تازيون خبرون

Daily Archives: July 4, 2015

گجرانواله ريل حادثي جي جاچ لاءِ انسپيڪٽر ريلويز جي سربراهيءَ ۾ 7 رڪني گڏيل جاچ ڪميٽي قائم

لاهور(اي پي پي) وفاقي حڪومت گجرانواله ۾ خميس ڏينهن پيش آيل خوفناڪ ريل حادثي جي جاچ لاءِ انسپيڪٽر ريلويز ميان ايم ارشد جي سربراهيءَ ۾ 7 رڪني گڏيل جاچ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي. جمعي ڏينهن جاري ڪيل نوٽيفڪيشن مطابق ڪميٽي ۾ پاڪستان ريلويز جا 3 ميمبر شامل آهن جنهن ۾ پاڪستان ريلويز جي ايڊيشنل جنرل مينيجر ميڪينڪل لياقت علي چغتائي، اي جي ايم انفراسٽرڪچر همايون رشيد ۽ چيف ميڪينڪل انجنيئر لوڪو موٽوز مجيد بيگ شامل آهن جڏهن ته ٻين ميمبرن ۾ پاڪ فوج جو ميجر جنرل شهزاد سڪندر، برگيڊيئر نسيم بيگ ۽ ڪرنل محمد فهيم شامل آهن. پاڪستان ريلويز هيڊڪوارٽر لاهور جي سيفٽي برانچ جاچ جي عمل ۾ سهڪار ڪندي. جاچ ڪميٽي فوري طور تي جاچ جو ڪم مڪمل ڪندي.

 

زبردستي فطرو وٺڻ جي الزام ۾ گرفتار ايم ڪيو ايم جا 9 ڪارڪن 90 ڏينهن لاءِ رينجرز حوالي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ جي عدالت زبردستي فطرو ۽ چندو وٺڻ جي الزام ۾ گرفتار ايم ڪيو ايم جي 9 ڪارڪنن کي 90 ڏينهن لاءِ رينجرز حوالي ڪري ڇڏيو تفصيل مطابق رضويه سوسائٽي جي علائقي مان به ڏينهن اڳ زبردستي چندو ۽ فطرو وٺڻ جي الزام ۾ ايم ڪيو ايم جي 16 مان 9 ڪارڪنن کي رينجرز دهشتگردي ٽوڙ جي خاص عدالت ۾ پيش ڪيو ان موقعي تي رينجرز عدالت کي اپيل ڪئي ته جوابدار جبري فطرو ۽ چندو وصول ڪرڻ ۾ ملوث آهن جڏهن ته زبردستي زڪوات فطرو ۽ چندو وٺڻ تي پابندي مڙهيل آهي ان لاءِ جوابدارن کان جاچ لاءِ کين 90 ڏينهن لاءِ تحويل ۾ ڏنو وڃي عدالت رينجرز جي درخواست منظور ڪندي پيش ڪيل سمورن جوابدارن کي 90 ڏينهن لاءِ رينجرز جي تحويل ۾ ڏيئي ڇڏيو.

 

سوناڪشي سنها ”دبنگ-3“ جو حصو هوندي:سلمان خان

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي دبنگ سلمان خان دبنگ سلسلي جي فلمن ۾ ساڻس گڏ ڪم ڪندڙ سوناڪشي سنها جي سندس نئين ايندڙ فلم ”دبنگ-3“ جي لاءِ سيٽ بُڪ ڪري ڇڏي آهي، جنهن کان پوءِ سوناڪشيءَ پاران لاڳيتودبنگ سلسلي جي ٽنهي فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جي هيٽ ٽرڪ ٿي ويندي. سال 2010ع ۾ سوناڪشي سنها دبنگ سلسلي جي پهرين فلم ۾ ڪم ڪري شروعات ڪئي هئي، وري 2012ع ۾ رليز ٿيل ”دبنگ-2“  به سوناڪشي سنها سلمان خان سان مرڪزي ڪردار ادا ڪيو هو، هاڻي سلمان خان ميڊيا ئي نمائندن سان ڳالهائيندي چيو ته، جي ها بلڪل، سوناڪشي سنها ”دبنگ-3“ جو حص پڻ هوندي. اداڪارا سوناڪشي سنها پاران دبنگ ۾ ادا ڪيل ڊائلا ”ٿڦڙ سي ڊر نهين لگتا صاحب، پيار سي لگتا هي“ بالي ووڊ ۾ تمام گھڻي مشهوري ماڻي. ٻئي طرف خبرون هيون ته سلمان خان صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته جيڪڏهن مون کي ڪنهن رشتو موڪليو هجي ها ته مان هن وقت تائين شادي به ڪري وٺان ها، پر هيل تائين ڪنهن به رشتو ناهي موڪليو، هن جو چوڻ هو ته گھرو وارن جي مرضيءَ سان به شادي ڪري سگھان ٿو، پسند جون شاديون اڪثر ڪامياب ناهن ٿينديون، اهو مامرو ٻڻهي ڄڻن تي ڀاڙيندو آهي ته هو شاديءَ کان پوءِ ڪهڙي قسم جي زندگي ٿا گذارين.

 

بالي ووڊ فلم ”ڪپور اينڊ سنز“ ۾ پاڪستاني اسٽار فواد خان بالي ووڊ اداڪارا عاليه ڀٽ جو هيرو بڻبو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ فلم ”ڪپور اينڊ سنز“ ۾ پاڪستاني اسٽار فواد خان بالي ووڊ اداڪارا عاليه ڀٽ جو هيرو بڻجي رهيو آهي، خبرون آهن ته عاليه ڀٽ ۽ فواد خان جي ان ۾ فلم ۾ ٻئي اداڪار اداڪاريءَ سان گڏ پنهنجن چاهيندڙن لاءِ ڳائڻ جا جوهر پڻ ڏيکاريندا. ان ڳالهه جي ڄاڻ لڳ ڀڳ سڀني کي هوندي ته بالي ووڊ ڊيبيو کان اڳ پاڪستاني سپر اسٽار فواد خان راڪ بينڊ اي پي سي سان واڳيل رهيو آهي. جڏهن ته ڀٽ خاندان جي لاڏلي عاليه به پنهنجين اڳين ٻِن فلمن ۾ پنهنجي آواز جو جادو جاڳائي چڪي آهي، هاڻي ٻئي اداڪار پنهنجي نئين ايندڙ فلم ”ڪپور اينڊ سنز“ ۾ اهڙو ڪارنامون انجام ڏئي رهيا آهن.

 

بالي ووڊ اداڪار شاهد ڪپور 7 جولاءِ  تي ميرا راجپوت سان شادي ڪندو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار شاهد ڪپور 7 جولاءِ  تي ميرا راجپوت سان شادي ڪري رهيو آهي، جنهن جا دعوت ناما به مهمانن تائين پهچي چڪا آهن. شاهد ڪپور ميرا راجپوت اڳيان پنهنجي دل هارائي ويٺو هو. شاهد ۽ ميرا راجپوت جي 7 جولاءِ تي ٿيندڙ شادي تقريب جون تياريون پنهنجي عروع تي آهن، شاديءَ جو ڪارڊ ڇپجڻ ۽ ماڻهن تائين پهچائڻ واري ڪم دوران هڪ هنڌ صحافين اداڪار کي جھلي ورتو، جتي سندس خوشي ڏسڻ وٽان هئي، اداڪار صحافين کي چيو ته اوهان به ضرور شادي تقريب ۾ شرڪت ڪجو، هڪ سوال جي جواب ۾ شاهد ڪپور چيو ته کيس شاديءَ دوران تحفن جي نه پر دعائن جي ضرورت آهي، شاديءَ جي رنگين تقريب ۾ بالي ووڊ جا نامي گرامي فنڪار ۽ فنڪارائون شرڪت سميت پرفارم به ڪندا.

 

سٺي سوچ رکندڙ ماڻهو سدائين عزت ماڻيندا آهن، خدا انسان کي سٺي مقصد جي لاءِ دنيا ۾ موڪليو آهي:رابي پيرزادو

ڪراچي (شوبز نيوز) مشهور ڳائڻي ۽ ماڊل رابي پيرزادو چيو آهي ته سٺي سوچ رکندڙ ماڻهو سدائين عزت ماڻيندا آهن، خدا انسان کي سٺي مقصد جي لاءِ دنيا ۾ موڪليو آهي، جيئن ان جي حڪمن موجب زندگي گذاري سگھجي. هڪ انٽرويوءَ ۾ هن چيو ته ڳائڻ جي شعبي ۾ نون چهرن جي آمد سان هڪ خوشگوار تبديلي ڏسڻ لاءِ ملي آهي. ڳائڻيءَ طور هر طرح جا گيت شوق سان ڳائيندي آهيان پر پاپ موسيقي شروع کان ئي پسند آهي. هن چيو ته عام زندگي ۾ سادي طبيعت جي آهيان، گھٽ ۽ سچ ڳالهائيندڙ ماڻهون پسند آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ رابي پيرزادو چيو ته پاڪستان ۾ بي انتها ٽيلينٽ موجود آهي پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته پروموشن نه ٿيڻ جي برابر آهي.

 

جاپان جي فٽبال ٽيم فيفا وومينز فٽبال ورلڊڪپ 2015ع جي فائينل ۾ پهچي وئي

ايڊمونٽس (اسپورٽس نيوز) جاپان جي فٽبال ٽيم فيفا وومينز فٽبال ورلڊڪپ 2015ع جي فائينل ۾ پهچي وئي آهي. جاپان جي ٽيم ٻي سيمي فائنل ميچ ۾ انگلينڊ کي سخت مقابلي کان پوءِ 1-2  گول تان هارائي فائينل لاءِ ڪوليفائي ڪري ڇڏيو. جاپان طرفان مبياما  باسٽا بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي هڪ هڪ گول ڪري ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. انگلينڊ جي ٽيم طرفنا ميچ ۾ واحد گول وليمن اسڪور ڪيو. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ڪامن ويلٿ اسٽيديم ايڊمونتن ۾ ميگا ايونٽ جو ٻيون سيمي فائينل ميچ کيڏيو ويو.

 

ڀٽ شاهه ملاکڙا گرائونڊ ۾ ڪرڪيٽ جا مقابلا دلچسپ مرحلي ۾ داخل ٿي ويا

ڀٽ شاهه (اسپورٽس نيوز) ڀٽ شاهه ملاکڙا گرائونڊ ۾ ڪرڪيٽ جا مقابلا دلچسپ مرحلي ۾ داخل ٿي ويا، سخت مقابلن بعد مخدوم محبوب الزمان اليون ۽ مخدوم اليون جون ٽيمون ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي ويون، پري ڪوارٽر فائنل جي پهرين ميچ ۾ مخدوم اليون جي ٽيم گرين اسٽار هالا کي شڪست ڏئي ڇڏي، جڏهن تـ ٻي ميچ ۾ مخدوم محبوب الزمان اليون، مورو اليون کي هارائي ٽورنامينٽ مان ڪڍي ڇڏيو، مخدوم اليون جي جنيد ۽ مخدوم محبوب الزمان اليون جي عزيز ڪانڌڙي کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو، ڀٽ شاهه جي ملاکڙا اسٽيڊيم ۾ جاري مخدوم اليون ڪرڪيٽ ڪلب هالا جي صدر فقير حسين علي جعفري جي ميزباني هيٺ جاري مخدوم امين فهيم چيلنج ڪپ 2015ع  ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي پري ڪوليفاءِ ميچن ۾ مخدوم اليون ڪرڪيٽ ڪلب هالا، گرين اسٽار ۽ مخدوم محبوب الزمان اليون، مورو اليون ۾ مقابلا ٿيا، جنهن ۾ مخدوم اليون ۽ مخدوم محبوب الزمان اليون ڪاميابي ماڻي ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي ويا، پهرين پري ڪوليفاءِ ميچ ۾ مخدوم اليون جي ٽيم پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر 12 اوورن ۾ 119 رنسون ٺاهيون، جواب ۾ گرين اسٽار هالا جي ٽيم 80 رنسن تي ٿي وئي، مخدوم اليون جي آل رائونڊر جنيد کي 35 رنسون ڪرڻ ۽ 3 وڪيٽون وٺڻ تي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو، ٻي ميچ ۾ مورو اليون جي ٽيم پهرين بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ فقط 41 رنسون ٺاهيون، جيڪو مخدوم محبوب الزمان اليون جي ٽيم هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 4 اوورن ۾ حاصل ڪري ڪاميابي ماڻي ڪوارٽر فائنل ۾ پير پاتو، مخدوم محبوب الزمان اليون جي عزيز ڪانڌڙو کي 26 رنسن ۽ 3 وڪيٽ تي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو، خاص مهمان مخدوم نويد الزمان ۽ ٻين مين آف دي ميچ جا ايوارڊ ڏنا.

 

گھوٻين جي الزام ۾ گرفتار ٿيندڙ فيفا جي ستن عملدارن کي آمريڪا حوالي ڪيو وڃي: آمريڪا

زيورخ (اسپورٽس نيوز) سوئس عملدارن موجب آمريڪا سوئٽزرلينڊ کان مطالبو ڪيو آهي ته هو هلندڙ سال مئي ۾ گھوٻين جي الزام ۾ گرفتار ٿيندڙ فيفا جي ستن عملدارن کي آمريڪا حوالي ڪري. سوئٽزر لينڊ جي فيڊرل آفيس آف جسٽس (ايف او جي) هڪ بيان ۾ چيو ته جوابدار حوالي ڪرڻ لاءِ باقاعدي درخواستون اربع تي داخل ڪيون وينديون. واضح رهي ته آمريڪا طرفان جن 14 ماڻهن تي ريڪٽيئرنگ ۽ غير قانوني طور پيسن جي ڏي وٺ جي الزام هيٺ تهمت هنئي وئي آهي انهن ۾ فيفا جا ست اعليٰ ايگزيڪيوٽو پڻ شامل آهن. انهن 14 جوابدارن جي گروپ مان 7 کي سوئٽزرلينڊ مان گرفتار ڪيو ويو هو. ايف او جي جو چوڻ هو ته زيورخ پوليس فيفا جي انهن ستن عملدارن کي آمريڪا حوالي ڪرڻ جي درخواست جي سلسلي ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ڪندو. ايف او جي بيان موجب سوئس عملدار ۽ سندن وڪيلن وٽ آمريڪي درخواست تي عمل ڪرڻ جي لاءِ 14 ڏينهن جو وقت آهي ۽ جيڪڏهن ڪو طاقتور سبب ٿيو ته ان وقت ۾ واڌ به ڪري سگھجي ٿي. ياد رهي ته آمريڪي انصاف جي اداري جي درخواست تي گذريل مهيني زيورخ ۾ واقع هڪ هوٽل ۾ پوليس ڇاپي کان پوءِ فيفا جا ستن عملدارن کي گرفتار ڪيو هو ۽ مٿن گھوٻين جا سخت ڪيس داخل ويا ويا هئا.

 

پاڪستاني هاڪيءَ کي هٿرادو ساهه کڻايو پيو وڃي، طبعي طور هن جو موت واقع ٿي چڪو آهي: سميع الله

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي اڳوڻي اولمپئن سميع الله جو چوڻ آهي ته پاڪستاني هاڪيءَ کي هٿرادو ساهه کڻايو پيو وڃي، طبعي طور هن جو موت واقع ٿي چڪو آهي. ياد رهي ته پاڪستان هاڪي ٽيم کي بيلجيم ۾ ٿيندڙ اولمپڪ ڪوليفائنگ رائونڊ ۾ برطانيا هٿان ڪوارٽر فائنل ۾ شڪست سان منهن ڏيڻو پيو هو، جنهن کان پوءِ هوءَ اڄ آئرلينڊ سان مقابلو ڪندي ۽ کٽڻ جي صورت ۾ هاڪي ٽيم پنجين پوزيشن لاءِ ميچ کيڏندي. جيڪڏهن پاڪستاني ٽيم پنجين پوزيشن ماڻن ۾ ڪامياب وئي ته ان کي اولمپڪس تائين رسائيءَ جا امڪان چِٽا ٿي ويندا. سميع الله خابرو اداري سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستاني هاڪي ٽيم جي لاءِ اولمپڪس تائين پهچڻ ڏکيو ٿي ويو آهي. آئرلينڊ خلاف سندس ميچ ڪنهن طريقي به سولو ناهي ڇو ته آئرلينڊ ٽيم برطانيا سان گروپ ميچن ۾ برابر کيڏي چڪي آهي. جيڪڏهن پاڪستاني ٽيم آئرلينڊ کي هارائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي ته پوءِ ان کي پنجين پوزيشن جي ميچ ۾ ملائيشيا يا فرانس سان منهن ڏيڻو پوندو. سميع الله چيو ته افسوس جي ڳالهه آهي ته پاڪستاني ٽيم واضح طور کٽڻ سان اولمپڪس لاءِ ڪوليفاءِ ڪرڻ بدران ٻين جي کٽڻ ۽ شڪست تي نظرون کُپائي رکيون آهن.