تازيون خبرون

Daily Archives: July 17, 2015

بالي ووڊ بي بي ڊول ڪترينه ڪيف 32 هين سالگرهه ملهائي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ بِي بي ڊول ۽ خوبصورت ترين اداڪاره ڪترينا ڪيف اڄ پنهنجي 32 هين سالگرهه ملهائي رهي آهي. 16 جولاءِ 1983ع تي هانگ ڪانگ ۾ جنم وٺندڙ ڪترينا ڪيف جا والدين برطانوي شهريت رکندڙ آهن پر هنن پنهنجي زندگي جو ڳــَچ عرصو چين، جاپان، فرانس، سوئزلينڊ، برلن، بيلجيئم ۽ آمريڪي رياست هوائي ۾ گــُذاريو جنهن بعد هـُو مستقل طور ڀارتي شهر ممبئي ۾ منتقل ٿيا. 14 سالن جي عمر ۾ ماڊل طور پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪندڙ ڪترينا ڪيف بالي ووڊ ۾ قدم 2003ع ۾ فلم ”بوم“ ذريعي ڪئي جيڪا باڪس آفيس تي ناڪام ثابت ٿي. ڪترينا جون 2005ع ۾ آيل فلم ”مينـَي پيار ڪيون ڪيا“ ۽ 2006ع ۾ رليز ٿيل فلم هم ڪو ديوانا ڪر گئـَي ڪا خاص ڪاميابي حاصل نه ڪئي. ڪترينا تي قسمت جي ديوي 2007ع ۾ مهربان ٿي، سندس آيل فلمون ”نمستـَي لنڊن“، اَپنـَي، پارٽنر ۽ ويلڪم چڱيون خاصيون ڪامياب رهيون. ڪترينا جي فلمن ريس، سنگهه، اِز ڪنگ، نيويارڪ، عجب پريم ڪـِي غضب ڪهاني، راج نيتي، زندگي نا مليگـِي دوبارا، ميريَ برادري ڪــَي دلهن ، ايڪ ٿا ٽائيگر ۽ بينگ بينگ کي باڪس آفيس تي بيحد ڪاميابي حاصل ٿي. ڪترينا ڪيف کي فلمن ۾ بهترين پرفارمنس ڏيکارڻ تي ڪيترائي ايوارڊن پڻ نوازيو ويو. آئٽم نمبر شيلا ڪــِي جواني ۽ چِڪنــِي چميلــِي ذريعي باڪس آفيس تي ڌاڪو ڄمائيندڙ بار بي ڊول جي سلمان خان سان آيل فلم اَيڪ ٿا ٽائيگر، شاهه رخ خان سان ”جب تڪ هــَي جان“ ۽ عامر خان سان آيل ”ڌوم ٿِري“ سئو ڪروڙ کان وڌيڪ بزنس ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيون. پنهنجي خوبصورتي ذريعي ڪروڙين مداحن جي دلين ۾ گهر ڪندڙ ڪترينا ڪيف کي هن وقت تائين چار ڀيرا ايف ايم ايڇ ميگزين طرفان دنيا جي پـُرڪشش ترين عورت قرار ڏنو ويو آهي. ڪترينا ڪيف جي ايندڙ فلمن ۾ رنبير ڪپور سان ”جـَگا جاسوس“، سيف علي خان سان ”فينٽـَم “ ۽ اَدتيا راءِ ڪپور سان فتور شامل آهن.

 

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ” بجرنگي ڀائيجان“پاڪستاني سينيمائن ۾ رليز ڪرڻ خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد: (شوبز نيوز) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بالي ووڊ فلم” بجرنگي ڀائيجان“ جي پاڪستاني سينيما گهرن ۾ رليز خلاف داخل ڪيل درخواست رد ڪري ڇڏي. الائنس فار ويلفيئر سوسائٽي فار ڊولپمينٽ ايڊووڪيسي پاران داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي جسٽس عمر فاروق ڪئي. پٽيشنر جي وڪيل بيرسٽر مسرور شاهه عدالت آڏو پيش ٿي موقف اختيار ڪيو ته بجرنگي ڀائيجان ۾ پاڪستان خلاف تمام گهڻو اعتراض جوڳو مواد شامل آهي.درخواست ۾ سينٽر بورڊ فار فلم سينسر ۽ فيڊريشن آف پاڪستان کي ڌر بڻايو ويو آهي. درخواست ۾  اهو به چيو ويو ته فلم  جي ڪهاڻي هڪ هندستاني شخص پون چتر ويدي عرف بجرنگي ڀائيجان جي چوڌاري گهمي ٿي، جيڪو بنا سفري دستاويزن جي پاڪستان ۾ داخل ٿئي ٿو، پٽيشنر مطابق فلم جو ڪردار بهادري سان اسان جي سرحدن جي حفاظت لاءِ چوڪس هٿياربند فوج کي دوکو ڏيڻ سان گڏوگڏ اسان جي پوليس جو مذاق اڏائڻ توڙي پاڪستاني پهلوانن کي مات ڏئي رستم پاڪستان جو اعزاز حاصل ڪرڻ به آهي. ٻڌڻي کانپوءِ عدالت واضح ڪيو ته درخواست ٻڌڻي جوڳي ناهي، ڇو ته پٽيشنر کي ان معاملي ۾ ڳالهائڻ جو ڪو حق ناهي. عدالت جو چوڻ هو ته پٽيشنر پنهنجي درخواست سان گڏ لاڳاپيل دستاويز به پيش ناهن ڪيا، ان ڪري اها رد ڪئي وڃي ٿي.

 

سريلنڪا هٿان شڪست، پاڪستان عالمي ون ڊي رينڪنگ ۾ نائين نمبر تي اچي ويو

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان سريلنڪا کان ٻي ون ڊي مئچ ۾ شڪست کانپوءِ هڪ درجو گهٽجڻ بعد عالمي رينڪنگ ۾ نائين نمبر تي اچي ويو. آءِ سي سي جي نئين ون ڊي رينڪنگ موجب آسٽريليا پهرين، ڀارت ٻئي، جڏهنته نيوزيلينڊ ٽئين نمبر تي آهي. ڏکڻ آفريقا جي شڪست ڏئي بنگلاديش ستين پوزيشن تي موجود آهي، جڏهن ته سريلنڪا کان ٻي ون ڊي ۾ شڪست بعد پاڪستان هڪ درجو گهٽجڻ بعد اٺين مان نائين پوزيشن تي اچي ويو آهي. بيٽسمينن ۾ ڏکڻ آفريقا جو اَي بِي ڊيويليئرز پهرين، سريلنڪا جو ڪمار سنگاڪارا ٻئي ۽ ڏکڻ آفريقا جو ئي هاشم آملا ٽئين نمبر تي آهي. بالرز جي رينڪنگ ۾ آسٽريليا جو مچل اسٽارڪ پهرين، نيوزيلينڊ جو ٽرينٽ بولٽ ٻئين ۽ ويسٽ انڊيز جو سـُنيل نارائڻ ٽئين نمبر تي آهي. پاڪستان جو جادوگر اسپنر سعيد اجمل هڪ درجو گهٽجڻ بعد اٺين پوزيشن تي اچي ويو آهي. پاڪستان جو محمد حفيظ آل رائونڊرز جي رينڪنگ ۾ هڪ درجي جي ترقي کانپوءِ چوٿين نمبر تي اچي ويو آهي

 

ٻن عنصرن مان رڳو هڪ خراب واري مشهور حڪمت: ڊاڪٽر ايوب شيخ

ڪالهه پاڪستان آرمي مان رٽائرڊ ٿيل ۽ اڄڪلهه ٽي وي چينلن تي ”عسڪري تجزئي نگار“ طور مشهور ٿيل ميجر محمد عامر چيو آهي ته ملڪ جون حالتون جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ خراب ٿيون، جنهن بنا سوچڻ سمجهڻ جي پاڪستان کي عالمي جنگ جو حصو بڻائي ڇڏيو، جيڪي ماڻهو سمجهن ٿا ته ”جهاد افغانستان“ انهن خرابين جي جڙ آهي، انهن ئي فتنا ۽ فساد وڌايا هيا، پر اصل ۾ ”پرائي جنگ“ کي ”پنهنجي جنگ“ بڻائڻ جي ڪري اهي حالتون پيدا ٿيون، نه ته افغان مجاهدين ته چمڪندڙ ستارا آهن. رٽائرڊ ميجر عامر وڌيڪ چيو آهي ته جيڪي دانشور ”سٺن“ ۽ ”خراب“ طالبان جو ذڪر ڪري حالتون منجهائين ٿا ، انهن کان مان پڇان ٿو ته، تازو ڪوهه مريءَ ۾ طالبان سان جيڪي ڳالهيون ڪيون ويون، ته پوءِ انهن ڳالهين لاءِ ڇا چوندا؟ هن ديني مدرسن جي تپاس کان پوءِ ايڪشن جي حمايت ڪندي چيو ته ملڪ ۾ موجود اڪثر ديني مدرسا ملڪ جي ”بچاءءَ جي لائين“ آهن.

پاڪستان ۾ ٻن قسمن جا دانشور ناهن، پنجن ستن قسمن جا آهن. انهن دانشورن ۾ هڪڙا سماجي دانشور آهن ۽ ٻيا وري عقيدي، دفاع، سياست ۽ سماج جا دانشور آهن. پاڪستان جي گهٽ آزاد ميڊيا اها رياستي ضرورت آهي ته انهن کي پراڻي حساب ڪتاب کي جاري رکڻ لاءِ انهن جا ڪي نه ڪي اهڙا دانشور، لکاري، ڪالم نويس، ٽي وي ائنڪر، ٽي وي تي ايندڙ ماهر هجن، جيڪي انهن جي موقف کي جيئن جو تيئن پيش ڪري سگهن. پاڪستان جي ميڊيا جي آزادي جي شرح سمجهڻ گهرجي ته اها عوام جي اصلي موضوعن جي لاءِ 15 سيڪڙو ۽ باقي اشوز لاءِ 85 سيڪڙو آزاد آهي. ان ڪري ڪڏهن ڪڏهن ٽي وي ڏسندڙ توڙي اخبار پڙهندڙ پنهنجو پاڻ کان اهو سوال پڇڻ شروع ڪندا آهن ته، ڪاش! هيءَ ڳالهه سامهون هجڻ گهرجي ها، يا فلاڻي کي هيءَ ڳالهه چوڻ ۽ لکڻ گهرجي. پر آزادي نه هجڻ جي ڪري، اهو سڀ ڪجهه عوام جو ”پنهنجو پاڻ کان ئي سوال“ رهيل آهي، جنهن جو جواب ئي ڪونهي. اهو جواب آزاد ميڊيا هڪ ڏينهن ضرور ڏيڻ شروع ڪندي، پر ان جي پُٺيءَ تي ڪئين ڏهاڪن جا سوال، واقعا، سانحا، پاليسيون پڻ سٿيل هونديون.

ٽي وي چئنلن وري هڪڙو نئون اصول ٺاهي ڇڏيو آهي. اهي عام طور، خاص طور ۽ دعويٰ طور ظاهر ۾ جمهوري آهن، اهي پاڻ جمهوريت جي خلاف  هڪ لفظ به ڳالهائڻ سٺو نه ٿاسمجهن. پر، اهي پنهنجي ميزبانن ۽ پئنلن ۾ اهڙا ميزبان ۽ مهمان رکن ٿا، انهن کي ڳالهائڻ لاءِ گهرائين ٿا، جيڪي جمهوريت جي حمايت ۾ هڪ لفظ به ڳالهائڻ لاءِ تيار ناهن. انهن کي نالو يا لقب ڏنو ويو آهي: ”سينئر سياستدان“ يا ”سينئر تجزئي نگار“ يا ”دفاعي تجزئي نگار“.

ميجر عامر 1989ع ۾ ملڪي سياست ۾ مشهور ٿيو. هن جو جوڙيوال ”امتياز بلا“ اهي ڪردار آهن، جن نواز شريف جي حمايت ۾ بينظير ڀٽو جي پهرين سرڪار (1988-1990) جي خاتمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هيو. هنن جو ڪم هڪڙو هيو ته پيپلزپارٽي جي حامي ميمبرن ۽ ايم اين ايز کي سندي پارٽيءَ کان پري ڪن. ان سلسلي ۾ هنن پ پ پ  جي پهرين سرڪار جي خاتمي لاءِ مشهور ” آپريشن مڊنائيٽ جيڪال“ ۾ بهرو ورتو هيو ۽ وقت کان اڳ، سرڪار کي گهر ڀيڙو ڪيو هئائون.

تازو، ميجر محمد عامر کي ٽي وي چينلن تي ”عسڪري تجزئي نگار“ طور پيش ڪري ان جي نقطن کي وڏي شدمد سان پيش ڪيو پيو وڃي.

عام حالتن ۾ سڪي جا ٻه پاسا هوندا آهن. ”هڪ سج ٻه پاڇا“ جو عام پهاڪو اسان جي سامهون هوندو آهي. شيون يا سٺيون هونديون آهن يا خراب. اڇي جي سامهون ڪارو هوندو آهي، ڏينهن سان رات، صبح سان شام، غلامي سان آزادي ابتڙ طور پيش ڪئي ويندي آهي. پر ميجر عامر پنهنجي ڪمال ڪاريگري بدران ”سادي ڪاريگري“ استعمال ڪندي ٻه ”خراب“ رکي عوام جي اڳيان پيش ڪيا آهن ته جيئن هڪ کي بهتر ۽ ٻئي کي خراب ڪوٺيو وڃي. ان سلسلي ۾ هن جي ڪالهه واري بيان ۾ جنهن نموني رٽائرڊ جنرل پرويز مشرف کي حالتن جو ذميدار ۽ تحريڪ طالبان کي چمڪندڙ ستارو ڪوٺيو آهي، ان تي عجب، حيرت ۽ تپرس کائڻ جي ڪابه گهرج ڪانهي.

جي ميجر عامر درست آهي، ته ؟

هڪڙي لحظي لاءِ، جي سندس بيان کي اهم سمجهيو وڃي، درست سمجهيو وڃي، پاڪستان جي سمورين حالتن جو ذميدار ئي جنرل پرويز مشرف کي سڏيو وڃي ۽ جيئن موصوف سمجهي ٿو ته جنرل پرويز مشرف ”پرائي جنگ“ کي ملڪ اندر آڻي ان کي ”پنهنجي جنگ“ بڻائي ڇڏيو هيو. ته ڇا اهو سوال پيدا ڪري سگهجي ٿو ته، آميريڪا جيڪو ڏکڻ ايشيا ۾، 1977ع کان سوويت يونين جي خلاف هيو ۽ آميريڪا افغانستان ۾ سوويت حامي افغان سرڪار ڊاهڻ جي حق ۾ هيو، ان لاءِ هن ويجهي سرحدي ملڪ پاڪستان کان مدد ورتي ۽ ان دور جي آرمي چيف جنرل ضيا الحق آميريڪا جي مدد ڪندي، جيڪي به گهرجون هيون، جيڪي به آميريڪي ضرورتون هيون، انهن سڀني کي پورو ڪرڻ لاءِ رات پيٽ ۾ تيار ٿي ويو. ڏسندي ڏسندي ٽيهه لک افغان پناهگير پاڪستان جي ڪنڊڪڙڇ ۾ ڇانئجي ويا، سماجي طور ملڪ جو ڪلچر بدلجي ويو، ننڍي هٿيار جي جاءِ تي ڪلاشنڪوف اچي ويئي، نشي پتي جا مامرا ان کان سواءِ هيا. پاڪستان هلندي هلندي، عقيدي جي نالي ۾ هڪ اهڙي جنوني معاشري ۾ بدلايو ويو ، جنهن کي اڄ تائين سڀ پيا ڀوڳيون.

ميجر عامر آرمي چيفن مان ٻن جنرلن يعني جنرل ضياالحق جي ڳالهه ڪرڻ بدران هڪ جنرل جي ڳالهه ڪري ٿو ۽ هڪ کي پنهنجي ڳالهه ۾ ئي نه ٿو اوري. پر پنهنجي تاريخي ڪردار ۾ اهي ٻيئي پاڪستان واسطي خطرناڪ رهيا آهن. انهن ملڪ کي خطرن کا سواءِ ٻيو ڪجهه به نه ڏنو آهي.

ميجر عامر اها ڳالهه ڇو ٿو ڪري؟

چون ٿا ته  ميجر محمد عامر کي اخباري ۽ ميڊيائي مشهوري ۽ پبلسٽي وڻي ٿي. ان ڪري موصوف جي اسلام آباد واري بنگلي تي بقول محترما عائشه صديقا جي ته، صحافين جو هڪ حصو وٽس مانيون کائي ٿو ۽ اهو ئي حصو، شام جو ٽي ويئين تي ويهي رزق حلال ڪري ٿو. پر هو طالبان يا مجاهدين جي حمايت ان ڪري ڪرڻ لاءِ مجبور آهي ته ميان نواز شريف جي (ويجهو هجڻ جي ڪري) پاران طالبان سان ڳالهين واسطي جڏهن پهرين ڪميٽي ٺهي ته ان ۾ کيس ميمبر طور کنيو ويو. وقت هلندي هن ملا فضل الله سان پنهجا واسطا وڌايا. هڪ ڏينهن ميان محمد نواز شريف پهرين ڪميٽي کي ختم ڪري ڇڏيو، پر ان ۾ هڪ فيڪٽر ساڳيو هيو، اهو هيو سندس نالو ۽ ان ٻئين ڪميٽي ۾ سندس موجودگي.

موصوف رٽائرڊ ميجر پنهنجي ضيائي فلسفي تي هلندي، هڪ پاسي افغان مجاهدين ( پوءِ طالبان) سان ڳالهين ۾ رڌل آهي. انهن طالبان جي فڪري مخالفت ۾ جيڪي پهريان نالا آهن انهن ۾ جنرل پرويز مشرف جو نالو پڻ موجود آهي. جنهن ڪري، اها سندس مجبوري آهي ته هو جنرل پرويز مشرف جي خلاف شدمد سان بيان جاري ڪري. جڏهن ته ، اصل سچائي اها آهي، جيئن شاهه لطيف جي بيت جي سٽ آهي ته، ” ڳورا ٻيئي پار، هينئڙو مون هُت ٿيو“ ته نه جنرل پرويز مشرف سٺو آهي ۽ نه وري مجاهدين.

چون ٿا ته  ميجر محمد عامر کي اخباري ۽ ميڊيائي مشهوري ۽ پبلسٽي وڻي ٿي. ان ڪري موصوف جي اسلام آباد واري بنگلي تي بقول محترما عائشه صديقا جي ته، صحافين جو هڪ حصو وٽس مانيون کائي ٿو ۽ اهو ئي حصو، شام جو ٽي ويئين تي ويهي رزق حلال ڪري ٿو.

 

ماضي: آئندي جو اتساهه : عبدالرزاق عمراڻي

سون ورني سنڌ ۽ سندس سٻاجهن ماڻهن کي تاريخ جي دري کولي جڏهن به ماضيءَ ۾ جهاتي پائڻ جو موقعو مليو ته هر طرف هيرون، هٻڪارون، سچائي، سخاوت، بهادري، جدوجهد جا انيڪ داستان مشاهدي لاءِ مليا ۽ انهن ۾ وري ديومالائي ڪردار جن سچ ۽ حق جو ساٿ ڏيڻ ۾ وڏي ۾ وڏي قرباني جان جي قرباني ڏيڻ کان به نه ڪيٻايو، سامن، ننگن، دنگن جي حفاظت لاءِ کرڙي جا ميدان سجايا ته ڪڏهن ديبل، نيرون ڪوٽ، جهوڪ ۽ مياڻي ۾ مهاڏا اٽڪايا، سندن فنڪارن، ڏاهن، سگهڙن، شاعرن، اديبن، ڪلاڪارن رت جا ڏيئا ٻاري فن پارا تخليق ڪيا، ڪيڏار لکيا، قوم ۾ جوش ۽ جذبو جاڳايو.

هاڻ جي ماضيءَ جي معرڪن جو ذڪر ٿو ڪجي ته ڪجهه ڌريون چون ٿيون ته بابا اڄ جي ڳالهه ڪريو، جيئن:

جن کي عشق جاڳايو، سي نيڻين ننڊون ڪيئن ڪن،

پيئيُ پيالا پر ٿيا، هٿئون حبيبن،

صورت سپرين جي اٺئي پهر پسن،

مراد مرادون تن پير گڏجي پوريون ٿيون.

جدوجهد يا جاکوڙ اڄ به جاري آهي، اڄ به حالتون لڳ ڀڳ ساڳيون ئي آهن، ماضيءَ جو ورجاءُ آهي، اڄ به مسافر هر طرف آهن، کين خبر آهي ته هلڻ سان هوت ملندو.

ويهه م کڻج وک، هل ته ملين هوت کي،

ڏکئون چڙهندين ڏک سيج پسندينءِ سسئي.

بيشڪ سستي، ڪاهلي ڪنهن به قوم يا انسان جي اجتماعي زندگي ۾ هڪ اهڙو موذي مرض آهي جيڪو قوم توڙي فرد کي تباهي جي ڪناري تي پهچايو ڇڏي، سو سچ جون ڌارائون اڄ ٻه طرفيون آهن، هڪ سوچ اڄ سرس ۽ سوائي آهي ته سنڌ ۽ سنڌ جا ماڻهو خواب ۽ غفلت ۾ آهن ته ٻي سوچ آهي هائو ٻيلي اڃا رڃ مان رڙ اچي پئي اچي، متان سمجهين مئا مور سارا.

ايازگل چواڻي ته؛

سو سورن جي وچ ۾ دل منهنجي ڌڻ سان ڄڻ ته ڌنار وانگي آ،

هر خوشي قرض ۾ هلي ٿي وڃي، ماستر جي پگهار وانگي آ،

دک جي نه پڄاڻي آ، هر شخص ڪهاڻي آ،

احساس بنا ماڻهو اخبار پراڻي آ.

بيشڪ اسان جي هن غلاماڻي سماج جيڪا ڀيانڪ صورت اختيار ڪئي آهي ان جي نشاني اسان جا احساس ۽ جذبا آهن، جن جي لتاڙ جيئن جو تيئن جاري آهي، ان مصيبت اسان جا رويا ترش ڪري وڌا آهن، هينئر هرڪو پنهنجي ليکي پيو پڄري ۽ اذيت پيو برداشت ڪري. بيشڪ اڄ جو دور سائنس جو دور آهي ۽ سائنس هر شعبي ۾ ترقي ڪئي آهي، چاهي اها صنعت هجي، زراعت هجي يا وري اليڪٽرانڪ ميڊيا هجي. ان ڪري ماڻهن جي سوچ جا زاويا بدلجي ويا آهن، بيشڪ اڄ جي ماڻهو وٽ محبت ماپڻ جو اوزار به مٽجي چڪو آهي ان ڪري پنهنجو ڪالهه، اڄ ۽سڀاڻ محفوظ ڪرڻ ايترو ڏکيو آهي، جيترو واريءَ کي مٺ ۾ قيد ڪرڻ. بيشڪ اڄ جو دور لطيف وارو دور نه آهي جڏهن نار وهندا هئا جنهن لاءِ ئي ڀٽائي چيو ته:

تري ڀڳل ڪنگري ٺلها ڦيرا ڏئي،

نڪي ڏئي نڪي نئي پر سلهاڙي وڃي سڄڻين.

ها اڄ جي دور ۾نار جي جڳھ تي ٽيوب ويل آهن ۽ ڪنگري جو ڪارج ويو ختم ٿي، ٻيلا ويا ڪٽجي، ريتون ويون بدلجي، ان ڪري ان ڪرت سان سلهاڙيل لفظ ويا متروڪ ٿي، پر اڄ به پڙهبو ته ضرور ڪنگري جو ذڪر ايندو، بيشڪ ڪي مون پارا ڀڳل ڪنگري هجن، جن جي اڄ ضرورت نه آهي پر سلهاڙي هلڻ، گڏ بيهڻ، موجود رهڻ، ٻين کي احساس ڏيارڻ ته ڪو ته گڏ آهي، توڙي جو مدي خارج آهي، ڪم جو نه آهي، سوچ وسيع ۽ قلب روشن نه اٿس، اڄ جي جديد حالتن پٽاندڙ لٻاِڙي آهي، ماضي جا قماياداش پر حال کان بيگانو آهي، مستقبل تي نظر نه اٿس، اهو سچ ٿي سگهي ٿو پر اوهان سان گڏ آهي، سلهاڙيل آهي، اهو ضرور ياد رکو ڇو جو گڏ هجڻ به تقويت، طمانيت جو احساس ڏياري ٿو، اڄ جي جديد دور ۾ بيشڪ آتڻ ۽ اوڏ اسان لاءِ اجنبي آهي پر ماضي جي تخليقڪارن کين ادب ۾ آڻي محفوظ بڻائي ورتو آهي.

ڇنل ڇڄ هٿن ۾ ڪلهن ڪوٽارا،

پورهئي خاطر پنهنجي اٺن سوارا.

اوڏ به ويچارا لاکا وڃن لڏيو.

يا

پاڻي پاند ڪپاھ جان مون آتڻ نهاريو،

کڻي ڪانه پساھ سرتيون وڃي ستيون.

جي اڄ اسان انهن شين جو ذڪر ۽ ورجاءُ نه ڪنداسون ته اسان پنهنجي ڌرتي، ٻولي ۽ اجرڪ کان اجنبي بڻجي وينداسون، ڏاهن چواڻي ته جڳھ به اها جٽاءُ ڪندي جنهنجو بنياد اونهو رکيل هجي.

سو جي اهو چئجي ته اهل مدينه کان پوءِ اهل سنڌ کي اها وشال ڪائنات ۾ سگھ آهي ته هن موت سان اکيون اکين ۾ ملائي موت کي للڪاريو آهي ته ڪا ٻٽاڪ يا هوائي توائي، سکڻي ڳالھ نه آهي پر ماضي شاهد آهي ۽ حال به گواھ آهي ۽ تسلسل به آهي. راءِ ِسهارس جو ڪيڪنان جي پهاڙن ۾ موت کي للڪارڻ، مخدوم بلاول جو گهاڻي ۾ پيڙهجڻ، شاهه عنايت جي جهوڪ ۾ شهادت ماڻڻ، مائي بختاور جي حق لاءِ ويڙھ، ذوالفقار علي ڀٽو جي آڻ نه مڃڻ، پنڪي جو ڪارساز واقعي کان پوءِ به ثابت قدمي سان موت کي للڪارڻ، شهيد نظير عباسي جو ٽارچر سيل مان چچريل لاش ملڻ، جي ايم سيد جي ستٽيھ سال جيل ياترا ۽ نظر بندي، ايمان جي سلامتي سان ڄام ساقي جو لاهور جي قلعي مان موٽڻ، مائي جندو جو انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ زيب النساءِ ۽ حاڪم زادي جو پاڻ ساڙڻ، ايم آر ڊي تحريڪ، ٻٽي نظام جي خاتمي جي جدوجهد شاهد آهن انهن ڳالهين جون ته اسان جو رڳو ماضي نه پر حال به مسلسل جاکوڙ جو ساکي آهي. ها اهو سچ آهي ته انساني دماغ ڪمپيوٽر ايجاد ڪيو آهي، ماڻهو مريخ تي رهڻ جو سوچي پيو، گهرجون بدليون آهن، خطن جي جڳھ ميسيجن والاري آهي، سالن جا سفر ڏينهن ۾ ۽ ڏينهن جو سفر ڪلاڪن ۾ طئي ٿي رهيو آهي، خريداري لاءِ ڪريڊٽ ڪارڊ اچي چڪو آهي، آئون به اهو نه ٿو چوان ته منهن نه ڌوئڻ گهرجي، ان عذر خاطر ته پاڻي جي کوٽ آهي يا غربت آهي!

آئون چاهيان ٿو ته عالمي لاڙن جي ڄاڻ ضروري آهي. علم حاصل ڪرڻ اهم آهي، اجتماعي سوچ اچڻ اهم آهي، گلا، غيبت جو خاتمو ضروري آهي پر ماضي کي ياد ڪرڻ به اوترو ئي اهم آهي جو حال جي حقيقتن تائين رسڻ لاءِ ماضي جي ڄاڻ انتهائي ڪارگر ثابت ٿي سگهي ٿي. موهن جي دڙي کي ياد ڪنداسون ته حال جي حقيقت کي پرکي سگهنداسون پر ضروري آهي ته تاريخ درٻارين جي لکيل نه هجي ڇو جو درٻاري تاريخ نويس ۽ سندس لکيل تاريخ  ڪمند جي رس چوسيل پوٻي وانگر هوندي آهي بيشڪ حالتون هيئن آهن ته

سنڌ ايڪهين صدي ۾ زندگي ڳولي پئي.

جيئن مڇي سنڌو ندي ۾ زندگي ڳولي پئي.

بيشڪ صديون پهرين به سنڌ وڙهي آ ۽ اڄ ايڪهين صدي ۾ به سنڌ جون حالتون ساڳيون جنگ واريون آهن جو سنڌو اڄ به قيد آهي، جنهن ۾ پلجندڙ جيوت حياتي جي ڳولا ۾ آهي پر ٽي سو سال گذرڻ باوجود لطيف جون هيٺيون سٽون اڄ به امر آهن:

اڃان تو منجهان ڪک ڇهي رت نڪري،

ڪيئن جهليندي منهن ۾ محبوبن جا گهاءَ،

سو تون ڪڄاڙا سڪڻ جون سڌون ڪرين.

لاشڪ ڪک جي ڇهڻ سان به رت نڪريو اچي، اسان پارن جو، واقعي ئي خوف ۾ ورتل آهيون، زندگي جي رنگينين اسان کي به گروي ڪري ورتو آهي، اسان ۾ گيدي پڻو واسو ڪري ويٺو آهي پر اڄ به اسان جا شاعر اسان کي جاڳائن ٿا ۽ چون ٿا:

تون دار جي سرڪڻ ۽ زندان کا ڇرڪين ٿو،

ڇا ڀونءِ جو ماڻهوءَ تي قرض به نه ٿيندو آ (ساحر)

ڀونءِ جو قرض ادا ڪرڻ لاءِ جديديت سان گڏ قديم قدرن ۽ وکرن کي سنڀالڻ گهرجي. نماڻي چيو هو ته

ڇا هٿ ڪٽيا، ڇا قلم ٽٽا، تاريخ ته پوءِ به ڳالهائيندي،

هي ڌنڌ هٿن ڪوهيڙ ٽٽڻ سڀ روشن چارا ٿي ويندا.

سو يارو تاريخ کي ياد ڪرڻ ۽ بار بار ماضي جا حوالا ڏيڻ ڏوھ نه آهي، اڄ به سنڌ ارڏا، بهادر، ڏاها، پارکو، ڄاڻو، علم دوست، علم پرور، شاعر، اديب، فنڪار، ڪلاڪار، ڏات ڌڻي ۽ سماج سڌارڪ ڄڻي پئي، جيڪي پنهنجي ٻولي، پنهنجن دنگن ۽ ننگن جي حفاظت لاءِ جان جو نظرانو پيش ڪرڻ کان نه ٿا ڪيٻائن، پر ها لاشڪ ڪن کي سندن اها ڪرت اڻ لاڀائتي ۽ فضول ڀاسجندي هوندي پر منهنجو ايمان آهي ته هر عمل جو ڪو نه ڪو ڦل ضرور ملندو آهي ۽ آئون جڏهن اهو ورجائيندو آهيان ته منهنجي سنڌ جو ماضي، اسان جي تاريخ، اسان جي سورهيائي وارا عمل ته اهو ذهن ۾ ضرور هوندو آهي ته اڄ تاريخ لکجي پئي، اڄ جو مورخ اڄ جون حالتون رقم ڪري پيو، بيشڪ آئون تري ڀڳل ڪنگري آهيان پر سلهاڙيل ضرور آهيان، وڳر کان الڳ ناهيان، وڳر سان گڏيل آهيان توڙي جو منهنجو پورهيو تڇ برابر به نه آهي پر من مون کي ان ڪري مان ملي جو آئون به ساٿين سان گڏ آهيان.

منهنجي هٿ ۾ گلدستو، هن جي هٿ ۾ پڙهو،

محبت قيد لڪيرن ۾ پاڙيو ساڙيو هي نقشو،

ڪجھ ڦٽ وري اڊڙيا ، ڪجھ گهاو ڀريا آهن،

هڪ عشق ٻيو آزادي جذبا ئي چريا آهن. ( اياز گل)

 

ويانه معاهدو ۽ ايران جو مستقبل…….!

ايران تي 2003ع کان آميريڪا عالمي اقتصادي پابنديون لڳايون ۽ مٿس الزام لڳايو هيون ته اهو ڏکڻ ايشيا ۾ ائٽمي ڦهلاءِ ڪري رهيو آهي. ان سلسلي ۾ هن جي لاءِ سمورا ملڪ بند ڪيا ويا، سندس سمورن ملڪن سان رستا ۽ واسطا محدود ڪيا ويا هئا. آسٽريا جي راڄڌاني ويانا ۾ 2006ع کان ٿيندڙ انهن ڳالهين ۾ دنيا جون ائٽمي طاقتون ۽ سلامتي ڪائونسل جا پنجئي مستقل ميمبر آميريڪا، روس، برطانيا، چين، فرانس، جرمني ۽ ايران وچ ۾ مسلسل موجود رهيا. ايران تي 2003ع کان انهن پابندين جي ڪري جيڪي سماجي ۽ معاشي طور اثر پيا ۽ ناڪاري نتيجا نڪتا، اهو هڪ الڳ باب ئي سهي پر هن معاهدي جي ڪري ايران پاڻ کي جڙتو پنجوڙ مان ڇڏائي ورتو آهي. دنيا ۾ قومن ۽ ملڪن جي لاءِ عيدن کان سواءِ به ڪي عيدون اينديون آهن، انهن جي لاءِ نه چنڊ گهُرجن، نه چنڊ ڏسڻيون ڪميٽيون، بس ڪي اهم ۽ وڏا واقعا گهرجن، ڪي قومن تي پيل زنجير ٽوڙڻ جون ڳالهيون هجن، ڪي پابنديون ختم ڪري آزاديون ملهائجن. انهن ئي واقعن ۾ هڪ وڏو واقعو اڄ آسٽريا جي شهر ويانا ۾ ٿيو آهي، جنهن ۾ دنيا جي ڇهن عالمي طاقتن ۽ ايران وچ ۾ ائٽمي پروگرام کي محدود ڪرڻ وارو عالمي معاهدو ٿيو آهي. 13 ورهين کان ايران تي لڳل پابنديون ختم ٿيڻ جا سنئوڻ پيدا ٿيا آهن ۽ 12 سالن تائين ايران کي پابند بڻايو ويو آهي ته اهي ملڪ اندر ۽ علائقي ۾ ائٽمي ڦهلاءَ جي باري ۾ دنيا سان گڏ رهندو. ايران جي پرڏيهي وزير جواد ظريف ۽ يورپي يونين جي پرڏيهي وزارت جي نمائيندي فريڊريڪا موگريني گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ ان ٺاهه جي ٿيڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ان جي منظور ٿيڻ لاءِ ان جو مسودو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل آڏو پيش ڪيو ويندو. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ”بان ڪي مون“ ان ٺاهه کي تاريخي سڏيندي آجيان ڪئي آهي. هن چيو آهي ته هن کي اميد آهي ته ان ٺاهه وسيلي وچ اوڀر ۾ سيڪيورٽي خطرن سميت گهڻ معاملن جي حوالي سان سهڪار وڌنڌو. گڏيل قومن جو ادارو سمورين ٺاهه ڪندڙ ڌرين سان سهڪار ڪرڻ لاءِ هروقت تيار آهي. آميريڪي صدر باراڪ اوباما ان ٺاهه تي تبصرو ڪندي چيو آهي ته هو گذريل ڇهن ورهين کان صدر آهي ان عرسي ۾ اهو سڀ کان ڏکيو فيصلو هيو. اسان ايراني ائٽمي مرڪز تباهه به ڪري پئي سگهياسي، پر ان سان وچ اوڀر ۾ هڪ ٻي جنگ شروع ٿي وڃي ها، پر اسان پرهيز ڪئي.  ان ٺاهه وسيلي ايران لاءِ ائٽمي هٿيار حاصل ڪرڻ جون سڀ راهون بند ڪيون ويون آهن. اهو ٺاهه ائٽمي هٿيارن جي ڦهلاءَ آڏو وڏي رڪاوٽ آهي. هن چيو ته جي هي ٺاهه نه ٿئي ها ته دنيا جا ٻيا ملڪ به ائٽمي هٿيارن جي ڊوڙ ۾ شامل ٿي وڃن ها ۽ دنيا ۽ ان جو امن ڀسم ڪري ڇڏين ها. هن چيو ته جي ڪانگريس ان ٺاهه کي منظور نه ڪيو ۽ رد ڪيو ته ”ان کي ويٽو ڪري ڇڏيندو“ ايران جي صدر حسن روحاني ان ٺاهه جي ساراهه ڪندي چيو آهي ته ”اڄ اسان هڪ اهم هنڌ تي پهتا آهيون، اهي ائٽمي ٺاهه دنيا جي واسطن جي نئين شروعات آهن، انهن ٺاهن ۾ ”کٽڻ ۽ هار“ جو مامرو ناهي. هن چيو ته هن ٺاهه منجهان رڳو اسرائيل ۽ صيهوني قوتون خوش نه هونديون ۽ انهن جي ابتڙ غزه، لبنان ۽ يروشلم ۽ اوڀر اردن جا عوام خوش ٿيا آهن. فرانسيسي صدر ”فرانسوا اولاند“ چيو آهي ته عالمي طاقتن کي ان ٺاهه کان پوءِ ايران تي پابنديون هٽڻ کان پوءِ، ان ڳالهه تي مسلسل چوڪسي ڪئي ويندي ته هاڻي ايران پنهنجي معاشيات کي ڪيئن ڪتب آڻي ٿو. هن ايرا کي گذارش ڪئي ته هو شام جي گهوٽالي کي حل ڪرڻ ۾ مدد ڪري ۽ ان لاءِ کيس سهڪار ڪرڻو پوندو. پاڪستان ايران ۽ الهندي ملڪن وچ ۾ ٿيندڙ عالمي ٺاهه جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي وزارت پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستان هميشه ايران جي ائٽمي مامرن جي تڪرار کي پرامن ڳالهي وسيلي حل ڪرڻ جي حمايت ۽ وڪالت ڪئي آهي. بيان ۾ اميد ظاهر ڪئي ويئي آهي ته پاڪستان کي اميد آهي ته ان ائٽمي ٺاهه تي سموريون ڌريون عمل ڪنديون. ايران سان ائٽمي مامرن تي، عالمي قوتن جي ٿيل ٺاهه جي ڪري سڀ کان اهم ۽ هاڪاري اثر ايران جي سمورن پاڙيسري ملڪن تي پوندا. ان سلسلي ۾ ايران جي سرحدن تي موجود ملڪ ترڪي، عراق، افغانستان، پاڪستان جي واسطي ايران جا مارڪيٽ ۽ واپاري منڊيون کلي وينديون. پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ پاڪ-ايران گئس لائين واري منصوبي ٺهڻ جا امڪان وڌي ويندا ۽ ان وسيلي پاڪستان کي کربين رپين جو ساليانو فائدو پوندو. ان ٺاهه جي ڪري ايران عالمي ملڪن سان برابري ۽ بنياد جي ڪري جيڪي واسطا وڌائيندو ان سان ايران جي تاريخ ۽ ڪلچر جا تمام وڏا اثاثا دنيا جي ملڪن ۾ واقفيت لاءِ وڌنڌا. ان ٺاهه وسيلي عرب رياستن ۽ ايران وچ ۾ جيڪي مفاصلا وڌيا هيا، انهن جي گهٽجڻ جو پڻ امڪان پيدا ٿيندو. ايران لاءِ ان کان وڏي عيد ڪهڙي ٿي سگهي ٿي. !