تازيون خبرون

Daily Archives: July 16, 2015

پاڪستان ڀارت جو جاسوس ڊرون جهاز ڪيرائي وڌو،ڀارتي هاءِ ڪمشنر طلب

راولپنڊي(اي پي پي) پاڪستان اربع ڏينهن لائين آف ڪنٽرول وٽ ڀمڀر ويجهو پاڪستان جي حدن اندر داخل ٿيندڙ ڀارتي جاسوس ڊرون جهاز کي ڪيرائي وڌو. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري کاتي آءِ ايس پي آر مطابق ان جاسوس ڊرون کي فضائي فوٽو گرافي لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهيسيالڪوٽ جي فڪ ليان سيڪٽر ۾ ڀارتي فوج فائرنگ ڪئي جڏ0هن ته پاڪ رينجرز پاران جاري ڪارروائي کان وءِ ڀارتي فائرنگ بند ٿي ويئي تفصيلمطابق اربع جي صبح ڀارتي فوج سيالڪوٽ جي ويجهي سرحدي علائقي فڪ ليان سيڪٽرن ۾ فائرنگ ڪئي جنهن جو پنجاب رينجرز پاران ڀرپور جواب ڏنو ويو ۽ ڀارتي فائرنگ بند ٿي ويئي. ذريعن مطابق ڀارتي فورسز پاران ننڍا وڏا هٿيار ۽ مارٽل گولا استعمال ڪيا ويا فائرنگ جي ڏي وٺ کان پوءِ علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو.

 

ميگا ڪرپشن اسڪينڊ ۾ وصول ٿيل 265 ارب روپين جا تفصيل اڄ طلب

اسلام آباد (بيورو) سـُپريم ڪورٽ، ميگا ڪرپشن اسڪينڊل ۾ نيب پاران وصول 265  ارب رپين جا سڀاڻي تائين تفصيل ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جسٽس جواد ايس خواجه ريمارڪس ۾ چيو آهي ته 15 سالن کان التويٰ هيٺ ڪيسز تي  رحم اچي رهيو آهي، نيب کي ڪم ناهي ڪرڻو ته اداري کي بند ڪري ڇڏيو. جسٽس جواد ايس خواجه جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ ڏيڍ سئو ميگا ڪرپشن اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻيءَ دوران جسٽس جواد ايس خواجه ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ٻيهر جمع ڪرايل ترميمي رپورٽ ۾ خانو ۽ شڪايت ڪندڙ جا تفصيل هاڻي ڇو شامل ڪيا ويا آهن، پهرينرپورٽ ۾  مڪمل تفصيل ڇو نه هئا. نيب جي پراسڪيوٽر عدالت کي آگاهه ڪيو ته ڏيڍ سئو ميگا ڪرپشن اسڪينڊل ۾ 600 ارب رپين جي ڪرپشن ٿي، جن مان 2 سئو 65 ارب رپيا وصول ڪيا ويا آهن. جسٽس جواد ايس خواجه هدايت ڪئي ته سڀاڻي تائين ٻڌايو وڃي ته ڪيتري رقم رضاڪاراڻي طور تي واپس ٿي آهي ۽ ڪيتري رقم پلي بارگيننگ جي هئي. جسٽس جواد ريمارڪس ۾ چيو ته کيس انهن تي رحم اچي رهيو آهي، جن جا ڪيس 15 سالن کان التويٰ هيٺ آهن، نيب ته هڪ فون ڪال تي ڪيس بند ڪري ڇڏيندو آهي، جيڪڏهن ڪنهن تي ڪيس ٺهي ٿو ته هلڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ بند ٿيڻ گهرجي. نيب جي پراسيڪيوٽر چيو ته هـُو ماضي جي ذميواري نٿا کڻي سگهن، سندن 2014 واري ڪارڪردگي تي نظر وڌي وڃي. نيب پراسڪيوٽر چيو ته خانگي بينڪ جي مالڪ ميان منشا کي گذريل ڏينهن طلب ڪيو هو، جنهن مهلت طلب ڪئي آهي. نيب پراسڪيوٽر عدالت کي استدعا ڪئي ته کين جواب داخل ڪرڻ لاءِ عيد کانپوءِ جو وقت ڏنو وڃي. عدالت، نيب  جي استدعا رد ڪندي حڪم ڏنو ته وصول ڪيل 265 ارب رپين بابت سڀاڻي تائين تفصيل ڏنا وڃن، جنهن بعد ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي

 

صدر قيدين جي سزائن ۾ گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد – 15 جولاءِ (اي پي پي) صدر ممنون حسين وزيراعظم محمد نواز شريف جي ايڊوائيس تي عيدالفطر جي موقعي تي قيدين جي سزائن ۾ خصوصي گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪالهه اربع ڏينهن جاري بيان موجب سزائن ۾ ٽن مهينن جي خصوصي گهٽتائي عمرقيد جي قيدين جي لاءِ ڏني وئي آهي پر ان ۾ قتل، رياست جي خلاف سرگرمين، جاسوسي، انتهاپسندي، زنا، ڌاڙن، ڦرن، اغوا ۽ دهشتگردي جهڙن سنگين ڏوهن ۾ سزا وارا قيدي شامل نه آهن. اهڙي طرح سمورين ٻين قيدين جي سزائن ۾ ڏيڍ مهيني (45 ڏينهن) جي خصوصي گهٽتائي ڪئي وئي آهي جڏهن ته ان ۾ جاسوسي، رياست جي خلاف سرگرمين، دهشتگردي، زنا، اغوا، ڦرن، ڌاڙي ۽ فارنز ايڪٽ 1946ع جي تحت ٻين ڏوهن ۾ سزا کاڌل قيدي شامل نه آهن. سزائن ۾ اها خصوصي گهٽتائي انهن قيدين جي لاءِ هوندي جيڪي پنهنجي ٻه ڀاڱي ٽي حصو سزا ڪاٽي چڪا آهن. سزائن ۾ مڪمل معافي انهن 65 سال يا ان کان وڌيڪ جي عمر جي مرد قيدين ۽ 60 سال يا ان کان وڌيڪ عمر جي عورت قيدين جي لاءِ آهي جيڪي گهٽ ۾ گهٽ ٽيون حصو ڪاٽي چڪا آهن پر اها معافي قتل ۽ دهشتگردي جي خاتمي (ٻئين ترميمي) آرڊيننس 1999ع تحت دهشتگري جي ڪاررواين ۾ سزا کاڌل ڏوهارين جي لاءِ نه هوندي. اهڙي طرح قتل ۽ دهشتگردي کانسواءِ ٻين ڏوهن ۾ سزا ماڻيندڙ اهڙيون عورت قيدي جيڪي ٻارن سان گڏ قيد جي سزا ڪاٽي رهيون آهن انهن جي سزا ۾ هڪ سال جي خصوصي گهٽتائي ڪئي وئي آهي. ان کانسواءِ 18 سال کان گهٽ عمر جي قيدين جي لاءِ به مڪمل معافي آهي جن پنهنجي سزا جو ٽيون حصو مڪمل ڪري ورتو آهي پر اها گهٽتائي قتل، دهشتگردي، زنا، ڦر، ڌاڙي، اغوا ۽ رياست جي خلاف ڏوهن ۾ سزا کاڌل قيدين جي لاءِ نه هوندي. اي پي پي/ص – ج/ش – چ 15:34

حڪومت غير جمهوري قوتن سان گڏجي ايم ڪيو ايم کان ڪراچي ڦرڻ چاهي ٿي :الطاف حسين

لنڊن (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم جي سربراهه الطاف حسين چيو آهي ته حڪومت غير جمهوري قوتن سان گڏجي ايم ڪيو ايم کان ڪراچي ڦرڻ چاهي ٿي پر ڪنهن سازش سان ڪراچي تي قبضو نٿو ڪري سگهجي. سينيٽر ميان عتيق ۽ آرگنائي زنگ ڪميٽي سان ڳالهائيندي الطاف حسين چيو ته ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا رياستي آپريشن

ويو، ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن ۽ ذميوار تحريڪ خاطر جانيون ڏيندا رهيا. هن چيو ته اين اي 246 ۾ ايم ڪيو ايم کي هارائڻ لاءِ ڪابه ڪسر نه ڇڏي وئي پر ايم ڪيو ايم جي ڪاميابي سان سبق نه سکي

 

ڀارت 290 ارب جو دفاعي سامان خريد ڪندو: ڀارتي ميڊيا

نئين دهلي (اين اين آءِ) ڀارتي ميڊيا پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته ڀارت 29000 ڪروڙ رپين جو دفاعي سامان خريد ڪرڻ جي منطوري ڏيئي ڇڏي ڀارتي نشرياتي اداري زي نيوز مطابق ڀارتي دفاعي خريداري ڪائونسل جي هڪ اجلاس ۾ 290 ارب رپين کان وڌيڪ ماليت جي دفاعي خريدارين جي منظوري ڏني ويئي ڀارتي بچاءُ واري وزير منوهر پريڪر جي صدارت هيٺ هڪ اجلاس ۾ 4380 ڪروڙ رپين جا واڌو سامونڊي نگراني جا جهاز بوئنگ پي 81 جي خريداري جي منظوري ڏني ويئي ان کان علاوه 19900 ڪروڙ رپين جي ماليت سان 1960 جي ايل 70 ۽ زيڊ يو 23 جهاز ڪيرائيندڙ گنون تبديل ڪرڻ جي منطوري ڏني ويئي سرڪاري ذريعن مطابق 428 بندوقون دفاعي پروڪيورمينٽ پريسيجر جي ڪلاس تحت حاصل ڪيون وينديون دهلي ۾ 6 جنگي بحري جهازن ۽ تلوار ڪلاس جي هٿيارن ۽ سينسر جي نظام جي اپ گريڊيشن لاءِ 2900 ڪروڙ رپين جي منظوري ڏني ويئي گجرات ۾ براهومز ٽريننگ سينٽر لاءِ 3000 ڪروڙ رپيا ۽ ڀارتي بحريه جي ليگ 29 ڪي ايس ۽ هاڪ جهازن جي جنگي نماز لاءِ 200 ڪروڙ جي منظوري ڏني ويئي.

 

صوبي ۾ بجلي بحران تي ضابطي لاءِ قدم کنيا وڃن : سنڌ سرڪار جون ڊپٽِي ڪمشنرن کي هدايتون

ڪراچي (ار)ڊپٽي ڪمشنر آفيس خيرپور پاران هڪ نوٽيفيڪيشن جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ سنڌ حڪومت پاران صوبي ۾ توانائي جي بحران تي ضابطو آڻڻ لاءِ سنڌ جي وڏي وزير صوبائي توانائي ڪابينه ڪاميٽي جي فيصلن کي ساراهيندي ان تي عمل درآمد لاءِ توثيق ڪئي آهي ان لاءِ سنڌ حڪومت هڪ نوٽيفيڪيشن جاري ڪندي سنڌ صوبي جي سمورن ڊپٽي ڪمشنرز کي هدايت ڏني  آهي ته صوبي ۾ بجلي جي بحران تي ضابطو آڻڻ لاءِ فوري قدم کڻن ۽ صوبائي توانائي ڪابينه ڪاميٽي جي فيصلن تي عمل ڪرائڻ لاءِ سمورا اپاء وٺن ۽ سمورن ضلعن ۾ انتظاميه مارڪيٽ ، بازار، شاپنگ سينٽرز، دڪانون ۽ ٻيا ڪاروباري ۽ تجارتي مرڪزن کي رات 9 وڳيبند ڪرائڻ سان گڏو گڏ شادي هال ۽ ريسٽورينٽس کي رات جو 11 وڳي بند ڪرائن لاءِ هوٽل جي مالڪن ، بازارن ۽ مارڪيٽن جي يونين ،اسٽيڪ هولڊرز ۽ ٻين لاڳاپيل ماڻهن کي فوري آگاهي ڏين ان کان علاوه لوڪل گورنمنٽ ، ميونسپل ڪارپوريشن ،ٽائون ڪاميٽي ۽ ڪنٽونمنٽ بورڊ جي حدن ۾ موجود اسٽريٽ لائٽس کي فوري طور تي درست ڪيو وڃي ۽ ڪنهن به روڊ رستي، چوڪ ۽ ڳٽين ۾ اسٽريٽ لائٽ لڙڪيل نظر نه اچي نوٽيفيڪيشن ۾ اهو پڻ ڄاڻايو ويو آهي ته ضلعن ۾ اسٽريٽ لائٽس ۽ بل بورڊ کي شمسي توانائي واري نظام تحت هلائڻ لاءِ  منصوبه بندي ڪئي وڃي ته جئين هن بحران تي ظابطو آڻي سڳجهي نوٽيفيڪيشن ۾ سنڌ حڪومت جي توانائي کاتي کي پڻ هدايت ڏني وئي آهي ته پنهنجي اليڪٽريڪل انسپڪٽرن سان ڪارخانن ۽ انڊسٽريز ۾ خرچ ٿيندڙ بجلي جي پڻ آڊٽ ڪرائي وڃي ان کان علاوه عام ماڻهن ۾ جاڳرتا مهم هلائي وڃي ، پمفلٽ، بينرز ۽ ٻين  ذريعن سان بجلي جي بحران تي ضابطو آڻڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.اي پي پي/ ن – ش 13:49

 

آصف زرداري پاران ايران_ ڇهه ملڪي معاهدو خطي لاءِ ٽرننگ پوائنٽ قرار

اسلام آباد (بيورو) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ايران ۽ ايٽمي طاقتن ۾ معاهدي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته ايران جو ٻين ملڪن سان سهڪار، خطي جي ترقي، استحڪام ۽ امن لاءِ انتهائي اهم  آهي. هڪ جاري ڪيل بيان ۾ اڳوڻي صدر ۽ پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ايران مٿان پابنديون ختم ٿيڻ ۽ تهران جي 6 عالمي طاقتن سان معاهدي جي آجيان ڪئي آهي. آصف علي زرداري چيو آهي ته ايران جو ايٽمي طاقتن سان گڏ ويهي مسئلن کي حل ڪرڻ سفارتي ۽ ڳالهين جي ڪاميابي آهي، هي معاهدو خطي لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندو. آصف علي زرداري چيو ته ايران جو ٻين عالمي طاقتن سان سهڪار خطي جي ترقي، استحڪام ۽ امن لاءِ انتهائي ضروري آهي

 

بينظير قتل ڪيس؛مارڪ سيگل جي وڊيو بيان لاءِ عدالتي حڪم پهچائڻ بابت آمريڪي سفارتخاني جي خاطري

راولپنڊي (بيورو) آمريڪي سفارتخاني جي عملدار، شهيد بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ صحافي مارڪ سيگل جو وڊيو بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ عدالتي حڪم پهچائڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي آهي، جڏهن ته گهرو وزارت به انتظام مڪمل ڪرڻ بابت رپورٽ پيش ڪئي آهي. راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج راءِ ايوب مارٿ اڳوڻي وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻيءَ دوران پنجن شاهدن مان هڪ شاهد جو بيان رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته وڌيڪ چئن شاهدن کي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿيڻ لاءِ  سمن جاري ڪيا ويا آهن. آمريڪي سفارتخاني جي عملدار شڪيب الحسن عدالت ۾ پيش ٿي ٻڌايو ته وڊيو بيان رڪارڊ ڪرائڻ بابت  آمريڪي صحافي مارڪ سيگل تائين عدالتي حڪم ايندڙ ٻڌڻي تائين پهچايو ويندو. عدالت ۾ وفاقي گهرو وزارت پاران آمريڪي صحافي جو وڊيو بيان رڪارڊ ڪرڻ بابت انتظام مڪمل ڪرڻ واري رپورٽ به پيش ڪئي، جنهن بعد عدالت ٻڌڻي 23 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

ريحام خان جي ڊگري ڪوڙِ ي آهي(برطانوي ميڊيا) ، ان قسم جا حملا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن؛ عمران جي وني

اسلام آباد(بيورو)تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان جي گهرواري ريحام خان پنهجي ڊگري بابت برطانوي اخبار جي خبر بابت اڃا تائين ڪو جواب ناهي ڏنو پر هوءَ الٽو پنهنجي ٽوئٽر پيغام ۾ پاڪستاني ميڊيا ۽ برطانوي اخبار تي مڇرجي پئي. هن پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پاڪستان ۾ اهم مسئلي تي ڳالهايو وڃي ته هڪ خاص لابي حملو ڪري ٿي ڇڏي، ميڊيا اجائي امنهنجي ارادي کي ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. سندس چوڻ هو ته اهڙن ئي عملن جي ڪري مان نه ڊيلي ميل پڙهندي آهيان ۽ نه ئي وري پاڪستاني چينل ڏسندي آهيان

 

ضرورتن کان وڌيڪ سرپلس ڪڻڪ کي محفوظ ڪري رکيو وڃي ؛منظوروساڻ

ڪراچي (ار)خوراڪ واري صوبائي وزير منظور حسين وساڻ سيڪريٽري خوراڪ لئيق احمد کي هدايتون ڏنيون آهن ته سنڌ وٽ ان جي سالياني ضرورتن کان وڌيڪ سرپلس ڪڻڪ کي محفوظ ڪري رکيو وڃي ۽ خراب ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ سمورا اپاءُ اختيار ڪيا وڃن. هن چيو ته سرپلس ڪڻڪ کي نفعي بخش قيمتن تي عالمي منڊي ۾ برآمد ڪرڻ جو جائزو ورتو وڃي ۽ جيڪڏهن عالمي منڊي ۾ ڪڻڪ جي قيمت ڪريل هجي ۽ ڪڻڪ برآمد کان فائدو وٺڻ ناممڪن هجي ته ان ڪڻڪ کي خوراڪ جي کوٽ کان متاثر علائقن ۽ ٻين هنڌن تي اسٽال لڳائي رعايتي اگهن تي عوام کي مهيا ڪئي وڃي. صوبائي وزير چيو ته ان سلسلي ۾ ڪڻڪ جي عالمي منڊي ۾ قيمتن ۽ ٻين سمورن پهلوئن جو جائزو وٺي جلد کان جلد سفارشون پيش ڪيون وڃن ته جيئن صوبي وٽ موجود سرپلس ڪڻڪ ذخيري کي مناسب طريقي سان صوبي جي معيشيت جي استحڪام ۽ عوام جي سهولتن لاءِ بروقت استعمال ۾ آڻي سگهجي. هن خوراڪ کاتي جي آفيسرن تي واضح ڪيو ته موجود اسٽاڪ ۾ ڪنهن قسم جي خردبرد تي ذميوارن خلاف سخت کان سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.