تازيون خبرون

Daily Archives: July 8, 2015

ڪراچيءِ ۾ رينجرز جون ڪارروايون…!

 

شهر جي مختلف علائقن ۾ پيرسن سميت ٻن ڄڻن کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو جڏهن ته نيوٽائون جي علائقي مان عورت جو پراڻو لاش هٿ آيو جڏهن ته پوليس مختلف علائقن ۾ ڪارروايون ۽ مقابلا ڪري سني تحريڪ جي ٽارگيٽ ڪلرن 101 سميت کان وڌيڪ ڏوهارين کي گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. تفصيل موجب لياري جي علائقي ڪلري دريا آباد ۾ ملزمن فائرنگ ڪري گهر جي آڏو ويٺل 70 سالن جي عادل عرف بادل ولد حسن بلوچ کي قتل ڪري ڇڏيو ۽ موقعي تان فرار ٿي ويا پوليس موجب شڪ آهي ته مقتول کي لياري گينگ جي ملزمن مخبري جي شڪ ۾ قتل ڪيو آهي هوڏانهن سائيٽ سپرهاءِ وي انڊسٽريل ايريا ٿاڻي جي حد ۾ موٽرسائيڪل سوار نوجوان عبدالرزاق ولد نديم خان کي هٿياربندن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو مقتول موٽرسائيڪل ميڪينڪ هو پوليس موجب قتل جو ڪارڻ معلوم نه ٿيو آهي شڪ آهي ته کيس ذاتي دشمني سبب قتل ڪيو ويو آهي جڏهن ته نيوٽائون جي علائقي واٽربورڊ ڪالوني مان اڻسڃاتل عورت جو لاش هٿ آيو آهي پوليس موجب مقتولا جي عمر 35 سال آهي لاش چادر ۾ ويڙهيل هو ۽ ٽي ڏينهن پراڻو آهي کيس اغوا کان پوءِ قتل ڪيو ويو آهي بظاهر سندس جسم تي ڪوبه تشدد جو نشان ناهي پوسٽ مارٽم رپورٽ کان پوءِ موت جو ڪارڻ معلوم ٿيندو. هوڏانهن پوليس ۽ رينجرز جون ڏوهارين خلاف ڪارروايون جاري رهيون.ڪرائم برانچ پيرآباد جي علائقي ۾ ڇاپو هڻي ملزم انجم شهزاد کي گرفتار ڪري هڪ دستي بم ۽ هڪ پسٽل هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي ملزم سياسي تنظيم جو ڪارڪن ڄاڻايو وڃي ٿو هوڏانهن سائيٽ پوليس ٻن ملزمن محمد رستم ۽ يوسف کي گرفتار ڪري پسٽل ۽ موٽرسائيڪل هٿ ڪري ورتي آهي جڏهن ته بلوچ ڪالوني پوليس ملزم شهزاد دستي کي گرفتار ڪري چوري ڪيل موٽرسائيڪل هٿ ڪري ورتي آهي ٻئي پاسي اي وي سي سي پوليس مقابلي کان پوءِ ملزم اصغر علي کي پسٽل سميت گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي ۽ ڄاڻايو آهي ته ملزم جا 3 ساٿي فرار ٿي ويا ملزم ڀنگ لاءِ اغوا جي وارڌاتن ۾ ملوث هو. هوڏانهن اي اين ايف حيدرآباد ٺٽه بس اسٽاپ تي ڇاپو هڻي هڪ منشيات فروش کي گرفتار ڪري ڏيڊ ڪلو چرس هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي جڏهن ته ڪراچي پوليس جي ترجمان موجب شهر مان 96 ملزمن کي گرفتار ڪري 21 هٿيار ۽ منشيات هٿ ڪئي وئي آهي. سي ٽي ڊي پوليس ڪشمير روڊ ويجهو چاند گرائونڊ تي مقابلي بعد 3 ٽارگيٽ ڪلرن سانول عرف چريا، حطيم عرف الطاف حسين ۽ ناصر کي گرفتار ڪري انهن جي قبضي مان وڏي تعداد ۾ هٿيار هٿ ڪيا ايس ايس پي ناصر آفتاب باجوه پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته گرفتار ڪيلن جو تعلق سني تحريڪ سان آهي انهن ايم ڪيوا يم، شعيه ڪارڪن ۽ ڪڇي نوجوانن قتل ڪيو آهي.

 

سنڌ اندر استحصال جو شڪار عورتون؛ڊاڪٽر رابيعه چانڊيو

هن افراتفري جي دور ۾ جتي هر نئون ڏينهن ڪنهن واقعي ۽ حادثي کان خالي ناهي اتي ڪي اهڙا واقعا به سامهون اچن ٿا جنهن تي ڪير به ڌيان ڏيڻ ضروري ناهي سمجهندو ۽ اها اخبارن ۾ به هڪ ننڍڙي خبر طور پيش ڪئي ويندي آهي، هونهن ته اسان جي سماج ۾ عورت مٿان ٿيندڙ تشدد ڪا نئين ڳالھه ڪانهي پر تازو ئي اخبار ۾ هڪ خبر لڳي ته ٽنڊوالهيار جي ڳوٺ خاقو وساڻ ۾ جوابدار موهن مينگهواڙ پنهنجي زال مڌوءَ تي بي انتها ظلم ڪيو ،سندس جسم تي بليڊ جا جهير ڏئي، ٻئي ٽنگهون ۽ ٻانهون ڀڃي ڇڏيون، جيتوڻيڪ اها خبر اخبارن ۾ هڪ معمولي خبر طور پيش ڪئي وئي هئي پر غور ڪري ڏسجي ته اسان جي سماج ۾ بگاڙ جو وڏي ۾ وڏو سبب اهو به آهي ته هتي عورت مٿان ٿيندڙ ظلمن ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ ٿي رهي آهي ۽ اھا ھڪ وڏي حقيقت آھي ته عورت ئي سماجي جوڙجڪ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري ٿي جو ھڪ ماءُ جي حيثيت ۾ ٻارن جي تربيت جو وڏو مدار ماءُ ئي ھجي ٿي ۽ اھي ڪالھه جا ٻار اڄ جي سماج جي موجوده شڪل کي پيش ڪن ٿا. حيرانگي جي اها ڳالھه آهي ته ان عورت مٿان ٿيندڙ ظلم جو سبب اهو ڄاڻايو ويو آهي ته ان عورت کي سندس مڙس جي دوست سان ناجائز تعالقات رکڻ لاءِ چيو ويو ۽ ان عورت جي انڪار ڪرڻ تي کيس سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو.  جديديت جي دعويدار سنڌ جا به عجب رنگ ۽ انداز بڻجي ويا آهن ، جو هڪ طرف عورت جو پنهنجي گهر جي در تي بيهڻ، ٻاهر نڪرڻ ۽ مٿي تي رئو نه پائڻ تي به نه صرف ان کي نفرتن جي انداز سان ڏٺو وڃي ٿو پر سخت تشدد به ڪيو وڃي ٿو ،ته ٻي طرف وري پنهنجي عزت بچائڻ ۽ ناجائز تعلقات نه رکڻ تي کيس جهير ڏنا وڃن ٿا ۽ سنڌُ سنڌُ  زخمي ڪيو وڃي ٿو ۽ ھر طرح جو بدترين  استحصال ڪيو وڃي ٿو. جيڪڏھن غور ڪجي ته استحصال جون سوين صورتون ٿين ٿيون ۽ سنڌ اندر عورت مٿان سوين روپن ۽ اندازن سان ظلم ۽ استحصال ڪيو وڃي ٿو ، ڪڏهن ڪارو ڪاري جي رسم جي غلاظت ھيٺ عورت قتل ڪئي وڃي ٿي  ته ڪڏهن تيزاب هاري ساڙي وڃي ٿي ۽ ڪڏهن وري گينگ ريپ کان پوءِ قتل ڪئي وڃي ٿي  ۽ جيڪڏهن ريپ کان پوءِ حياتي بچي به وڃي ٿي ته سندس سڄي ڄمار ذهني اذيتن ۽ پيڙائن جو شڪار رهي ٿي، اهڙي طرح پنهنجي گهر اندر به مختلف طريقن سان استحصال جو شڪار ٿئي ٿي ، جنهن ۾ تعليم جهڙي بنيادي حق کان محروم ،سنڱ چٽي ۽ ، بدي جي رشتن ۾ وڪامجي ٿي، شادي جي معاملي ۾ سندس مرضي ته پري جي ڳالھه پر ملڪيت جي حق کان به محروم رهي ٿي، ان سان گڏو گڏ هر وقت پيءُ ۽ ڀاءُ جي خوف ۾ مبتلا رهي ٿي ۽ جڏهن شادي ڪري ساهرن ۾ وڃي ٿي ته اُتي به سندس نيون پريشانيون آجيان ڪن ٿيون، جتي نه صرف مڙس حڪمران هجي ٿو پر سس، سهرو، ڏير جي به غلامي به ڪرڻي پويس ٿي،

اڃا به حيرت جي اها ڳالھه آهي جو سنڌ اندر ڪيترن ئي علائقن ۾ نياڻين جي ڄمڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو وڃي ٿو ۽ ڪيترن ئي علائقن خاص ڪري اُتر وارن علائقن ۾ نياڻين جي ڄمڻ تي خوشي جو اظهار رڳو ان ڪري ڪيو وڃي ٿو جو اتي نياڻين جو واپار ٿئي ٿو جتي نياڻين جي خوبصورت چهرن ۽ جواني جي حساب سان اگهه طئي ڪيا وڃن ٿا، جيڪا ڳالھه به من اندر جهير ڏيڻ کان گهٽ ناهي ته نياڻي انسان بدران واپار جو ڪو جانور ھجي ٿي، شايد غربت جي عيب سنڌ ڌرتي کي ان هنڌ اچي بيهاريو آهي جو ست قرآن برابر سمجھيون ويندڙ نياڻيون وڪامجي رهيون آهن. عورت به اهڙين اذيتن کان آجي ٿيڻ لاءِ باغي ٿيو وڃي ۽ منفي طريقي سان پنهنجا پلاند وٺڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، جيڪو سماج لاءِ اڃا به وڌيڪ نقصانڪار ثابت ٿئي ٿو  يا وري خودڪشي جو رستو اختيار ڪري ٿي، سڄي پاڪستان اندر هزارن جي تعداد ۾ عورتون استحصال جو نشانو بڻجن ٿيون، جن مان 90 سيڪڙو ڪيس رپورٽ ٿيڻ کان به رهجيو وڃن، 2013 جي رپورٽ موجب پنجاب ۾ 2،602  نياڻيون استحصال جو شڪار ٿيون، سنڌ اندر 1،883، ڪي پي ڪي ۾ 1،181، ۽ بلوچستان ۾ 846 عورتون مختلف طريقن سان استحصال جو شڪار ٿيون. رڳو سنڌ تي نظر ڦيرائينداسين ته رپورٽ موجب رڳو ٽن مهينن اندر خيرپور ۾ 72 ، جيڪب آباد ۾ 46 ، لاڙڪاڻي ۾ 45، شڪارپور ۾ 28 ،سانگهڙ ۾ 27، سکر ۾ 23، نوابشاهه ۾ 21، نوشهروفيروز ۾ 16، گهوٽڪي ۾ 21، ميرپرخاص ۾ 15، ڪشمور ۾ 15، ٿرپارڪر ۾ 14، ڪراچي ۾ 12، ڄامشوري ۾ 12، دادو ۾ 11، حيدرآباد ۾ 9، بدين ۾ 8، قمبر ۾ 8، مٽياري ۾ 4، عمرڪوٽ ۾ 4، ٽنڊومحمد خان ۾ 2، ٽنڊوالهيار ۾ 1 ۽ ٺٽي ۾ 7 واقعا پيش آيا، جن عورتن سان زيادتيون ڪيون ويون، انهن  ۾ گهرو استحصال (domestic violence) ، ڪارو ڪاري جي رسم ، ريپ بعد قتل ٿيڻ ۽ ٻين ڪيترن ئي طريقن سان حوا جي نياڻين جو استحصال ڪيو ويو.  جيتوڻيڪ عورتن کي تحفظ ڏيڻ جي لاءِ ڪيترائي بل پاس ٿيا ۽ اين جي اوز به کليون پر انهن سان عورتن کي ڪو خاص تحفظ نه ملي سگهيو آهي، اڄ به عورتون سنڌ اندر هزارن جي تعداد ۾ مرن ۽ تشدد جو شڪار ٿينديون رھن ٿيون. ڪجهه حلقن جو اهو به چوڻ آهي ته قبيلائي جهيڙا ۽ ڪارو ڪاري جهڙيون رسمون سنڌ جو ڪلچر آهن جڏهن ته ان ڳالھه ۾ تر جيتري به سچائي ناهي ڇو ته جيڪڏهن سنڌ جي ماضي تي نظر وجهبي ته پتو پوندو ته سنڌ اها صوفين جي ڌرتي رهي آهي جتي نياڻين کي ست قرآن جو درجو حاصل هوندو هو،

جتي جتي جهيڙا ٿيندا هئا اتي نياڻيون ميڙ وٺي وڃبو هيو ته نه رڳو جهيڙا ۽ خون معاف ٿي ويندا هئا پر نياڻين کي وڏي عزت سان اجرڪ اوڍي روانو ڪيو ويندو هو ، جنهنجي لاءِ تاريخ گواهه آهي جو ڪيترين ئي عورتن کي سنڌ جي سدا حيات شاعر شاهه عبدالطيف به پنهنجي آفاقي ڪلام ۾ ستن سورمين طور   ڳايو آهي، نه رڳو ايترو پر سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ عورتن جي سرپئنچي هيٺ فيصلا به ٿيندا هئا ، پر ان حقيقت کان به انڪاري نٿو ٿي سگهجي ته اڄ سنڌ اها سنڌ نه رهي آهي ، اڄ سنڌ اندر عورتن کي اها حيثيت حاصل ناهي ، اڄ سنڌ جي هر شهر جي هر گهر ۾ عورت ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان مظلوميت جو شڪار آهي، دانشورن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن توهان کي اهو ڏسڻو هجي ته ڪا قوم ڪيتري سڌريل آهي ته اهو ڏسو ته ان معاشري جي فردن جا پنهنجي عورتن ڏانهن ڪهڙا رويا آهن، تنهن ڪري ٿيڻ ائين کپي جو اسان سڀن کي عورتن سان رويا درست رکڻا پوندا ۽ کين گُهربل حق ڏيڻا پوندا ته جيئن سماج ۾ موجود بگاڙ جو انت اچي ۽ اسان به سڌريل ملڪن جي لسٽ ۾ پنهنجي جڳهه ٺاهي سگهون. ٽنڊوالهيار ۾ تشدد جو شڪار ٿيل عورت مڌو سان انصاف ڪيو وڃي ۽ واقعي ۾ ملوث مڙس کي سخت سزا ڏني وڃي ته جيئن وري ٻي ڪا به مڌو اهڙي وحشت جو شڪار نه بڻجي.

 

۽ وڏو ماڻهو ڪنهن کي چوندا آهن؟؛شرجيل بلوچ

1982ع ۾ پنجين درجي جي هڪ شاگرد جي نگاهه ڪتابن جي ريڪ ۾ ڀوري رنگ واري جلد سان هڪ ٿلهي ڪتاب تي اڪثر ڪري پوندي هئي، جنهن تي سنهري اکرن سان ”اداس نسلين“ عبدالله حسين لکيل هو.

سياري جي موڪلن ۾ جڏهن سڀ ڪهاڻيون ختم ٿي ويون ۽ ڪجهه به نه بچيو ته 10 سالن جي انهيءَ ٻار ساڳيو ڪتاب پڙهڻ شروع ڪري ڇڏيو.

ڪجهه به سمجهه ۾ نه ايندو هو، پر ان ڪتاب جا ڪجهه منظر لاشعور سوچ ۾ داخل ٿيندا ويا، هڪ منظر ۾ هڪڙو پوڙهو ڪمزور ماڻهو انگريز فوجين کان ڀڄندو وتندو آهي، هڪ ٻئي منظر ۾ اونداهي واري ڪمري ۾ هڪ شخص آهي، جنهن جي ٻانهن ۽ هٿ ڪاٺ جو آهي، اهو هڪ جوان ڇوڪريءَ تي ڪاٺ وارو هٿ گهمائيندي ٻڌائي رهيو آهي ته هيءَ ڳل آهي ۽ هي نڪ آهي.

هڪ ٻئي منظر ۾ زال مڙس پنهنجو گهر ٺاهڻ کانپوءِ سوچي رهيا آهن ته انهيءَ گهر جو نالو ڪهڙو رکون ۽ پوءِ هو گهر جي ٻاهران تختيءَ تي لکن ٿا ته هتي نعيم ۽ عذرا رهندا آهن.

بس ڪجهه اهڙي قسم جا منظر هئا جو انهيءَ ٻار سان گڏ رهيا ۽ پوءِ اهو ٻار مون ۾ سمائجي 30 سالن جو ٿي ويو، پوءِ هڪ ڏينهن ڪراچي ايئرپورٽ جي بڪ اسٽال تان 30 سالن کانپوءِ اداس نسلين ان ڪري خريد ڪيو ته جيئن اهو ڏسي سگهجي ته اهي منظر حقيقت ۾ انهيءَ جا آهن يا مون ايترا ڏينهن بس ائين ئي خيالن ۾ گذاري ڇڏيا.

جيئن جيئن اهو ڪتاب پڙهندو ويس، سڄو ننڍپڻ ۽ ان جا منظر هڪ هڪ ڪري سامهون گذرندا ويا، عبدالله حسين جا خيال منهنجي ديوتا ۾ تبديل ٿيندا ويا، اهڙو ديوتا جيڪو پنهنجي ڪردارن جي دل ۾ لهي ان جي ڪيفيت کي بيان ڪرڻ جي قدرت رکي ٿو.

فيبروري 2013ع جي ڳالهه آهي، جڏهن منهنجي ساٿي وسعت الله خان اوچتو چيو ته شام جو آرٽس ڪائونسل ۾ هُن سان گڏ هڪ پروگرام رکيل آهي، مون پڇيو ته ڪنهن سان؟ جنهن تي وسعت الله چيو ته ”تنهنجي ننڍپڻ جي دوست عبدالله حسين سان گڏ…. پوري ڇهين وڳي پهچي وڃجان آرٽس ڪائونسل.“

5 وڳي آئون سڪتي جي عالم ۾ عبدالله حسين جا سمورا ڪتاب کڻي ڪراچي آرٽس ڪائونسل ۾ بي قرار  ويٺل هئس ته وسعت الله مون کي پنهنجي پٺيان اچڻ جو اشارو ڪيو.

خاڪي پتلون، اڇي رنگ جا جوگرز، سادي شرٽ پاتل ۽ 6 فوٽ قد جو عبدالله حسين سامهون اچي ويو.

”عبدالله حسين صاحب، هي شرجيل آهي“ وسعت الله منهنجو تعارف ڪرايو.

”او شرجيل بلوچ، هي ته منهنجو فيس بڪ فرينڊ آهي“، اهو چئي عبدالله حسين پيار سان سيني سان لڳائي پٺن تي هٿ ڦيريو.

پهريون ڀيرو احساس ٿيو ته ”جادو جي مُٺي“ ڪنهن کي چوندا آهن، جسم ۾ هلڪي ڏڪڻي طاري ٿي وئي، مون کي ڀرسان واري ڪرسي تي هن ويهاريو.

”توهان مون تي وڏو احسان ڪيو آهي“ سڄي همت جمع ڪرڻ بعد منهنجي زبان مان رڳو اهي ئي لفظ نڪتا.

”احسان؟ اهو ڪيئن؟“

توهان ”نادار لوگ“ ۾ بلوچستان جو ذڪر ڪري اسان تي وڏو احسان ڪيو آهي، مون عرض ڪيو.

پوءِ هو ڪجهه لمحا هوا ۾ ڏسندي سوچيندو رهيو ۽ پوءِ چيو ته، ”نه مون احسان ته نه ڪيو، مون ته صرف پنهنجو ڪم ڪيو آهي، احسان ته اوهان جو آهي جو اوهان منهنجا ڪتاب خريد ڪندا ۽ پڙهندا آهيو.“

اهو چوندي هن آخري صحيح ڪئي ۽ پوءِ دير تائين پنهنجي پرستارن کي پنهنجون حالتون ۽ واقعا ٻڌائي محفوظ ڪندو رهيو.

تقريبن هڪ سال کانپوءِ اڌ رات جو فيس بڪ تي عبدالله حسين جو هڪ پيغام اسڪرين تي آيو ته ”شرجيل تون ڪٿي هئين، نظر نه آئين، آئون ڪراچي آيل هئس؟“

ان وقت منهنجي حالت جو اندازو ڪير لڳائي سگهيو پئي ته عبدالله حسين مون سان نه ملڻ جي شڪايت ڪري رهيو هو، ڇا ڪير ايترو خوش قسمت به ٿي سگهي ٿو؟ منهنجي بي يقيني عروج تي هئي، پوءِ هن لکيو ته آئون فيبروري ۾ايندس، مون سان ملاقات ڪجان ضرور.

۽ پوءِ فيبروري ۾ ئي محمد حنيف جي گهر تي شام جو ليکڪ، صحافي، فلم ساز، اداڪار ۽ الائي ڪير ڪير عبدالله حسين سان ملڻ لاءِ جمع ٿيڻ لڳا.

هو آيو ۽ دروازي ويجهو رکيل صوفي تي ئي ويهي رهيو، آئون ميزبانن ۾ شامل هئس، اوچتو پنهنجي عينڪ کي ٺيڪ ڪندي هن وڏي آواز سان چيو ته ”يار هي شرجيل آهي نه؟

ان وقت سڄي محفل ۾ نظرون مون تي ائين پيون ته هي ڪير آهي؟

”شرجيل، ايڏانهن ڇا پيو ڪرين، هيڏانهن اچ“ ڪير منهنجي خوشي ۽ خوش نصيبي جو اندازو لڳائي سگهي ٿو؟

پنهنجي ڀر ۾ ويهاريندي وڏي شفقت سان پڇيو ته ٻيو ڇا ٿي رهيو آهي؟

ڪجهه به نه.”ڊونٽ وري، جڏهن اوهان ڪجهه به نه ڪندا آهيو، تڏهن به تخليقي دماغ پنهنجو ڪم ڪندو رهندو آهي“ هن تسلي ڏني، ۽ پوءِ هيڏانهن هوڏانهن جو ڳالهيون ٿيڻ لڳيون، ”مون کي اڄ تائين هزارين پرستار مليا هوندا، هر هنڌ ۽ هر روز ملندا آهن، سڀئي ساراهه ڪندا آهن….. پر مون کي تنهنجو جملو نه وسرندو.“جي؟ مون حيرت سان عبدالله حسين کي ڏٺو، ”تو چيو هو ته اوهان اسان تي احسان ڪيو آهي، اها ڳالهه مون کي اڄ تائين ڪنهن به ناهي چئي…“ اهو چئي هن مون تي هڪ ٻيو احسان ڪيو.

محفل جا آخري پهر هئا، جڏهن هو هڪ ڪنڊ ۾ اسٽول تي ويٺل هو، ان وقت چيائين ته ”يار شرجيل هڪ ڪم ڪر، دراصل ڪنهن منهنجو لائٽر کڻي ورتو آهي، هاڻي آئون پنهنجي هوٽل جي هڪ ڪمري ۾ ويندس ته مون کي سگريٽ ٻارڻ لاءِ لائٽر کپندو، تون مون کي هڪ لائٽر ڏئي سگهين ٿو؟

۽ پوءِ ٽن ڏينهن کانپوءِ رات جو فيس بڪ تي ميسيج آيو ته :

”تنهنجو لائٽر مون وٽ آهي، انهيءَ تحفي جو بي حد ٿورائتو آهيان.“

عبدالله حسين وڏو احسان ڪري وساري ڇڏڻ ۽ معمولي تحفي کي ياد رکڻ وارو انسان هو، ان کان وڌيڪ وڏو ماڻهو ڪنهن کي چوندا آهن؟