تازيون خبرون

Daily Archives: July 10, 2015

ڏوڪري بينظير انڪم سپورٽ سينٽر تي ايجنٽن جي ڦرمار، مستحق عورتن سان انصاف ڪير ڪندو؟

 

ڏوڪري زرعي فارم ڪالوني ۾ قائم بينظير انڪم سپورٽ سينٽر تي مستحق عورتن کي امداد نه ملڻ ۽ ايجنٽن پاران رشوت وٺڻ وارين خبرن جو بينظير انڪم سپورٽ جي اختيارين نوٽس ورتو، گذريل ڏينهن بي آءِ ايس پي جي ريجنل ڊائريڪٽر عبدالله گڏاڻي پوليس ساڻ ڪري سينٽر تي ڇاپو هنيو،  ڇاپي دوران ايجنٽ فرار ٿي ويا، ريجنل ڊائريڪٽر مستحق عورتن کان مسئلا معلوم ڪيا جڏهن ته سينٽر تي موجود عملي کي ڇنڊ پٽي ۽ کين وارننگ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن آئينده ان سينٽر تي ڪرپشن ڪرڻ، عورتن کي درست طريقي سان امداد نه ملڻ جون شڪايتون مليون ته سموري عملي کي گهر ڀيڙو ڪيو ويندو ۽ گرفتار به ڪيو ويندو. ان موقعي تي ريجنل ڊائريڪٽر عبدالله گڏاڻي چيو ته ڏوڪري سينٽر تي عورتن کي امداد نه ملڻ ۽ ايجنٽن معرفت ڪرپشن ڪرڻ جون شڪايتون مليون جنهن بعد اسان ڇاپو هنيو آهي ۽ مستحق عورتن کان تفصيل ورتا آهن جڏهن ته عملي کي به وارننگ ڏني آهي. هوڏانهن مستحق عورتن مسمات زاهدان، مسمات صغران، مسمات وزيران، شاهدان ۽ ٻين ٻڌايو ته ايجنٽ 15 سئو کان 2 هزار رپيا رشوت وٺي امداد ڏيارين ٿا. هنن چيو ته ريجنل ڊائريڪٽر جي ڇاپي بابت پوليس ذريعي سينٽر تي اڳواٽ ئي اطلاع ملي چڪو هيو  جنهن ڪري انتظاميا ايجنٽن کي سينٽر مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو هيو، ڇاپي واري ٽيم جي وڃڻ کان پوءِ ايجنٽ ٻيهر سينٽر تي موٽي آيا جن ساڳيو ڪم شروع ڪري ڏنو.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ڪافي عرصي کان اهي خبرون هلي رهيون آهن ته ڏوڪري ۾ قائم بينظير انڪم سپورٽ سينٽر تي مستحق عورتن کان مختلف طريقن سان ايجنٽ رشوت وٺي رهيا آهن ۽ تنهن هوندي به مستحق عورتن کي ملندڙ امداد مان به ڪٽوتي ڪئي وڃي ٿي انڪري سنڌ حڪومت کي گهرجي ته ڏوڪري شهر سميت سمورن شهرن ۾ جتي بينظير انڪم سپورٽ سينٽر موجود آهن تن تي اوچتا ڇاپا هڻي ڪرپشن ۾ ملوث ماڻهن کي فوري طور گهر ڀيڙو ڪيو وڃي ته جيئن مستحق عورتن سان انصاف ٿي سگهي.

 

بينظير ڀٽو جي قتل جو راز؛طارق کوسه

تازو ئي پيپلز پارٽي جي شهيد بينظير ڀٽو جي 62 هين ورسي جي موقعي تي سندس مڙس ۽ پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ان جي قتل بابت بيان جاري ڪيو ۽ چيو ته ”اسان ايف آءِ آر ختم نه ڪرائينداسين، چاهي توهان اسان تي ڪيترو ئي زور وجهو ۽ ڪيتري به ڪوشش ڪريو.“

بينظير ڀٽو جي قتل جي تحقيقات ڪرڻ واري اقوام متحده جي ڪميشن جي سربراهه هيرالڊو منوز، جنهن جو تعلق چلي سان هو، جنهن چيو هو ته ”شايد ڪا به حڪومت بينظير قتل ڪيس جي لڪل راز مان سچ ڪڍڻ ۾ ڪامياب نه ٿيندي يا پوءِ ائين ڪرڻ نه چاهيندي.“

چلي جي اڳوڻي سفارتڪار جي يادداشتن تي لکيل هن جي ڪتاب Getting Away With Murder مون وڏي اداسي سان پڙهيو، ڇو ته منهنجي اڳواڻي ۾ وفاقي تحقيقاتي اداري (ايف آءِ اي) کي 6 آگسٽ 2009ع تي تحقيقات پنجاب پوليس کان پنهنجي هٿن ۾ ذميواري کنئي هئي. اسپيشل انويسٽيگيشن گروپ کي مختلف قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ انٽيليجنس ايجنسين تي مشتمل هڪ گڏيل ٽيم ٺاهڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو ته جيئن وڌيڪ تحقيقات ۽ مشڪوڪ ماڻهن کان جاچ ڪري سگهجي.

مون کي 18 آڪٽوبر 2007ع جي اُها رات چڱيءَ طرح ياد آهي، جڏهن مان بلوچستان پوليس جو آءِ جي هئس ۽ ٽي وي جي سامهون ويهي محترمه بينظير ڀٽو کي 9 سالن جي جلاوطني کانپوءِ وطن واپس اچڻ تي ڪراچي ۾ هڪ عظيم الشان جلوس جي قيادت ڪندي ڏسي رهيو هئس. بم ڌماڪن ان رات هن جي قافلي کي نشانو بڻايو، جنهن ۾ 149 ماڻهن جون جانيون ويون ۽ 402 ماڻهو زخمي ٿيا.

بينظير صاحبه ان قاتلاڻي حملي ۾ ذري تان بچي وئي ۽ پنهنجي مدعيت ۾ هڪ ايف آءِ آر درج ڪرائي. پوليس اُهو ڪيس درج نه ڪيو، جنهن جي درخواست 21 آڪٽوبر 2007ع تي ڏني هئي، جنهن ۾ هن چيو هو ته: ”مون کي حڪومت اطلاع ڏنو هو ته ڪجهه عسڪريت پسند گروهه مون تي حملو ڪرڻ چاهين ٿا. اهو اطلاع ملڻ بعد مون 16 آڪٽوبر 2007ع تي صدر پاڪستان کي هڪ خط لکيو هو، جنهن ۾ مون پنهنجي سيڪيورٽي جي حوالي سان خدشن ۽ انهن قوتن ۽ ماڻهن جي باري ۾ آگاهه ڪيو هو، جن تي مون کي شڪ هو ته هو مون کي جاني نقصان پهچائڻ چاهين ٿا.“

تحقيقات 27 ڊسمبر 2007 تائين سردخاني جو شڪار رهي، ايتري تائين جو هن کي قتل ڪيو ويو. ڪارساز جو ڪيس 17 آڪٽوبر 2008 تي هڪ دفعو ٻيهر داخل ڪيو ويو، جڏهن جنرل مشرف انهيءَ سال آگسٽ ۾ صدارت تان استعيفيٰ ڏني ۽ زرداري صدر بڻيو.

ان دوران اقوام متحده جي مشن جولاءِ 2009ع ۾ باقاعده تحقيقات جو آغاز ڪيو ۽ وفاقي حڪومت تي 6 آگسٽ 2009ع تي ايف آءِ اي وڌيڪ تحقيقات جي ذميداري ڏني. تحقيقات جو خفيه نالو ”آپريشن ٽروجن هارس“ رکي ڪيس جي تحقيقاتي ٽيم کي 18 آڪٽوبر جي ڪارساز حملي کان اڳ، 19 آڪٽوبر کان 27 ڊسمبر جي وچ ۾ ۽ 27 ڊسمبر کانپوءِ سمورن حالتن ۽ واقعن جي اکين ڏٺن شاهدن، دستاويزي، فارينزڪ ۽ ثبوتن گڏ ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو هو.

اُهي سمورا ماڻهو جيڪي بينظير ڀٽو سان گاڏي ۾ سفر ڪري رهيا هئا، انهن جا بيان رڪارڊ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو. ان ۾ ڊرائيور جاويد، ايس ايس پي سيڪيورٽي امتياز حسين، مخدوم امين فهيم، ناهيد خان، صفدر عباسي ۽ ملازم رزاق شامل هو. سينيٽر صفدر عباسي ۽ ان جي گهر واري ناهيد خان دعويٰ ڪئي هئي ته ”سنائپر جي گولي ۽ روايتي انٽيليجنس آپريشن“ جي ذريعي منهنجي اڳواڻ کي قتل ڪيو ويو هو. پي پي جي ترجمان شيري رحمان پاران دعويٰ ڪئي وئي ته هن جو موت گولي لڳڻ سان ٿيو. انهن بيانن ۽ خالد شهنشاهه جي مشڪوڪ رويي جي گهري جاچ ڪرڻ جي ضرورت هئي. خالد شهنشاهه هڪ سيڪيورٽي گارڊ هو، جنهن کي ٽي وي فوٽِج ۾ بينظير جي قتل کان ڪجهه منٽ اڳ ان جي اسٽيج تي بيٺي مشڪوڪ اشارا ڪندي ڏٺو پئي ويو.

اسان تحقيقات جي شروعات ڪندي وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ کان مدد گهري، جيڪو بينظير ڀٽو جو چيف سيڪيورٽي آفيسر هو. مون 12 آگسٽ 2009ع تي ان جي بااعتماد اسٽاف اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ايف آءِ اي جي ذريعي هڪ خط لکيو ۽ ان کان هيٺ ڏنل شيون طلب ڪيون:

  1. بينظير ڀٽو پاران 16 آڪٽوبر 2007ع تي جنرل مشرف ڏانهن لکيل خط جو نقل، جنهن ۾ 3 شڪي ماڻهن جا نالا هئا.
  2. بينظير ڀٽو پاران مارڪ سيگل ۽ ٻين ماڻهن ڏانهن لکيل اي ميلز جي نقل، جنهن ۾ هن جنرل مشرف پاران خطرن جو اظهار ڪيو هو.
  3. بينظير ڀٽو جي وصيعت جي ڪاپي.
  4. بينظير ڀٽو ۽ جنرل مشرف جي وچ ۾ طئي ٿيل حتمي معاهدي جي ڪاپي.
  5. سيڪيورٽي سان لاڳاپيل معاملن تي بينظير ڀٽو جي چيف سيڪيورٽي آفيسر رحمان ملڪ ۽ حڪومتِ پاڪستان ۽ حڪومتِ سنڌ جي وچ ۾ ٿيندڙ خط و ڪتابت جي ڪاپي.

مون کي ان درخواست جو ڪو به جواب موصول نه ٿيو.

ان دوران 5 گرفتار ٿيل ملزمن اعتزاز شاهه، شير زمان، حسنين گل، محمد رفاقت ۽ رشيد احمد کان جاچ ۽ ٻين اهم معلومات جي مدد سان اسان مالاڪنڊ جي رهائشي عبدالرحمان جي گرفتاري جو فيصلو ڪيو، جنهن جي باري ۾ اسان کي يقين هو ته بينظير جي قتل ۾ ان جو مرڪزي ڪردار هو پر اهو مرڪزي ڪردار اطلاعات مطابق مئي 2010ع ۾ خيبر ايجنسي ۾ ٿيندڙ پهرين ڊرون حملي ۽ هڪ پاڪستاني جهاز جي بمباري جي نتيجي ۾ ماريو ويو هو.

هڪ ٻيو مشڪوڪ شخص القاعده نمبر 3 ۽ مالياتي ۽ آپريشنل سربراهه ابو يزيد عرف شيخ سعيد المصري هو، جنهن جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته هن بينظير جي قتل جي ذميواري اهو چئي قبول ڪئي هئي ته ”آمريڪا جو سڀ کان قيمتي اثاثو ۽ مجاهدن کي شڪست ڏيڻ جا ارادا رکندڙ شخصيت کي قتل ڪيو ويو آهي.“ اطلاعات جي مطابق اهو اتر وزيرستان ۾ 22 مئي 2010ع تي سي آءِ اي جي ڊرون حملي ۾ ماريو ويو هو.

اهڙي نموني اهم مشڪوڪ شخص ۽ گواهه خالد شهنشاهه، جنهن کي پارٽي جي هڪ بااعتماد شخص ڀرتي ڪيو هو، جنهن کي بينظير ڀٽو جي قتل جي ڪجهه ئي مهينن کانپوءِ ڪراچي ۾ قتل ڪيو ويو.

28 آڪٽوبر 2009ع ۾ گهرو وزير جي موجودگي ۾ ايف آءِ اي جي تحقيقاتي ٽيم جو هڪ اهم اجلاس ٿيو. منهنجي تجويز واضح هئي ته سمورا شاهد ۽ ڄاڻ اقوام متحده جي ٽيم جي سامهون رکيا وڃن. هونئن ته اقوام متحده جو ڪميشن متعلقه واسطيدار ادارن، خاص ڪري پنجاب پوليس جي گڏيل تحقيقاتي ٽيم جي رويي کان پريشان هو پر هن پنهنجي رپورٽ ۾ لکيو ته ايف آءِ اي جي جوڙيل ٻئي گڏيل تحقيقاتي ٽيم ”پنهنجي تحقيقات ۾ ڀرپور سرگرمي ڏيکاري آهي.“

وفاقي گهرو وزير جي رهائشگاهه تي 25 نومبر 2009 تي ٿيندڙ هڪ اهم ميٽنگ ۾ ايف آءِ اي جي جاچ ڪندڙن تحقيقات جي پيش رفت جي باري ۾ جائزو ورتو ۽ متعلقه ايجنسين کان مرڪزي مشڪوڪ شخص عباد الرحمان کي خيبر ايجنسي مان گرفتاري جي باري ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي. هنن وڌيڪ ثبوت گڏ ڪرڻ جي لاءِ مدرسه اڪوڙه خٽڪ جو دورو ڪرڻ جي به اجازت ڏني وئي هئي. آفيسرن کي اهم ذريعن سان شاهديون گڏ ڪرڻ جي لاءِ متحده عرب امارات، سعودي عرب ۽ آمريڪا ۾ به اماڻيو ويو ته جيئن ان سازش تي وڌيڪ روشني وڌي وڃي.

جاچ ڪندڙن جي لاءِ واضح رستو طئي ڪرڻ بعد ڪجهه ڏينهن کانپوءِ منهنجي ايف آءِ اي مان بدلي ڪئي وئي. ڪيس هاڻ به هلي رهيو آهي ۽ مان ڪا به حتمي راءِ ڏيڻ کان گريز ڪندس. اقوام متحده جي ڪميشن مئي 2010ع ۾ پنهنجي رپورٽ جمع ڪرائي ۽ ان جي نتيجن ۽ سفارشن تي هڪ پروفيشنل جي حيثيت سان مون وزيراعظم کي هڪ خفيه خط ۾ تبصرو ڪيو. سياسي ۽ سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ انهن سفارشن کي ردي جي ٽوڪري جي حوالي ڪري ڇڏيو پر اُميد آهي ته آخر هڪ ڏينهن سچ ضرور سامهون ايندو.

 

علم جو دروازو حضرت علي ڪرم الله وجه ؛پروفيسر مهرالنساءِ لاڙڪ

امام الانبياء حضرت محمد مصطفيٰ صه جن جو فرمان آهي ته، ”آئون ۽ علي ڪرم الله وجهه“ هڪ ئي نور جا ٻه حصا آهيون.

اهو علي ڪرم الله وجهه، جيڪو عين الله، يد الله، اسد الله جو مصداق هجي اُن علي ڪرم الله وجهه جي منزلت جو احاطو ڪرڻ، ڪنهن عام انسان جي وس جي ڳالهه نه آهي.

سرورِ ڪائنات فرمايو آهي ته ”جنهن جو آئون مولا اُن جو علي ڪرم الله وجهه مولا آهي، جيڪو علي عه سان محبت ڪندو، تنهن سان آئون محبت ڪندس.“

جنهن دؤر ۾ ماڻهو بُتن جي پوڄا ڪندا هجن، اُن دؤر ۾ به پاڪ انسان، خانئه ڪعبه جو طواف ڪندا هئا ۽ الله جل شان جي وحدانيت تي يقين رکندا هئا.

مڪي جي انتهائي معزز خاتون سانئڻ فاطمه بنت اسد، جڏهن الله جي گهر خانئه ڪعبه جو طواف ڪري رهي آهي ۽ ذڪرِ الاهي ۾ مصروف آهي ته کين زچگي جي تڪليف شروع ٿي. الله جي حڪم سان ڪعبي جي ديوار شق ٿئي ٿي ۽ پاڻ بيبي صاحبه، الله جي گهر اندر تشريف فرما ٿيون ۽ رسول الله جي وصي جي ولادت ٿئي ٿي. ننڍڙي معصوم ان وقت تائين پنهنجون اکيون نه کوليون جيستائين رسول الله، سندن اکين آڏو نه آيا، هي مقدس لمحا، 13 رجب تي ظهور ٿيا تاريخ جي روشن ورقن تي انهيءَ مقدس گهڙي ۾ پيدا ٿيندڙ معصوم کي علي ابن ابي طالب جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. علي عه، جيڪي علم ۽ عمل جي دنيا آهن، سخا جو اهڙو دروازو جتان ڪو به سوالي، خالي نه موٽيو، حضرت علي عه جي دنيا ۾ ظهور ٿيڻ وقت، والدين کان وڌيڪ خوشي نبي پاڪ صه جن کي ٿي هئي. حضرت علي عه جن جي پرورش به، رسول الله صه جن ڪئي. پاڻ سڳورن انتهائي محبت ۽ شفقت سان حضرت علي عه جي اخلاقي ۽ علمي تربيت ڪئي.

پيغمبر خدا، جڏهن الله جي حڪم سان، رسالت جو پيغام گهر وارن کي ٻڌايو ته حضرت بي بي خديجته الڪبريٰ رضه ۽ حضرت علي عه (ڏهه سال عمر) سندن رسالت تي ايمان آندو ۽ سندن رسول هئڻ جي تصديق ڪئي. ايمان جو اقرار ڪيائون ۽ سڄي زندگي نبي پاڪ صه سان گڏ رهيا. نبي پاڪ تي سڄي ڄمار، تڪليفن ۽ مشڪلاتن جو دؤر هيو پر حضرت علي عه هر گهڙي، هر مشڪل ۾ سندن ساٿ ڏنو.

رسول خدا فرمايو آهي ته ”علي عه حق سان گڏ آهي ۽ حق، علي عه سان گڏ آهي.“ ٻيا ڪيترائي فرمان موجود آهن، جن مان علي عه، جي عظمت ۽ فضيلت عيان آهي. علي عه ته اهو آهي، جيڪو نبي پاڪ صه کانپوءِ ميدانِ جنگ ميدانِ علم، ۽ ميدان سخاوت ۾ پنهنجو ثاني نه ٿو رکي. دعوت ذالعشيره هجي يا شبِ هجرت، علي عه، تلوارن جي سائي ۾ به اطمينان جي ننڊ سمهي، رب جي رضائن جو مالڪ بڻجندي نظر اچي ٿو. جنگ بدر، جنگ احد، جنگ خندق، جنگ خيبر، فتح مڪه، جنگ حنين، جنگ وادي الرمل، جنگ بيرالعلم يا ڪو ٻيو معرڪو هر جنگ توڙي معرڪي ۾ علي عه جي تلوار (ذوالفقار) ئي چمڪندي نظر اچي ٿي ۽ هن تلوار جي ذريعي هر ڀيري اسلام کي فتح و نصرت حاصل ٿئي ٿي.

عبادت الاهي جو اهو عالم آهي جو پاڻ فقط هڪ رات ۾ هزار رڪعت نفل ادا ڪن ٿا ته ٻئي پاسي پاڻ محنت ڪندي نظر اچن ٿا ۽ ان پورهئي جي عيوض جيڪو اجورو ملي ٿو ان مان غلام خريد ڪري، انهن کي آزاد ڪن ٿا ۽ جوئر يا جَوَن جي سُڪل ماني، پاڻي ۾ پسائي کائين ٿا، وقت جا خليفه آهن پر پاڻ پنهنجن مبارڪ هٿن سان ڦاٽل ڪپڙن کي چتيون هڻن ٿا ۽ سادگي جو شاندار مثال قائم ڪن ٿا.

امن، محبت، اخوت، مساوات ۽ علم سان ڀرپور بي مثال انسان هئا. پاڻ فرمايائون ته، ”اخلاق هڪ دُڪان آهي ۽ زبان ان جو تالو يعني ڪلف آهي، ڪلف کلي ٿو ته، معلوم ٿئي ٿو ته دڪان سون جو آهي يا لوهه جو.“

حضرت علي عه جي فرمان تي مشتمل ڪتاب ”نهج البلاغه“ اسان لاءِ رهبري ۽ رهنمائي جو ڪم ڏئي ٿو. سندن هر هڪ فرمان ۽ قول، ڪامياب زندگي جو رستو ٻڌائين ٿا. پاڻ فرمائين ٿا ته پنهنجي عمر ۽ پئسي تي ڪڏهن به اعتبار نه ڪجو ڇو ته جيڪا شيءِ ڳڻپ ۾ اچي يعني Counting ٿئي اُها يقينن ختم ٿيڻ واري هوندي آهي.مولاءِ ڪائنات حضرت علي عه، جن جي ذات مبارڪ نه صرف تاريخ اسلام، بلڪه انساني تاريخ جي اُها منفرد ۽ ممتاز هستي آهي جيڪا عِلم ۽ عمل جي لحاظ کان ۽ ڪردار جي حساب سان انساني حيات جي مڪمل ۽ جامع تصوير آهي. امام المتقين حضرت علي عه، عظمت، پاڪيزگي ۽ لامحدود خوبين جي حامل اها متبرڪ هستي آهن جو سندن دوست، محبت ۾ ۽ سندن دشمن حيرت ۾ ٻڏل آهن. اسان جڏهن تاريخ جي ورق گرداني ڪريون ٿا ته خبر پئي ٿي ته، مولاءِ ڪائنات، ڪعبي ۾ ولادت کان وٺي ڪوفي جي مسجد ۾ شهادت تائين، پنهنجي سموري زندگي، الله جي آخري نبي صه جي نصرت و مدد ۽ دين جي حمايت ۾ گذاري. سندن پوري حياتي، وفا جي بُلندين تي نظر ايندي.هڪ ڀيري خليفته المسلمين، مولاءِ ڪائنات علي عه، ڪيڏانهن وڃڻ لاءِ تيار بيٺا هئا ۽ هڪ پير، گهوڙي جي رڪاب ۾ رکي چُڪا هئا ته هڪ يهودي کانئن سوال ڪيو ته اهو ڪهڙو عدد آهي جيڪو 2، 3، 4، 5، 6، 7، 8، 9 سان پورو ونڊي سگهجي ٿو. حضرت علي ڪرم الله وجهه جن پنهنجو ٻيو پير گهوڙي تي رکڻ کان پهرين جواب ڏنو ته، هفتي جي ڏينهن کي اسلامي سال جي ڏينهن سان ضرب ڏئي جيڪو عدد حاصل ٿئي اُهو تنهنجي سوال جو جواب آهي. هُن هفتي جي 7 ڏينهن کي اسلامي سال جي 360 ڏينهن سان ضرب ڏني ته 2520 عدد حاصل ٿيو ۽ ان عدد کي 2، 3، 4، 5، 6، 7، 8 ۽ 9 سان پورو ونڊي سگهجي ٿو.اهڙا عظيم المرتبت انسان، جنهن سڄي عمر ۾ ڪڏهن قضا نماز نه پڙهي، اُهي عظيم انسان، رمضان مهيني جي 19 تاريخ تي فجر جي وقت، مسجد ڪوفي ۾ ابن ملجم جي تلوار جي ضرب سان شديد زخمي ٿي پيا، پاڻ اها سڄي رات فجر تائين ننڊ نه ڪري سگهيا، اها رات سندن ائين گذري جو پاڻ ٿوري ٿوري دير کانپوءِ مصلي تان اٿي صحن ۾ ٿي آيا ۽ آسمان جي طرف ڏسندي چيائون ٿي ته، منهنجي آقا سرورِ ڪائنات سچ فرمايو آهي ته آئون شهيد ڪيو ويندس. مؤرخ لکن ٿا ته جنهن وقت پاڻ فجر جي نماز لاءِ پنهنجي گهر کان ٻاهر نڪري رهيا هئا ته اڱڻ ۾ سندن پاليل بدڪن سندن عبا مبارڪ کي پنهنجي چهنبن سان جهلي ورتو ۽ شور مچائڻ شروع ڪري ڏنائون ۽ پوءِ ڪنهن بدڪن کي روڪڻ چاهيو ته پاڻ منع ڪندي چيائون ته هنن کي منع نه ڪيو اِهي ويچاريون ته مون تي نوحا پڙهي رهيون آهن ۽ پوءِ گهر کان ٻاهر نڪري مسجد ڪوفي ۾ آيا ۽ اذان ڏيڻ شروع ڪيائون. ان ڏينهن سندن آواز ۾ اهڙو ته درد هو جو ٻڌڻ وارا ٻڌندا رهجي ويا،

پاڻ نماز پڙهندي اڃان پهرين سجدي ۾ هئا ته ابن ملجم سندن سِر مبارڪ تي تلوار سان وار ڪيو. پاڻ 3 ڏينهن بسترِ علالت تي هئا ۽ 21 رمضان المبارڪ تي مالڪ حقيقي جي بارگاهه ۾ حاضر ٿيا.