تازيون خبرون

Daily Archives: July 30, 2015

جيستائين پاليسي بيان نه ٿو اچي تيستائين ڀارتي ميڊيائي خبر جي ڪا به اهميت ناهي:نجم سيٺي

لاهور (اسپورٽس نيوز) ڀارتي ميڊيا موجب بي سي سي آءِ چيو هو ته دهشتگرد حملا جاري رهڻ جي صورت ۾ پاڪ-ڀارت ڪرڪيٽ سيريز نه ٿي سگھندي، ان بيان تي تبصرو ڪندي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي گورننگ باڊيءَ جي ميمبر نجم سيٺيءَ چيو آهي ته جيستائين پاليسي بيان نه ٿو اچي تيستائين ڀارتي ميڊيائي خبر جي ڪا به اهميت ناهي، ڀارتي ميڊيا موجب بي سي سي آءِ جو چوڻ هو ته دهشتگرد حملا بيهڻ تائين پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪرڪيٽ سيريز جو سوچي به نه ٿا سگھون. پاڪستاني ۽ ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊن وچ ۾ پاڪ-ڀارت ڪرڪيٽ سيريز هلندڙ سال ڊسمبر دوران ابوظهبيءَ ۾ ٿيڻي هئي، جڏهن ته ڀارتي ميڊيا جي ان خبر تي پي سي بيءَ جي گورننگ باڊي ميمبر نجم سيٺيءَ جو چوڻ هو ته ان خبر جي ان وقت تائين ڪا به اهميت ناهي جيستائين ڀارت طرفان ڪو واضح پاليسي بيان سامهون نه ٿو اچي. اهو سڀ ڀارتي ميڊيا جو ناڪاري پروپيگنڊا آهي ان تي ڪنهن کي به ڪن ڌرڻ نه گھرجي.

 

سکر بئراج وٽ وڏي ٻوڏ جي وارننگ جاري

 

سکر بئراج وٽ وڏي ٻوڏ جو 5 لک ڪيوسڪ کان وڌيڪ وهڪرو پهچي ويو. 24 ڪلاڪن ۾ 80 هزار ڪيوسڪ جي واڌ ٿي، گڊو بئراج تي 5 لک 50 هزار 890 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ 19 هزار ڪيوسڪ لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي، ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ ڪوٽڙي بئراج تي پڻ ننڍي ٻوڏ ٿي ويندي. بندن تي دٻاءُ برقرار ۽ ڪچو پاڻي سان ڀرجي ويو. رضا ڳوٺ ۾ 2 معصوم ٻارڙا لڙهي ويا. ٻوڏ جو پاڻي ڪچي کي ٻوڙي پڪي جي 200 گھرن وٽ به پهچي ويو. پاڻي جو هڪ ٻيو وڏو وهڪرو تربيلا کان چشما بئراج پهچي ويو. چشما بئراج وٽ به وڏي ٻوڏ وارو وهڪرو وهيو. ٻوڏ جو جائزو وٺڻ لاءِ اڄ پاڻي ۽ بجلي جو مملڪتي وزير روهڙي ويجھو علي واهڻ بند تي پهچندو. رپورٽ موجب سنڌو درياءُ ۾ سنڌ جي حدن اندر گڊو بئراج بعد سکر بئراج وٽ به 5 لک 70 هزار 768 ڪيوسڪ جو وهڪرو ٿيڻ تي آبپاشي کاتي وڏي ٻوڏ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. سکر بئراج وٽ وڏي ٻوڏ ٿيڻ بعد اتان نڪرندڙ کاٻي پاسي جي 4 ڪئنالن ۾ پاڻي جو ڇوڙ مڪمل طور بند ڪري ساڄي پاسي جي کير ٿر ۽ دادو ڪئنالن ۾ ڇوڙ 75 سيڪڙو گھٽايو ويو آهي. جڏهن ته رائيس ڪئنال معمول وارن وهڪرن سان وهي رهيو آهي. جڏهن ته گڊو بئراج وٽ گذريل 24 ڪلاڪن کان پوڻا 6 لک ڪيوسڪ کان وڏيڪ پاڻي ٽڪ هڻي بيٺل آهي. اڄ ڪوٽڙي بئراج وٽ 2 لک ڪيوسڪ جو وهڪرو ٿيڻ بعد ننڍي ٻوڏ ٿي ويندي. ڪالھ رات جو بئراج ڪنٽرول روم جي ڏنل انگن اکرن موجب، گڊو بئراج وٽ مٿانهون وهڪرو 5 لک 70 هزار 768 ڪيوسڪ ۽ ھيٺانهون وهڪرو 5 لک 68 هزار 218 ڪيوسڪ تائين پهچي ويو. گڊو وٽ وڏي ٻوڏ سبب بئراج مان نڪرندڙ سڀني واهن ۾ پاڻي جو ڇوڙ  بند ڪندي انهن جاگيٽ بند ڪيا ويا آهن. جڏهن ته گڊو بئراج جا سڀ دروازا کولي پاڻي هيٺانهين وهڪري ۾ وهايو ويو آهي. سکر وٽ وڏي ٻوڏ هجڻ سبب مٿانهون وهڪرو 5 لک  30 هزار 50 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 5 لک 19 هزار 420 ڪيوسڪ ٿي ويو آهي. سکر بئراج جي کاٻي پاسي روهڙي،نارا، ميرواھ ۽ ابل واھ ڪئنالن ۾   پاڻي جو ڇوڙ مڪمل بند ڪري انهن جا گيٽ هيٺ ڪيا ويا آهن. ساڄي پاسي جي ئي کيرٿر ۽ دادو ڪئنالن ۾ پاڻي جو ڇوڙ 75 سيڪڙو گھٽايو ويو آهي. جڏهن ته رائيس ڪئنال معمول جي وهڪرن سان وهي رهيو آهي. ڪوٽڙي بئراج وٽ مٿانهون ۽ هيٺانهون وهڪرو هڪ لک 77 هزار  ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.  ڪوٽڙي بئراج جو وهڪرو 2 لک ڪيوسڪ ٿيڻ تي اڄ اتي ننڍي ٻوڏ هوندي. پاڪستان فلڊ ڪميشن جي جاري ڪيل انگن اکرن موجب تربيلا بند ۾ 1550 فوٽ پاڻي گڏ ڪرڻ جي گنجائش آهي، ان ۾ 1541 ڏهائي 71 فٽ پاڻي گڏ ڪيو ويو آهي. اتي پاڻي گڏ ڪرڻ جي  گنجائش 9  فٽ رهجي وئي آهي. تربيلا وٽ سنڌو درياءَ ۾ ننڍي ٻوڏ آهي. جتي مٿانهون وهڪرو 3 لک 64 هزار ڪيوسڪ  ۽ هيٺانهون وهڪرو 3 لک  44 هزار ڪيوسڪ رهيو. جهلم درياءُ تي ٺهيل منگلا ديم ۾ 1242 فٽ پاڻي گڏ ڪرڻ جي صلاحيت آهي، جنهن ۾ 1236 ڏهائي 4 فٽ پاڻي ڀرجڻ بعد 6 فٽ پاڻي گڏ ڪرڻ جي جاءِ رهجي وئي آهي. اتي مٿانهون وهڪرو 85 هزار ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 83 هزار ڪيوسڪ رهيو.  ڪالاباغ وٽ وچين ٻوڏ جا وهڪرا وهيا، جتي مٿانهون وهڪرو 4 لک 74 هزار  ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 4 لک 66 هزار ڪيوسڪ رهيو. چشما بئراج وٽ پاڻي جي سطح 642  فٽ رهي. اتي وڏي ٻوڏ جو مٿانهون وهڪرو 5 لک 58 هزار  ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 5 لک 57 هزار  ڪيوسڪ وهيو. تونسا بئراج وٽ به وچين ٻوڏ رهي، جتي مٿانهون وهڪرو ۽ هيٺانهون وهڪرو 4 لک 17هزار 700  ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. ٽمون وٽ مٿانهون وهڪرو هڪ لک 45 هزار 391 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو هڪ لک 29 هزار 421 ڪيوسڪ هو.  پنجنند وٽ مٿانهون وهڪرو هڪ لک 32 هزار 281 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو هڪ لک27 هزار 382ڪيوسڪ رهيو. ڪابل درياءُ جو نوشهرا وٽ وهڪرو هڪ لک 700 ڪيوسڪ ۽ سطح 11 ڏهائي 5 رڪارڊ ڪيو ويو. چاچڙان گيج جي سطح 10 ڏهائي 3 فٽ رهي. سکر بئراج وٽ پاڻي ۾ واڌ اچڻ بعد  وڌيڪ ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا. سکر جي ڪچي جا وڌيڪ ڪيترائي ڳوٺ جهانگي مهر، منڊو ديرو، گول علي واهڻ جي 200 گهرن وٽ پاڻي پهچي ويو. بچل شاهه مياڻي بچاءُ بند سان پاڻي لڳو آهي جنهڪري سعيد آباد ۽ درگاهه بچل شاهه مياڻي کي پاڻي وڪوڙي ورتو آهي. پاڻي ۾ مسلسل اضافي سبب ڪچي ۾ رهندڙ ماڻهو سخت پريشاني جو شڪار بڻيل آهن. سنڌو دريا  جي ٻوڏ واري پاڻي ۾ ڦاٿل سکر جي ڪچي واري علائقي جي رضاڳوٺ ۽ شاهپور ۾ 2 ٻارڙا عبدالمحيب ۽ لعل بخش جتوئي لڙهي ويا آهن، انتظاميه کي اطلاع باوجود ريسڪيو ٽيم واقعي واري هنڌ نه پهچي سگهي،ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت  ٻارڙن جي ڳولها ڪري رهيا هئا

انسان ڪيڏو نه بيوس ۽ مجبور آهي!؛عبدالرزاق عمراڻي

دنيا جي مالڪ جا عجيب رنگ آهن، سندس رنگن کي پسڻ ۽ ڏسڻ لاءِ جتي عقل ۽ دانش جي ضرورت آهي، اتي وري هن ڌرتي تي اهڙا به ڪردار ٿي گذريا آهن، جن جي حسرتناڪ ۽ حيرتناڪ پڇاڙي به هڪ سوال آهي؟ جنهن جو ڪنهن وٽ ڪو جواب نه آهي، ڇا زندگي ۾ ائين به ٿيندو آ؟ هڪ مشهور ماڻهو جنهن کي سندس فن، هنر، شجاعت، بهادري، ڏاهپ ۽ عقل تي ناز هجي، تنهن جي پڇاڙي اهڙي ڪربناڪ، اذيتناڪ ۽ حيرتناڪ ٿيندي هجي ته اهڙن عملن ۽ مشاهدن کي ڏسي انساني عقل، سوچ، علم ۽ سائنس حيرت ۾ مبتلا رهجي وڃن ٿا. پوءِ محسوس ٿيندو آهي ته اهڙي ڪا طاقت اهڙي ڪا هستي ضرور آهي، جيڪا هن ڪائنات کي پنهنجي رنگ ۽ رواج سان هلائي ٿي. هو دنيا جي مشاهدي جي لاءِ اهڙا انوکا ۽ نه سوچ ۾ ايندڙ واقعا ۽ مثال قائم ڪري ٿو، جتي انسان جو هوش، حواس، علم ۽ عقل دنگ رهجيو وڃي ۽ ماڻهو اهو چوڻ تي مجبور ٿيو وڃي ته:

صاحب تنهنجي صاحبي عجب ڏٺي سون،

پن ٻوڙين پاتال ۾ پهڻ تارين تون.

موناليزا هڪ اهڙي پينٽنگ آهي، جنهن کي ڏسڻ کانپوءِ دنيا جا ڏاها ۽ پارکو اهو چوندي ٻڌا اٿئون ته هي هڪ آفاقي، لافاني تصوير آهي. هن تصوير ۾ مونا ليزا جي مرڪ جو ڪو به مٽ يا ثاني نه آهي ۽ اها مرڪ ڪهڙي مرڪ آهي؟ سڄي دنيا ان تي سوچي ٿي، ڪن ڏاهن چواڻي ته گهڻن سالن جي وڇوڙي کانپوءِ محبوب جي ملڻ وقت کيس پهرين نهار سان پسڻ واري مرڪ آهي ته ڪن چواڻي ته عورت جڏهن تخليق جي مرحلي ۾ داخل ٿئي ٿي ۽ پاڻ ڪنهن ٻئي وجود کي ڌرتي تي آڻڻ جو سبب بڻجي ٿي ته ان احساس سرشاري وقت سندس مک تي جيڪا مرڪ اچي ٿي سا لافاني مرڪ مونا ليزا جي چهري تي لڳي ٿو ته آهي. هاڻ رايا ته الاهي سارا آهن، سالن کان ماڻهو ۽ ڏاها پنهنجي پنهنجي وت آهر اهڙي مرڪ تي اهڙي هستي جي وجود تي تبصرو ڪندا ٿا رهن پر واقعي اها مرڪ اهڙي معصوم مرڪ آهي، جنهن لاءِ سڀئي سڪن ٿا ۽ اڄ ڏينهن تائين ڪو ڏاهو حقيقي اندازو نه لڳائي سگهيو آهي ته اها مرڪ ڪهڙي گهڙي جي نشاني آهي.

اهڙي مرڪ ۽ تصوير کي وري وجود بخشيندڙ هو مشهور چترڪار ”ڊونچي“. هو هڪ عجيب قسم جو انسان هو، هڪ ئي وقت ٽن قسمن جي هنرن ۾ يڪتا هو. هڪ ته هو لافاني قسم جو مصور هو، ٻيو ته هو هڪ شاندار قسم جو موسيقار هو، ٽيون ته هو هڪ عظيم سائنسدان هو. ڏينهن رات گيلري ۾ رنگن سان کيڏندو هو. رنگ سندس ساٿي هئا، سي ساڻس ڳالهائيندا هئا ۽ برش سان جڏهن ڪينواس تي رنگ چٽيندو هو ته اڀريل تصوير جا مڙئي عضوا ۽ نقش ساڻس هم ڪلام ٿيندا هئا. وڻ، ٽڻ، ڪڪر، سمنڊ، جبل، گل ٻوٽا ڊونچي جا يار هئا، جيڪي سندس هٿن مان ڦٽندا هئا ۽ ساڻس محبت ڀريا مذاق ۽ وري کيس پاڻ سان گڏ وٺي سپنن جا سنسار گهمائيندا هئا ۽ ڊونچي اهڙا رنگين نظارا ۽ ڪچهريون ٻڌي ۽ ڏسي ٿڪبو هو ته پوءِ بوجهل ۽ ٿڪل قدم کڻي رخ ڪندو هو سندس اسٽوڊيو طرف جتي گٽار، هارمونيم ۽ ڊرم سندس منتظر هوندا هئا. اتي ڳائي وڄائي روح رچنديون ڪندو هو، سرن تي ڪمال هوندو هئس پوءِ ڏينهن ۽ راتيون پيو ڳائيندو هو، سندس ذهن ۽ سماعت کي جتي موسيقي جا مڌر سُر مدهوش ڪري وجهندا هئا، اتي ڀر وارا به سندس هٿن مان ڦٽندڙ حسين سُرن سان پاڻ کي سرشار پيا ڪندا هئا، پوءِ جڏهن سُر ساٿ ڇڏيندا هئس ۽ هٿن جون آڱريون وڌيڪ کيڏڻ کان انڪار ڪنديون هيون ته پوءِ سُرن جي نشي ۾ جهومندو ۽ مدهوشي وارا قدم کڻي رخ ڪندو هو ليبارٽري طرف، جتي ٽيسٽ ٽيوب ۽ مختلف محلول سندس تجربن لاءِ موجود هوندا هئا ۽ دنيا کي ڪا نئين انوکي سائنسي ايجاد ڏيڻ لاءِ ڪائنات جا مڙئي ڌات ۽ ڪيميائي مادا هوندا هئا سندس تابع ۽ ائين وري هفتن جا هفتا تجربا ڪندو رهندو هو ۽ نيون ٿيوريون نوٽ ڪندو وتندو هو. ائين جڏهن ذهني ٿڪاوٽ محسوس ڪندو هو ته پوءِ وري رخ ڪندو هو گيلري طرف، جتي ڪائنات جا مڙئي حسين رنگ سندس منتظر هوندا هئا نوان نقش چٽڻ لاءِ. قدرت واري کيس ٽنهي هنرن کان علاوه اها به صلاحيت عطا ڪئي هئس ته هو ساڄي توڙي کاٻي هٿ سان لکي سگهندو هو ۽ برش کڻي چتر چٽي سگهندو هو. گڏوگڏ ٻنهي هٿن سان گٽار به وڄائي سگهندو هو، رڳو ايترو نه پر هو عجيب فنڪار هو، هڪ ئي وقت تي ٻن ڪينواسن تي گڏوگڏ ٻنهي هٿن سان الڳ الڳ قسم جون تصويرون ٺاهڻ جو هنر ڄاڻندو هو ۽ جڏهن هڪ ئي وقت ۾ ٻه الڳ الڳ تصويرون ٺاهيندو هو، سي به لافاني ۽ انوکيون ته عقل ۽ ڏسندڙ سندس اهڙي هنر، فن تي حيران هوندا هئا. هڪ ذهن سان هڪ ماڻهو، هڪ وقت ۾ ٻه الڳ الڳ شيون ڪيئن ٺاهي رهيو آهي؟ اهو هو سندس فن جو معراج ۽ قدرت جي طرفان مليل ڏات جو انداز، جنهن تي دنيا هئي حيران. هو اهڙو فنڪار هو جو هڪ ئي وقت تي هڪ طرف پينٽنگ ڪندو هو ته ٻئي هٿ سان گهڙي به ٺاهيندو هو. مجال جو ٻئي شيون پنهنجو توازن وڃائين. گهڙي به صحيح ته پينٽنگ به شاهڪار ۽ ڪڏهن ڪڏهن هڪ هٿ سان پينٽنگ پيو ڪندو هو ته ٻئي هٿ سان گٽار پيو وڄائيندو هو. ڏسڻ وارا، ٻڌڻ وارا هوندا هئا پريشان، واهه واهه ڇا ته ڏات آهي! ڇا ته هنر آهي! اهڙو ناياب، يڪتا فنڪار هڪ رات جو ڳائي وڄائي آخري پهر ۾ جڏهن ستو آرام لاءِ ۽ صبح جو اٿيو ته سندس ٻئي ٻانهون، آڱريون هيون چرڻ ڦرڻ کان لاچار، هاڻ سوچيو ته ڪهڙي نه بيوسي هوندي ڊونچي جي مک تي! هڪ اهڙو فنڪار جنهن جي ٻانهن، هٿن ۽ آڱرين جي وسيلي ناچ ڪندا هئا برش، رنگ، مڌر سُر ۽ ڪڏهن نوان نوان سائنسي تجربا، ايجادون سو ائين بيوس، لاچار بڻجي وڃي ته ڇا ڪيفيت هوندي؟ ساڳيو ڊونچي گيلري ۾ اڌورين تصويرن کي حسرتناڪ نگاهن سان نهاريندو هو. برش سڪي ٺوٺ ٿي ويا هئا، رنگ پنهنجا رنگ وڃائي چڪا هئا ۽ ڊونچي هو سو ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويٺو نهاريندو هو اڌورين تصويرن طرف ۽ سڪل رنگن طرف؛ جڏهن ضبط جا ٻنڌڻ ٽٽندا هئا ته غمناڪ اکيون کڻي پسيل چهرو کڻي ايندو هو وري اسٽوڊيو ۾ جتي ڊرم، گٽار، پيانو تڪيندا رهندا هئا ڊونچي کي ته ڪاش! اسان وارو دل گهريو، مانَ وارو سريلو فنڪار هڪ دفعو وري اسان مان آواز، سُر، ڌنون پيدا ڪري، اسان سان وري کيڏي، هاڻ ته هڪ هنڌ رکجي ٿڪجي پيا آهيون پر ڊونچي وٽ سواءِ ٿڌن شوڪارن ڀرڻ جي، سسڪين ۽ آهُن جي ٻيو ڇا هوندو. جڏهن صدمو وڌي ويندو هئس ته بوجهل ذهن ۽ قدم کڻي رخ ڪندو هو ليبارٽري ڏي، جتي محلول ۽ ڪيميائي مادا انتظار ۾ هوندا هئا ڊونچي جي، پر انهن سان سواءِ ڏک ونڊڻ جي باقي ڇا ٿي ڪري سگهيو؟ ۽ ائين هڪ هنگامه خيز زندگي بڻجي وئي آس ۽ ڏک جي تصوير.

ڊونچي هلندڙ ڦرندڙ غم هو ۽ ايترو روئندو هو جو سندس ڏاڙهي هڪ پسيل ٽوال بڻجي ويندي هئي. هڪ دفعو اهڙي حال ۾ هڪ واقفڪار کيس چيو ته ڊونچي اهي تنهنجا هٿ ۽ ٻانهون جاڳي پون ته ڇا ڪندين؟ ته چيائين آئون پهرين پنهنجي جسم تي هٿ ڦيري ڏسندس ته آئون آهيان به يا نه؟ اهڙي ناياب ۽ املهه فنڪار کان آخري گهڙيءَ وقت جڏهن قضا جو ڪانو سندس روح ڇڪڻ لاءِ تيار هو ته ڪنهن سڄڻ ڪن ڀرسان سرگوشي ڪري چيس ته ڪا آخري خواهش؟ ته چيائين ها جيڪڏهن هٿ ۽ ٻانهون ڪم ڪن ته نڪ تي ويٺل مکي کي اڏائي سگهان. ڪاش….! ۽ ائين اهڙو حيرتناڪ، عبرتناڪ انجام ٿيو هو ڌرتي تي اهڙي عظيم فنڪار جو.

جڏهن انسان پنهنجي ۽ دنيا جي انسانن جي بي وسي تي سوچي ٿو ته عجيب قصا ۽ واقعا ملن ٿا تاريخ مان. هڪ بهادر جرنيل جنهن جي ڪارنامن سان سڄي اسلامي تاريخ ڀري پئي آهي. سو خالد بن وليد جڏهن ائين بي يارو مددگار دمشق جي گهٽين ۾ پيو هوندو هو ۽ جڏهن پنهنجي غلام عبدالله کي وهنجڻ کانپوءِ چوندو هو ته جسم سڪاءِ، غلام ٽوال کڻي سندس کردري جسم کي سڪائڻ لاءِ ٽوال ڦيريندو هو ته  ڪرب، اداسي، ذهني پيڙاهه خالد کي وڪوڙي ويندي هئي ۽ غلام کي چوندو هو ته عبدالله! منهنجي جسم تي هٿ گهمائي ڏس ته جسم جو ڪو اهڙو حصو آهي جنهن تي تلوارن جي گهاون جو نشان نه هجي! غلام چوندو هئس ته سائين جسم جو ته ڪو انچ جيترو حصو به اهڙو نه آهي جتي گهاون جا نشان نه آهن ۽ هميشه شهادت جي آرزو رکندڙ بهادر جرنيل جنهن کي شهادت ته نصيب نه ٿي پر هو هاڻ بي مهر شهر دمشق جي گهٽين ۾ موت جو منتظر هو، جيئن صحرا ۾ ڪو پاڳل اڃايل ۽ پياسو اٺ بي يارو مددگار ڦرندو هجي ۽ سندس ڪو به والي وارث نه هجي. انساني بي ثباتي ۽ ويچارگي جو اهڙو لمحو ڪيڏو نه ڪٺن هوندو! جن گذاريو هوندو تن کي خبر هوندي.

ٻئي طرف وري لنڊن ۾ آرمي جو سپاهي”ميڪ“ جيڪو انساني عقل کي حيران ڪندڙ ڪردار هو، سو ٻي مهاڀاري لڙائي ۾ برما جي محاذ تي جنگ لڙي رهيو هو ته اوچتو هڪ گولي آئي ۽ ميڪ جي پيشاني ۾ لڳي. ميڪ رتورت ٿي ويو، بيهوش ٿي ڪري پيو ۽ تڙپي رهيو هو، اڃا ساهه جي ڏوري ساڻس ساٿ ۾ هئي سو سندس ساٿين کڻي کيس اسپتال پهچايو، اهڙو خطرناڪ زخمي وجود کڻي آيل ميڪ جنهن جو آپريشن ڪري ڊاڪٽرن جلدي گولي ڪڍي ورتي، حياتي هئي سو ميڪ بچي ويو پر پيشاني تي اڌ انچ جو سوراخ کڻي زخم ڇٽائي ۽ ميڪ رٽائرمينٽ وٺي لنڊن آيو. سالن تائين اهو ميڪ لنڊن جي چوراهن ۽ رستن تي انهي سوراخ ۾ سگريٽ داخل ڪري سوٽو ڀري وات مان پيو دونهون ڪڍندو هو ۽ ڪڏهن وات ۾ سگريٽ هڻي پيشاني واري سوراخ مان پيو دونهون ڪڍندو هو، اهڙي عمل کي ڏسي هر راهگير پئنٽ مان ٻٽون ڪڍي کيس ڪجهه نه ڪجهه ڏيڻ تي مجبور ٿي پوندو هو. سو ميڪ ڏينهن جو گهر ۾ بجلي جي بلب کي ٺاهيندي معمولي ڪرنٽ لڳڻ سبب اسٽول تان ڪرڻ ڪري راهه رباني وٺي هليو ويو! هاءِ ڙي قسمت ۽ لکيو.

ملتان شهر ۾ پهلوان نذير سينڊو هوندو هو، جيڪو جسم تي پٿر رکي هٿوڙن سان ٽوڙائيندو هو، وارن سان ٽريڪٽر روڪيندو هو، جسم جي مٿان ٽريڪٽر گذارائيندو هو، اهڙو عظيم ۽ سگهو ايٿليٽ هڪ ڏينهن سائيڪل هلائيندي ڪري پيو ۽ مري ويو. هاءِ قضا تنهنجا رنگ!

انساني تاريخ جي ورقن کي کولي پڙهجي ٿو ته سوين اهڙا عجيب ۽ حيرتناڪ ڪردار سامهون ظاهر ٿين ٿا، جن کي ڏسي حيرت لڳي ٿي. نمرود جڏهن ڇهن مهينن جو هو ته کيس سمنڊ نه ٻوڙيو ۽ جڏهن 9 مهينن جو هو ته کيس جانورن پالي وڏو ڪيو، جن جانورن کي کيس چيري ڦاڙي لقمه اجل بنائڻ کپندو هو، تن سندس پالنا ڪئي، آهي نه ڪاريگر جي ڪاريگري! اهو نمرود جڏهن بڻيو حاڪم ته هو دنيا جو يڪتا ۽ طاقتور حڪمران هو، جڏهن هڪ ڏينهن طاقت ۽ گهمنڊ ۾ ڀرجي دعويٰ ڪيائين خدائي جي پوءِ اهڙي زميني خدا جي موت ڪيتري نه عبرتناڪ ٿي جو هڪ مڇر جيڪو نڪ ذريعي گهڙي ويو سندس دماغ ۾، تنهن کيس موچڙا هڻائي بي خطا ڪرائي آخر موت جي وادي حوالي ڪري ڇڏيو. ڪٿي درندن ۽ جانورن پئي پاليو، ڪٿي سمنڊ نه پيو ٻوڙي ته ڪٿي وري موذي مڇر ماري وڌس.انسان ڪيڏو نه بيوس ۽ مجبور آهي پر پوءِ به انسان ڇو نه ٿو سڌري، ڇو نه ٿو سمجهي ته بقا ته صرف ان جي ذات کي آهي پر پوءِ به ڇو اسان وٽ ڪي ڪي ماڻهو دعويٰ ٿا ڪن حاڪميت جي، خدائي جي ۽ وتن ٿا مخلوق کي آزاريندا، جڏهن ته سندن موت ايترو ته سستو ۽ ويجهو آهي جو هو ڪنهن حقير کان حقير هٿان به شڪست کائي سگهن ٿا، پر ڇو انڌ جي گهوڙي تي سوار ٿي وتن ٿا مالڪ حقيقي جي مخلوق کي ستائيندا. تاريخ ته هوندي آهي سبق سيکارڻ لاءِ پر الائي ڇو اسان کي تاريخ مان سبق حاصل ڪرڻ جي پٽ نه آهي، جيڪو به اقتدار جي ڪرسي تي ويهي ٿو يا ڪا هڙ حاصل ٿيس ٿي ته پوءِ محسوس ٿو ڪري ته هميشه هوندس ۽ وتي ٿو خدمت جي جڳهه تي آزاريندو. نه ته نيپولين بونا پارٽ جهڙو ماڻهو جنهن کي بي وسي وارو موت مليو، هٽلر جهڙو ماڻهو جنهن کي اڃا تائين تاريخ ڳولي پئي پر هو گم آهي، ڪن چواڻي ته هن خودڪشي ڪئي آهي. سڪندراعظم کي ڪنهن وڏي گهاءَ يا زخم جي ڪري موت نه ٿيو پر هڪ معمولي ڀالي جي زخم سندس جان ورتي. ابراهيم لنڪن کي ڪنهن مشهور سپهه سالار ڪونه هو ماريو. تاريخ ڀري پئي آهي سوين المين ۽ مثالن سان، اسان کي آهي سبق حاصل ڪرڻو جي ڪيوسين ته واهه واهه! جي نه ته جيترو وڏو جابر، جيترو وڏو ڏاڍو، طاقتور، جيڏو وڏو ظالم ان جو موت ٿيندو اوترو ئي حقير. هاڻ مرضي آهي ته ڇا ٿا چاهيو؟ ڇا ٿا ڪريو؟ يا هن جي رضا تي راضي رهڻ سکجي يا پاڻ کي وڏو سڏائڻ ۽ ڪوڙي وڏائي ۽ فخر ڪرڻ وارو ثابت ڪرڻ لاءِ لڳائجي زور…..!