تازيون خبرون

Daily Archives: July 25, 2015

ڇا اسين ٻولي ۽ تهذيب بچائي سگهنداسين…!؟؛عبدالرزاق عمراڻي

جتي اڪثر پڙهيل لکيل ڏاهن جا ٻار توڙي جوان فٽ شرٽس ۽ ٽرائوزر ۾ نظر اچن ٿا، رات جو 1، 2 وڳي تائين فلمون ڏسن، سي به گهڻو ڪري انگريزي، جي ڪا ڀلجي اردو ڏسندا ته اها به هندستاني، جي ميوزڪ ٻڌن ته اهو به انگريزي يا انڊين، پتي راند کيڏن ۽ پوءِ ڏينهن جو 11، 12 وڳي تائين سمهن، بستري تي ستي ستي چانهن جي گرڙي ڪن. اوڻانوي کي ايٽي نائين چون، انگريزي رسالا پڙهن، ٻنپهرن جو کاڌي ۾ مرغوب غذا برگر يا پيزا، فروٽ ۾ چيري، اسٽرابيري، پائن ايپل، ڳالهين ۾ لنڊن، واشنگٽن، پئرس ۽ جاپان جو ذڪر بار بار ائين ڪن، جيئن سندن ڪو سڳو بابو اتي جو رهاڪو هجي، باقاعده ويڪ اينڊ ملهائڻ، ڪرسمس جو پروگرام ترتيب ڏيڻ، اپريل فول کي يادگار بنائڻ لاءِ هڪ ٻئي سان سماجي قدرن ۽ اخلاق کان وانجهيل مذاق ڪرڻ، ويلنٽائن ڊي ملهائڻ، هيلو ڊي ملهائڻ سندن عادت ۾ شامل هجي ته ڇا ان حالت ۾ ڪا سوچ اچي ٿي ته ڇا ٿيندو؟

ٻئي طرف پيءُ کي بابا چوڻ بدران ڊيڊ، رپئي کي ڊالر سان ڀيٽڻ، لنڪن، چرچل، هٽلر، نپولين ۽ جارج سندن اڳواڻ، نطشي برنارڊشا، رسل، ڪيٽس، ڪالرج، شيڪسپيئر سندن شاعر، جيڪسن، ميڊونا، آرنلڊ، وينڊيم، اسٽون، راجر مور ۽ ٽموٿي سندن هيرا، پائن ايپل کائين ٿا ۽ ڊبل روٽي سلائيس جو ناشتو ڪن ٿا. لنچ ۽ ڊنر ڪن ٿا، شيمپن، جاني واڪر جو تذڪرو سندن گفتگو ۾ جام هوندو آهي. ڪافي وٺن ٿا ۽ سوپ پيئن ٿا، انهن کي سور يا درد نه پر پين ٿئي ٿو، پريشاني نه پر ڊپريشن ٿئي ٿو، اهي تنهائي نه پر لونلي نيس محسوس ڪن ٿا، اهي خوشي نه پر انجواءِ ڪن ٿا، انهن کي خدا نه پر گاڊ ياد ايندو آهي، هنن کي ڏک نه اوهه نو ٿيندو آهي، اهي سلام نه پر هاءِ ڪن ٿا.

ٽئين طرف وري مارئي کي مرد، لطيف کي پير، سچل کي ڳائڻو، پليجي کي سرخو، امرجليل کي ملو سمجهن ٿا، جوتن سميت سمهڻ، اخلاقي پابندين کي هيومن رائيٽس جي خلاف ورزي سمجهن ٿا. چوٿين طرف وري ڀيڻوي کي جيجاجي، مشڪل کي ڪٺنائي، معافي کي شما، خط کي پتر، وجهه کي ڪارن، منظوري کي آشيرواد، گلي واري زنجير کي منگل سوتر، هٿ ٻڌي نمستي ڪرڻ، اسٽار پلس جا مڙئي اداڪار سڃاڻن ۽ ڊراما ڏسڻ سندن محبوب مشغلو آهي ۽ ائين بنديا لڳائڻ، ساڙهي پائڻ ۽ جنهن کان ناراض هجن ته کين راڪشس چوڻ ۾ دير نه لڳائيندا آهن.

انهن وٽ گرل فرينڊ ۽ بواءِ فرينڊ به جام آهن، انهن کي برٿ ڊي وش ڪرڻ، انهن کي ويلنٽائن ڊي، هيلو ڊي، ڪرسمس ڊي، وش ڪرڻ جو رواج به عام جام آهي، عيدن تي اهي سمهندا آهن ۽ هيپي نيو ييئر تي جاڳندا آهن، گفٽ ڏيندا آهن ۽ ڳالهه ڳالهه ۾ هو چوندا آهن ته هاڻي واڪ ڪندا آهيون، لمبي ڊرائيو ڪندا آهيون. ڪتا سي به ولايتي پاليندا آهيون، راڪ اينڊ رول پارٽي ملهائيندا آهيون، ڊائيٽنگ ڪندا آهيون ته جيئن جسم نه پر فگر خراب نه ٿئي. مساج، وارڊ ڊرائي ڪرائڻ لاءِ مرد توڙي عورتون بيوٽي پارلر جو رخ ڪندا آهيون ۽ ڪٿي ته هاڻي مرد به پونيون ٻڌي گهمندي نظر اچن ٿا. ڦٽل ۽ ڦاٽل جينز سندن مرغوب لباس آهي ۽ ڦاٽل سائلينسر وارين گاڏين کي آڌي رات جو زور سان هلائڻ سندن محبوب مشغلو آهي.

هاڻي اسان جي مانَ وارن اديبن، سياستدانن، ڏاهن ۽ پارکوئن جا ٻار بيڪن اسڪولن ۽ گرامر اسڪولن ۾ پڙهن ٿا پر اسان هر سماجي ۽ سياسي جلسي ۾ مشاعري، فڪري نشست ۽ ويهڪ ۾ ساڳيا مهانڊا ڏسون ٿا ۽ اهي وري ڳالهائڻ مهل چون ٿا ته لطيف ڌرتي جو شاعر هو، لطيف عوامي شاعر هو، لطيف ان ڪري مقبول آهي، ڇو جو هن شاعري ڪئي هئي ماروئڙن جي، هاڻي جي کانئن پڇا ڪجي ته هر سال لطيف جي شاعري وارو رسالو گهڻو ڇپجي ٿو ۽ گهڻو کپي ٿو ته هيڏانهن هوڏانهن نهارڻ شروع ڪندا. سنڌ مان نڪرندڙ رسالن جو تعداد…؟ ته به گهري خاموشي! ٻولي جي سڌاري وارو ادارو به رڳو سال ۾ 6، 7 ڪتاب ڇاپي محسوس ٿو ڪري ته ٻولي جي خدمت ٿي وئي! پر ٻولي کي ايندڙ چئلينجن جي ڪنهن کي به پرواهه ناهي.

اڄ جي جديد زماني ۾ ٻولي اها ڪامياب ٿيندي جيڪا ڪاروبار واري ٻولي هوندي، اسان وٽ اسان جا ادارا ڪو به تحقيقي، سائنسي ايجادات وارو ڪم ڪن ڪونه پيا پر ٻاهرين دنيا ۾ الاهي ساريون ايجادون ٿين پيون ۽ اهي اوزار هٿيار پهنوار، گهريلو زندگي جون شيون، اسان جي مارڪيٽ ۽ گڏوگڏ زندگي ۾ شامل ٿي رهيون آهن؛ جن جو ڪو به متبادل لفظ، نالو اسان وٽ آهي ئي ڪونه! مثلن، فرج، ٽي وي، ايئرڪنڊيشنر، موبائل فون، انٽرنيٽ، رڪشا، ڪار، بس، موٽرسائيڪل، نائيٽروجن، هائڊروجن، آڪسيجن، ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ، ميٿين، اسٽيٽو اسڪوپ، ايڪسري، اي سي جي، باءِ پاس، انڊو اسڪوپي، جوسر، گرائينڊر، بلينڊر، ڊسٽر، بليڪ بورڊ، واٽر ڪولر، ڊيفريزر، آئيس ڪريم، هاڻي جي حساب ڪجي ته هزارين نالا هن وقت اسان جي زندگي ۾ شامل آهن. ڇا اسان وٽ انهن جا ڪي متبادل لفظ آهن؟ ڇا اسان جي ٻولي جي ماهرن، اڪابرن ۽ سڻڀين پوسٽن تي ويٺل ادارن جي سربراهن شروع کان انهن لفظن جا ڪي متبادل سنڌي لفظ جوڙيا؟ جواب ناڪار ۾ آهي. پوءِ ٻولي ڪيئن بچندي، تهذيب ۽ ثقافت ڪيئن پروان چڙهندي!؟

اڄ عوام ته ٺهيو پر مون سميت مون جهڙن کوڙ سارن کي لطيف جي شاعري ۽ سندس ٻولي سمجهه ۾ اچي ڪا نه ٿي. اسين ۽ اسان جا ادارا رڳو وتن ميلا ملهائيندا، لطيف کي هڪ پير، بزرگ جو درجو ڏئي سندس عرس جون تقريبون ڪرائي، ڪانفرنس ۾ ڪارڊ ورهائي چڱن چوکن مٽن مائٽن کي گهرائي باقي عام ماڻهو جي داخلا بند، اهڙن ڪارڊن لاءِ مون الاهي سارن چڱن ماڻهن کي سفارش ڪرائيندي ڏٺو آهي. انهن ڪانفرنسن ۾ شامل ٿيل ماڻهن مان به صرف چوٿائي اهڙي هوندي آهي جن کي مقالا ۽ راڳ سمجهه ۾ ايندو آهي، باقي رڳو رونشي خاطر يا معاشري ۾ پنهنجو قد ڪاٺ وڌائڻ لاءِ اهڙن ڪارڊن جي نمائش ڪندي نظر ايندا يا محفل ۾ ويهي ذڪر ڪندا ته رات ڪانفرنس ۾ هي آيو هو .

يا هن کي ههڙا ڪپڙا پاتل هئا پر اصل موضوع ۽ اصل ڳالهه جي خبر نه هوندي آهي. هاڻي اهڙين حالتن ۾ ٻولي جو بچاءُ ڪيئن ٿيندو؟ ٻولي کي عام ڪيئن ڪبو؟ سو ماهرن لاءِ سوال آهي. اسان جا ادارا ۽ انهن جون سڻڀيون پوسٽون هاڻي پنهنجن سياسي نظرياتي حمايتين کي خوش رکڻ جو ذريعو بڻجي چڪيون آهن. هاڻي ٻولي جو بچاءُ ۽ تحفظ ڪيئن ٿيندو؟ ڇا اڳتي هلي اسان به اهڙي زبان ڳالهائينداسين، جنهن ۾ سنڌي جا ڪي ٻه چار لفظ هوندا، باقي ٻولي ڌارين جي هوندي. هن وقت به حال اهو آهي جو اڌواڌ ڳالهائڻ مهل لفظ اسان ڌاريا ٿا استعمال ڪريون ۽ اڳتي الائي ڪهڙو حال ٿيندو! ڌارين جي ثقافت، ڪلچر جي يلغار جو بجاءِ اسان مقابلو ڪريون پر اسان جا چئنل پڻ سندن تقليد ۾ پنهنجي ثقافت ۽ ٻولي ڇڏي مارڪيٽ ۾ هلندڙ ٻولي ۽ ڌاري ثقافت جو ورجاءُ ڪندي نظر اچن ٿا. جي چئبن ته چوندا ڪمرشلزم جو زمانو آهي، ترقي ٿيندي به ائين جو اوهان مڙني سان گڏجي هلو، هونئن به چئنل ڪو ٻولي جي بچاءُ لاءِ ڪونه کوليا اٿئون، ضرور ڪجهه هڙ حاصل به ته ڪرڻي آهي.