تازيون خبرون

Daily Archives: July 10, 2015

دهشتگردي خلاف جنگ سڄي دنيا جي امن لاءِ آهي: وزيراعظم

اوفا (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن ۽ اُها جنگ اسانجي نه پر سڄي دنيا جي امن لاءِ آهي. اوفا ۾ برڪس سربراهه اجلاس کي خطاب دوران وزيراعظم نوازشريف جو چوڻ هو ته شگنهائي تعاون تنظيم علاقائي تعاون وڌائڻ جي اهم تنظيم آهي ۽ پاڪستان مستقبل ۾ به برڪس ڪميٽين جي ميزباني ڪندو جڏهن ته فوري طور تي سمورن ملڪن وچ ۾ بري، بحري، موٽرويز ۽ ريلويز ذريعي لنڪ کي هٿي ڏني وڃي ته جيئن واپاري آمد رفت کي آسان بڻائي سگهجي. هن چيو ته اسان دنيا سان اعتماد جي بنياد تي دوستي ۽ لاڳاپا رکڻ چاهيون ٿا ۽ خطي ۾ ترقي جو ويزن رکون ٿا جڏهن ته پاڪستان ۾ ترقي جو انڊيڪس تيزي سان مٿي وڃي رهيو آهي ۽ هاڻي اُتي سرمائيڪاري جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ بي شمار قربانيون ڏنيون آهن ۽ دهشتگرد اسان جا عزم ڪمزور نٿا ڪري سگهن اسين پرامن ۽ دهشتگردي کان پاڪ خطي لاءِ ڪوشان آهيون جنهن سان خطي جي ٻين ملڪن کي به فائدو ٿيندو پر اسين خطي ۾ امن ۽ ترقي لاءِ سڀني کي هڪ سان هٿ ۾ ملائڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ اقتصادي راهداري منصوبو ڪاميابي سان جاري آهي ۽ پاڪستان 2025 تائين پنهنجو انفرااسٽرڪچرمضبوط بنيادن تي بڻائڻ چاهي ٿو.

 

آرمي چيف سان اسحاق ڊار جي ملاقات، آپريشن متاثرن جي ٻيهر بحالي تي ڳالهيون

راولپندي (اين اين آءِ) آرمي چيف جنرل راحيل شريف ۽ ناڻي وزير اسحاق ڊار عارضي بي گهر ماڻهن کي جلد گهر ڏانهن واپس ، ٻيهر آباد ڪرڻ ۽ فاٽا ۾ ترقياتي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، آءِ ايس پي آر مطابق چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف سان اسحاق ڊار جنرل هيڊڪواٽر ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ دهشتگردن خلاف اپريسن جي نتيجي ۾ بي گهر ٿيندڙ مانهڻ جي گهر ڏانهن واپسي، ٻيهر آباد ڪرڻ، فاٽا ۾ ترقياتي منصوبن تي عملدرآمد تي غور ڪيو ويو. ملاقات دوران آرمي چيف جنرل راحيل شريف چيو ته دهشتگردن جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، آپريشن وسيلي فاٽا سميت ٻِن علائقن کي پر امن بڻايو ويو آهي، هاڻي ڪنهن به دهشتگرد کي ٻيهر اڀرڻ نه ڏنو ويندو، هن چيو ته جيڪو به ملڪ جي رٽ کي چئلينج ڪندو ان کي ختم ڪيو ويندو، دهشتگردن جا ناپاڪ ارادا ڪنهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏنا ويندا، سندن پناهه گاهن کي ختم ڪيو ويو آهي.

 

سنڌ حڪومت مستقبل ۾ رينجرز جو دائرو محدود ڪرڻ لاءِ اسيمبلي ۾ بل آڻڻ جي تياري شروع ڪري ڇڏي سنڌ حڪومت پاران عيد بعد اجلاس سڏائڻ جو فيصلو، ميمبرن کي ڪراچي ۾هجڻ جي هدايت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) باخبر ذريعن مطابق سائين سرڪار مستقبل ۾ رينجرز جو دائرو محدود ڪرڻ لاءِ اسيمبلي ۾ بل آڻڻ جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي سنڌ حڪومت پاران عيد کان پوءِ اجلاس سڏائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي سمورن سنڌ اسيمبلي ميمبرن کي عيد کان پوءِ ڪراچي ۾ موجود رهڻ جي هدايت ڪئي ويئي آهي تفصيل مطابق سائين سرڪار رينجرز کي پنهنجي آئيني ۽ قانوني دائري ۾ رکڻ لاءِ حڪمت عملي تيار ڪري ورتي آهي رينجرز پاران معاشي ڪرپشن جي خلاف ڪيل تازين ڪارروائين سائين سرڪار کي سخت پريشان ڪري ڇڏيو آهي پيپلزپارٽي جي قيادت وزيراعظم ۽ وفاقي گهرو وزير آڏو محمد علي شيخ جي گرفتاري اويس مظفر ۽ علي حسن زرداري جي گهرن تي ڇاپن جي معاملن تي ٻيهر سخت احتجاج ڪيو آهي ذريعن مطابق سنڌ حڪومت ٻن آپشنز تي اعلي سطحي مشاورت کان پوءِ رينجرز جا اختيار هڪ مهيني لاءِ گهٽائي ڇڏيا آهن. واضح رهي ته هي پهريون ڀيرو آهي جو رينجرز جي اختيارن ۾ صرف هڪ مهيني جي واڌ ڪئي ويئي آهي ان اڳ مسلسل ٽن مهينن جي واڌ ٿيندي رهي آهي.

 

سـُـپريم ڪورٽ پاران حڪومت کي بجلي بلز تي سرچارج گڏائي وصول ڪرڻ کان روڪڻ جو حڪم، قسطن ۾ وصولي ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد (بيورو) سـُـپريم ڪورٽ، حڪومت کي بجلي بلز تي سرچارج گڏائي وصول ڪرڻ کان روڪڻ  جو حڪم ڏيندي قسطن ۾ وصولي ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي ، اٽارني جنرل عدالت کي آگاهي ڏني آهي ته بجلي بلز جي سرچارج ذريعي وصول ٿيندڙ رقم گردشي قرض لاهڻ لاءِ استعمال ڪئي ويندي آهي. چيف جسٽس ناصر الملڪ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ بجلي بلز تي سرچارج وصولي  بابت ڪيس جي  ٻڌڻي  ڪئي. ٻڌڻيءَ دوران درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته بجلي بلز تي سرچارج جي وصولي غير قانوني آهي، جنهن کي لاهور هاءِ ڪورٽ به ڪالعدم قرار ڏنو هو پر سپريم ڪورٽ پاران هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏيڻ بعد واپڊا رهتن جي وصولي شروع ڪري ڇڏي آهي. اٽارني جنرل سلمان اسلم بٽ چيو ته بجلي بلز تي سرچارج جي مد ۾ وصول ٿيندڙ رقم گردشي قرض لاهڻ لاءِ استعمال ٿيندي آهي. اٽارني جنرل چيو ته جيڪڏهن سرچارج جي وصولي روڪي وئي ۽ گردشي قرض وڌيا ته پوءِ لوڊشيڊنگ ۾ واڌ ٿي سگهي ٿي. عدالت، حڪومت کي بجلي بجلز تي سرچارج گڏائي وصول ڪرڻ کان روڪيندي حڪم ڏنو ته واهپيدارن کان قسطن جي صورت ۾ رهتون وصول ڪيون وڃن، جنهن بعد عدالت ڪيس جي ٻڌڻي آگسٽ جي ٽئين هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

غيرسرڪاري تنظيمن جي بهاني هزارين ماڻهو پاڪستان آيا، پر ان وقت حڪومت ۽ انٽيليجنس ادارن ڪو به ڪم نه ڪيو: چوڌري نثار

اسلام آباد (بيورو) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي چيو آهي ته سيو دي اين جي او جي آفيس کي سندس وزارت جي حڪم تي سيل نه ڪيو ويو، اين جي اوز جي معاملي تي آمريڪا جو ڪوبه دٻاءُ ناهي، ٻه غير سرڪاري تنظيمون بلوچستان ۽ گلگت بلتستان ۾ غيرقانوني سرگرمين ۾ ملوث هيون. سينيٽ جي اجلاس کي خطاب ڪندي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي سيو دي چلڊرن اين جي او واري معاملي تي آمريڪي دٻاءَ وارين خبرن جي ترديد ڪندي چيو ته ملڪ ۾ ڪيتريون ئي اڻ رجسٽرڊ اين جي اوز ڪم ڪري رهيون آهن. وفاقي گهرو وزير چيو ته سيو دي چلڊرن کي گهرو وزارت جي حڪم تي سيل نه ڪيو ويو هو پر قانون موجب غير سرڪاري تنظيم جي هيڊ آفيس کي سيل ڪيو ويو هو. چوڌري نثار وڌيڪ ٻڌايو ته آمريڪا ۽ يورپ جي سهڪار سان هلندڙ 2 پرڏيهي اين جي اوز پاڪستان اندر غيرقانوني سرگرمين ۾ ملوث هيون، جيڪي بلوچستان ۽ گلگت بلتستان ۾ ڪم ڪري رهيون هيون. وفاقي گهرو وزير جو چوڻ هو ته اين جي اوز جي ڪليئرنس جو فيصلو گهرو وزرات ڪندي آهي، جڏهن ته غيرسرڪاري تنظيمن جي بهاني هزارين ماڻهو پاڪستان آيا، پر ان وقت جي حڪومت ۽ انٽيليجنس ادارن ڪو به ڪم نه ڪيو. چوڌري نثار علي ايوان کي ٻڌايو ته سندن حڪومت اڻ رجسٽرڊ ۽ ملڪ خلاف ڪم ڪندڙ اين جي اوز خلاف سختي سان نوٽيس ورتو ويو آهي

 

انسانيت جي خدمت ئي اصل عبادت آهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (اين اين آءِ) سڌ سماءَ جي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته انسانيت جي خدمت اصل عبادت آهي ۽ سيلاني ويليفيئر انسانن جي خدمت حاصل ڪري برتري حاصل ڪري ورتي آهي، هو گذريل ڏينهن ڊفينس ۾ سيلاني برانچ ۾ ضرورت مندن ۾ کاڌ خوراڪ ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو، هن چيو ته سيلاني ويلفيئر انٽر نيشنل ٽرسٽ ماڻهن جي هر شعبي ۾ خدمت ڪري هڪ رڪارڊ قائم ڪيو آهي، هن چيو ته سنڌ حڪومت سيلاني ويلفيئر کي جيڪو به تعاون گهربل هوندو اهو فراهم ڪندي، ان موقعي تي صدر سيلاني ويلفيئر محمد يوسف لاکاني موجود هو، هن ان موقعي تي سيلاني ويلفيئر جي سالياني ڪارڪردگي پيش ڪئي، هن خطاب ڪندي ٻڌايو ته مستقبل جي ٻين منصوبن بابت بريفنگ ڏني، تقريب ۾ 41 هزار ڪنٽبن ۾ راشن، عيد جا ڪپڙا ۽ 5 سئو رپيا في خاندان عيد جي خرچي به ڏني وئي.

 

تحريڪ طالبان جو اڳوڻو ترجمان شاهد الله شاهد 51 ساٿين سميت ڊرون حملي ۾ مارجي ويو

ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ طالبان جو اڳوڻو ترجمان ۽ داعش اڳواڻ شاهد الله شاهد افغانستان ۾ آمريڪي جاسوس جهازن جَي حملي ۾ مارجي ويو، افغاني ميڊيا جو چوڻ آهي ته ڊرون حملي ۾ شاهد الله شاهد جا 51 ساٿي به مارجي ويا آهن. افغان ڊائريڪٽوريٽ آف نيشنل سڪيورٽي موجب، آمريڪي جاسوس جهازن افغانستان جَي صوبي ننگر هار ۾ دهشتگردن کي نشانو بڻايو. افغانستان جِي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ڊرون حملي ۾ داعش اڳواڻ شاهد الله شاهد ۽ سندس 51 ساٿي مارجي ويا. شاهد الله شاهد آڪٽوبر 2014 ۾ تحريڪ طالبان پاڪستان ڇڏي داعش ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي.

 

تحريڪ انصاف اسيمبلي ميمبرن جون پگهارون واپس ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) عمران خان چيو آهي ته ڌرڻي دوران پگهارون حڪومت کي واپس ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اسلام آباد ۾ پي ٽي آئي جي مجلس عامله جي اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته واعدو ڪيو هو ته خيبرپختونخواهه جي نيب ۾ ڪابه مداخلت نه ڪندي. نيب هٿان گرفتار معدنات واري وزير ضياءَ آفريدي کي استعيفيٰ ڏيڻي پندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڪراچي جي عوام جو مسئلو امن امان آهي جيڪو پوليس حل ناهي ڪري سگهي. ڪراچي جي پوليس کي سياسي بڻايو ويو آهي، جڏهن ماڻهن جو پوليس تان اعتماد کڄي وڃي ته رينجرز کانسواءِ ڪوبه ٻيو رستو ناهي. افغان حڪومت ۽ طالبان وچ ۾ ڳالهيون خوش آئنده آهن، ڳالهين سان افغانستان ۾ امن سان پاڪستان کي فائدو ٿيندو.

 

اڳوڻي ايڊمنسٽريٽر ڪراچي ثاقب سومرو جي امريگريشن کانسواءِ پرڏيهه وڃڻ جو انڪشاف

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اڳوڻي ايڊمنسٽريٽر ڪراچي ثاقب سومرو جي امريگريشن کانسواءِ پرڏيهه وڃڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ثاقب سومرو ايف آي اي اميگريشن ڪائونٽر تي وڃڻ کانسواءِ ارائيويل لائون مان جهاز تائين پهچي ويو. ذريعن موجب امڪاني طور تي اي سي ايل ۾ نالو شامل هئڻ جي خدشي سبب هن ايئن ڪيو جنهن جي ايف آئي اي جانچ شروع ڪري ڇڏي آهي. واضح رهي ته ڪجهه ملڪ پاسپورٽ تي لکيل ”ايگزيٽ“ کي اهميت نٿا ڏين جنهن جو فائدو وٺي ثاقب سومرو جرمني روانو ٿيو.

 

روزو رکڻ ۽ کولڻ وقت ملڪ جي 90 سيڪڙو علائقن کي بجلي فراهم ڪئي پئي وڃي:عابد شير علي

اسلام آباد (بيورو) پاڻي ۽ بجلي واري مملڪتي وزير عابد شير علي، روزو رکڻ ۽ کولڻ وقت ڪراچي سميت ملڪ جَي 90 سيڪڙو علائقن کي بجلي فراهم ڪرڻ جِي دعويٰ ڪندَي چيو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ بجلي جي پيداواري صلاحيت بابت غلط بياني ڪئي،جنهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. اسلام آباد ۾ پاڻي ۽ بجلي بابت سينيٽ جِي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جو اجلاس ٿيو. اجلاس کي بريفنگ ڏيندَي عابد شير علي چيو ته روزو رکڻ ۽ کولڻ وقت ڪراچي سميت ملڪ جَي 85 کان 90 سيڪڙو علائقن کي بجلي فراهم ڪئي پئي وڃي. ڪي اليڪٽرڪ بابت ڳالهائيندي مملڪتي وزير چيو ته وفاقي سرڪار معاهدي تحت ڪي اليڪٽرڪ کي 650 ميگا واٽ بجلي فراهم ڪندي رهي پر ڪمپني 950 ميگاواٽ بجلي حاصل ڪندِي رهي. هـُن چيو ته وفاق جا ڪي اليڪٽرڪ ڏانهن هڪ کرب رپيا رهيل آهن، جيڪي ڪمپني ادا نه پئي ڪري. عابد شير علي چيو ته ڪي اليڪٽرڪ بجلي جـِي پيداواري صلاحيت بابت به غلط بياني ڪئي، جنهن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. مملڪتي وزير چيو ته ڪيسڪو ۾ بجلي جا 14 هزار قانوني ۽ 16 هزار غيرقانوني ڪنيڪشن آهن، جنهن سبب هر مهيني هڪ ارب رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي، جڏهن ته ڪيسڪو ڏانهن به وفاق جا 142 ارب رپيا رهتون آهن. مملڪتي وزير عابد شير علي وڌيڪ چيو ته بجلي جي لوڊشيڊنگ تي ضابطو آڻڻ لاءِ حڪومت پراڻي گرڊ اسٽيشنن جي مرمت ڪرائڻ سان گڏ نوان گرڊ اسٽيشن به جوڙائي رهي آهي