تازيون خبرون

Daily Archives: July 15, 2015

ڪراچيءَ جون روشنيون اونداهي ۾ تبديل آخر ڇو؟

 

ڪراچي ۾ بجلي بريڪ ڊائون معمول بڻجي ويو. سڄو شهر اونداهي ۾ ٻڏي ويو. حڪومت ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا کي جيل موڪلڻ جي وارننگ ڏئي ڇڏي، جڏهن ته ڪي اليڪٽرڪ چيئرمين سي اي او طيب ترين کان استعيفيٰ گهري ورتي آهي. گذريل رات بن قاسم ٽرانسميشن لائن هڪ ڀيرو وري ٽرپ ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ بن قاسم ون ۽ ٽو جا سڀ يونٽ بند ٿي ويا، جنهن ڪري شهر جي وڏي حصي کي بجلي جي فراهمي بند ٿي وئي، جيڪا 8 کان 10 ڪلاڪ گذرڻ کانپوءِ به بحال نه ٿي سگهي. بجلي جي بريڪ ڊائون سبب شهر ۾ پاڻي جي به سخت کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، جنهن ڪري شهري ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، خاص طور تي اعتڪاف ۾ ويٺلن ۽ روزو رکندڙن کي وڏي تڪليف کي منهن ڏيڻو پيو. بريڪ ڊائون سبب ڊفينس، ڪلفٽن، محمود آباد، شاهه فيصل ڪالوني، ماڊل ڪالوني، گلستان جوهر، ڪورنگي، لانڍي، گلشن اقبال، نارٿ ناظم آباد، بفرزون، ناظم آباد، گلشن معمار، اسڪيم 33، ملير، نيو ڪراچي، سرجاڻي ٽائون ۽ گڏاپ تائين شهر جو 50 سيڪڙو حصو بجلي کان محروم ٿي ويو، رمضان شريف جي 25 هين رات بجلي بند ٿيڻ سان گڏ متاثر علائقن ۾ پاڻي جي به سخت کوٽ پيدا ٿي وئي، ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان هڪ ڀيرو وري ماڪ کي بريڪ ڊائون جو ڪارڻ قرار ڏئي پنهنجي جند آجي ڪرائي ڇڏي، سندس چوڻ هو ته بن قاسم ٽرانسميشن لائن ۾ ماڪ وڌڻ ڪري بن قاسم ون ۽ ٽو جا سڀ يونٽ بند ٿي ويا، جنهن ڪري 25 فيڊر ٽرپ ٿي ويا. ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا اڌ ڪلاڪ اندر مسئلو حل ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي پر 8 کان 10 ڪلاڪ گذرڻ کانپوءِ به ڪو کڙتيل نه نڪتو ۽ ماڻهو بجلي توڙي پاڻي نه هجڻ ڪري ذهني عذاب ۾ ورتل رهيا. ٻئي پاسي واٽر بورڊ انتظاميا جو چوڻ هو ته ڌاٻيجي، گهارو، حب ۽ پپري ۾ بجلي جي بريڪ ڊائون سبب پاڻي جي فراهمي معطل رهي. ڪي اليڪٽرڪ بجلي جي بحران بابت مهربند رپورٽ نيپرا جي چيئرمين حوالي ڪري ڇڏي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته بجلي جي بحران جو ڪارڻ نظام جي خرابي ناهي، نيپرا ۾ جمع ڪرايل رپورٽ ۾ ڪي اليڪٽرڪ جو چوڻ آهي ته ڪمپني کي گئس گهربل مقدار ۾ ناهي ملي رهي، جنهن ڪري بجلي جي پيداوار متاثر ٿي رهي آهي. ذريعن موجب رپورٽ ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي پيداوار، گهرج ۽ شارٽ فال بابت انگ اکر پيش ڪيا ويا آهن. رپورٽ ۾ ٻارڻ جي کوٽ کي گهٽ پيداوار ۽ شارٽ فال ۾ واڌ جو ڪارڻ ڄاڻايو ويو آهي. ڪي اليڪٽرڪ جي رپورٽ ۾ اهو موقف به اختيار ڪيو ويو آهي ته ڪراچي ۾ ڪٿي به بجلي جو وڏو بريڪ ڊائون ناهي ٿيو، جڏهن ته بريڪ ڊائون جي صورت ۾ بجلي جي فراهمي ۾ رنڊڪ جي ترت خاتمي لاءِ اپاءَ ورتا ويا. اطلاعات ۽ مڪاني کاتن واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته  ڪي اليڪٽرڪ جي انتظاميه کي خبردار ڪريون ٿا ته هو پنهنجو قبلو فوري طور درست ڪري ٻئي  صورت ۾ سڄي انتظاميا جيل وڃڻ لاءِ تيار ٿئي . اسان وفاقي حڪومت، واپڊا ۽ ڪي اي کي به تنبيهه ڪريون ٿا ته هو پنهنجو قبلو درست ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن صفوران چورنگي تي الاظهر گارڊن ڏانهن ڪي ايم سي پاران ساڍا 12 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان 5 ڪلوميٽر ڊگهو ۽ 36 فوٽ ويڪرو ڪارپيٽيڊ روڊ جي افتتاح جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي صوبائي وزير ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن گيانچند ايسراڻي، ڪمشنر ۽ ايڊمنسٽريٽر ڪراچي شعيب احمد صديقي، ميونسپل ڪمشنر ڪراچي سميع صديقي، ڊائريڪٽر جنرل ٽيڪنيڪل سروسز نياز سومرو، سينيئر ڊائريڪٽر ميونسپل سروسز مسعود عالم، ڊائريڪٽر پريس انفارميشن سنڌ يوسف ڪابورو ۽ ٻيا به ساڻس گڏ هئا. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اڄ جنهن جديد طريقي سان ٺهيل رستي تي اسان موجود آهيون، اهو ڏيڍ مهينو اڳ هڪ کنڊر ۽ جهنگ جيان هيو. هن چيو ته آئون ڪي ايم سي جي سمورن انهن آفيسرن ۽ اهلڪارن کي مبارڪون ڏيان ٿو ته هنن 45 ڏينهن جي گهٽ ۾ گهٽ وقت ۾ ڏينهن رات محنت ڪري ان رستي جي تعمير جو ڪم مڪمل ڪيو. هن چيو ته ان جي ڪوالٽي جي حوالي سان خود هتان جي رهواسي اسماعيلي برادري به تصديق ڪئي آهي. ڪي اليڪٽرڪ انتظاميه پاران ڪراچي جي شهرين کي عذاب ۾ مبتلا ڪرڻ جي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪي اي جي صرف نااهلي ئي ناهي بلڪ ان ۾ بدنيتي به شامل آهي. هن چيو ته ڪي اي انتظاميه ساليانو 16 ارب رپين جو خالص منافعو هن شهر مان ڪمائي رهي آهي. پر هو هتي جو بجلي نظام ۽ سسٽم تي ڪجهه پهچ واري نه ڪري، هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ مڪمل طور تي نااهل ٿي وئي آهي ۽ حڪومت ان خلاف سنجيدگي سان قانوني ايڪشن کڻڻ جي باري ۾ سوچي رهي آهي. هن چيو ته بجلي جي ترسيلي نظام جي ذميوار نيپرا به آهي ۽ ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت پاران ڪيترا ڀيرا وفاقي حڪومت ۽ نيپرا کي خط به لکيا ويا آهن ته اندرين سنڌ 16 کان 20 ڪلاڪ  جي روزانو جي بجلي جي بندش معمول بڻجي وئي آهي. پر افسوس اسان اڄ اهو چوڻ تي مجبور ٿي ويا آهيون ته وفاقي حڪومت سنڌ مڪمل طور لاتعلق ٿي وئي آهي ۽ هن سنڌ جي عوام سان زيادتين جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته اسان وفاقي حڪومت، نيپرا ۽ واپڊا ۽ ڪي اليڪٽرڪ انتظاميه کي خبردار ڪريون ٿا ته هو پنهنجو قبلو درست ڪن.

 

امن جي بحالي ۾ سنڌ ايپڪس ڪميٽي جو ڪردار؛جاويد ابڙو

سنڌ ۾ نيشنل ايڪشن پلان تحت هلندڙ ڪارروائين سان خاص طور تي ڪراچي ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ گھٽتائي ٿي آهي، انهيءَ حقيقت کان به انڪار ناهي ته سنڌ ۾ رينجرز ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادان جي گڏيل ڪوششن ۽ سندن جوانن جي جاني قربانين سان امن امان جي صورتحال ڪافي بهتر ٿي رهي آهي، پر اڃا به ان مقصد لاءِ گهڻا قدم کڻڻا پوندا ۽ اهڙي حڪمت عملي جوڙڻي پوندي، جنهن سان امن جي صورتحال اڳتي هلي مسقبل طور تي برقرار رهي سگهي، ڇو ته امن قائم ڪرڻ کانپوءِ ان کي برقرار  رکڻ به وڏو مسئلو آهي، هن وقت اهي عنصر به سرگرم آهن، جيڪي ملڪ ۾ نه رڳو امن پر معاشي ۽ اقتصادي استحڪام کي به ڪمزور ڪرڻ جي سازشن ۾ رُڌل آهن، ڪيترائي ڀيرا ارباب اختيارين به انهن ڳالهين کي عوام آڏو رکيو آهي، پر انهن ملڪ دشمن عنصرن ۽ سندن سوچ کي ان وقت شڪست ملندي،جڏهن ملڪ جون سموريون سياسي ڌريون ۽ سيڪيورٽي ادارا هڪ پيج تي هوندا، تاريخ گواهه آهي ته جيڪو به ملڪ ڌڙابندي جو شڪار ٿيو، ان پاڻ کي به وڃايو ۽ اتي جي عوام جي ايندڙ نسلن جي وجود کي به ورهائي ڇڏيو، ڪافي ڀيرا اهڙي صورتحال اسان جي ملڪ ۾ به نظر ايندي رهي آهي، پر سلام آهي، انهن جوڌن کي، جن ملڪي بقا ۽ سلامتي لاءِ پنهنجون جانيون به قربان ڪري ڇڏيون، ملڪ جا سرحدي علائقا هجن يا اندروني سرزمين، ڪي پي ڪي هجي يا سنڌ، سڄي ملڪ ۾ سيڪيورٽي ادارن جي ڪارڪردگي قابل تعريف آهي، امن امان جي حوالي سان ملڪ ۾ هر صوبي اندر ايپڪس ڪميٽيون قائم ڪيل آهن، پر اسان اڄ سنڌ ايپڪس ڪميٽي تي ڳالهائينداسين، جنهن ۾ تازو اهم فيصلا ڪيا ويا آهن، جيڪي سيڪيورٽي صورتحال کي اڃا به بهتر ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.

سنڌ جي ايپڪس ڪميٽي ڪراچي سميت سڄي صوبي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان سان گڏوگڏ اهم ڳالهه اها آهي ته ڪور ڪمانڊر ڪراچي ۽ ڊي جي رينجرز پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي سنڌ حڪومت جا خدشا ختم ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي آهي ته رينجرز سنڌ حڪومت خلاف ناهي ۽ نه وري پيپلزپارٽي جي حڪومت کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ ڪي ڪارروايون عمل ۾ اچي رهيون آهن، انهن ڪارروائين جو مقصد صرف ۽ صرف دهشتگردي، قبضا مافيا ۽ ڀتاخوري سميت ٻين سماجي برائين جو خاتمو ڪرڻ آهي، هڪ ڏينهن اڳ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ جي ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو  آهي ته رينجرز پنهنجي اختيارن ۾ رهي دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪندي رهندي، دهشتگردن جو واسطو ڪهڙي به گروپ يا جماعت سان هجي، انهن کي بنا ڪنهن فرق جي قانون جي گرفت ۾ آندو ويندو، ان موقعي تي دهشتگردي ۾ ملوث ماڻهن جي مدد ڪندڙن خلاف به ڪارروائيون ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن وچ ۾ انٽيليجنس شيئرنگ وڌائڻ ۽ ڪراچي آپريشن کي منطقي انجام تائين پهچائڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو.

ڪراچي کي دهشتگردن کان پاڪ ڪرڻ سان ئي شهري امن ۽ سڪون سان زندگي گذاري سگهن ٿا، موجوده ملڪي سياسي توڙي عسڪري قيادت جون خاص طور تي دهشتگردن خلاف ڪارروايون ساراهه جوڳيون آهن، جنهن جو ڪريڊٽ يقينن مرڪزي حڪومت ۽ پيپلزپارٽي جي صوبائي حڪومت کي ملي ٿو، جيڪڏهن انهيءَ جوش ۽ جذبي سان ئي دهشتگردن خلاف ڪارروايون جاري رهيون ته هڪ ڏينهن اهو ضرور ايندو، جڏهن شهري پنهنجي جانين کي مڪمل طور تي محفوظ سمجهندا، پر خدا نه ڪري، دهشتگردن خلاف ڪارروائين ۾ رڪاوٽن کي ترجيح ڏني وئي ته اڳتي هلي امن امان جي قيام لاءِ کڄندڙ قدمن ۽ ڪوشش تي پاڻي ڦيرجي ويندو ۽ دهشتگرد سندن خلاف رڪاوٽ جي صورت ۾ ملندڙ ڍرائي مان فائدو وٺندي پاڻ کي مضبوط ڪرڻ ۾ دير نه لڳائيندا.

ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس کان اڳ پ پ ڪو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، گورنر عشرت العباد، وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ڪور ڪمانڊر ڪراچي ميجر جنرل نويد مختار سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ فوجي عملدارن سنڌ سرڪار جا ڪراچي آپريشن ۽ رينجرز کي مليل اختيارن جي حوالي سان خدشا ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، بلاول ڀٽو زرداري ڪور ڪمانڊر ڪراچي کان پوءِ ڊي جي رينجرز سان به ملاقات ڪئي. جنهن ۾ ڊي جي رينجرز بلال اڪبر واضح ڪيو ته رينجرز سنڌ حڪومت مخالف ناهي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون ڪارروائيون ڪرپشن روڪڻ لاءِ آهن، ڇو ته ڪجھه ماڻهن ڪرپشن ذريعي پيسو ڪمايو آهي، ڪرپشن مان ڪمايل ناڻي جو غلط استعمال روڪڻ لاءِ اهڙي قسم جو ڪارروايون عمل ۾ آنديون وڃن پيون، جنهن تي بلاول ڀٽو فوجي عملدارن کي ڀرپور ساٿ ڏيڻ جو يقين ڏياريو، جيڪو سندس مثبت ۽ واکاڻ جوڳو فيصلو آهي. ڇو ته سڀني ڌرين کي اها ڳالهه غور ۽ فڪر سان سمجهڻ گهرجي ته ادارن ۾ ڪرپشن ختم ڪرڻ لاءِ سڀني کي هڪ پيج تي اچڻو پوندو، دهشتگردن جي مالي معاونت روڪڻ تمام ضروري آهي. ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ سنڌ ۾ مدرسن جي اسڪروٽني رپورٽ پڻ پيش ڪئي وئي. جنهن مطابق سنڌ جا 40 مدرسا دهشتگردن سان رابطن ۾ آهن، رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڪراچي ۾ 24 مدرسا ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ 20 کان وڌيڪ مدرسا دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ جو شڪ آهي. جيتوڻيڪ هن وقت تائين 160 کان وڌيڪ غير رجسٽر مدرسن کي سيل ڪيو ويو آهي،  جن ۾ 139 حيدرآباد ۽ 28 نوابشاهه ۾ واقع آهن. جڏهن ته سنڌ ۾ مدرسن  جو مجموعي انگ ساڍا 9 هزار کان وڌيڪ آهي. صوبي ۾ 6503 مدرسا رجسٽرڊ آهن ۽ 3087 مدرسن جي رجسٽريشن ٿيڻي آهي. اجلاس ۾ اهو پڻ انڪشاف ڪيو ويو ته ڪجهه مدرسن ۾ پڙهندڙ معصوم شاگردن جو برين واش به ڪيو ويندو آهي ۽ کين جنت جا سبز باغ ڏيکاري کين آپگهاتي حملن لاءِ تيار ڪيو وڃي ٿو، هتي اهم ڳالهه اها آهي ته مدرسن جي حوالي سان ايپڪس ڪميٽي ۾ جيڪا رپورٽ پيش ڪئي وئي آهي ان تحت معاملي جي سخت نگراني هيٺ جاچ ٿيڻ گهرجي، جيڪڏهن واقعي اها رپورٽ سچائي تي ٻڌل آهي ته بجاءِ وقت ذيان ڪرڻ جي، ذميوارن خلاف ڪارروائي عمل ۾ اچڻ گهرجي، جيڪر ايئن ناهي ته پوءِ ديني مدرسن کي بدنام ڪرڻ کانسواءِ ان رپورٽ جي ڪا به اهميت نه رهندي، سنڌ سرڪار کي گهرجي ته مدرسن جي رجسٽريشن، شاگردن جي داخلا جو رڪارڊ ۽ انهن جي بايو ڊيٽا محفوظ ڪرڻ جو رڪارڊ به جوڙيو وڃي، ان سان مدرسن جي نگراني ڪرڻ ۾ حڪومت کي هٿي ملي سگهي ٿي.

دهشتگردن جو ڪنهن به جماعت يا تنظيم سان به تعلق هجي، انهن کي ڊگهو رسو نه ملڻ گهرجي، ڇو ته هو مختلف جماعتن جي جهنڊن جي ڇانو هيٺ پنهنجو نيٽ ورڪ مضبوط بڻائي منظم ٿي سگهن ٿا ۽ دهشتگرد منظم ان وقت ٿيندا آهن، جڏهن کين مالي وسيلا فراهم ڪيا ويندا آهن، ان ڪري دهشتگردن جو مڪمل خاتمو آڻڻو آهي ته پوءِ انهن سهارن ۽ مددگارن جو به پيڇو ڪرڻو پوندو، جيڪي سندن مالي وسيلو بڻيل آهن. ڏٺو وڃي ته ڪراچي نه رڳو پاڪستان جو سڀ کان وڏو شهر آهي، پر ان کي عالمي حيثيت پڻ مليل آهي، ان ڪري شهر کي دهشتگردن، ڀتاخورن، قبضاگيرن ۽ ٻين لٽيرن ۽ ڦورن کان پاڪ ڪرڻو پوندو، پوءِ اهي سرڪاري لٽيرا ۽ ڦورو ڇو نه هجن، هن وقت پاڪستان ۾ اهڙا عنصر به موجود آهن، جن جي دهشتگردن کي نه رڳو مدد حاصل آهي، پر اهي ملڪ کي غيرمستحڪم ڪرڻ جي سرگرمين ۾ پڻ مصروف عمل آهن، آرمي چيف جنرل راحيل شريف به ڪجهه عرصو اڳ اهو واضح ڪيو هو ته غيرملڪي ايجنسيون ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ جي سازشن ۽ حرڪتن کان پاسو ڪن. ملڪ ۾ هن وقت اهڙا سياستدان به موجود آهن، جيڪي ماضيءَ ۾ طالبان کي ڀاءُ ڪوٺيندا رهيا، پر انهن ڀائرن جي سوچ کي شڪست ملي چڪي آهي، ڇو ته طالبان کي ڀاءُ سڏڻ باوجود هو پنهنجي ڪارروائين کان باز نه آيا ۽ نتيجي ۾ پاڪ فوج کي انهن خلاف ضرب عضب جي صورت ۾ آپريشن ڪرڻو پيو، جنهن ۾ تمام گهڻيون ڪاميابيون مليون آهن ۽ انهيءَ آپريشن جي سڄي دنيا ۾ واکاڻ به ڪئي پئي وڃي، ساڳي طرح ڪراچي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن سان امن امان جي صورتحال کي هٿي ملي آهي، ڪراچي ۾ جيڪي علائقا نوگو ايريا بڻيل هئا، اڄ اهي رستا ۽ گس عوام لاءِ کُلي چڪا آهن، تنهن هوندي به اڃا شهرين تي خونريزي جو خوف ڇانيل آهي، جيڪو ان وقت ختم ٿيندو، جڏهن اتي جي اڪثريت ۾ نمائندگي رکندڙ جماعت ايم ڪيو ايم کي آپريشن تي اعتراض وارڻ بجاءِ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ ۾ حڪومت ۽ سيڪيورٽي فورسز جو ساٿ ڏيڻو پوندو.

 

نسيم کرل: وڏو ڪهاڻيڪار، وڏو انسان؛تاج جويو

آئون نٿو ڀُلجان ته مون 1978ع ۾، ايم اي سنڌيءَ جي امتحان ۾ جن ٻن ڪهاڻيڪارن تي مختصر نوٽ لکيا هئا، سي هئا: امر جليل ۽ نسيم کرل. مون کي ادب پڙهڻ جي چَسُ ته چوٿين درجي سنڌيءَ (1964ع) کان ئي هئي ۽ ڇهين درجي (1966ع) ۾ شاعري به شروع ڪري ڏني هئم؛ پر اٺين ڪلاس (1968ع) کان اِئين چئي سگهان ٿو ته مون کي ادبي سمجهه ۽ شعور حاصل ٿي چڪو هو، ڇو ته 1969ع ۾، منهنجي شاعريءَ جي اُستادَ، سائين راشد مورائيءَ، مون کي خط لکي ڄڻ ته اِهو سرٽيفڪيٽ ڏئي ڇڏيو هو ته منهنجي شاعريءَ ۾ هاڻي درستيءَ جي ضرورت نه آهي؛ ڇو ته آئون پختو شاعر ٿي ويو آهيان. اِئين 1978ع تائين پهچندي، منهنجي ادبي بالغپڻي کي ڏهه سال ٿي چڪا هئا.

مون جن ٻن ڪهاڻيڪارن تي ايم. اي سنڌيءَ جي پيپر ۾ نوٽ لکيو هو، اُنهن جو رڳو امتحاني حوالي سان مطالعو نه ڪيو هئم، پر سندن ڪهاڻيون مون کي باقاعدي وڻنديون هيون ۽ اُنهن کان متاثر به هئس ۽ ٽيون ڪهاڻيڪار هو ’علي بابا‘، جنهن کي پير حسام الدين راشديءَ ’سنڌ جي تاريخي عظمت بيان ڪندڙ ڪهاڻيڪار‘ سڏيو آهي ۽ منهنجيءَ نظر ۾ هو ’سنڌ جي روحَ جو پارکو‘ ڪهاڻيڪار آهي.

مون اُنهيءَ دور ۾ امر جليل ۽ نسيم کرلَ تي ماهوار ’سهڻي‘ جا نڪتل ’خاص نمبر‘ پڙهي ڇڏيا هئا، ۽ سندن ڪهاڻين تي ڀرپور تجزيي ڪرڻ جي قابل نه، ته به سرسري نظر وجهي سگهڻ جي اهل ضرور هئس. اُن دور ۾ اسان کي امر جليل جي ڪهاڻين جي مواد کان وڌيڪ سندس مڪالما ۽ ڊائيلاگ ياد رهندا هئا، ڇو ته انهن ۾ ٻوليءَ جي حسن سان گڏ فڪري سونهن ۽ طنزَ جي تيزي به موجود هوندي هئي. پر نسيم کرل اُهو ڪهاڻيڪارُ هو، جنهن جون ڪهاڻيون، اُنهن جا عنوان، موضوعَ ۽ اُنهن جو ’نفس مضمون‘ به ياد رهجي ويندو هو. آئون دعويٰ سان چئي سگهان ٿو ته نسيم کرل جي ڪيترين ئي ڪهاڻين جا موضوع، اڄ به عنوانن سميت مون کي ياد آهن.

نسيم کرل، پير حسام الدين راشديءَ جهڙي ديوقامت (Giant) عالم ۽ تاريخدان جي نظر ۾ ’شهر توڙي ٻهراڙيءَ جي مسئلن ۽ اوڻاين تي لکندڙ ڪامياب ڪهاڻيڪار‘ آهي. غلام محمد گراميءَ جهڙي ذهين نقاد ۽ ادب جي پارکوءَ جي نظر ۾ ’نسيم کرل، جذبات ۽ اُن جي ترجمانيءَ جو ماهر آهي. هن وٽ زندگيءَ جا موضوع به آهن ته فن به. نتيجي طور هو پنهنجي دور جو ڪامياب ڪهاڻيڪار آهي.‘ شمشير الحيدريءَ، نسيم کرل جي ڪهاڻي- ڪتاب: ’چوٽيهون در‘ جي ڊسٽ ڪوَر تي رايو ڏيندي لکيو هو ته، ’سنڌيءَ ۾ هن وقت ميدان ۾ موجود ڪهاڻيڪارن ۾ نسيم کرل سڀني کان سَرس آهي.‘ غلام نبي مغل جي نظر ۾، ’نسيم کرل پنهنجن ڪردارن جي روح کي محسوس ڪيو آهي. سماجي احساس ۽ انساني تجربات کي ڀرپور انداز ۾ پيش ڪرڻ سندس عظمت آهي. سنڌي ٻوليءَ جي چئن نالي وارن اديبن، رسول بخش پليجي، نجم عباسيءَ، آغا سليم ۽ امداد حسينيءَ- نسيم کرل جي ڪهاڻين تي سمورن ناميارن اديبن، ڪهاڻيڪارن ۽ ليکڪن کان بنهه نرالي تنقيدي راءِ ڏني آهي، جيتوڻيڪ هنن نسيم کرل جي فن کي مڃتا به ڏني آهي.

نسيم کرل، جمال ابڙي، غلام رباني آگري ۽ حفيظ شيخ کان پوءِ واري ٽهيءَ جو ڪهاڻيڪار هو. هو ذاتي طرح وڏو زميندار هئڻ جي باوجود پنهنجين ڪهاڻين ۾ نرالو، يڪتا ۽ يگانو ڪهاڻيڪار رهيو.هن پنهنجي ڪهاڻين ۾ زميندار طبقي جي زوال پذيريءَ جي نقشي سان گڏ نئين زماني ۽ جديد سوچ جا چِٽ، جنهن ذهانت، بيباڪيءَ ۽ بهادريءَ سان چِٽيا آهن، اُن جو مثال ٻين ڪهاڻيڪارن وٽ ورلي ملندو. هن سنڌي وڏيري جي ڪردار کي ’زماني جي گردش‘، ’گٽس‘، ’ڪچو رنگ‘، ’زر ۽ زور‘ ۽ ’آٿت‘ ڪهاڻين ۾ ڀرپور نموني چِٽيو آهي. هن زميندار هوندي به ’ڊپلوميسي‘ ۽ ’دوغلي پڻ‘ کان ڪم نه ورتو آهي ۽ وڏيري طبقي جي پرڪارن ۽ افعالن کي کولي بيان ڪيو آهي. عبدالقادر جوڻيجي جي لفظن ۾ نسيم کرل: ’ڪلاسيڪي سنڌي هو، سندس ڳالهين ۾ بناوٽ بدران روح سمايل هو.‘

نسيم کرل جي ڪهاڻين ۾ رچاءُ، نڀاءُ ۽فني اوچائي (climax) ڪمالَ جي هئي. هو ڪهاڻيءَ جي پلاٽ، تاڃي پيٽي، ڪردارن، مڪالمن، لفظن جي چونڊ، جُزئيات جي بيان ۽ پڄاڻيءَ ۾ ڪمال مهارت رکندو هو. هو زندگيءَ جي رنگن ۽ رنگينين، خوبصورتين ۽ رَعناين سان گڏ جيون جي قباحتن، ڪوڙاين ۽ ڪوجهاين کان به واقف هو. هن جي نظر سطحي ۽ مٿاڇري نه هئي، پر سندس مشاهداتي اکِ اُونهي ۽ ڳُوڙهي هئي، اُن ڪري ئي سندس ڪهاڻيون، عبدالقادر جي لفظن ۾ ’روح تي نازل ٿينديون هيون.‘ سندس ٽنهي مجموعن- ’شبنم شبنم ڪنول ڪنول‘، ’چوٽيهون در‘ ۽ ’ڊمي‘ جون ڪهاڻيون، اُن جي ساک ڀرين ٿيون.

آئون آغا سليم سان به سمهت نه آهيان ته ’نسيم کرل ٻاهرينءَ کل جو ڪهاڻيڪار هو.‘ ڇا سنڌي سماج ۾ موجود سمورا مسئلا اندرَ جا ئي مسئلا آهن؟ خارج تي نظر وجهڻ کان سواءِ ’داخلي ڪرب‘ ۽ پيڙا کي محسوس ئي نه ٿو ڪري سگهجي. خارجي حالتون ئي روحن کي زخمي ڪنديون آهن ۽ اندر کي آزارينديون ۽ جيءَ کي جهورينديون آهن.

آءٌ امداد حسينيءَ جي ان راءِ سان به متفق ناهيان ته ’نسيم کرل وٽ ٻوليءَ جو تخليقي پهلو نه هو.‘ پير حسام الدين راشديءَ ۽ ڊاڪٽر غلام علي الانا جا تجزيا، ان ڳالهه جا انڪاري آهن ۽ هنن جي سگهاري راءِ جو نچوڙ اهو نڪري ٿو ته نسيم کرل پنهنجي ڪهاڻين ۾ ’هڪ خاص سماج ۽ اُن ۾ استعمال ٿيندڙ ٻولي محفوظ ڪئي آهي.‘ هن کي پنهنجي ٻوليءَ تي پوري قدرت ۽ دسترس حاصل هئي ۽ اُن کي بلڪل تخيلقي انداز ۾ ڪتب آڻڻ جو وٽس وڏو ڏانءُ پڻ هو. سندس ٻولي، هڪ پوري پسمنظر ۽ ماحول کي چٽِ اُن جو اصلي ۽ نيارو روپ پڌرو ڪري ٿي. نسيم کرل نه رڳو ٻهراڙيءَ جي، پر شهر جي ماڊرن سوسائٽيءَ جي ٻوليءَ، محاورن ۽ ان جي استعمال تي مڪمل گرفت رکندو هو. آئون شوڪت شوري ۽ نسيم کرل جي راين سان سئو سيڪڙو سهمت آهيان ته ’نسيم جي ڪهاڻين ۾ هڪ لفظ ۽ جملي جي تبديلي نه ٿي ڪري سگهجي‘، خاص ڪري ’چوٽيهون در‘ ڪهاڻيءَ جي ڪلائيمڪس، جيڪا نسيم کرل بيان ڪئي آهي، اُها امداد جي تجويز ڪيل ڪلائيمڪس وارن جملن کان بهتر آهي. ’چوٽيهين در‘ ۾ ڦاٿل لاش، روهڙيءَ ۽ سکر جي صوبيدارن جي حدن جو مسئلو هو، جيڪي ’لاش‘ مان جان ڇڏائڻ لاءِ اُن کي سکر بئراج جي ’ٽيٽيهين ۽ چوٽيهين‘ درن ڏانهن ڌڪائيندا رهيا ٿي. جيڪڏهن گيج ريڊر لاش کي لوڙهڻ لاءِ رڳو در ۾ چاٻي ڦيري ها ۽ اُتي ئي ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي ٿئي ها ۽ پوءِ ڪهاڻي اهو تاثر نه ڇڏي ها، جيڪو گيج ريڊر جي سروير کي ڏنل هن جواب کان پوءِ جُڙي ٿو ته:

”بابل، ٻنهي صوبيدارن لاش ڪونه ورتو. سو اُن کي اُن بادشاهه جي حوالي ڪيم، جنهن جون حدون تمام وڏيون آهن، هوڏانهن سکر بئراج ته هوڏانهن عربي سمنڊ.“

نسيم کرل جي ڪابه ڪهاڻي، پڄاڻيءَ جي لحاظ کان ڪَسي نه آهي. جيتريقدر ٽيڪنڪ جو سوال آهي ته اِمداد جي اها راءِ وزندار نه ٿي لڳي، جنهن ۾ هُن چيو آهي ته ’نسيم وٽ ٽيڪنڪ جي نواڻ جي سخت کوٽ آهي.‘ نسيم جي هر ڪهاڻيءَ جي ٽيڪنڪ نِرالي آهي ۽ اِها نواڻ ئي کيس پنهنجن همعصرن کان مختلف ۽ وڏو ڪهاڻيڪار ڪري بيهاري ٿي. پليجي صاحب ته مڃيو آهي ته ’نوان لکندڙ کانئس ٽيڪنڪ سِکي سگهن ٿا.‘ اِن حوالي سان نسيم کرل پنهنجي دور جو ’ٽرينڊ سيٽر‘ (Trend setter) ڪهاڻيڪار هو. نسيم نعريباز نه هو ۽ ضروري نه هو ته ’قومي مسئلن‘ کي امدادَ، پليجي يا منهنجيءَ نظر سان ڏسي ها. هر ليکڪ جي نگاهَه ۽ مسئلن ڏانهن پهچ (approach) ساڳي نه هوندي آهي ۽ نه ئي ساڳيا مسئلا ۽ ساڳيا موضوع، سمورن ڪهاڻيڪارن کي ساڳيءَ طرح متاثر ڪندا آهن ۽ اُهي انهن مسئلن تي ساڳئي انداز ۾ لکڻ شروع ڪندا آهن. ماحول ۽ ان جا موضوع ئي هڪ ليکڪ، هڪ ڪهاڻيڪار کي متاثر ڪندا آهن ۽ پنهنجي ماحول جو نسيم کرل بهترين ترجمانُ ۽ عڪاس هو، ان ڪري ئي هو ٻين کان مختلف هو ۽ همعصرن ۾ نرالو ڪهاڻيڪار هو. سندس ڪهاڻين ۾ ’دائمي رهڻ وارا قدر‘ وڌيڪ آهن. اِهو ئي سبب آهي، جو اڄ به سندس ڪهاڻيون اسان کي متاثر ڪن ٿيون.