تازيون خبرون

Daily Archives: July 28, 2015

سنڌ ڏانهن وڌندڙ ٻوڏ ۽ عطائي حل؛شوڪت لوهار

ايئن ڪڏهن ٿيو آهي جو سنڌ ڪڏهن ڪو سکيو ڏينهن ڏٺو هجي، گهٽ ۾ گهٽ مون کي پنهنجي سانڀر ۾ ته ياد ڪو نه آهي. اسان جا حڪيماڻا ٽوٽڪا، ڪڏهن به سنڌ جي اجگر جيڏن مسئلن جو تدارڪ ڪري ڪو نه سگهيا آهن. هتي ته بس هر مسئلي جو هيوميپٿي حل ڳوليو وڃي ٿو. اهي هوميوپيٿي حل ڪيترا ڪارگر ٿيندا رهيا آهن ان جو اسان توهان سان گڏ اتهاس ئي ساکي رهيو آهي. سنڌ ۾ جتي عام ماڻهو جنهن کي ائين چئجي ته انهن ڪمائو پٽن ۽ وڏي پيٽ وارن لاءِ ٻارڻ جو ڪم ڪندڙ اٻوجهه مخلوق هر دفعي وڏي نعرن ۽ ٺوڳي دعوائن جي ور چڙهندي رهي آهي. اسان وٽ هر دفعي سودا ٿيا آهن ماڻهن جي ساهن جا، ماڻهن جي ڳوڙهن جا، ماڻهن جي لوڙهن جا، معصوم ٻارڙن جي دوائن جا ۽ ابهم ٻارڙن جي لاءِ آيل امداد جا.

ڪو ٻڌائي سگهندو ته اهو ڪهڙو وقت اهي اها ڪهڙي آئي ويل آهي جڏهن سنڌ جي پٺيءَ ۾ خنجر نه کوڙيا ويا آهن، اهو ڪهڙو وقت آهي جڏهن بک ۾ مرندڙ ماڻهن جي سورن ۽ دکن جو درمان ٿيڻ لاءِ ڪي ڊنگ وڏيرا ۽ خان نواب پاڻ وٽان ڪجهه ڏيئي پنهنجي ايمان کي ڇنڊو هنيو هجين؟

سنڌ ۾ جڏهن به مصيبتون اينديون آهن اهي ڀل قدرتي آفتن جي صورت ۾ هجن يا هٿرادو تيار ٿيل سوچيل سمجهيل سازشن جو نتيجو هجن. اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جي سينڌ ۾ هميشه ڌوڙ وڌي ويئي آهي. خواب لٽيا ويا آهن ۽ تعبيرن جو قتلام ٿيو آهي.

2010ع جي مها ٻوڏ هجي يا ٺٽي ۽ بدين ۾ ايندڙ ساحلي پٽي ۾ طوفان، هر دفعي ماڻهو ائين بي يارو مددگار ڪيڙن ماڪوڙن جيان پيئي مئا آهن. ڀلا تازو مثال کڻي وٺو جڏهن ڪراچي ۽ سنڌ جي ٻين علائقن ۾ ماڻهو گرمي وگهي مري رهيا هئا، تڏهن حڪمران ته واقعي نيرو جيان بانسريون وڄائڻ ۾ پورا هئا جو ڪڏهن اهو راڳ آلاپيو پيئي ويو ته هي نج وفاقي سرڪار جو مسئلو آهي نه ته هي نج صوبائي سرڪار جو مسئلو آهي.آخر نيٺ ماڻهن پنهنجي پيارن جي مرتين ۽ روئي رڙي پنهنجي اکين ۾ لڙڪن کي پٿر بڻائي ڇڏيو. ماڻهن پنهنجي پيارن جي لاشن کي چانڪيائين جهڙي اناپرست حڪومتي ڪارندن وچ ۾ فٽ بال بڻجڻ کان بهتر سمجهيو ته انهن کي سندن لڙڪن جي لاب ۾ پنهنجو ڪري ڇڏين.

سنڌ ۾ جڏهن به ٻوڏون اينديون آهن ته اِهي غريب ماڻهن کان زندگيون کسي وينديون آهن ۽ ڪامورن کي تمام گهڻو شاهوڪار بڻائي ڇڏينديون آهن. ڏيهه توڙي پرڏيهه کان ملندڙ ٻوڏ متاثرن لاءِ امداد ڪامورا ۽ طاقتور ماڻهو پنهنجي پنهنجي گهر کڻي ويندا آهن، پنهنجي مٽن مائٽن کي نوازيندا آهن، باقي ڪجهه رهيل حصو بازارن ۾ وڪامجندو آهي، ٿورو بچيل سچيل گودامن ۾ پيا ڪيڙا ماڪوڙا کائيندا آهن پر غريب اهي ساڳيا بکيا ۽ اگهاڙا!

سماجي علمن جي هڪ سگهاري ڄاڻو ميڪس ويبر Max weber چواڻي ته دنيا ۾ ڪامورا شاهي انتظام ڪاري جو بهترين طريقه ڪار آهي. واقعي هوندو اُتي جتي ڪامورن کان پڇا ڳاڇا ٿيندي آهي، جتي ڪو احتساب يا حساب ڪتاب نالي ڪا شيءِ هوندي آهي پر اسان وٽ ته ڪامورو ڪلاس عوام کان ڏور ڄڻ مريخ جي مخلوق لڳندو آهي. يقين نه اچي ته اوهان کڻو فون ۽ پنهنجي علائقي جي صرف هڪ مختيارڪار يا ڊپٽي ڪمشنر سان ته ڳالهائي ڏيکاريو؟ هنن جي تربيت ئي اها ڪئي ويندي آهي ته هي عوام جي ساهه گاهه آهي. هن وقت سکر ۽ گڊو وٽ پاڻي درياهه جي ڪنارن کان ٻاهر آرس ڀڃي رهيو آهي، گهوٽڪي جي علي واهڻ ۽ ٻين سڀني بندن جو کاٽ جاري آهي. جتي ڪٿي پاڻي آهي، جنهن جي اڳيان مضبوط کان مضبوط بند به بيهي ڪو نه سگهندا آهن، اسان ته وري خيالي بند ٻڌي رهيا آهيون. اهي ڪٿي بيهندا؟

اِهي ڪو نه آهي جو مصيبتون ۽ سيلاب صرف اسان وٽ اچن ٿا ۽ دنيا ۾ ڪٿي به ٻوڏ يا ٻي ڪا مصيبت ڪا نه آئي آهي. جاپان هر وقت زلزلن جي زد ۾ آهي پر پوءِ به دنيا جي ٻيو نمبر وڏي معاشي طاقت آهي. جاپان ۾ گهر اهڙا ٺهيل آهن جو زلزلي اچڻ سان اهي جيڏا به  لڏن پر ڪرندا ڪو نه آهن. عوام کي زلزلن بابت تعليم ڏني ويندي آهي. سنگاپور ۾ سال جا ٻارنهن مهينا مينهن پوندو رهندو آهي، پر حرام جو هڪ ڦڙو به روڊ رستي تي بيهي، ملائيشيا، انڊونيشيا ۾ سدائين آتش فشان پيا ڦاٽندا آهن، پر اتي ائين ڪو نه آهي ته عوام کي ائين مصيبتن جي ور چاڙهي حڪمران سکيون ننڊون ڪري رهيا هجن.

اسان وٽ مينهن ٻوڏ ته ڇڏيو پر هن وقت توهان سنڌ جي ڪنهن ٻهراڙي ۾ وڃي ڏسو ماڻهن جي زندگي جانور کان به بدتر آهي، صرف هڪ يونين ڪائونسل جو مثال کڻي وٺو، گٽر اٿليا پيا آهن، روڊ رستا اکڙيا ۽ اڊڙيا پيا آهن، بجلي نالي ڪا شيءِ ڪو نه آهي باقي ڪڙهائي گوشت کاهي ٿلهن متارن وڏيرن ۽ نام نهاد سياستدانن جا فوٽو ۽ پينافليڪس کليل گٽر مٿان لڳل آهن. هي طرز حڪمراني جيڪڏهن هوندو ته پوءِ اوهان اندازو لڳايو ته ڪهڙا نيوٽن ۽ لي ڪاڪ پيدا ٿيندا. اِهو ڪنهن هڪ واهڻ ۽ وستي جو حوالو ڪو نه آهي پر سچي ڳالهه آهي ته سڄي سنڌ جي حالت اِها آهي مٿان وري چوماسي جا مينهن ڌوڪي رهيا آهن. نتيجو ڇا ٿيندو؟ اوهان پاڻ سمجهي سگهو ٿا؟

هن وقت جڏهن پاڻي جا وهڪرا اچي ڪنڌ ۾ لڳا آهن، آبپاشي کاتي جا ڪامورا عوام جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ لاءِ ٽوپيون ۽ عينڪون پائي بندن جي نگراني ڪري پريس ڪانفرنسون ڪري رهيا آهن. انهيءَ مان صاف ظاهر آهي ته جيڪڏهن ماڻهو ٻڏا ته ڇا ٿيو جيترا ماڻهو ٻڏندا اوترا ڏوڪڙ ٺهندا. وري ساڳيا دليل ته ٿر ۾ ڏڪار ۽ سوڪهڙي نالي ڪا شيءِ ڪونهي، ٻارڙا ڪمزوري جي ڪري مئا ۽ هيڏانهن وري ائين ٿيندو ته اسين ماڻهن کي چيو هو ته پاڻي ۾ نه رهو پر انهن ڪو نه ٻڌي پوءِ ڪوڏرن مٿان رکيل چانور نصيب ٿيندا. هن وقت سنڌ ٻوڏ جي مصيبت برداشت ڪرڻ جي اهليت ڪو نه ٿي رکي. عوام کي ڇتي گرمي، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ۽ مهانگائي ۽ بيروزگاري هڻي پورو ڪري ڇڏيو آهي. هاڻ عوام جي هڏن ۾ ايترو ساهه ڪٿي آهي جو وڻن ۾ لڙڪي لڙڪي راتيون بسر ڪري. خدارا ماڻهن جي زندگين تي رحم کائو ۽ ڪي حقيقي اپاءَ وٺو.