تازيون خبرون

Daily Archives: July 8, 2015

سنڌ ۾ ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران چوماسي برسات پوڻ جي اڳڪٿي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران چوماسي برسات پوڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته اسلام آباد، پنجاب، ڪي پي ڪي ۽ ڪشمير جَي اڪثر علائقن ۾ وقفي وقفي سان مينهن پوڻ جو سلسلو جاري آهي. موسميات کاتي پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ اڳڪٿي ڪئي وئي آهي ته سکر ۽لاڙڪاڻي ڊويزن جَي ڪجهه علائقن ۾ ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران برسات پوندي. پڌرائي موجب، ڪراچي ۾ موسم جهـُڙالي رهندي، جڏهن ته سنڌ جَي باقي علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهندي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اسلام آباد، ڪشمير ۽ خيبر پختونخواهه جي پشاور، مالاڪنڊ، هزاره، ڪوهاٽ، بنون، مردان ۽ ڊي آءِ خان ڊويزن ۾ وقفي وقفي برسات پئجي رهي آهي، جيڪو سلسلو ايندڙ 36 ڪلاڪن تائين جاري رهندو. پڌرائي موجب، پنجاب جَي لاهور، سيالڪوٽ، گجرانوالا، شيخوپورا، قصور ۽ اوڪاڙا ضلعن جَي اڪثر علائقن ۾ وڌيڪ برسات پوڻ جو امڪان آهي، جنهن سبب لاهور، سيالڪوٽ ۽ گجرانوالا جا هيٺيانهان علائقا پاڻي هيٺ اچڻ جو پڻ خدشو آهي.

 

صحبت پور ۾ روڊ حادثو، 4 ماڻهو اجل جو شڪار، 5 زخمي

ڊيره مراد جمالي (اي پي پي) صحبت پور ۾ ڄاڃين جي بس کي روڊ حادثي جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 4 ماڻهو اجل جو شڪار ۽ 5 زخمي ٿي پيا آهن. ليويز فورس مطابق ڄڃ سان ڀريل بس ڳوٺ عبدالخالق عمراڻي مان ڳوٺ سليم کوسو ڏانهن وڃي رهي هئي ته ڳوٺ غني ويجهو تيز رفتاري سبب ڊرائيور جي قابو مان نڪري روڊ جي پاسي ۾ واقع ڪينال ۾ ڪري پئ  ، حادثي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 4 ماڻهو فوت ۽ 5 زخمي ٿي پيا آهن. امدادي ٽيمن حادثي واري جاءِ تي پهچي زخمين ۽ لاشن کي اسپتال منتقل ڪيو.

پاڪستاني هدايتڪار همايون سعيد جي نئين ايندڙ فلم ”جواني پهر نهين آني“ آگسٽ ۾ نمائش جي لاءِ پيش ڪئي ويندي

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستاني هدايتڪار همايون سعيد جي نئين ايندڙ فلم ”جواني پهر نهين آني“ آگسٽ ۾ نمائش جي لاءِ پيش ڪئي ويندي. ٻڌايو پيو وڃي ته عمائمه ملڪ ۽ احمد بٽ ”جواني پهر نهين آني“ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ همايون سعيد عيد کان پوءِ آگسٽ ۾ فلم جي ڀرپور نمائش جون تياريون ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، فلم جي نمائش ۽ سئنيما گھرن جي بڪنگ جي لاءِ تيارين کي پڻ عملي جامو پرايون پي وي

 

بالي ووڊ جي پهرين صف جي اداڪارن ۾ شامل رنوير سنگھه پنهنجي 30 سالگرهه ملهائي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي پهرين صف جي اداڪارن ۾ شامل رنوير سنگھه ڪالهه پنهنجي 30 سالگرهه ملهائي، فلم ”بينڊ باجارا بارات“ کان فلمي ڪيريئر جي شروعات ڪندڙ رنوير سنگھه جي پهرين ئي فلم سپر هِٽ وئي. ”ليڊيز ورسز رڪي بهل ۽ بمبئي ٽاڪيز“ کان پوءِ رنوير سنگھه فلم ”لٽيرا“ ۾ به ڪمال جي اداڪاري ڪئي. دپيڪا پڊوڪون سان رنوير سنگھه جي ”رام ليلا“ باڪس آفيس تي ميلو لُٽي ورتو. ”غنڊي، فائنڊنگ فيني، ڪِل دل“ جي هيرو ڪيترا ئي ايوارڊ پنهنجي نالي ڪيا آهن. ”دل ڌڙڪني دور“ ۾ اداڪاريءِ جا جوهر ڏيکاريندڙ رنوير سنگھه اڄ ڪلهه پنهنجي نئين ايندڙ فلم ”بجرائو مستاني“ جي شوٽنگ ۾ مصروف آهي، جنهن بابت چيو پيو وڃي ته اها به ڪاميابيءَ جا نوان رڪارڊ جوڙيندي، ”بجرائو مستاني“ ۾ سندس اڳيان دپيڪا پڊوڪون ۽ پريانڪا چوپڙا مرڪزي ڪردار ادا ڪري رهيون آهن.

 

ڪومل رضويءَ کي سماجي اڳواڻ عبدالستار ايڌيءَ سان سيلفي وٺڻ مهانگي پئجي وئي

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستان جي نالي واري ڳائڻي ڪومل رضويءَ کي بيماريءَ جي بستري تي پيل پاڪستان جي مشهور سماجي اڳواڻ عبدالستار ايڌيءَ سان سيلفي وٺڻ سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي مهانگي پئجي وئي. سماج جي خدمت ڪندڙڻ ۾ سڀ کان وڏو نالو ڊاڪٽر عبدالستار ايڌي اڄ ڪلهه سخت بيماريءَ جي ڪري بستري ڀيڙو آهي ۽ زندگي جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ ماڻهو سندس عيادت ڪري رهيا آهن. ڳائڻي ڪومل رضويءَ به جڏهن سندس عيادت جي لاءِ وئي ته هُن عبدالستار ايڌيءَ سان سيلفي تصوير ڇڪي ورتي، پر سندس اهو عمل کيس ايترو وزنائتو پيو جو هُن ڪڏهن اهو سوچيو به نه هوندو. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي اپلوڊ ڪيل تصويرن تي تنقيد جو سمنڊ اٿلي پيو ۽ ڪيترن ئي مائهن ڪومل جي غلط ٽائيم تي سيلفيءَ واري شوق کي ننديو آهي.

 

بالي ووڊ فلم ”گڊو رنگيلا“ ٻِن ڏينهن ۾ 3 ڪروڙ 47 لک رپين جو رڪارڊ ناڻو ڪمائي ورتو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ فلم ”گڊو رنگيلا“ ٻِن ڏينهن ۾ 3 ڪروڙ 47 لک رپين جو رڪارڊ ناڻو ڪمائي ورتو هو. ڀارتي خابرو اداري موجب بالي ووڊ جي مزاحيه فلم ”گڊو رنگيلا“ جنهن جي مرڪزي ڪاسٽ ۾ اداڪار ارشد وارثي، اديتي رائو حيدري، اميت سڌ ۽ رونيت راءِ شامل آهن، فلم رليز جي ٻِن ڏينهن ۾ باڪس آفيس تي ٽي ڪروڙ ستيتاليهه لک رپين جو رڪارڊ ناڻو ڪمائي ورتو هو. بالي ووڊ مزاحيه فلم ”گڊو رنگيلا“ جون هدايتون سڀاش ڪپور ڏنيون آهن، سئنيما گھرن ۾ فلم جي شاندار نمائش جاري هئي.

 

يونس خان سر ڊان بريڊ مين جو 29 ٽيسٽ سينچرين ۽ جاويد ميانداد جو ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو

پاليڪيلي (اسپوٽس نيوز) پاڪستان جي بهترين بيٽسين يونس خان سر ڊان بريڊ مين جو 29 ٽيسٽ سينچرين ۽ جاويد ميانداد جو ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ پاڪستان طرفان سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهڻ جو ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو. پاليڪيلي ٽيسٽ ۾ يونس خان شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي پنهنجي ٽيسٽ ڪيريئر جي 30 هين سينچري اسڪور ڪرڻ سان گڏ سرڊان بريڊ مين جو 29 سينچريون ۽ جاويد ميانداد جو سڀ کان وڌيڪ ٽيسٽ رنسون ٺاهڻ جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو، جنهن کان پوءِ يونس خان پاڪستان طرفان ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ بيٽسمين بڻجي ويو. يونس خان اهو ڪارنامي پنهنجي 102هين ٽيسٽ ۾ 30 سيچرين ۽ 29 ففٽين سان سرانجام ڏنو. جنهن کان پوءِ سندس ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 8841 رنسون ٿي ويون آهن. يونس خان جو ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ اسڪور 313 سريلنڪا خلاف ئي آهي. ٻئي طرف يونس خان ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ چوٿين اننگ ۾ 5 سنچريون ٺاهيندڙ دنيا جو پهريون ڪرڪيٽر پڻ بڻجي ويو آهي. واضح رهي ته جاويد ميانداد 124 ٽيسٽ ميچن ۾ 8832 ٺاهيون آهن. ۽ سر ڊان بريڊ مين 52 ٽيسٽ ميچن ۾ 29 سينچريون ٺاهيون هيون. ٻئي طرف سريلنڪا خلاف ٽين ٽيسٽ ميچ ۾پاڪستان جي اوپننگ بيٽسمين شان مسعود پنهنجي ڪيريئر جي پهرين ٽيسٽ سينچري مڪمل ڪري ورتي. اوپننگ بيٽسمين شان مسعود 114 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي ۽ پنهنجي دلچسپ اننگ ۾ هڪ ڇڪو ۽ 11 چوڪا هنيا.

 

پاڪستاني آل رائونڊر محمد حفيظ جو ڀارت ۾ بائيو مڪينڪ ٽيسٽ مڪمل

چناءِ (اسپورٽس نيوز) پاڪستاني آل رائونڊر محمد حفيظ جو ڀارت ۾ بائيو مڪينڪ ٽيسٽ مڪمل ٿي ويو آهي، جنهن کان پوءِ هو اڄ ڪولمبو پهچي ٽيم جوائن ڪندو. خابرو اداري موجب سريلنڪا خلاف شڪي بالنگ ايڪشن رپورٽ ٿيڻ تي آل رائونڊر محمد حفيظ ڀارت جي مقامي بائيو مڪينڪ ليب مان پنهنجي بالنگ جي ٽيسٽ ڪرائي ۽ ٽيسٽ دوران کانئس 6 اوور ڪرايا ويا، جنهن ۾ سندس ٻانهن جي جھُڪاءَ جو جائزو ورتو ويو. آل رائونڊر محمد حفيظ جي بالنگ ٽيسٽ رپورٽ اچڻ تائين بالنگ ڪرائي سگھي ٿو ۽ ان سلسلي ۾ هو ڪولمبو پهچي اڄ ٽيم جو حصو به بڻجي ويندو. واضح رهي ته آءِ سي سيءَ طرفان بالنگ ايڪشن ڪليئر قرار ڏيڻ جي 3 مهينن کان پوءِ محمد حفيظ هڪ ڀيرو ٻيهر شڪي بالنگ ايڪشن جي وَر چڙهيو هو ۽ آءِ سي سيءَ جي قانونن اندر سندس ٽيسٽ ٺيڪ نه آئي ته کيس سال جي پابنديءَ سان منهن ڏيڻو پوندو.

 

انگلينڊ ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٻي ٽيسٽ 16 کان 20 جولاءِ تائين لارڊز لنڊن ۾ کيڏي ويندي

ڪارڊف (اسپورٽس نيوز) ايشز سيريز ۾ انگلينڊ ۽ آسٽريليا جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ سڀاڻي کان ڪارڊف ۾ شروع ٿيندي. آسٽريليا وارم اپ ميچن ۾ ڪاميابيءَ حاصل ڪئي. ڪينٽ ڪائونٽي خلاف پهرين چئن ڏينهن جي ٽوئر ميچ ۾ آسٽريليا 255 رنسن تان ڪاميابي حاصل ڪئي هئي، جڏهن ته ٻي ميچ ۾ ڪينگروز ايڪس ڪائونٽي کي 169 رنسن تان هارايو هو. انگلينڊ ۽ آسٽريليا وچ ۾ ايشز سيريز جي پهرين ٽيسٽ ميچ 8 کان 12 جولاءِ تائين صوفيه گارڊن، ڪارڊف جڏهن ته ٻي ٽيسٽ 16 کان 20 جولاءِ تائين لارڊز لنڊن ۾ کيڏي ويندي. ان کان پوءِ آسٽريلوي ٽيم ڊربي شائر خلاف ٽن ڏينهن جي ٽوئر ميچ کيڏندي، جيڪا 23 کان 25 جولاءِ تائين ڪائونٽي گرائونڊ ڊربي ۾ ٿيندي. سيريز جي ٽين ٽيسٽ 29 جولاءِ کان 2 آگسٽ تائين ايجسٽن برمنگهم، چوٿين ٽيسٽ 6 کان 10 آگسٽ تائين ٽرينٽ برج برمنگهم ۾ کيڏي ويندي. 14 کان 16 آگسٽ تائين آسٽريليا جي ٽيم نارميٽن شائر جي خلاف ٽن ڏينهن جي ٽوئر ميچ کيڏندي. ايشز سيريز جي پنجين ۽ آخري ٽيسٽ 20 کان 24 آگسٽ تائين لنڊن ۾ کيڏي ويندي.

 

سريلنڪا پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي پاليڪيلي ٽيسٽ کٽڻ لاءَ 377 رنسن جو ٽارگيٽ ڏئي ڇڏيو

پاليڪيلي (اسپورٽس نيوز) سريلنڪا پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي پاليڪيلي ٽيسٽ کٽڻ لاءَ 377 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو هو، جنهن جي جواب ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم شان مسعود ۽ يونس خان جي سينچرين جي ڏڍ تي 2 وڪيٽن جي نقصان تي 230 رنسون ٺاهي ورتيون، جڏهن ته پاڪستان ٽيم کي کٽڻ جي لاءِ وڌيڪ 147 رنسون گھربل هيون. پاليڪيلي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏجندڙ ميچ جي چوٿين ڏينهن سريلنڪا جي سموري ٽيم ٻي اننگ ۾313 رنسون ٺاهي پويلين موٽي وئي، جنهن کان پوءِ پاڪستان ٽيم پاران هڪ ڀيرو ٻيهر مايوسيءَ واري انداز ۾ بيٽنگ جي شروعات ڪئي وئي ۽ 2 بيٽسمين 13 رنسن تي آئوٽ ٿي ويا، جنهن کان پوءِ اوپننگ بيٽسمين شان مسعود ۽ يونس خان سريلنڪن بالرن اڳيان ڀِٽ بڻجي ويا ۽ ذميواراڻي بيٽنگ ڪندي سريلنڪن بالرن کي سٺو ڪٽڪو ڏنو ۽ ٻنهي بيٽسمينن ٽين وڪيٽ جي ڀائيواري ۾ 217 رنسن جي ڀائيواري جوڙي پنهنجون پنهنجون سينچريون به مڪل ڪيون. چوٿين ڏينهن راند جي پڄاڻيءَ تي شان مسعود 114 ۽ يونس خان 101 رنسن سان ڪريز تي موجود هئا ته چوٿين ڏينهن جي راند پڄاڻيءَ تي پهتي. سريلنڪا طرفان سرنگا لڪمل ۽ ڌميڪا پرساد هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. ان کان اڳ سريلنڪا چوٿين ڏينهن جي راند شروع ڪئي ته ڪپتان اينجلو ميٿيوز 77 ۽ چنديمل 39 رنسن سان ڪريز تي موجود هئا. ٻنهي بيٽسمينن وچ ۾ ڇهين وڪيٽ تي 117 رنسن جي ڀائيواري جڙي ته 278 جي اسڪور تي چنديمل 67 رنسن کان پوءِ عمران خان جو شڪار بڻيو، جڏهن ته ڪپتان اينجلو ميٿيوز پنهنجي سينچري پڻ مڪمل ڪئي، جڏهن ته ڌميڪا پرساد 0، ٿرندو ڪشال8، اينجلو ميٿيوز 122، سورنگا لڪمل 0 تي آئوٽ ٿيو. پاڪستان طرفان عمران خان 5، راحت عليءَ 3، ياسر شاهه2 ۽ احسان عادل هڪ وڪيٽ ورتي. واضح رهي ته سريلنڪا پنهنجي پهرين اننگ ۾ 278 رنسون ٺاهيون هيون، جنهن جي جواب ۾ پاڪستان جي سموري ٽيم 215 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي هئي.