تازيون خبرون

Daily Archives: July 22, 2015

پنجاب ۾ ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي، سوين ڳوٺ ٻڏي ويا، سنڌ جو ڪچو به پاڻي هيٺ اچي ويو

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌو درياءَ ۾ مسلسل چاڙهه جو سلسلو جاري آهي، ڪچي جا وڌيڪ ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا، ماڻهن لڏپلاڻ شروع ڪري ڇڏي، پنجاب ۾ برساتن ۽ ٻوڏ تباهي مچائي ڇڏي، سنڌو درياءَ ۾ ليا واري هنڌ 5 لک ڪيوسڪ جو وهڪرو گذري رهيو آهي، راجنپور، ليه ۽ مظفرڳڙهه جا سوين ڳوٺ ٻڏي ويا. گڊو بيراج جو مٿانهون وهڪرو 3 لک 53 هزار ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 27 هزار 582 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي، سکر بيراج جو مٿانهون وهڪرو 2 لک 83 هزار 212 ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 27 هزار 582 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. ڪوٽڙي بيراج جو مٿانهون وهڪرو 78 هزار 792 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 38 هزار 97 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪجهه ڏينهن اندر سکر ۽ گڊو بيراج ۾ وڌيڪ چاڙهه جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. سنڌو درياءَ ۾ چاڙهه سبب سکر، پنوعاقل، روهڙي ۽ علي واهڻ جاڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، جڏهن ته ڪچي جي ماڻهن پاران پاڻ مدد تحت لڏپلاڻ شروع ڪئي وئي آهي. پنجاب جي علائقي ڪوٽ مٺڻ وٽ وڏي ٻوڏ جي خدشي سبب لڏپلاڻ تيز ٿي وئي آهي، راجن پور ۽ ڪوٽ مٺن واري هنڌ سنڌو درياءَ ۾ 5 لک 20 هزار ڪيوسڪ جو وهڪرو گذري رهيو آهي، سوين ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا. پي ڊي ايم اي جي ترجمان مطابق راجنپور جا 50 ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي چڪا آهن، ليا جا 71 ڳوٺ ۽ مظفرڳڙهه جا 10 ڳوٺ ٻوڏ جي پاڻي جي گهيري ۾ اچي ويا آهن. متاثر علائقن مان وڏي انگ ۾ ماڻهن پنهنجي مدد پاڻ تحت لڏپلاڻ شروع ڪري ڇڏي آهي، لڏپلاڻ دوران راجن پور ۾ 6 ورهين جو ٻار ٻڏي فوت ٿي ويو. ڪوهه سليمان تي برساتن بعد ندين نالن کي گهارا پئجي ويا، ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو، انتظاميه راجن پور جي علائقي حاجي پور ۾ رليف ڪيمپ قائم ڪري ورتي آهي. سنڌو درياهه جي وهڪرن ۾ مسلسل چاڙهه سبب گڊو جي ڪچي جا ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، علائقي مان وڏي انگ ۾ ماڻهن جي پڪي ڏانهن لڏپلاڻ جاري آهي، جڏهن ته متاثرن جي امداد ناهي ٿي سگهي. گڊو بيراج وٽ پاڻي جو مٿانھون وھڪرو 3 لک 53 ھزار 71 ڪيوسڪ ٿي ويو آهي، جڏھن ته ايندڙ ٻن ڏينهن اندر وڏو پاڻي جو ريلو اچڻ جو امڪان پڻ آھي.. سنڌو درياءَ ۾ چاڙھ بعد گڊو جي ڪچي جي ڳوٺ جتوئي سولنگي، ڳوٺ دلبر ماڇي، ڳوٺ گل حسن سولنگي، ڳوٺ علي نواز سولنگي، ڳوٺ حضور بخش سولنگي، ڳوٺ محمد مراد چاچڙ، ڳوٺ عبدالله چاچڙ، ڳوٺ عبدالرحمان واگھڙ، ڳوٺ ممتاز مزاري ۽ ڳوٺ يار محمد مزاري سميت سوين ڳوٺ پاڻي ھيٺ اچي ويا آھن. ھزارين ايڪڙن تي بيٺل فصل پڻ پاڻي ھيٺ اچي ويو آھي، جنهن سبب ڳوٺاڻن کي ڪروڙين روپين جو نقصان ٿيو آهي، وڏي وزير جي حڪم باوجود ڪشمور ضلعي جي انتظاميه متاثرن جي ڪا به مدد نه ڪري رهي آهي، بي گھر ٿيندڙ ماڻھو پنھنجي مدد پاڻ ڪچي کان پڪي طرف لڏپلاڻ ڪري بندن تي اجها اڏي رھيا آھن. ڪيترائي ڳوٺاڻا ڪا به سھولت نه ھجڻ سبب ڪچي اندر پاڻي ۾ ڦاٿل آھن، تعلقي انتطاميه توڙي ضلعي انتظاميه ڪچي اندر ڦاٿل ماڻھن کي ٻاھر ڪڍڻ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا آھن. ھوڏانهن، گڊو بيراج وٽ پاڻي جي سطح ۾ مسلسل واڌ ٿيڻ سبب گھوٽڪي فيڊر ۽ ڀنگ بچاءُ بند ۾ ڪيترن ئي ھنڌن تي لڳل غيرقانوني پائيپ نه ھٽايا ويا آھن جنهن سبب بچاءُ بندن تي وڏو زور پئجي ويو آھي…..

 

بينظير ڀٽو قتل ڪيس: وڪيل آخري شاهد پيش ڪرڻ ۾ ناڪام، مشرف جي آزادي جا چٽا امڪان

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سربراهه بينظير ڀٽو جي قتل جي ڪيس ۾ اڳوڻي صدر ۽ رٽائرڊ جنرل پرويز مشرف جي وڪيل دعويٰ ڪئي آهي ته مخالف وڪيل ڪيس ۾ آخري شاهد پيش ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيا آهن جنهن سان اڳوڻي صدر کي آزاد ڪرڻ جا امڪان چٽا ٿي ويا آهن، ياد رهي ته گذريل هفتي بينظير قتل ڪيس جي ٻڌڻي دوران وڪيل ن خلاف گواهه قرار ڏنل انٽيلجنس بيورو جي اڳوڻي چيف اعجاز شاهه کي شاهدن جي لسٽ مان ڪڍي چڪا آهن، پرويز مشرف خلاف بينظير قتل ڪيس 2010 ۾ 4 شاهدن جي گواهي تي قائم ڪيو ويو هو، شاهدن ۾ اڳوڻو گهرو سيڪريٽري سيد ڪمال شاهه، اڳوڻو ڊي جي نيشنل ڪرائيسز مينيجمينٽ سيل رٽائرڊ برگيڊيئر جاويد اقبال چيما، اڳوڻو آءِ بي ڊائريڪٽر جنرل رٽائرڊ برگيڊيئر اعجاز شاهه، هڪ آمريڪي مارڪ سيگل شامل آهن، ڪمال شاهه ۽ اقبال چيما پنهنجا بيان عدالت ۾ هلندڙ سال جنوري ۾ رڪارڊ ڪرائي ڇڏيا، خانگي ٽي وي مطابق مشرف جي وڪيل ايڊووڪيٽ الياس صديقي جي دعويٰ آهي ته ڪمال شاهه ۽ اقبال چيما ٻنهي پنهنجي بيان ۾ مشرف خلاف شاهدي نه ڏني آهي.

 

وزيراعظم طرفان برساتن سبب چترال ۾ ٻوڏ جي ڪري جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار

اسلام آباد(اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف تازين برساتن ۽ ٻوڏ سبب چترال ۾ ٿيل جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. اڱاري ڏينهن جاري ڪيل بيان مطابق وزيراعظم محمد نواز شريف اڱاري ڏينهن ئي چترال جي ٻوڏ متاثر علائقن جي دوري تي وڃڻ چاهي پيو پر موسم خراب هجڻ جي ڪري لاهور مان نه نڪري سگهيو. وزيراعظم موسم جي صورتحال بهتر ٿيندي ئي متاثر علائقن جو دورو ڪندو. وزيراعظم اين ڊي ايم اي کي هدايت ڪئي آهي ته صوبائي ڊزاسٽر مينيجمين ٽ اٿارٽي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن سان گڏجي رليف ۽ ريسڪيو جي ڪوششن کي تيز ڪيو وڃي. اين ڊي ايم اي ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ سرگرميون اڳ ئي شروع ڪيون ويون آهن. وزيراعظم نيشنل هاءِ وي اٿارٽي کي به هدايت ڪئي آهي ته اين 45 کي کليو رکيو وڃي جيڪو چترال کي قومي شاهراه واري نيٽ ورڪ سان ملائي ٿو.

 

بلاول دبئي ۾ اجلاس سڏائي ورتو، احتساب عمل جي منظوري ڏيڻ جو امڪان

ڪراچي (اين اين آءِ) ڪرپشن ۾ ملوث سنڌ جي صوبائي وزيرن ۽ اعليٰ عهدن تي ويٺل سرڪاري آفيسرن جي احتساب جون تياريون شروع ٿي ويون آهن بلاول ڀٽو زرداري سنڌ جي وڏي وزير کي مشاورت لاءِ دبئي طلب ڪري روتو سنڌ جا وزير ۽ بيورو ڪريسي ۾ بي يقيني واري ڪيفيت پيدا ٿي ويئي آهي ذريعن مطابق بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سيد قائم علي شاهه کي صوبائي ناڻي وزير مراد علي شاهه سان گڏ دبئي طلب ڪري ورتو آهي هن ملاقات ۾ صوبائي وزيرن ۽ بيورو ڪريسي ۾ تبديلين تي مشاورت ڪئي ويندي ذريعن مطابق اهم سرڪاري عهدن تي ويٺل اعلي آفيسرن جون لسٽون تيار ڪيون ويون آهن جن تي ڪرپشن جا الزام آهن ۽ انهن جي خلاف اينٽي ڪرپشن جي ذريعي احتساب جي عمل جي باقاعده منظوري ڏني ويندي سنڌ حڪومت جي بيورو ڪريسي ۽ صوبائي ڪابينه ۾ شامل وزيرن جي قلمدانن ۾ به وڏيون تبديليون ڪيون وينديون.

 

موجوده حڪومت سنڌ اندر رستن ۽ پلن جو ڄار وڇائڻ چاهي ٿي: خورشيد شاهه

نوشهرو فيروز (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه روهڙي ڪينال تي 10 ڪروڙ روپين جي لاڳت سان تعمير ٿيل پل جو افتتاح ڪيو. ان بعد ڳوٺ الله ڏتو ڀنڀرو ۾ سندس مان ۾ ڏنل عيد ملن پارٽي ۾ مهمان خاص جي حيثيت ۾ تقرير ڪندي سيد خورشيد احمد شاهه چيو ته سنڌ جي موجوده حڪومت چاهي ٿي ته سنڌ اندر رستن ۽ پلن جو ڄار وڇايو وڃي ته جئين ملڪ ترقي ڪري ۽ عوام کي سهولت فراهم ٿي سگهي. ان چيو ته اسان سڀ بنيادي طور ڪارڪنآهيون ۽ پي پي جي طاقت ۽ سڄاڻ سندس ڪارڪن ئي آهي ان چيو ته پي پي ملڪ ۾ جمهوريت جي سياست کي متعارف ڪرايو اهو ئي سبب آهي جو پي پي ڪڏهن به اقتدار جي پويان نه ڊوڙي آهي هن چيو ته قائد اعظم پاڪستان ٺاهيو جڏهن ته شهيد ذوالفقار ڀٽو ملڪ بچايو هن چيو ته بدقصمتي سان 55 سالن تي ملڪ تي آمرن حڪومت ڪئي اسان جو ملڪ معدني خرانن سان مالا مال آهي پر پوءِ به اسان غريب ڇو آهيون اسان جي ڪوشش آهي ته ملڪ ۾ تعليم ۽ صحت جي صورتحال بهتر ٿئي ته جئين عوام ۽ ملڪ ترقي ڪري سگهي، هن چيو ته ورڪر اڄ به پي پي سان گڏ آهي جڏهن ته اقتدار جا بکيا ۽ کوٽا پي پي کي ڇڏيندا پيا وڃن. هن چيو ته پي پي جو تصور آهي طاقت جو سرچشمو عوام آهي هن چيو ته وقت اچي ويو آهي ته ملڪ ۽ جمهوريت کي بچائڻ لاءِ عوام اڳتي اچي. ان موقعي تي مهذبي معاملن ۽ اوقاف کاتي جي صوبائي صلاحڪار سينيٽر عبدالقيوم سومرو چيو ته سيد خورشيد شاهه قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جو مثبت ۽ بهترين ڪردار ادا ڪري رهيو آهي جنهن سان جمهوريت جي واڌ ويجهه ۾ مدد ملندي هن چيو ته موجوده حڪومت عوام جي بهتري لاءِ جاکوڙي رهي آهي، پي پي جي قيادت ۽ ورڪرزن پنهنجون قربانيون پيش ملڪ ۽ جمهوريت کي بچايو آهي ۽پي پي 18 آئيني ترميم ڪري صوبن کي وڌيڪ خودمختيار ۽ مضبوط ڪيو آهي، ان موقعي تي ميمبر قومي اسمبلي سيد اصغر علي شاهه، پي پي جو اڳوڻو صوبائي وزير عبدالحق ڀرٽ پڻ عيد ملن پارٽي کي خطاب ڪيو. جڏهن ته پي پي اڳواڻ ۽ ميزبان غلام فاروق ڀنڀرو آيل مهمان جو شڪريو ادا ڪيو.

 

عام چونڊن ۾ امڪاني ڌانڌلي جي ٻڌڻي ڪندڙ جڊيشنل ڪميشن جو اهم اندروني اجلاس اڄ ٿيندو

اسلام آباد(بيورو)عام چونڊن 2013ع ۾ امڪاني ڌانڌلين جي ٻڌڻي ڪندڙ جڊيشل ڪميشن جو اهم اندروني اجلاس سڀاڻي ٿيندو، جنهن ۾ ڪميشن رپورٽ ٺهڻ ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويندو.ذريعن مطابق سڀاڻي ٿيندڙ اجلاس ۾ عام چونڊن ۾ امڪاني ڌانڌلين تي جڊيشل ڪميشن جي هاڻي تائين ٺهندڙ رپورٽ جي روشني ۾ فائنڊنگ تي به غور ڪيو ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته جڊيشل ڪميشن ۾ ٻنهي پاسن جي وڪيلن جا دليل، گواهن جي بيانن ۽ رڪارڊ تي آيل ثبوتن جي گهڻي حدتائين رپورٽ ٺاهڻ جا گهڻا ڪم پورا ٿي چڪا آهن.ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته اجلاس ۾ وڪيلن جي دليلن، گواهن ۽ باينن ۽ پيش ڪيل رڪارڊ جي رپورٽ ٺاهڻ کانپوءِ جڊيشل ڪميشن جي سهڪاري ڪي ڪي آغا ان باري ۾ پنهنجي تجزياتي رپورٽ به ڪميشن جي اڳيان رکندو، جڏهن ته ڪميشن ان سموري عمل ۽ حقيقتن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ پنهنجي فائنڊنگ ڏيندي. ذريعن مطابق نئين فائنڊنگ اچڻ کانپوءِ رپورٽ پوري ٿي ويندي جنهن کي صدر مملڪت کي موڪليو ويندو.

 

صفوران سانحي ۾ ملوث دهشتگرد اسد الرحمان سرڪاري گواهه بڻجي ويو، اهم انڪشاف

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صفوران سانحي ۾ ملوث گرفتار دهشتگرد اسد الرحمان ڪيس ۾ وعده معاف ٿي ويو، جڏهن ته ڏوهاري ميجسٽريٽ جي اڳيان بيان رڪارڊ ڪرايو، جنهن ۾ ڏوهاري مطابق ڏوهاري اعليٰ تعليم يافتا آهي ۽ هن ڪراچي مان تعليم حاصل ڪئي، جنهن کانپوءِ 2006ع ۾ پابندي مڙهيل تنظيم ۾ شامل ٿي ويو.ٻئي پاسي اسد الرحمانکي وعده معاف گواهه بڻجڻ سبب نرم رويو اختيار ڪندي جيل موڪليو ويو، جڏهن ته پوليس رپورٽ مطابق اسد الرحمان پوليس اهلڪارن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ به ملوث رهيو آهي. ڏوهاري جو پنهنجي بيان ۾ چوڻ هو ته هو پنهنجي ڪيل عملن تي شرمسار آهي ۽ بي ڏوهي انسانن کي نقصان پهچائڻ جو کيس ڏک آهي، جڏهن ته هو قانون جي مدد ڪري پنهنجي ڏوهن جي بخشش ڪرائي رهيو آهي.

 

مهاجرن جي حقن ۽ کين سندن جائز مقام ڏيارڻ جي جدوجهد پنهنجي آخري پساهه تائين ڪندو رهندس: الطاف حسين

لنڊن (اين اين آءِ) ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ الطاف حسين چيو آهي ته مان پنهنجي ماءُ خورشيد بيگم ولدحافظ حاجي رحيم بخش قادري جو قسم کائي چوان ٿو ته مان مهاجرن کي سندن جائز حق ڏيارڻ ۽ کين انهن جو جائز مقام ڏيارڻ جي جدوجهد پنهنجي آخري پساهه تائين ڪندو رهندس پوءِڇو نه ان جدوجهد جي ڏوهه ۾ مون تي ڪيتريون ئي سختيون وڌايون وڃن هن چيو ته ظلم جي خلاف مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال جي نتيجي ۾ جيڪڏهن مان الله کي پيارو ٿي ويس ته منهنجو موت منهنجي قسم جي سچائي جو ثبوت هوندو. الطاف حسين اها ڳالهه ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائين زيرو ۽ انٽرنيشنل سيڪريٽريٽ ۾ رابطا ڪميٽي لنڊن ۽ پاڪستان جي ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪئي.

 

ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو بجلي جي پيداوار 16 هزار 925 ميگاواٽ تائين پهچي وئي

اسلام آباد(بيورو) ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو بجلي جي پيداوار 16 هزار 925 ميگاواٽ تائين پهچي وئي، جڏهن ته کوٽ 3 هزار ميگاواٽ تائين آهي، هن وقت شهري علائقن ۾ 6 ۽ ٻهراڙين ۾ 8 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي. پاڻي ۽ بجلي واري وزارت عيد جا ٽئي ڏينهن لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جي پڪ ڏياري هئي پر عيد کان هڪ ڏينهن پهرين 5 کان 6 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ جو نئون شيڊول جاري ڪيو ويو. ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو بجلي جي پيداوار 16 هزار 925 ميگاواٽ تي پهچي وئي آهي، جڏهن ته کوٽ 3 هزار ميگاواٽ آهي ۽ هڪ ٻن ڏينهن اندر پيداوار 17 هزار ميگاواٽ تائين پهچڻ جو امڪان آهي. ذريعن مطابق نيشنل گرڊ سسٽم جي اپ گريڊيشن سب رڪارڊ بجلي ورهائي پئي وڃي، ان کان پهرين جنوري ۾ نيشنل گرڊ 15 هزار 400 ميگاواٽ جو بار نه پئي کڻي سگهي،

 

گلگت بلتستان ۾ نيب جي ماتحت آفيس کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ضروري اپاءُ ڪيا وڃن: چيئرمين نيب

اسلام آباد (اين اين آءِ) قومي احتساب بيورو جي چيئرمين قمر زمان چوڌري جي صدارت هيٺ نيب هيڊ ڪوارٽرز ۾ هڪ اجلاس ۾ گلگت بلتستان ۾ نيب جي ماتحت آفيس جا معاملا بهتر بنائڻ لاءِ اپاءُ وٺڻ تي غور ڪيو ويو اجلاس ۾ ڊي جي نيب راولپنڊي اسلام باد جن جي ماتحت گلگت بلتستان جو ماتحت آفيس ڪم ڪري رهيو آهي چيئرمين نيب کي ان حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني هن ٻڌايو ته نيب جو گلگت بلتستان ماتحت دفتر 2005 ۾ قائم ڪيو ويو اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته گلگت بلتستان ۾اينٽي ڪرپشن جو ڪوئي صوبائي يا علائقائي سيٽ اپ موجود نه آهي هن ٻڌايو ته چيئرمين نيب جي هدايت تي گلگت بلستان ۾ نيب جي ماتحت دفتر ۾ تازو ئي 3 آفيسرز معاون اسٽاف ۽ لوجسٽڪ سهولتون ڏنيون ويون آهن وڌيڪ ته سڀ آفيس گلگت بلستان ۾ پوليس اسٽيشن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي چيئرمين نيب قمرزمان چوڌري چيو ته نيب ملڪ مان ڪرپشن ختم ڪرڻ جو عزم ڪري ڇڏيو آهي هن چيو ته گلگت بلتسان ۾ نيب جي ماتحت آفيس خاص اهميت واري اهي چيئرمين ڊي جي نيب راولپنڊي کي هدايت ڪئي ته گلگت بلتستان ۾ نيب جي ماتحت دفتر کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ضروري اپاءُ ورتا وڃن ته جيئن گلگت بلتستان جي عوام جي ڪرپشن جي حوالي سان شڪايتون سندن درن تي ختم ڪري سگهجن.