تازيون خبرون

Daily Archives: July 14, 2015

نظرو ناريجي جو موت ۽ سنڌ جو امن؛واحد پارس هيسباڻي

سنڌ ۾ دهشت جي علامت بڻيل بدنام ڌاڙيل نظرو ناريجو ڳڙهي ياسين جي دلاور ٿاڻي جي حد ۾ پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو آهي. نظرو جنهن کي 1998ع ۾ ڌاڙيلن سرداريءَ جي پڳ ٻڌرائي هئي. ان جي کاتي ۾ قتل ۽ اغوا جا 200 کان مٿي ڪيس داخل ٿيل هئا ۽ مٿس 2 ڪروڙ روپيا انعام به رکيل هو. سندس مارجڻ کانپوءِ سنڌ هڪ وحشي کان آجي ٿي وئي آهي. سندس شمار پرو چانڊيي، محب شيدي، گوهر چانڊيي جي جوڙ جي آخري ڌاڙيل طور ٿيندو هو. 30 سالن تائين ظلم جا نوان مثال قائم ڪندڙ نظرو جي نيٺ پڄاڻي ٿي وئي. هن مقابلي ۾ 2 پوليس اهلڪار پڻ شهيد ٿيا آهن. هي پنهنجي نوعيت جي انتهائي اهم ڪارروائي هئي، جنهن ۾ حصو وٺندڙ اهلڪارن جي جذبي کي جس ڏجي ٿو، جن پنهنجي جان جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ سنڌ جي عوام کان هڪ اهڙي ظالم کان ڇوٽڪارو ڏياريو جنهن جي ظلم جي ڪا به حد نه هئي. حڪومت طرفان شهيد اهلڪارن جي وارثن کي سوا سوا ڪروڙ ۽ نوڪريون ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جيڪو بهترين فيصلو آهي پر هن مقابلي ۾ حصو وٺندڙ سمورن اهلڪارن کي جيڪڏهن ترقين سان گڏ رقم جي صورت ۾ ڪجهه انعام به ڏنو وڃي ته يقينن ان سان هنن جي حوصلا افزائي ٿيندي ۽ اهي اڃا وڌيڪ جذبي سان ڏوهارين سان ويڙهه وڙهي سگهندا.

دهشت جي علامت بڻيل نظرو ناريجي جي موت سان يقينن امن امان واري معاملي تي بهتر اثر پوندا پر هن جي مارجي وڃڻ کانپوءِ بدامني جو باب بند ٿي ويندو، ائين بلڪل به ناهي. سنڌ ۾ ڏوهارين جو هڪ وسيع نيٽ ورڪ آهي، جنهن جي مڪمل خاتمي تائين امن جي اُميد نه ٿي ڪري سگهجي. جهڙي جذبي ۽ حڪمت عملي سان نظرو ناريجي جو خاتمو ڪيو ويو، اهڙي ئي جذبي ۽ حڪمت عملي سان باقي ڏوهارين کي به پنهنجي منطقي انجام تي پهچائڻ جي ضرورت آهي. 80 ۽ 90 وارو ڏهاڪو جيڪو سنڌ ۾ ڌاڙيلن جي عروج وارو زمانو سمجهيو وڃي ٿو. ان ۾ ڌاڙيلن کان معصوم ٻارڙا به محفوظ نه هئا، خاص ڪري بدنام ڌاڙيل نبو جوڻيجو ته اغوا ئي معصوم ٻارڙن کي ڪندو هو ڇو ته انهن جي ڀنگ جي رقم کيس وڏن جي ڀيٽ ۾ گهڻي ۽ تڪڙي ملي ويندي هئي، هن ڀنگ نه ملڻ تي ڪيترن معصوم ٻارڙن کي قتل به ڪري ڇڏيو. هي اهو دور هو جڏهن سج لٿي کان ڳوٺن توڙي شهرن جا رستا ويران ٿي ويندا هئا پر پوءِ هڪ ڀرپور آپريشن ذريعي جنهن ۾ فوج کي پڻ شامل ڪيو ويو هو بدنام ڌاڙيلن جو خاتمو آندو ويو ۽ جيڪي بچي ويا اهي يا ته قانون آڏو پيش ٿيا يا وري ڪا ڪنڊ وٺي خاموش ٿي ويهي رهيا ائين ڪجهه عرصي تائين ماحول پرامن ٿي ويو پر پوءِ وري آهستي آهستي ڌاڙيل فيڪٽر سرگرم ٿيڻ لڳو. ان ڌاڙيل فيڪٽر جي ٻيهر سرگرم ٿيڻ پٺيان جتي قانون جي ڍرائپ شامل هئي، اتي علائقائي ڀوتارن ۽ سردارن طرفان انهن جي مٿي تي هٿ رکي کين پالڻ ۽ تاتڻ وارو عمل به شامل هو، جن ذريعي اهي پنهنجي سياسي مخالفن کي هيسائڻ ۽ ڊيڄارڻ سميت اليڪشن ۾ انهن ڏوهارين جي مدد سان زور زبردستي جي بنياد تي ڪامياب ٿيڻ جي عمل ۾ مصروف نظر آيا. ڏسندي ئي ڏسندي هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌ ۾ ڌاڙيل فيڪٽر عروج ورتو، خاص ڪري خيرپور، سکر، شڪارپور، نوشهروفيروز، گهوٽڪي، جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻي ضلعن ۾ ته انهن رڻ ٻاري ڏنو، اهڙو ڪو به ڏينهن خالي نه هو، جنهن ڏينهن اغوا جي واردات نه ٿئي، جيڪو سلسلو اڃا تائين جاري آهي. هينئر مٿي ذڪر ڪيل ضلعن ۾ عوام جو ساهه مٺ ۾ آيل آهي، اهي نه ته روڊن رستن تي محفوظ آهن ۽ نه پنهنجي گهرن ۾، ڪاروباري ۽ زميندار طبقو ته وڏي ويل ۾ آيل آهي جنهن جو اغوا ٿيڻ کانپوءِ ڳرو ڀنگ ڀرڻ کانسواءِ بازياب ٿيڻ ممڪن ناهي. ڪيترائي هر مهيني مقرر ٿيل رقم ڏئي پاڻ کي اغوا ٿيڻ کان بچائڻ ۾ مصروف آهن. ميڊيا تي جيڪي رپورٽون اينديون رهن ٿيون انهن ۾ ٻڌايو وڃي ٿو ته مٿي ذڪر ڪيل ضلعن ۾ الڳ الڳ ڌاڙيلن جون ڪيٽيون قائم ٿيل آهن، جتي ڪنهن پکي کي پر هڻڻ جي اجازت به ناهي. تازو مارجي ويل ڌاڙيل نظرو ناريجو کي ڪنهن هڪ حد نه پر ڪيترن ئي حدن جو بادشاهه سمجهيو ويندو هو، جيڪو اغوا ۽ قتل جي وارداتن مان نه رڳو پاڻ ڪمائيندو هو پر الڳ الڳ ٽولن ۾ ورهايل پنهنجي ساٿين کي به ڪمائڻ جا موقعا فراهم ڪندو هو. هو ننڍن ننڍن ٽولن کي نه رڳو ’حساب ڪتاب‘ ذريعي پنهنجا مغوي ڏيندو هو پر انهن کان مغوي وٺندو به هو جيڪي ٻيڻي ۽ ٽيڻي ڀنگ ذريعي بازياب ڪندو هو.  هن جي مارجڻ سان سندس ساٿين جي حوصله شڪني ضرور ٿيندي پر اهي ڏوهن جي دنيا ڇڏي ڏيندا ان جو آسرو نه ٿو ڪري سگهجي. ان ڪري بهتر ائين ئي ٿيندو ته ڪارروائي جي هن سلسلي کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي جيئن ماضي ۾ حڪومت پنهنجي تي آئي ۽ هن ڪارروائي جي حوالي سان سخت اسٽينڊ ورتو ته وڏن وڏن ڏوهارين جو خاتمو اچي ويو ۽ هڪ چڱي عرصي تائين ماٺار ڇانيل رهي، جيڪڏهن هينئر به اهڙو ئي سخت اسٽينڊ ورتو وڃي ته هينئر به هنن ڏوهارين جو صفايو ممڪن آهي. بس بهترين حڪمت عملي ۽ مستقل مزاجي سان ڪارروايون ڪرڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن ڏسجي ته سنڌ هن وقت ٻٽي عذاب کي منهن ڏئي رهي آهي هڪ طرف ڳوٺن ۽ ننڍن شهرن ۾ هنن ڌاڙيلن ۽ ڦورن جو آزار آهي ته وڏن شهرن ۾ وري دهشتگردن جو آزار آهي، جنهن ڪري عوام پاڻ کي نه ته ڳوٺن ۾ محفوظ سمجهي ٿو ۽ نه ننڍن ۽ وڏن شهرن ۾، هڪ پاسي ڌاڙيل ۽ ڦورو آهن ۽ ٻئي طرف دهشتگرد آهن، ڪراچي ۾ دهشتگردن خلاف هلندڙ آپريشن جي نتيجي ۾ ٿورو گهڻو ماحول ٿڌو ضرور ٿيو آهي پر حالتون مڪمل طور تي پرامن ناهن ٿيون. اتان جي شهرين جي ذهن مان ڪنهن به وقت، ڪٿي به، ڪجهه به ٿي وڃڻ وارو خوف اڃا مڪمل طور تي ختم ناهي ٿيو انهن کي اهو خدشو اڃا به پريشان ڪري رهيو آهي ته هن آپريشن جي ختم ٿيڻ کانپوءِ ڇا ٿيندو؟ وري جو رينجرز جا اختيار گهٽائڻ ۽ انهن کي کي آپريشن کان پري ڪرڻ جون خبرون هلي رهيون آهن ته ماڻهن جي ڳڻتي ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ڇو ته انهن کي خبر آهي ته هي جيڪو ٿورو گهڻو امن ٿيو آهي ان ۾ پوليس سان گڏ رينجرز جو مکيه ڪردار آهي جنهن بنا ڪنهن خوف ۽ بنا ڪنهن پرواهه جي دهشتگردن جي ٺڪاڻن تي ڇاپا هڻي انهن کي يا ته گرفتار ڪيو يا مقابلي دوران ختم ڪيو ان سموري وٺ پڪڙ دوران ڪيترائي دهشتگرد انڊر گرائونڊ پڻ ٿي چڪا آهن، جيڪڏهن رينجرز کي هن آپريشن کان پري ڪيو وڃي ٿو ته اهي لڪل دهشتگرد وري پنهنجي ٻرن مان ٻاهر نڪري ايندا ۽ وڌيڪ شدت سان ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيندا. ماڻهو چاهين ٿا ته هن آپريشن کي سياسي اثر رسوخ کان آجو رکيو وڃي ۽ ان کي ان ئي انداز ۾ جاري رکيو وڃي. جيڪڏهن ڪٿي ڪجهه غلط ٿئي ٿو يا ناجائزي ٿئي ٿي ته ان کي به ان آپريشن جي دائري اندر ئي حل ڪيو وڃي ۽ غلط جي ان دائري اندر ئي رستا روڪ ڪئي وڃي نه ڪي ان بنياد تي هن آپريشن آڏو فل اسٽاپ ڏنو وڃي.

اها ڳالهه طئي آهي ته ڏوهاري عنصرن کي جيتري به رعايت ڏبي، اهي ان مان فائدو حاصل ڪري نقصان ڪندا، انهن کي رعايت ڏئي ائين سمجهڻ ته اهي ڏوهن جي دنيا مان ٻاهر نڪري قانون آڏو پيش ٿي شريف شهري ٿي گذارڻ جي خواهش ظاهر ڪندا، اهو ممڪن نه ٿو لڳي ڇو ته جنهن جي هٿ تي به ڪنهن بيگناهه جو خون لڳي ٿو اهو بس خون خون ئي ڪندو رهي ٿو، اهو انسان مان بدلجي وحشي صفت ٿي وڃي ٿو ۽ ان مان انسانيت جي اُميد ڪرڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ برابر آهي. ان ڪري رعايت ڏيڻ جي ته گنجائش ئي نه ڇڏڻ گهرجي. پاڻ ان رعايت جو ويجهي ماضي ۾ هڪ وڏو تجربو ڪري به چڪا آهيون ۽ ان جا نتيجا پڻ پنهنجي اکين سان ڏسي چڪا آهيون. سوات ۾ صوفي محمد ۽ سندس ساٿين سان ڳالهين جا دور هلايا ويا، انهن کي پرامن شهري بڻجڻ جو موقعو فراهم ڪيو ويو، ان جو نتيجو ڇا نڪتو اهو اسان سڀني پنهنجي اکين سان ڏٺو. ان رعايت جي نتيجي ۾ هنن سوات ۾ پنهنجي بادشاهي قائم ڪري ورتي، جتي پنهنجا قانون هلائڻ لڳا، اسڪولن کي بمن سان اڏائڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويو ۽ نياڻين جي گهرن کان ٻاهر نڪرڻ تي مڪمل طور تي پابندي وڌي وئي. نيٺ حڪومت کي آپريشن جو ئي فيصلو ڪرڻو پيو، تڏهن وڃي هن مسئلي مان جان ڇُٽي. ڏوهاري عنصر ڪهڙا به هجن انهن کي ڏوهن جي دنيا کان پري ڪرڻ واري نيت سان رعايت ڏيڻ انهن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ برابر آهي. انهن مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ يا کين قانون جي گرفت ۾ آڻڻ سان ئي مسئلو حل ٿي سگهي ٿو.

ڪراچي ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن واري هن سلسلي کي ايستائين بنا ڪنهن ساهي جي جاري رکڻ جي ضرورت آهي، جيستائين دهشتگردن جو مڪمل طور تي صفايو نه ٿو ٿي وڃي. ساڳي نموني سنڌ جي ٻين شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڌاڙيلن خلاف به ان ئي نوعيت جو آپريشن ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙين ڪاررواين سان ڪهڙي سياسي ڌر متاثر ٿئي ٿي اهميت ان جي نه پر عوام کي ڪيترو فائدو ملي ٿو، ان ڳالهه جي آهي.

بدنام ڌاڙيل نظرو ناريجي جو پوليس مقابلي ۾ مارجي وڃڻ هيسيل عوام لاءِ هڪ زبردست خبر آهي، پر ان قسم جي زبردست ڪاررواين جو سلسلو رڳو اتي ختم نه ٿيڻ گهرجي پر اهو ان ئي انداز ۾ اڳتي به جاري رهڻ گهرجي.

 

جان جان پسين پاڻ کي تان تان ناهه سجود؛ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ

رمضان شريف جو ڀلارو مهينو عبادتن، خير خيراتن ۽ بخشش جي طلب جو مهينو آهي. هن سڳوري مهيني ۾ روزا رکڻ، ذڪر الاهي ڪرڻ ۽ نفس جي پاڪائي جي تلقين ڪيل آهي. بغير نماز پڙهڻ جي رکيل روزو فقط بک ڪٽڻ آهي ڇو جو اسلام جي پنجن رڪنن ۾ ڪلمي پاڪ کانپوءِ پهرين اهميت نماز جي آهي. نماز ئي آهي جيڪا قيامت تي ڇوٽڪاري جو باعث بڻبي. حديث پاڪ آهي ته: ”نماز جنت جي ڪنجي آهي.“

”نماز“ جو لفظ قرآن پاڪ ۽ حديث نبويءَ ۾ ”صلوات“ جي نالي سان آيل آهي جنهن جي عربي زبان ۾ معنيٰ دعا ڪرڻ جي آهي. ”نماز“ هڪ اهڙو عمل آهي جنهن ۾ سڄو دين لڪيل آهي. هڪ ٻي حديث پاڪ آهي ته: ”نماز دين جو ٿنڀو آهي.“ نماز کي معراج شريف جي پاڪ موقعي تي رب پاڪ فرض طور مقرر ڪيو ۽ هن فرض جي قرآن پاڪ ۾ تمام گهڻن هنڌن تي تاڪيد ڪيل آهي.

ترجمو: بيشڪ نماز بي حيائي ۽ برن ڪمن کان بچائي ٿي.

نماز کان اڳ ۾ مسجدن ۾ اذان يعني ٻانگ ڏني ويندي آهي. ”اذان“ عربي لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي ”اجازت“ يا ”موڪ“ پر اصطلاح موجب نيڪيءَ جو سڏ يعني ”الله تعاليٰ جي گهر ۾ نماز جو سڏ“ نماز پابنديءَ سان وقت سر ۽ صحيح نموني سان ادا ڪرڻ ڌڻيءَ وٽ تمام مقبول ۽ پسنديده عمل آهي جنهن سان رب جي خوشنودي حاصل ٿئي ٿي ۽ دلين کي سڪون عطا ٿئي ٿو. نماز سان قلب جي صفائي ٿيندي آهي. پنج وقت نماز ۽ حلال روزي دعا جي مقبوليت جو ذريعو آهي.

نماز جي اهميت انهيءَ مان معلوم ٿئي ٿي ته بيماري ۽ جنگ جي حالت ۾ به نماز معاف نه آهي. ويهي، سمهي ۽ اشارن سان شديد بيماريءَ  ۾ نماز پڙهڻ مقرر ڪيل آهي. سفر ۾ نماز پڙهڻ فرض آهي، نماز ڇڏڻ تي سڀ کان پهرين رب پاڪ طرفان باز پُرس ٿيندي، جنگ جي حالت ۾ به اصحاب سڳورا نماز ادا ڪندا هئا. امام حسين عليه السلام ته سجدي ۾ سر ڪٽائي نماز جي فضيلت ۽ اهميت کي اُتم قرار ڏيارايو.

نماز پنهنجي پڙهندڙ کي پاڻ ڏي ڇڪي، سندس دل ۾ خدا جو خوف پيدا ڪري ٿي ۽ کيس نيڪيءَ ڏي مائل ڪندي آهي. هڪ نماز کان ٻيءَ نماز جي توفيق ٿيڻ ئي، نماز جي قبوليت جو دليل آهي. اها توفيق رب پاڪ انهن کي ڏيندو آهي جن کي پنهنجي ويجهو ڪندو آهي ۽ نماز پابنديءَ سان پڙهڻ وارو شخص صاف سٿرو ۽ صحتمند رهي ٿو. وقت جي پابنديءَ جي کيس عادت پوي ٿي، فرض شناسيءَ جو جذبو وڌندو آهي، باجماعت نماز سان اخوت جو سبق ملي ٿو. انهيءَ لاءِ شاهه صاحب فرمائي ٿو ته:

وحده لاشريڪ له چئي چوندو آءُ،

فرض واجب، سنتون، تنيئون تڪوم پاءِ،

توبهه سندي تبسيح، پڙهڻ ساڻ پُڄاءِ،

نانگا پنهنجي نفس کي، ڪا سنئين راهه سونهاءِ،

سپريان جي ڳالهڙي، ڪي هيئن سين لاءِ،

ته سندي دوزخ باهه، تو اوڏيائي نه اچي.

نماز امير ۽ غريب حڪام ۽ محڪوم جو فرق ختم ڪري. انسان کي انسانيت جي اعليٰ درجي تي پهچائي ٿي. حديث پاڪ آهي ته:

نماز مومن جي معراج آهي،نماز منهنجي اکين جي ٿڌ آهي.قيامت جي ڏينهن نماز مٿي جو تاج ۽ بدن جو لباس هوندي.مطلب ته نماز جا بي شمار فائدا آهن، جيڪي ڳڻائڻ لاءِ دفتر گهرجن پر سڀ کان ضروري ڳالهه، نماز جي سچي نيت، دل جي صفائي ۽ ارڪانن جو صحيح ادا ڪرڻ آهي.اسان وٽ عام طور رواج آهي ته اسين فرض سان گڏ نفلي عبادتن کي فرض جيتري اهميت ڏيندا آهيون، جنهن ۾ خاص طور وڏين راتين ۾ گهڻا نفل ادا ڪرڻ (۽ فجر کان ڪجهه وقت اڳ ۾ ٿڪجي ڪري سمهي رهڻ) يا نفل عبادتن جون شڪراني جون منتون مڃڻ ۽ اهتمام سان ادا ڪرڻ شامل آهن.هاڻي جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته سڀئي احسن عمل آهن پر سڀني کان اهم عمل جنهن جو سخت پڇاڻو ٿيندو ۽ جنهن جي غفلت جي سزا ملندي اهو آهي فرض نماز، خدا پاڪ جي مقرر ڪيل پنجاهه نماز کي مٺي محبوب محمد مصطفيٰ صه جن بارگاهه الاهيءَ ۾ عرض ڪري پنجن جي تعداد ۾ مقرر ڪرايو،

جڏهن ته ڌڻيءَ سڳوري انهن پنجن نمازن جو ثواب پنجاهه نمازن جيترو ئي رکيو. اهي به جيڪڏهن اسين دنياوي غفلتن سبب ادا نٿا ڪريون ته پوءِ تهجد، اشراق، چاشت، اوابين ۽ ٻيا نفل پنهنجي طور تي بيشڪ اسان کي ثواب ڏياريندا پر جيڪڏهن اسان پنهنجي فرض ۾ ڪوتاهي ڪئي ته انهيءَ جو حساب ٿيندو.

مسلمانن لاءِ ضروري آهي ته پاڻ وقت سر فرض نماز جو اهتمام ڪن ۽ پنهنجي اولاد ۾ به ننڍپڻ کان ئي هن نيڪ عمل جي عادت وجهن، نماز تن ۽ من جو ميزان پڻ آهي جنهن سان تن تندرست ۽ من شانت رهي ٿو.

نماز جا فرض ۽ سنتون ادا ڪرڻ لازمي آهن. نماز ۾ هيٺيون اهم ڳالهيون آهن (1) نيت، (2) وضو، (3) تڪبير تحريمه (4) قيام ڪرڻ، (5) قرات، (6) رڪوع ڪرڻ، (سجدو)، (8) قعدو يا جلدو ڪري ويهڻ.

نمازيءَ لاءِ ضروري آهي ته هو پاڪ صاف رهي ۽ پاڪ جڳهه تي نماز پڙهي ۽ نماز جي قرات تي غور ڪري. هڪ هڪ لفظ جي معنيٰ کيس اچڻ کپي. انهيءَ سان سندس توجهه نماز ۾ مضبوط ٿيندي. نماز ۾ خشوع و خضوع جي تمام گهڻي اهميت آهي. نمازي پنهنجي رب پاڪ سان هم ڪلام ٿئي ٿو. رب جي حضور سجده ريز ٿي، کيس وڏو ۽ عظيم سمجهي تعظيم ۾ سر جهڪائي ٿو. انهيءَ نظريي مطابق پڙهيل نماز ۾ رِقت پيدا ٿيندي اهي جيڪا نمازيءَ جي من کي ڌوئي پاڪ صاف ته ڪندي آهي پر کيس وڏي رتبي ڏي وٺي ويندي آهي. ڀٽ ڌڻيءَ فرمايو آهي ته:

جان جان پسين پاڻ کي، تان تان ناهه سُجود،

وڃائي وجود، تنهان پوءِ تڪبير چئو.