تازيون خبرون

Daily Archives: July 7, 2015

ڪوئٽا ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ سبب پوليس اهلڪار سميت 3 ماڻهو مارجي ويا

ڪوئٽا (اي پي پي) ڪوئٽا ۾ جوائنٽ روڊ تي اڻڄاتل موٽر سائيڪل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پوليس اهلڪار سميت 3 ماڻهو مارجي ويا جڏهن ته هڪ عورت سميت 3 ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن. پوليس موجب گذريل ڏينهن ڪوئٽا سول ٿاڻي جي حد جوائنٽ روڊ پاسپورٽ آفيس ويجهو اڻڄاتل موٽر سائيڪل سوارن اوچتو فائرنگ  شروع ڪري ڇڏي جنهن جي نتيجي ۾ حسن، شبير ۽ ڪالا خان موقعي تي ئي مارجي ويا جڏهن ته فاطمھ بي بي، نعمت الله ۽ خدا بخش زخمي ٿي پيا. جوابدار واقعي واري هنڌ تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ۽ سيڪيورٽي فورسز اطلاع ملندي ئي واقعي واري هنڌ پهچي لاشن ۽ زخمين کي فوري طور تي سول اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.

 

خيرپور ۾ ڪار ۽ ٽرالر ۾ ٽڪر، 5 ماڻهو اجل جو شڪار، 2 زخمي

خيرپور(اي پي پي) خيرپور لڳ ڪنب نوابشاهه مهراڻ نيشنل هاءِ وي تي نوابشاهه کان روجهاڻ جمالي ويندڙ مسافر ڪار جو سامهون کان ايندڙ ٽريلر سان ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ هڪ ئي ڪٽنب جا 5 ڀاتي فوت ٿي ويا جڏهن ته 2 ٻارڙا زخمي ٿي پيا. مهراڻ نيشنل هاءِ وي تي اهو حادثو ڳوٺ جادو جوڻو وٽ پيش آيو. فوتين ۾ گل محمد جمالي، در محمد جمالي، محمد يعقوب جمالي، عبدالطيف جمالي ۽ راضل جالي شامل آهن. فوتين جا مڙهه ۽ زخمي ٻارڙن کي گمبٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن ته بعد ۾ 5فوتين جا مڙهه روجهاڻ جمالي جهٽ پٽ بلوچستان منتقل ڪيا ويا. واقعي بعد ٽريلر جو ڊرائيور فرار ٿي ويو. پوليس وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.

 

بالي ووڊ کان 4 فلمن جي آڇ ٿي آهي جن مان هڪ فلم جو اسڪرپٽ به موڪليو ويو آهي: نيلم منير

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستان جي مشهور ماڊل ۽ اداڪارا نيلم منير چيو آهي ته کيس بالي ووڊ کان 4 فلمن جي آڇ ٿي آهي، جن مان هڪ فلم جو اسڪرپٽ به کيس موڪليو ويو آهي، جنهن جو هوءَ جائزو وٺي رهي آهي. خابرو اداري سان خاص ڳالهه ٻولهه دوران نيلم منير چيو ته اداڪاري منهنجي مجبوري نه پر شوق آهي ۽ ان جي لاءِ جيڪو پراجيڪٽ سٺو لڳندو آهي اهو ئي ڪندي آهيان، هن چيو ته پهريان مون کان شاديءَ بابت سوال ڪيو ويندو هو، پر هاڻي سڀ مون کان فلم ۾ ڪم ڪرڻ بابت پڇندا آهن، فلمن ۾ ڪم لاءِ مون کي ڪيتريون ئي آڇون ٿيون آهن پر انهن مان ڪو هڪ به اسڪرپٽ اهڙو نه مليو جيڪو پڙهي ها ڪيان ها. بالي ووڊ کان به مون سان رابطو ڪيو ويو آهي، جن مان هڪ پروڊيوسر ته فلم جو اسڪرپٽ به موڪليو آهي، جيڪو پڙهي رهي آهيان، وڌيڪ 3 آڇون آهن، نيلم جو چوڻ هو ته بالي ووڊ بيشڪ هڪ وڏي فلم انڊسٽري آهي جتي هر ڪو ڪم ڪرڻ چاهيندو آهي، جيڪي هِن وقت اتي ڪم ڪري رهيا آهن مان انهن لاءِ نيڪ خواهشون رکندڙ آهيان، پر جيستائين منهنجو تعلق آهي ته مون لاءِ سڀ کان اهم ڪهاڻي ۽ ڪردار آهي، هن چيو ته مان اسٽار فوبيا جو شڪار ناهيان، ان جي لاءِ منهنجي سامهون جيڪو به آيو مون کي ان تي ڪو فرق نه پوندو، پاڪستان ۾ هاڻي سياسي جماعتون به فلمون ٺاهي رهيون آهن، جن مان به هڪ ڊائريڪٽر مون سان رابطو ڪيو هو.

 

رجني ڪانت ۽ اداڪار وڪرم فلم انٿرن جي سيڪيوئيل ۾ گڏ نطر ايندا

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ سپر اسٽار رجني ڪانت ۽ اداڪار وڪرم فلمساز ايس شنڪار جي ڪامياب ترين فلم انٿرن جي سيڪيوئيل ۾ گڏ نطر ايندا، فلم جي ڪهاڻي سميت ٻيو ضروري ڪم پورو ڪيو ويو، جڏهن ته اداڪار وڪرم سپر رجني ڪانت سان گڏ اچڻ تي تمام گهڻو جذباتي ۽ خوش نظر آيو.بالي ووڊ  ذريعن موجب تامل فلمن ۾ اها فلم هڪ تمام وڏي هٽ فلم هئي جنهن جو سيڪيوئل به هٽ ٿيڻ جي اميد ڪئي پئي وڃي.

 

عامر خان جي پروڊڪشن لاءِ هر وقت ڪم ڪرڻ چاهيندي آهيانۡ: ڪرن رائو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي مسٽر پرفيڪٽ عامر خان جي گهر واري ڪرن رائو چيو آهي ته عامر جي ايندڙ فلم دنگل لاءِ اختيار ڪيل هن جي ٿلهي انسان واري ڏيک کيس ڳڻتين ۾ وڪوڙي ڇڏيو آهي. سندس چوڻ هو ته دنگل فلم ۾ عامر خان جو اختيار ڪيل روپ هن جي صحت لاءِ تمام گهڻو خراب آهي ۽ هن جي صحت لاءِ هو تمام گهڻو فڪرمند آهي، هن چيو ته ممبئي اڪيڊمي آف دي موونگ اميج جو ٻيهر چيئرپرسن ٿيڻ اعزاز جهڙي ڳالهه آهي. ڪرن رائو موجب هو عامر خان جي پروڊڪشن لاءِ هر وقت ڪم ڪرڻ چاهيندي آهي، هن چيو ته حمل هئڻ ڪري هڪ ايندڙ فلم جي اسٽوري لکڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچن پيون، پر جلد هڪ ويجهي دوست کي کڻي اها پريشاني گهٽائڻ جي ڪوشش ڪنديس

 

خاموش طبيعت رکندڙ ماڻهو ٻين کان نرالا هوندا آهن. انسان جو لباس ان جي شخصيت کي ظاهر ڪندو آهي:صبا قمر

ڪراچي (شوبز نيوز)پاڪستان جي ناليواري اداڪارا ۽ ماڊل صبا قمر چيو آهي ته خاموش طبيعت رکندڙ ماڻهو ٻين کان نرالا هوندا آهن. انسان جو لباس ان جي شخصيت کي ظاهر ڪندو آهي. خابرو اداري سان خاص ڳالهه ٻولهه دوران صبا قمر چيو ته ڪردار نگاري ڪنهن به پراجيڪٽ جي ڪاميابيءَ جي لاءِ تمام ضروري آهي ۽ مون کي ذاتي طور ڪاميڊيءَ وارا ڪردار تمام گھڻا پسند آهن. ڪيريئر ۾ هر طرح جا ڪردار ڪري چڪي آهيان، خواهش آهي ته اهڙو ڪردار ادا ڪيان جنهن کي ماڻهو ورهين تائين ياد رکن. صبا قمبر چيو ته تازي دور ۾ ميڊيا جو ڪردار تمام اهميت وارو آهي. نجي ٽي وي چينلن جي معياري رپورٽنگ جي ڪري عوام ۾ تمام گھڻو شعور بيدا ٿيو آهي، مان ذاتي طور ميڊيا جي آزاديءَ جي حق ۾ آهيان.

 

ورلڊ هاڪي ليگ ۾ پاڪستان جي مايوسيءَ واري ڪارڪردگيءَ وارو سلسلو جاري

اينٽورپ (اسپورٽس نيوز) ورلڊ هاڪي ليگ ۾ پاڪستان جي مايوسيءَ واري ڪارڪردگيءَ وارو سلسلو جاري آهي، ۽ ملڪي ٽيم فرانس کان ستين پوزيشن واري ميچ هارائڻ کان پوءِ ٽورنامينٽ ۾ 8 نمبر تي پهچي وئي آهي. بيلجيئم جي شهر اينٽورپ ۾ کيڏجندڙ ورلڊ هاڪي ليگ جي ستين پوزيشن جي ميچ ۾ فرانس پاڪستان کي هڪ جي مقابلي ٻِن گولن تان هارائين اٺين نمبر تي ڌڪي ڇڏيو. پاڪستان طرفان واحد گول محمد توثيق ڪيو. واضح رهي ته ٽورنامينٽ ۾ پاڪستنا جي ٽيم صرف هڪ ميچ ئي کٽي سگھي هئي، گرين شرٽون هاڻي پهريون ڀيرو اولمپڪس ۾ شرڪت نه ڪري سگھنديون. ٻئي طرف آخري ميچ ۾ شڪست کان پوءِ ملڪي هاڪي ٽيم جو ڪپتان محمد عمران استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، هن پنهنجي استعيفيٰ پاڪستان هاڪي فيڊريشن جي عملدارن وٽ جمع ڪرائي ڇڏي، سندس چوڻ هو ته پي ايڇ ايف عملدارن سموريون سهولتون ڏنيون جنهن تي سندن ٿورائتو آهيان پر رانديگرن سٺي راند پيش نه ڪئي، ٽورنامينٽ ۾ شڪست جي ذميواري قبول ٿو ڪيان، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته نون رانديگرن کي موقعو ڏنو وڃي.

 

ڀارت جو اڳوڻو قومي باڪسنگ چيمپئن ڪرشناروت پاڙي اوڙي جا گٽر صاف ڪرڻ تي مجبور

نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) ڀارت جي اڳوڻي قومي باڪسنگ چيمپئن ڪرشناروت غريب هٿان تنگ ۽ هيٺين ذات سان تعلق هجڻ جي ڪري پاڙي اوڙي جا گٽر صاف ڪرڻ تي مجبور آهي. ڪرشناروت 1987ع ۾ قومي باڪسنگ چيمپئن شپ ۾ گولڊ ميڊل کٽيو هو ۽ هاڻي هاورا ميونسپل ڪارپوريشن ۾ 15 سالن کان سوئپر جي عارضي نوڪري ڪري رهيو آهي. کيس روز جي بنياد تي 200 رپيا ملندا آهن. ڪرشنا جو چوڻ هو ته 6 ماڻهن جي خاندان کي پالڻ ڏکيو آهي، بيمار ڀاءُ جو علاج به ڪرائڻو آهي. ان سلسلي ۾ هو اولهه بنگال جي وزير اعليٰ ممتا بينرجي کي اپيل به ڪندو.

 

مخدوم امين فهيم چيلنج ڪپ آخري مرحلي ۾ داخل

ڀٽ شاهه (اسپورٽس نيوز) لطيف جي نگري ڀٽ شاهه جي ملاکڙا اسٽيڊيم ۾ فقير حسين علي جعفري جي ميزباني هيٺ هلندڙ مخدوم امين فهيم چيلنج ڪپ آخري مرحلي ۾ داخل، ٽورنامينٽ جو ڪوارٽر فائنل مرحلو مڪمل ٿي ويو، ڪوارٽر فائنل جي آخري ٻن ميچن ۾ مخدوم اليون، مهراڻ اليون هالا کي هارائي ڇڏيو، جڏهن تـ  مورو سٽي ۽ خاور اليون جو ميچ امپائر جي فيصلي تي احتجاج طور تڪرار جي ور چڙهي ويو، خاور اليون ميچ جو بائيڪاٽ ڪري وئي ۽ مورو سٽي کي ڪامياب قرار ڏنو ويو، ڪوارٽر فائنل ۾ مهراڻ اليون هالا پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 12 اوورن ۾ 73 رنسون ٺاهيون، جيڪو ٽارگيٽ مخدوم اليون 11 اوورن ۾ حاصل ڪري ميچ کٽي ورتي، مخدوم اليون جي ڪامران کي 4 وڪيٽون وٺڻ تي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو، ٻي ڪوارٽر فائنل ۾ مورو سٽي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 98 رنسون ٺاهيون، جواب ۾ خاور اليون 11 اوورن ۾ 84 رنسون ٺاهيون تـ امپائر پاران بيٽسمين کي آئوٽ قرار ڏيڻ واري فيصلي تي تڪرار سبب خاور اليون ميچ جو بائيڪاٽ ڪندي گرائونڊ مان ٻاهر نڪري وئي، جنهن بعد ٽورنامينٽ جي سيڪريٽري مورو سٽي اليون کي ڪامياب قرار ڏئي ڇڏيو، اهڙي طريقي سان ڪوارٽر فائنل جو مرحلو پڄاڻي تي پهتو، پ پ اڳواڻ مخدوم فخرالزمان، سڪندر شاهه، محمد سومار شيدي، فقير حسين علي، غلام اڪبر ڀٽو، محمد رحيم کوسو، نثار شيخ، ڊاڪٽر يونس ڇڄڙو، فاروق نوحپوٽو، نثار ساگر ۽ ٻين مهمانن بهترين رانديگرن ۾ روڪ انعام ۽ ايوارڊ ورهايا، هاڻي سيمي فائنل جا مقابلا مخدوم فخرالزمان اليون، مخدوم محبوب الزمان اليون، مورو سٽي ۽ مخدوم اليون وچ ۾ کيڏيا ويندا، ڪوارٽر فائنل جي ميچن دوران ملاکڙا اسٽيڊيم شوقينن سان ڀريل هو، جيڪي ڪرڪيٽ ميچن مان لطف اندوز ٿيندا رهيا.

 

سريلنڪا خلاف کيڏجندڙ ٽين ٽيسٽ ۾ پاڪستان جي سموري ٽيم پهرين اننگ ۾ 215 رنسن تي ڍير

پاليڪيلي (اسپورٽس نيوز) سريلنڪا خلاف کيڏجندڙ ٽين ٽيسٽ ۾ پاڪستان جي سموري ٽيم پهرين اننگ ۾ 215 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، جڏهن ته خراب موسم جي ڪري جڏهن ٽئين ڏينهن جي راند شروع ٿي ته سريلنڪا پنهنجي ٻي اننگ ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 228 رنسون ٺاهي ورتيون هيون. سريلنڪا جي پاليڪيلي ڪرڪيٽ گرائونڊ تي کيڏجندڙ ميچ جي ٽئين ڏينهن جي راند خراب موسم جي ڪري مقرر وقت کان اڳ ختم ڪئي وئي. ٽئين ڏينهن راند جي پڄاڻيءَ تي سريلنڪا پنهنجي ٻي اننگ ۾ 5 رانديگرن جي نقصان تي 228 رنسون ٺاهي ورتيون هيون، جنهن کان پوءِ آءِ لينڊرن کي مهمان ٽيم تي 291 رنسن جي سرسي ملي وئي هئي، ۽ ان جون وڌيڪ 5 وڪيٽون بچيل هيون. سريلنڪن ڪپتان اينجلو ميٿيوز 77، جڏهن ته دنيش چنديمل 39 رنسن سان وڪيٽ تي موجود آهن. اپل ٿرنگا 48 جڏهن ته جهان مبارڪ 35 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. پاڪستان طرفان ياسر شاهه ۽ راحت علي 2،2 جڏهن ته احسان عادل هڪ وڪيٽ ورتي. ان کان اڳ پاڪستان پنهنجي اڻ مڪمل پهرين اننگ 209 رنسون 9 رانديگر آئوٽ تي شروع ڪئي ته سرفراز احم 72 ۽ عمران خان ڪنهن رنس کان سواءِ ڪريز تي موجود هئا، پر صرف 6 رنسن جي واڌ کان پوءِ عمران خان ڪلين بولڊ ٿيو. پاڪستان طرفان سرفراز احمد 78 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، جڏهن ته اظهر عليءَ 51 رنسون ٺاهيون هيون، سرفراز احمد ۽ اظهر علي کان سواءِ ڪو به رانديگر سٺي ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگھيو. سريلنڪا طرفان پرساد، پرديپ ۽ ڪُشال 3،3 وڪيٽون ورتيون. واضح رهي ته پاڪستان 7 سريلنڪا وچ ۾ 3 ميچن تي ٻڌل سيريز هڪ هڪ سان برابر آهي.