 5 لک 7 هزار ڪيوسڪ تي پهچڻ سبب اتي پڻ وڏي ٻوڏ اچي وئي آهي.

 

چرسين جا مسئلا؛عطاالحق قاسمي

اڄ صبح کان هڪ چرسي مون وٽ اچي ويهي رهيو هو ۽ ضد تي هو ته چرسين کي پيش ايندڙ گهرن ۽ وسيع مسئلن تي مان ڪالم لکان ۽ حڪومت جو انهن مسئلن ڏانهن ڌيان ڏياريان.سندس چوڻ هو ته “ توهان لوڊشيڊنگ تي ڪالم لکو ٿا، ٿاڻن ۽ ڪچهرين تي ڪالم لکو ٿا، ناانصافين تي واويلا مچايو ٿا، امن امان جي خراب صورتحال جو روئڻو به رو ٿا، پر مهانگائي ڏانهن ڪڏهن توهان جو ڌيان ئي ناهي ويو.“ مون ڇرڪ ڀريندي چيو: اهو تون ڇاٿو چوين. اخبارون روزانو مهانگائي جي خبرن ۽ ڪالمن سان ڀريون پيون آهن!هن چيو:توهان جنهن مهانگائي جو پٽڪو ڪيو ٿا اها مون کي به خبر آهي، توهان ڪڏهن اهو سوچيو ته چرس ڪيترو مهانگو ٿي ويو آهي. توهان ڪڏهن ان مهانگائي جي خلاف آواز اٿاريو آهي؟پر توهان کي ان سان ڇا؟ اهو ته اسان غريبن جو مسئلو آهي!”هن“غريب جي دانهن ٻڌي منهنجي دل واقعي ٻڏي وئي. مون چيو“ اهو ته تون ٺيڪ ٿو چوين پر ان جو حل ڪهڙو آهي؟“هن چيو: حل اهو ئي اهي ته حڪومت چرس تان پابندي ختم ڪري ۽ عوام کي سستن اگهن ۾ چرس وڪرو ڪرڻ لاءِ هر يوٽيلٽي اسٽور تي چرس رکيو وڃي ۽ جئين صوبائي ۽ مرڪزي حڪومت مهانگائي کي منهن ڏيندڙ عوام لاءِ جهڙي ريت انڪم سپورٽ پروگرام شروع ڪيو آهي اهڙي ريت چرسين لاءِ به انڪم سپورٽ پروگرام شروع ڪري کين 1000 رپيا مهيني تي ڏنا وڃن.

مون هن سان وعدو ڪيو ته مان پنهنجي ڪالم ۾ اها صلاح حڪومت اڳيان رکندس. هن چيو: رڳو اهو ئي نه حڪومت جو ڌيان پوليس جي ٻن منهن ڏانهن به  ڏياريو وڃي” مون جواب ڏنو مانس اهو ته ڪم اسان ڪندا رهندا آهيون. هن ڪاوڙ ۾ مون ڏانهن نهاريو ۽ چيو ته: مان ان سلسلي ۾ تنهنجي اهميتن کان ڄاڻو آهيان. توکي ته پوليس جون ذيادتيون رڳوان وقت ياد اينديون آهن، جڏهن هو ڪنهن تي ناجائز ڪيس داخل ڪندي آهي، يا رشوت وٺندي آهي، يا ڪنهن عورت جو ريپ ڪندا آهن پر ان وقت توهان جي وات ۾ منڱ پئجي ويندا آهن، جڏهن پوليس اسان بي زبانن کي تنگ ڪندي آهي.“مون کي هن بي زبان جي زبان درازي ۾ مزو پئي آيو، ان ڪري مون پڇيو: پوليس توهان سان ڪهڙي ذيادتي ڪندي آهي؟“ هن گلو گير لهجي ۾ چيو“ اسان جهڙا ماڻهو ڪنهن ڪنڊ ۾ چرس جا سوٽا ويٺا هڻندا آهن. پوليس اتي پهچي ويندي آهي ۽ ٿاڻي وٺي وڃي لتر پسائي هڻندي آهي.ڪيترا ئي ڀيرا ته هرڳوڀرو وٺي ويندي آهي ۽ چوندي آهي ته اسان نوان لتر ورتا آهن،

انهن  جي “رننگ” پوري ڪرڻي آهي”. مون ڏاڍي مشڪل سان پنهنجي کل روڪي ۽ پڇيو“ انکانسواءِ پوليس ڇا ڪندي آهي؟“چوڻ لڳو: پڇندي آهي ته چرس توهان ڪٿان ورتو؟ اسان ڊپ ۾ ٻڌائي ڇڏيندا آهيون ته فلاڻي هنڌان ورتو آهي. ان تي هو هڪ ڀيرو وري اسان کي لتر هڻندا آهن، ۽ چوندا آهن ته اسان کان ڇو نه ورتو.”چرسي گهڻي دير مون وٽ ويٺو رهيو، پنهنجي دل جون ڳالهيون اوريندو رهيو. سندس چوڻ هو ته هو امن پسند ۽ مذهبي ماڻهو آهن. پنهنجي طبقي جي امن پسندي جي حوالي سان هن اهو دليل ڏنو ته اڄ تائين ڪو به چرسي دهشتگردي جي واردات ۾ ملوث نه مليو هوندو ۽ “مذهب” سان لاڳاپو“سندس چواڻي ته“ ان جو ثبوت اهو آهي ته هو هر جمعي جي ڏينهن بزرگن جي مزارن تي حاضري ڀريندا آهن ۽ اتي ڪنهن ڪنڊ ۾ ويهي پنهنجي امن پسندي واري جذبن کي هٿي ڏيڻ لاءِ چرس پئيندا آهن. هن ٻڌايو ته لاهور ۾ هو هر خميس تي بابا شاهه ڪمال رح جي مزار تي حاضري ڏيندو هو پر پوليس اتان ماري ڀڄائي ڇڏيو.

پوليس جا اهي اهلڪار پڪ سان بي دين آهن. انهن کان پڇا ڳاڇا ٿيڻ گهرجي.سندس مطابق انهن ڏينهن ۾ هو بابا شاهه ڪمال رح جي آستاني تي حاضري ٿيندا آهن پر انهن کي شڪ هوندو آهي ته پوليس اتي اچي ويندي. مون ائين پنهنجي ڄاڻ ۾ واڌ لاءِ هن کان پڇيو ته هن وقت چرس جو ڇا ريٽ آهي؟“هن ٻڌايو ته 25 گرام 1000 يا 1200 ۾ ملي ٿو، جڏهن ته اهو ڪڏهن 100 يا 150 ۾ ملندو هو. هن کي اها به شڪايت هئي ته چرس ۾ ملاوٽ به گهڻي پئي ٿئي، ان ۾ مهندي ملائي وڃي ٿي. هن مطالبو ڪيو ته حڪومت ملاوٽ ڪندڙن جو پڇاڻو ڪري  ۽ عالمن کي گهرجي ته هو انهن ملاوٽ ڪندڙن خلاف فتويٰ جاري ڪن، ڇو ته شريعت جي حساب سان ملاوٽ ڪرڻ وڏو گناهه آهي.منهنجي خيال ۾ حڪومت کي انهن چرسين جا مطالبا ترت مڃي، انهن جي مسئلن ڏانهن ڌيان ڏيڻ گهرجي. حڪومت جيڪڏهن سڪون سان حڪومت ڪرڻ چاهي ٿي ۽ ان جي خواهش آهي ته انهن جي ڪنهن به قدم خلاف عوام احتجاج نه ڪري ته ان لاءِ اهو ضروري آهي ته هو نه رڳو اهو ته“ حاضر سروس” چرسين کي وڌ کان وڌ سهولتون ڏئي پر ٻين ماڻهن کي به چرس تي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري، رڳو اهو ئي نه پر افين ۽ هروئين استعمال ڪندڙن جي به پوري طرح سرپرستي ڪري  ۽ انهن نشن جو گهڻي کان گهڻو وڪرو به حڪومت لاءِ ضروري آهي ته جئين اعليٰ ڪارڪردگي ڏانهن عوام جو ڌيان نه وڃي سگهي.

ان حوالي سان هڪ تمام بهترين ۽ ڪارائتو مشورو منهنجي ذهن ۾ آيو آهي،جيڪڏهن ملڪ جي ڪجهه ناليوارن ڪالم نگارن، اينڪرپرسنز، رپورٽرز ۽ دانشورن کي به چرس تي لڳايو وڃي ته عوام ۾ بي سڪوني پکيڙيندڙ طبقو پاڻ مرادو چين جي ننڊ سمهندو ۽ عوام جي ننڊ ۾ به خلل نه وجهندو. حڪومت منهنجي هن نسخي تي عمل ڪري ڏسي، ان جا بهترين نتيجا ٿوري وقت ۾ اڳيان اچي ويندا. مان اها ڳالهه پوري يقين سان چئي ٿو سگهان ته ان نسخي تي عمل ڪرڻ کانپوءِ جڏهن اهي ٻئي طبقا ڪڏهن آمهون سامهون به ايندا ته هڪٻئي جي ڪالر پڪڙڻ بدارن مستي واري ڪيفيت ۾ رڳو“ جهولي لال. جو نعرو هڻندا. باقي ٻيا سمورا نعرا ۽ وعدا وساري ويهندا.