تازيون خبرون

Daily Archives: August 1, 2015

وڇڙيو آهين وسريو ناهين!!!،بي باڪ صحافي قابل ڏاهري؛تحرير: اسد ڏاهري

سٻاجهڙي سنڌ تي انسان اچن ٿا ۽ هليا وڃن ٿا ۽ هرڪو پنهنجو دور وڄائي وڃي ٿو پر ڪي ڪي انسان پنهنجي پويان يادون ۽ نه مٽجندڙ عڪس ڇڏي ويندا آهن جيڪي هميشه جي لاءِ ڌرتي جي رهواسين جي دلين ۾ چٽجي وڃن ٿا ۽ اهڙا پيارا ماڻهو مٺڙي سنڌ جي سونهن هوندا آهن قوم اهڙن نالن کي فخر سان کڻندي آهي اهڙوئي هڪ املهه انسان سنڌ جو نوجوان اديب ممتاز صحافي ۾محمد قابل ڏاهري پنهنجو مٽ پاڻ هو جنهنجي اڄ پهرين آگسٽ 2015ع تي 23 هين ورسي ملهائي رهيا آهيون.

قابل ڏاهري سڄي زندگي علمي، ادبي ۽ صحافتي خدمت ڪندي گذاري ۽ زندگيءَ جو گهڻو عرصو حيدرآباد ۾ رهي ڪري پنهنجي تاريخ جوڙيائين. قابل ڏاهري 25 جنوري 1954ع جي شام مغرب مهل برسات جي رم جهم واري موسم ۾ شاهپور چاڪر جي ڀرسان ڳوٺ عمر ڏاهري ۾ عبدالواحد ڏاهري جي ڪکائين گهر ۾ اک کولي سندس شهيد ڏاڏي جو مٿس نالو رکيو ويو، تنهن ڪري سڀئي عزيز سندس ارڏائيون پيا کڻندا هئا، قابل ڏاهري ۾ ننڍي هوندي کان ئي ڳوٺ جي ٻين ٻارن کان نرالي طبيعت جو ٻار هو منجهس دليري، بي خوفي، جفا ڪشي، سهپ ۽ ماڻهن سان پيار ۽ محبت جون بي پناهه خوبيون هيون، ابتدائي تعليم پرائمري کان مئٽرڪ تائين شاهپور چاڪر مان حاصل ڪئي ان کانپوءِ انٽرميديئٽ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سانگهڙ مان ڪئي ڪاليج ۾ هو شاگرد سنگت يونين جي سرگرمي ۾ ڀرپور نموني حصو وٺي شاگردن جا مسئلا حل ڪرائيندو هو، قابل ڏاهري تقريري مقابلن ۾ حصو وٺي لطيف ايوارڊ، اقبال ايوارڊ، سورهيه بادشاهه ايوارڊ ۽ ڪافي ڪتاب ۽ ڊائريون بطور انعام حاصل ڪيا. هن ننڍي هوندي کان ئي ادب ۽ صحافت طرف لاڙو کيو بزم گلشن ادب سنڌ جي پليٽ فارم تان شاهپور چاڪر ۾ ادبي سرگرميون تيز ڪيون ۽ مختلف ميڙاڪا ڪرايا سندس ننڍي هوندي وارا ادبي کيتر وارا دوست اڄ وڏا اديب آهن هو هڪ اصول پرست صحافي هو جنهن هميشه سچ لکيو ۽ ٻين کي پڻ سچ لکڻ لاءِ چوندو رهيو.

قابل ڏاهري شاگرديءَ واري زماني ۾ ڏاڍ ۽ ناانصافين جي خلاف اخبارن ۾ سچ لکيو ان ۾ ايتري بردباري هوندي هئي ظالم سان اکيون اکين ۾ ملائي ڳالهائيندو هو ۽ ظالم خلاف مظبوط دليلن سان اخباري جنگ ڪندو هو جنهن ڪري هن مرد مجاهد کي تر جي هڪ وڏيري خاموش ڪرائڻ خاطر مسڪين جي گهر پوليس جا ڇاپا ۽ گرفتاري ۽ پوءِ کيس سينٽرل جيل ڪراچي ۾ رکڻ، ان مظلوم سان ڇا وهيو ۽ واپريو هوندو اهو سندس ڊائرين ۽ دوستن وٽ رڪارڊ موجود آهي ڪورٽ سڳوري جي چڪرن کان پوءِ باعزت بري ٿيڻ ۽ صحافت جي ميدان ۾ پنهنجي قلمي ڏانءَ سان هر مظلوم جي سڏ ۾ سڏ ڏئي هر ظالم سان قلمي جهاد ڪندو رهيو انهيءَ ڪري تر جا مظلوم هن بي باڪ صحافي کي پنهنجو ڏڍ سمجهندا رهندا هئي ڇاڪاڻ ته هو هڪ پرعزم انسان هو.

اسان وقت پنهنجو گذاري وينداسين

حياتي جي ڪشتي اُڪاري وينداسين

سڄي ڳالهه قسمت سندي آ انعام

ڪنهن کي خوش ڪري ڪنهن کي روئاڙي وينداسين.

قابل ڏاهري جيل جي آزاديءَ کانپوءِ حيدرآباد مان باقاعده صحافت جي شروعات ڪئي صبح جو سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ويندو هو ۽ شام جو پريس تي بطور سب ايڊيٽر ڪم ڪندو هو ان دوران هن اخبار مان مختلف پيج جن ۾ شاگردن جو صفحو، ساهٿ سٿ، نئين ٽهي ۽ مهراڻ رنگ پڻ ڪڍيا جنهن ۾ ڪيترن ئي نوجوانن جي همت افزائي ڪئي ان دوران هن ايم اي صحافت ۽ ايم اي آنرس سوشالاجي فرسٽ ڪلاس سيڪنڊ پوزيشن ۾ حاصل ڪئي ان دوران هن حر تحريڪ جو سماجي جائزو تحقيقي مقالو پڻ لکيو جيڪو حر جماعت جي لاءِ هڪ انمول تحفو آهي ان اهڙا مضمون، مقالا، ترجما ۽ اخبار جا ايڊيٽوريل لکيا جن کي شوق ۽ غور سا ن پڙهيو ويندو هو ۽ ڪيترن جا مسئلا حل ڪرايا هن صحافتي پورهيو جاري رکندي حيدرآباد مان 1990ع دوران هفتيوار سنيهو پڻ جاري ڪيو جنهن جو سنڌ يڪجهتي نمبر صحافت جو روشن مثال آهي صحافت جي دنيا ۾ هو بلڪل بي بار هيو بليڪ ميلرن سان سدائين جوان مردي سان جنگ جوٽيندو رهيو کيس مظلومن سان وڏي همدردي هوندي هئي سندس تڪيه ڪلام هوندو هو ته وڏيرو جيڪڏهن پنهنجي پٽ کي ڪهندو ته ان ۾ به سندس مفاد ضرور هوندو سنڌي صحافت ۾ هن بي باڪ صحافي اڻ مٽ نقش ڇڏيا آهن هن بنا ڪنهن لالچ ۽ لوڀ جي سنڌ جي عوام ۽ صحافت ۾ خدمت ڪندي زندگي گذاري ان صحافت جي دنيا ۾ غريب ۽ مظلومن جي لاءِ يادگار ڪم ڪيا ۽ پنهنجي قلم جي ذريعي بي وس ۽ بي پهچ ماڻهن جو آواز حڪومت تائين پهچايو.

قابل ڏاهريءَ لاءِ سنڌ جا صحافي اها راءِ ٿا رکن ته هو هڪ سڄاڻ صحافي هو جهڙو نالو قابل ڏاهري هيس اهڙوئي قابليت وارو انسان هو. نيڪ نيتي ۽ بردباري سندس رڳ رڳ ۾ سمايل هئي سنڌ اندر آفيسر شاهي ۽ وڏيري شاهي تحت مظلوم ماڻهن سان جيڪو ظلم ۽ ڏاڍ ٿيندو هو هي مرد مجاهد انهن خلاف سينو ساهي مقابلو ڪيو ۽ تر جي ڪيترن ئي غريب هارين کي حق ڏياريو ۽ ناحق باندين کي زنجيرن جي هٿ ڪڙين مان نجات ڏياري شاباس ان پرعزم انسان کي هجي جنهن غربت ۽ غريبن خاطر مصيبتون صبر ۽ شڪر سان برداشت ڪيون پر ڪڏهن به پنهنجي بي باڪي، عزم ۽ حوصلي ۾ فرق نه آندو قابل ڏاهري چاپلوسي ۽ خوشاهمندي کان پري ڀڄي وڃڻ کي ترجيع ڏيندو هو اڪثر چوندو هو ته ڪردار ئي هر ڪنهن جي سڃاڻپ آهي ماڻهو ته هن جهان مان مري ويندو پر سندس ڪارنامه نه مرندا آهن چڱي ڳالهه ۽ تحرير ڪڏهن ناهي مرڻي.. هو اڻ مئي محبت پيدا ڪري ويو آهي قابل ڏاهري ڪنهن به مڪتبه ۽ فڪر جي ماڻهن جي ڪچهري ۾ ويهندو هو ته پنهنجو مٽ ماڻ هوندو هو هو سنڌي، فارسي ۽ اردو جي قادر ڪلام شاعرن جا بهترين شعر پنهنجي زبان تي جاري رکي محفل جو مور بڻجندو هو مجال آهي جو ڪچهري وارن کي هو مطئمن نه ڪري يا ان جي راءِ کي اهميت نه ملي بقول غلام نبي مهيسر.

اهي ميلا اهي ماڻهو موچارا ڪو نه ٿا ڏسجن

هئا جي ڪالهه گڏ اڄ سي پيارا ڪونه ٿا ڏسجن.

قابل ڏاهري جي بي باڪي ڪيترن ئي نوجوانن کي بي باڪ بنايو جڏهن ڪو دوست يا عزيز ساڻس ملاقات ڪندو هو ته سڀ کان پهري اهو پڇندا هئا ته اڄڪلهه ڇا پڙهي رهيا آهيو هن پنهنجي ادبي، صحافتي ۽ اسلاحي صلاحيتن کي جاري رکندي ڪيترن ئي نوجوانن کي سنڌ يونيورسٽي مان پي ايڇ ڊي ڪرائي جيڪي هن وقت سنڌ جي وڏن اسڪالرن ۾ شمار ٿين ٿا، قابل ڏاهري کي جيڪا پگهار ملندي هئي ان مان اڌ جا ڪتاب، رسالا ۽ اخبارون خريد ڪري ڇڏيندو هو چوندو هو ته اسانجو ڪو سرمايو آهي ڇا؟ ادا اسانجو وڏي ۾ وڏو سرمايو بس ڪتاب ۽ دوست آهن ان پنهنجي ذاتي لائبريري مان سنڌ جي علمي، ادبي ۽ صحافتي دوستن کي فائدو ڏنو حيدرآباد ۾ العمران هوٽل تي سندس روم ۾ چئني پاسن کان ڪتاب، اخبارون ۽ رسالا هوندا هئا ۽ جڏهن ڊيوٽي تي ويندو هو ته هن جي هٿن ۾ خاڪي لفافو جنهن ۾ ناياب لکڻيون ضرور هونديون هيون ۽ سندس مهمان نوازي وسيع هوندي هئي.

قابل ڏاهري زندگي جي جدوجهدن ۽ تڪليفن کي منهن ڏئي مس وڃي سک جو ساهه کنيو مٿان وري کيس گڙدن جي شديد تڪليف ٿي ۽ هو هڪ مهينو ڪراچي جي ڊاڪٽرن وٽ زير علاج رهڻ کانپوءِ 30 جولاءِ تي ڪراچي کان ڊاڪٽرن، صحافين ۽ سياسي دوستن کان موڪلائي وسندڙ بوندا بانديءَ ۾ پنهنجي اباڻن ڪکن ۾ پهتو ٻئي ڏهاڙي مٽ مائٽ ۽ ننڍي هوندي جا دوست ساٿي سندس طبيعت پڇڻ لاءِ اچي رهيا هئا پهرين آگسٽ 1992ع جي مغرب مهل برسات جي رم جهم هن فاني جهان تان الله تبارڪ وتعاليٰ جي سڏ کي لبيڪ چئي اسان کان هميشه جي لاءِ جدا ٿي ويو الله تبارڪ وتعاليٰ قابل ڏاهري جي آخري آرام گاهه تي رحمت جا مينهن وسائي (آمين).

اڪثر ماڻهو چوندا آهن ته ڪنهن جي وڃڻ سان دنيا ۾ ڪا گهٽتائي ڪونه ايندي آهي پر حقيقت اها آهي ته هر شخص جي دنيا الڳ هوندي آهي انهن ماڻهن کان پڇو جيڪي قابل ڏاهري جي سنگت ۾ رهيا ته سندس وڇوڙي کان پوءِ سندن زندگيءَ ۾ ڪيتري نه کوٽ پيدا ٿي وئي آهي جنهن جو پورائو ٿيڻ مشڪل آهي قابل ڏاهري منهنجي لاءِ ڇپر ۽ ڇانو هو جيسيتائين حياتي آهي هو هر موقعي تي ياد ايندو.

مرڻا اڳئي جي مئا سي مري ٿين نه مات

هوندا سي حيات جئڻان اڳئي جي جيا.(شاهه)

 

 

معصوم سنڌو جون خون به لڙهي ويو؛ڊاڪٽر رابيعه چانڊيو

ٻار ڪائنات جو حُسن هوندا آهن، جيڪي معصوميت ۽ انوکائپ سان ڀرپور هوندا آهن. بلڪل انهن رنگين پوپٽن ۽ گلڙن وانگر هجن ٿا جيڪي سموري چمن کي باغ بهار بنائن ٿا، جن جون ٻاتڙيون ٻوليون سڪون بخشن ٿيون، جيڪي دنيا جي هلچلن ۽ وحشتن کان اڻڄاڻ هجن ٿا. اهي ته بس پيار ۽ پاٻوهه جا منتظر هوندا آهن. پر اسان جي ملڪ اندر ٻارن سان اختيار ڪيل رويا نهايت ئي افسوس جوڳا آهن، اهي معصوم ٻار جن ڪڏهن دڙڪو به نه ٻڌو هوندو، سي ڪن وحشي صفت درندن جن کي انسان سڏڻ به انسانيت جي توهين ٿيندي، تن جي هٿان حوس جو نشانو بنجن ٿا. جيئن لاڙڪاڻي جي معصوم سنڌوءَ سان ٿيو، جنهن کي 27 ڊسمبر 2014 تي ڪجهه حيوانن پنهنجي حوس جو نشانو بنائڻ بعد گُهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو. اهي احساسن کان خالي جن کي حيوان سڏڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه ٿيندو تن بلڪل به اهو نه سوچيو ته اهي نه صرف سنڌوءَ جي تذليل ڪري رهيا آهن، بلڪه پوري انسانيت جي تذليل ڪري رهيا آهن، معصوميت جو قتل ڪري رهيا آهن، ڪائنات جو حسن ختم ڪري رهيا آهن. ڪنهن ماءُ جي جهولي خالي ڪري ان سان سلهاڙيل سوين اميدن جو به قتل ڪري رهيا آهن. اهي درندا ته بلڪل انهن طالبانن وانگر هجن ٿا، جيڪي پنهنجي ذاتي خواهشن جي ڪري معصوم ٻارن جو قتل ڪن ٿا، جيڪي اسان جي سماج ۾ بلڪل ڪنهن وائرس وانگر پکڙجي رهيا آهن.پر تازو ئي سنڌوءَ جي امڙ جوابدارن کي سڃاڻڻ کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو ۽ اهو به ٻڌايو پيو وڃي ته ميڙ کڻي اچڻ تي سندس امڙ جوابدارن کي خون معاف ڪري ڇڏيو آهي. ان جي پويان ڪهڙو سبب آهي؟ جيڪا ماءُ پنهنجي معصوم نياڻي کي انصاف ڏيارڻ لاءِ ڪيترن ئي مهينن تائين تڙپندي رهي، جيڪا نٽهڻ اُس ۾ ڪورٽن جا ڌڪا کائيندي رهي، جنهن ماءُ کان سندس جگر جو ٽڪرو کسيو ويو هجي، اها ايتري آسانيءَ سان پنهنجي ٻچي جو خون ڪيئن ٿي لوڙهي سگهي؟ يا سنڌوءَ جي امڙ کي جبري طور ڌمڪائي سندس ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ چيو ويو آهي؟ ڇا ميڙ کڻي اچڻ سان سنڌوءَ جي خون جو ازالو ممڪن آهي؟ سنڌوءَ جي امڙ ته هر پل نئين موت مرندي هوندي، جنهن جي ٻچي کي انصاف پلئه نه پئجي سگهيو ۽ هر حساس دل ماڻهو اهو به محسوس ڪري رهيو هوندو ته سنڌو جو روح به برابر تڙپي رهيو آهي، جنهن سان انصاف ٿي نه سگهيو.اسان جي سماج ۾ نياڻين ۽ معصوم ٻارن مٿان وڌندڙ وحشتن جو انت رڳو ان ڪري نٿو اچي جو ڏوهاري ڏوهه ڪرڻ بعد عام رواجي ڳالهيون اپنائي يا وري سندن مائٽن کي ڌمڪائي خاموش ڪرائن ٿا، ۽ اسان جون عدالتون به جوابدارن کي آزاد ڪيو ڇڏين. هر مهذب ملڪ ۾ ٻارن جي حفاظت جي لاءِ مڪمل قانون جڙيل آهن، جتي ٻارن کي دڙڪو ڏيڻ تي به سزا ۽ ڏنڊ وارو قانون جڙيل آهي ۽ اتان جا ٻار به بي خوف ۽ پُرسڪون زندگي گذاري رهيا آهن پر افسوس جو اسان جي ملڪ اندر هر روز ٻارڙا ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان وحشتن جو نشانو بنجن ٿا ۽ ڏوهاري بي ڊپا ٿي پنهنجي ڏوهن جو دائرو وڌائي رهيا آهن. ڇو ته اهي ڄاڻن ٿا ته اسان جي ملڪ ۾ غريبن لاءِ انصاف فقط هڪ خواب بڻيل آهي. اسان جا حڪمران پنهنجي عياشين ۾ مصروف ۽ عام ماڻهو اگهور ننڊ ستل آهن. جيڪڏهن اهو واقعو ڪنهن مهذب ۽ سڌريل ملڪ ۾ ٿئي ها ته پهريان ته جوابدارن کي اهڙيون سزائون ملن ها جو وري ڪو به اهڙي غلطي ٻيهر نه دهرائي ها ۽ جي جوابدار بچي وڃن ها ته اتان جا حڪمران پنهنجن عهدن تان ئي دستبردار ٿي وڃن ها،

پر افسوس جو اسان جي ملڪ ۾ معصوم ٻار به محفوظ ناهن. جهڙي طرح معصوم سنڌوءَ جو خون لوڙهيو ويو آهي، ايئن ڪرڻ سان ڪجهه ڏينهن بعد هڪ نئين سنڌو اهڙي ئي وحشت جو شڪار ٿيندي. اهڙي طرح ڏوهاري بنا ڪنهن ڊپ جي هر نئي ڏينهن نئين سنڌوءَ جي تذليل ڪندا. جيڪڏهن اهڙن ظلمن ۽ هاڃن بعد ميڙ منٿ جهڙي عام رواجي ڳالهه تي معصومن جو خون لوڙهيو ٿو وڃي ته پوءِ عدالتون ڇا لاءِ کوليون ويون آهن؟ انصاف جي ڳالهه ڇو ٿي ڪئي وڃي؟  اسان جي حڪمرانن کي ميڙ منٿ جهڙين عام رواجي ڳالهين کان مٿانهون ٿي انصاف تي مشتمل ڪي حڪمت عمليون جوڙڻ گهرجن.